وڇوڙي جو آخري پل
“توکي ڪهڙي خبر ته اسان جي قسمت سان ڏک ڄمڻ سان ئي پلاند ۾ ٻڌا ويندا آهن ۽ پوءِ پوري حياتي انهن ڏکن جو بار مٿي تي کڻي کڻي جڏهن ٿڪجي پونديون آهيون ته زندگيءَ جو انت آڻي ڇڏينديون آهيون. اسانجي حياتيءَ جا پل ڄڻ ته صدين کان وڏڙن جي عزت داريءَ جي ٽجوڙيءَ ۾ بند آهن ۽ صدين کان اسان جون حياتيون بند ٽجوڙيءَ ۾ رسمن جي ڪٽ سان زنگجي ويون آهن. ڪو به ته اهڙو ماڻهو ڪونهي جيڪو اسان جي زنگيل حياتي تان اهو ڪٽ لاهي شعور جي روشنيءَ سان اسان جي وجود ۾ روح ڦوڪي سگهي.....
مان هن جي ڪٿا ٻڌي اڪثر بيزاري وچان چوندو هيس آخر توهان ڇوڪرين کي اهو ڪمپليڪس ڇو هوندو آهي ته ڏک صرف توهان کي ورثي ۾ مليا آهن هن دنيا ۾ صرف توهان ئي مظلوم ، بي وس ۽ لاچار آهيو.... اُداس ۽ ڏکي رهڻ سان مسئلا ڪڏهن به حل ناهن ٿيندا جي ائين هجي ها ته دنيا جا سڀئي ماڻهون آڀگهات ڪري ڇڏين ها زندگي جو مزو ته تڏهن ئي ماڻي سگهجي ٿو جڏهن انسان پيڙا ۾ انجواءِ ڪري.
پر اڄ سوچيندو آهيان هن سچ چيو هو شايد هن زندگيءَ کي ڏاڍو ويجهو محسوس ڪري ان جي تلخيءَ جي زهر کي ننڍپڻ کان پنهنجي اندر ۾ اوتيو هو.
هوءَ اڪثر چوندي هئي، ”جيڪي ڪجهه منهنجي ماءُ ڀوڳيو آهي شايد مان به اهو ئي ڪجهه ڀوڳينديس ۽ مون کان پوءِ منهنجي ڌيء ڀوڳيندي. اهو ئي ته هن معاشري جو ”سسٽم آ“ شايد عورت ڏک جي مٽي مان جنم وٺي ڏک جي مٽيءَ ۾ ئي فنا ٿي آ......منهنجي معصوم اکين ننڍپڻ کان صرف اهو ڏٺو آ ته منهنجو پيءَ جڏهن شام جو گهر موٽندو آ ته امان سندس ڌوڙ ۾ لٽيل بوٽ هن جي پيرن مان لاهي رکندي، آ اهو منظر ڏسندي ڏسندي اکيون ڀٿرائجي ويون آهن، ڇو ته منهنجي اکين اهو ڪڏهن به نه ڏٺو آ ته بابا ڪڏهن امان کي گلاس پاڻيءَ جو ڀري پياريو هجي.......آخر ائين ڇو آ...........منهنجي ذهن ۾ هميشه ٽوڙ ڦوڙ ٿي آ............جتي دنيا ۾ نيون نيون تبديليون آيون آهن اتي معاشرتي سسٽم ۾ انقلاب ڇو نه ٿو اچي. انڌين رسمن رواجن جي سوليءَ تي اسان ڪيستائين لٽڪيل رهندا سين.
اڄ هن کي ڏٺم ته هوءَ اڄ به انڌين رسمن جي صليب تي لٽڪيل آهي. هوءَ جيڪا دنيا کي بدلائڻ جون ڳالهيون ڪندي هئي دنيا کي ته ن بدلائي سگهي پر پاڻ دنيا سان قدم قدم سان ملائي هلڻ لڳي هئي....هوءَ جيڪا ديوارن سان مٿو ٽڪرائڻ بجاءِ ديوارن کي ڪيرائڻ جي ڳالهه ڪندي هئي ، سا خود انهن ديوارن سان مٿو ٽڪرائي ٽڪرائي ڀور ڀور ٿي چڪي هئي. هوءَ جيڪا محبوب جي بي وفائيءَ تي آپگهات ڪرڻ بجاءِ محبوب کي شوٽ ڪرڻ جي سگهه رکندي هئي. سا پنهنجي محبوب جي بي وفائيءَ تي صرف ڳوڙها ڳاڙهي هن جي بي وفائيءَ جي داڳ کي ڌوئي رهي هئي..........
