ڪَنڊن ڀري راهه
هُوءَ ڦڪي مرڪ پنهنجي هيڊن چپن تي آڻي هميشه اهو جواب ڏيندي هئي: “آپا ڇا ٿيو آهي مون کي ........؟ جيئان پئي.......ڳالهايان پئي......کلان پئي.......اهوئي ته سڀ ڪجهه زندگيءَ لاءِ ضرور هوندو آهي”.
۽ مان هن جي کوکلن ٽهڪڙن ۾ هُن جو لڪيل ڏک محسوس ڪري سڏڪي پوندي آهيان. منهنجي دل چاهيندي آهي. ڪاش هوءَ مون سان وڙهي، مون کي بددعائون ڏئي........پر هُن ڪڏهن به اهو احساس نه ڏياريو آهي ته سندس برباديءَ جو ڪارڻ مان آهيان : سندس خوشين کي برباد ڪرڻ واري مان آهيان: منهنجي ڪارڻ هن کي ڏک ڏسڻا پيا ، خوشين کان محروم ٿيڻو پيو هوءَ منهنجي ڪري قربانيءَ جي ڍور جيان ڪسندي رهي ........مان سوچيندي آهيان...مان ڪيڏي نه عيش سان ڀرپور زندگي گذاري رهي آهيان........۽ هوءَ بغير ڇت جي گهر ۾ عذاب جهڙا ڏينهن گهاري رهي آهي. ڪاش! هوءِ به مون وانگر روايتن کان منهن موڙي سماجي سماجي هٿ ٺوڪيل اصولن کي ٽوڙي سگهي ها.......ڪاش! هوءَ به مون وانگر لوهه جهڙا ڳرا لفظ اڳاڇي غلاميءَ جي زنجير کي ٽوڙي سگهي ها........ر هن اجاين روايتن جو مان مٿاهون ڪرڻ لاءِ وڏن جي غلط فيصلن آڏو پنهنجو ڪنڌ جھڪائي ڇڏيو.
ساجو منهنجي ننڍي ڀيڻ هئي، ميٽرڪ ڪرڻ کان پوءِ پڙهائي ڇڏي گهر جي ڪمن ڪارين ۾ لڳي وئي، پر مان پنهنجي پڙهائي به جاري رکي ۽ سروس به ڪئي. منهنجو مڱڻو ننڍپڻ ۾ ئي سوٽ سان ٿيل هو، جيئن جيئن هوش سنڀاليم ۽ اهو شعور مليم ته مان ننڍپڻ ۾ ئي پنهنجي مرضيءَ خلاف ڪنهن سان ٻڌل آهيان ته منهنجي اندر ۾ پنهنجي نه هجڻ جو احساس ۽ ذات جي شڪست اهڙو شور برپا ڪري ڇڏيو ۽ مان هوريان هوريان ڀُرڻ لڳس. مان پڙهيل لکيل باشعور ڇوڪري هيس ۽ منهنجو سوٽ عقل ۽ سمجهه کان سو سال پوئتي اڻپڙهيل ۽ جاهل ذهنيت رکندڙ مردن جي انهيءَ ٽولي مان هو جن عورت ذات جو هميشه استحصال ڪيو آهي، منهنجو سوٽ هڪ ڄنگهه کان منڊڙو ۽ شڪل جو اهڙو سادڙو جو سندس چهرو ڏسي مانيءَ تان ارواح کجي ويندو هو، سو مان اهڙي شخص سان زندگي ڀر جو سودو ڪيئن ٿي ڪري سگهيس. مان جڏهن به هُن جي باري ۾ سوچيندي هيس ته من باغي ٿيڻ لڳندو هو، جڏهن گهر ۾ منهنجي شاديءَ جي پچار ٿيڻ لڳي ته مون قهرام مچائي ڇڏيو. امان کي زهر کائي مرڻ جي ڌمڪي ڏني. امان بابا