اڄ هوءَ ڏاڍي معصوم لڳي رهي هئي ان معصوم ٻار جيان جنهن کي اها خبر نه هوندي آهي، ته هو روئي ڇو ٿو هن کي تڪليف ڪهڙي آ...........مون ۾ ايتري همت ڪو نه هئي جو هن جي اکين ۾ نهاري سگهان. هن جي اکين مان ٽپ ٽپ ڪندڙ لڙڪ مان پنهنجي هٿ ترين تي سجائڻ جي ڪوشش ڪيم ڇو ٿه هن جا لڙڪ آب زم زم کان به وڌيڪ مقدس ڀانيم........هوءَ ۽ مان پٿر جي ساڳي بينچ تي ويٺا رهيا سين پهرن جا پهري گذري ويا........لڙڪن جا اڻ کٽندڙ سلسلا منهنجي نيڻن کان هن جي نيڻن تائين وهندا رهيا. پر هوءَ خاموش پنهنجي هٿ رکائن ۾ منهنجو عڪس ڳولهي رهي هئي. سڄي يونيورسٽي خالي ٿي چڪي هئي. ايڪڙ ٻيڪڙ ماڻهو ڪاريڊار ۾ نظر اچي رهيو هو پر اسان ٻئي وقت جي لهرن کان بي خبر اميدن جو سج ٻڏڻ تائين وقت جي ڪناري تي ويٺا هئا سين.
مان جڏهن مجبور ٿي هن جي ڏکي من جي تار کي ڇيڙڻ جي ڪوشش ڪئي ته هن جي مک تي درد جا ڪيترائي ڦڙا جرڪيا جيڪي هن پيڙا جي ٽشو پيپر ۾ جذب ڪندي چيو. تون شخص ان قابل ئي ناهين جنهن سان محبت ڪري ڪا ڇوڪري پنهنجي زندگي برباد ڪري تون زندگيءَ ۾ ڌڪا کائي پٿر جو بڻجي ويو آهين تون بي حس ۽ لاپرواءَ شخص آهين. جي منهجي لاءِ ڪجهه به نه ٿو ڪري سگهين ته منهنجي زندگيءَ کان ڏور هليو وڃ.
عاشي توکي خبر آهي ته مان حقيقت پسند ماڻهو آهيان مان محبتن کي هميشه عام جذبي وانگر نارمل انداز ۾ محسوس ڪيو آ، مون کي انهن مجنو ٽائيپ عاشقن تي سخت چڙ ايندي آهي، جيڪي پنهنجي محبوبه جي پويان روئندا پٽيندا آپگهات ڪرڻ جي ڌمڪي ڏيندا آهن ۽ ۽ ديوانگيءَ جي حد ٽپي پاڻ کي نرالي مخلوق سمجهندا آهن. عاشي مون کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪر مان انهن ماڻهن مان ناهان جيڪي جاڳندي ۾ خواب ڏسندا آه تون سترهين گريڊ جي گزيٽيڊ آفيسر ۽ مان صرف معمولي مصور جيڪو دنيا جي خوبصورت تصويرن ۾ رنگ ڀري ڀري خود بَد صورتيءَ جو اهڃاڻ بڻجي ويو آهي.
آ مان توسان شادي ڪري پاڻ کي پڌي ذليل ڪري محرومين جي انڌي کاهيءَ ۾ ڪرڻ نه ٿو چاهيان تون آسمان آهين جنهن کي مان ڪڏهن به ڇُهي نه ٿو سگهان هن منهنجي ڳالهه ڪٽيندي وري چيو.
پر مان تنهنجي خاطر هر رسم کان بغاوت ڪرڻ لاءِ تيار آهيان دنيا چاهي ڪجهه به چوي مون کي پرواهه ناهي تون مون کي جيڏانهن به نه وٺي هل مان هلڻ لاءِ تيار آهيان. ڇو ته مان واپسيءَ جا سڀ دروازا بند ڪري چڪي آهيان مان وري هُن کي سمجهائڻ چاهيو.
ڪيڏي نه چري آهين مان جنهن جي نيڻن ۾ گلاب رت جا سپنا پوکيا آهن مان ان جي راهن ۾ ڪنڊا وڇائي نه ٿو سگهان، نه مون وٽ مٿي ڊڪڻ لاءِ اجهو نه ڪائي نوڪري مون جهڙو بي روزگار روڊن تي آواره گهمندڙ شخص توکي ڪيڏانهن وٺي وڃي مون کان ته منهنجا خواب به باغي ٿي ڀڄي ويا آهن.
پوءِ آخر ڪائي نوڪري ڇو نه ٿو ڪرين منهنجي خوابن کي سڄي عمر سوليءَ تي لٽڪائڻ جو حق توکي ڪنهن ڏنو آ تون پنهنجي محرومين جو انتقام مون کان ڇو وٺي رهيو آهين.
هن روئندي سڏڪن ۾ چيو.
اڄ ايتري جذباتي ڇو ٿي رهي آهين ڇا ڳالهه آ............
گهر وارا منهنجي شاديءَ جو سوچي رهيا آهن ۽ جي تون اڃان به ڪجهه نه ڪيو ته پوءِ منهنجو ڪڏهن به منهن نه ڏسجانءِ هوءَ تڪڙيون تڪڙيون وکون کڻندي پنهنجي آفيس طرف وڌي وئي ۽ منهنجا سڏڪا پڙاڏو بڻجي هوائن وکرجي ويا ۽ هوءَ بي درديءَ سان وکريل سپنن کي لتاڙيندي نگاهن کان ڏور ٿيندي وئي.
ان رات مون ڏاڍو سوچيو هن جي باري ۾ پنهنجي باري ۾ پر دل جي ويرانشهر ۾ ڪو به ڪرڻو نه ڦٽو . رات جي سائت ۾ بي ڏوهي سپنا ايذاءُ کان ڦٽڪندا رهيا...وسارڻ چاهيم پر وساري نه سگهيس اهي سڀني پل .........اها پيڙا ۽ پيڙجڻ ڪيئن وساريان اهي ماڳ اهي پيچرا ........اهي سرنهن جا وڻ جنهن هيٺان ويهي اسان پنهنجا لڙڪ ۽ ٽهڪ شيئر ڪيا هئا. سڄي رت اوجاڳن جي صليب تي لڙڪن جي زنجير ڳچيءَ ۾ لٽڪيل رهيس ۽ جيئن ئي صبح جي پهرين ڪرڻي منهنجي اکين ۾ جهاتي پاتي مان آخري فيصلو ڪري چڪو هيس جلدي جلدي تيار ٿيس ۽ يونيورسٽيءَ پهتس. پوري يونيورسٽي خاموشيءَ ۾ ٻڏل ويران لڳي رهي هئي مان سڀ دڳ لتاڙي وڃي ساڳي مخصوص جڳهه تي ويٺس ۽ اکيون بند ڪري خبر ناهي ڪهڙي دنيا ۾ گم ٿي ويس جتي صرف هوءَ هئي ۽ هن جا ٽهڪ ...........خبر ناهي ڪيترا ڪلاڪ گذري ويا اک تڏهن کلي جڏهن ڪنهن جهنجهوڙي اٿاريو ڏٺم عاشي بيٺي هئي. عاشيءَ جي اکين ۾ عجيب اُداسي ۽ بي وسي هئي چيو مانس ويهه .........چيائين نه تڪڙي آهيان.
توکي خبر آهي مان هتي صبح ڇهين بجي کان تنهنجو انتظار ڪري رهيو آهيان.
ڇو.........؟ هن رکائيءَ مان پڇيو.
اڃان ڪجهه ڳالهائڻ لاءِ بچيو آهي ڇا .........؟ ها گهڻو ڪجهه ڳالهائڻو اٿم ڇو ته مان سڀ ڪجهه توکي ارپڻ چاهيان تون منهنجي درد کي سموئڻ جي سگهه رکين ٿي ته ٻڌ جنهن شخص کي تو هميشه بي ترتيب بگڙيل آواره ڏٺو آ جنهن هميشه خاموشيءَ سان کيڏندي ، سگريٽن جا وڏا وڏا سوٽا هڻندي، وڏا وڏا ٽهڪ ڏيندي سڄي سڄي رات خالي روڊن تي پنهنجا سپنا ڳولهيندي ڏٺو اهو شخص اندران بلڪل کوکلو ۽ پورو آ تون سمجهين ٿي مان ايترو بي حس ۽ لاپرواه آهيان جو تنهنجي لاءِ ڪجهه به نه ٿو ڪري سگهان نه عاشي ائين ناهي. مان تنهنجي محبت ۾ اهو سڀ ڪجهه ڪري سگهان ٿو، جيڪو اڄ تائين ڪنهن نه ڪيو هوندو. پر مان توکي ڌوڪو ڏيڻ نه ٿو چاهيان مان اڄ تائين توکي صرف ٽاريندو ۽ لنوائيندو رهيو آهيان صرف ان ڪري ته حقيقت ٻڌي توکي ڏک نه رسي.