ويچارا خود انهيءَ شاديءَ ۾ راضي ڪونه هئا پر خاندا ۾ ڌارين مان شادي ڪرڻ جو رواج ڪو نه هو لولا لنگڙا، انڌا منڊا به پنهنجو سمجهي اکين تي کڻندا هئا. چاچا کي ته بابا ننڍپڻ ۾ ئي زبان ڏئي ڇڏي هئي ، سو بابا، چاچا کان ڪنڌ ڪڍائي ڪو نه سگهيو. پر مان ان مڱڻي تي راضي ڪو نه ٿيس. ٺُپ جواب ڏئي بيهي رهيس. امان بابا ڏاڍو سمجهايو پر آخر مجبور ٿي منهنجي آڏو هار کاڌائون. بابا، چاچا کي صاف ٻڌايو ته ڇوري شادي لاءِ راضي نه ٿئي ٿي. تنهن تي چاچو پهرين ته ڏاڍو ڀانڀورجي ويو ۽ بابا کي چوڻ لڳو ته: “تو چوريءَ کي پڙهائي لکائي دماغ خراب ڪري ڇڏيو آهي. اسان جي ستن بيڙهين ۾ ائين ٿيو آهي جو ڇوريون پنهنجي مرضيءَ جا مڙس گهرن”.
بابا ڏاڍيون ميڙا منٿون ڪري چاچا کي ان ڳالهه تي راضي ڪيو ته تون زينا جي بدران ننڍي ڌيءَ جو سنڱ وٺ. پر جڏهن اها خبر مون واري سوٽ کي پئي ته هو هٿن مان نڪتو پيو وڃي ۽ صاف صاف چيائين ته شادي ڪندس ته زينا سان نه ته شادي ڪو نه ڪندس. پر منهنجي ضد اڳيان هو به هار کائي ويو ۽ ڏاڍي جهڳ جهڳان کان پوءِ منهنجو سوٽ ساجو سان شادي ڪرڻ لاءِ راضي ٿيو، ۽ ساجو لڙڪن جا ڪيترائي سمنڊ جهاڳي پنهنجو مٿو پٿريلي سماج سان ٽڪرائي، پنهنجو مرده لاش پنهنجي ئي ڪلهن تي کڻي ان شخص جو هٿ پڪڙي رواني ٿي جنهن شخص وٽ هن لاءِ نفرت ۽ ڌڪار کان سواءِ ڪجهه به ڪو نه هو. صرف شاديءَ جي ٻن ڏينهن کان پوءِ ئي هزارين لڙڪ لڪائي پنهنجو اجڙيل وکريل وجود کڻي وري ان چائنٺ تي بيٺي هئي جتان کيس ڌوم ڌام سان رخصت ڪيو ويو هو.
ساجو کي مڙس ان لاءِ ڌڪاري ڇڏيو ته سندس پسند ساجو نه پر مان هيس. ۽ منهنجو انڪار جو انتقام هُن ساجو کان ورتو. اهو ڏينهن ۽ ڪيئي سالَ گذري ويا، ساجو جي وارن ۾ چانديءَ جون تارون چمڪي رهيون آهن ۽ هوءَ ڪنهن فالتو شيءِ وانگر پيءُ ماءَ جي در تي پيل آهي. انهيءَ اوسيئڙي ۾ ته شايد سندس مڙس کي رحم اچي وڃي ۽ هو هُن کي وٺي وڃي. پر مون کي يقين آهي ته هو شخص ڪڏهن به نه ايندو ۽ ساجو جي جيون جا خوبصورت ڏينهن ائين گذري ويندا.
مان سوچيندي آهيان........ڪاش! ساجو به زبان جي تالي کي ٽوڙي پنهنجو حق وڏي آواز ۾ گهري سگهي ها ته جيڪر اڄ ائين ڪنڊن جي راهه تي پنهنجا پير رَتو ڇڻ نه ڪري ها..........