مون کي برين ڪينسر آهي منهنجي حياتيءَ ۾ جيئڻ جي مدت خٿم ٿي چڪي آ خبر ناهي ڪهڙي پل موت جو چنبو مون کي جهٽي وجهي.......تنهنجي لاءِ ڪجهه به نه ڪري سگهيس ڏک صرف اهو اٿم ته توکي ڪو به نئون سسٽم ڏئي نه سگهيس. بلڪه توکي پنهنجي هٿن سان انهن ريتن رسمن جي صليب تي چاڙهي ڇڏيم جن کان تون هميشه باغي رهي آهين......عاشي! مون وٽ توکي ڏيڻ لاءِ ڪجهه به نه آهي مان ڄاڻندي به تنهنجي سينڌ ۾ وڌوا جو سنڌور نه ٿو ڀري سگهان. ڪاش! مون کي پنهنجي بيماريءَ جي خبر توسان ملڻ کان اڳ ۾ هجي ها ته مان تنهنجي زندگيءَ ۾ ڪڏهن به نه اچان ها. مان تنهنجو ڏوهاري آهيان تنهنجي خوابن ٽوڙڻ جو سنگين ڏوهه ڪيو اٿم تو هميشه منهنجا ڏک شيئر ڪيا اهن ۽ مان ڏاڍو خراب آهيان هميشه تهنهجي جهوليءَ ۾ ڏک وڌا اٿم هڪ ٻيو به ڏک تنهنجي جهول ۾ وجهي رهيو آهيان جي ٿي سگهئي ته معاف ڪري ڇڏجانءِ.
عاشيءَ کي ڏٺم هوءَ پٿر بڻجي وئي هئي ڄڻ سندس دل سيني اندر بريڪ هڻي بيهجي وئي هجيس لُڙڪ لارون ڪري هن جي اکين مان وهي رهيا هئا چپ ڪري ڪجهه ڳالهائڻ لاءِ ڦڙڪي رهيا هئس.
“تون ڪوڙ ڳالهائي رهيو آهين بڪواس ڪري رهيو آهين توکي ڪابه بيماري ڪونهي”.
ڊاڪٽر جي ميڊيڪل رپورٽن جو سڄو فائيل سندس اڳيان رکيم هوءَ اکيون ڦاڙي لڙڪ رئي جي پلاند سان اگهندي انهن سڀني رپرٽن کي پڙهڻ لڳي ۽ پوءِ سندس وجود جا سمورا احساس ڀور ڀورٿيڻ لڳا ۽ هوءَ چرين وانگر رپورٽن جي ڪاغذن کي مروڙي سروڙي هيٺ اڇلائي هلي وئي ۽ هن جي پويان منهنجا سڏڪا پولارن ۾ ڀٽڪندا رهيا ۽ مان هوائن ۾ هٿ ڦهلائي پهريون دفعو خوب رنس.
هن جا چيل لفظ ڪنن ۾ ٻيهر ٻرڻ لڳا.
“مان تنهنجي خاطر هر رسم کان بغاوت ڪرڻ لاءِ تيار آهيان ماڻهو چاهي ڪجهه به چون مون کي پرواهه ناهي تون مون کي جيڏانهن به وٺي هل مان هلڻ لاءِ تيار آهيان ڇو ته مان واپسيءَ جا سڀ دروازا بند ڪري چڪي اهيان.
عاشي! ڪاش مان توکي ان منزل طرف وٺي وڃڻ جي سگهه ساري سگهان پر مان مجبور آهيان ان منزل جو صرف اڪيلو راهي آهيان. مان يونيورسٽيءَ کان نڪري آيس ائين لڳم وري هتي ڪڏهن به نه اچي سگهندم سڀ عڪس ۽ منظر منهنجي اکين کان ڏور ٿيندا ويا ۽ لڳم مان وڇڙيل وقت جو آخري پل بچيو آهيان....!!