ڪھاڻيون

وجود جي ڳولا

فرزانه شاهين سنڌي ٻوليءَ جي سڄاڻ ڪهاڻيڪارہ آهي، جنهن پنهنجي تخليقي سفر جي شروعات نوي واري ڏهاڪي کان ڪئي ۽ زندگيءَ ۽ سماج جي مختلف موضوعن تي ڪيتريون ئي ڪهاڻيون لکي ڪهاڻي کيتر ۾ نمايان سڃاڻپ حاصل ڪئي. سماجي رشتا ناتا، طبقاتي استحصال، وڇوڙا ۽ جُدايون سندس ڪهاڻين جا مک موضوع آهن. هُوءَ هڪ دردمند دل رکندڙ حساس ليکڪا آهي ۽ اِهي سڀئي احساسَ سندس ڪهاڻين ۾ اوتجي وڃن ٿا.
Title Cover of book وجود جي ڳولا

پنهنجي پاران : اڃا ته پنڌ پري ...!

زندگيءَ جو طويل ۽ اڻ کٽ سفر جنهن ۾ مسلسل پيرين پنڌ هلندي رهي آهيان ......... ڪيئي موڙ آيا جتي پنهنجي وجود کي ڳولهڻ لاءِ رڻ جيڏي پکڙيل صحرا کي جھاڳڻو پيو ......... پنهنجي سوچن جي انهيءَ تلخ سفر ۾ ڀوڳنائن جو نه کٽندڙ سلسلو جيون سان چهٽيو ۽ چنبڙيو رهيو..... جڏهن به پنهنجو پاڻ کي تلاش ڪرڻ لاءِ چوڌاري نظر ڊوڙايم ته بي وسين جا منظر اکين ۾ اوندهه پکيڙي ڇڏيندا هئا........... ساهي پٽڻ چاهيم........ پر ان وچ واري وقت ۾ پاڻ کي اڻ پورو ۽ اڌورو ڀانيم....... مون پهريون ڀيرو جڏهن قلم هٿ ۾ کڻي اندر جي ڊنل احساسن کي لکڻ چاهيو ۽ ڪجھه اڻ پورا اڌورا جملا لکڻ جي شعوري ڪوشش ڪئي هئي ان وقت ڄاڻ نه هئي ته آخر لکڻ ڇا ٿي چاهيان ۽ پوءِ منهنجون ڇڙوڇڙ سوچون هڪ نقطي تي يڪجا ٿي. پاڻ ۾ اهو ساهس پيدا ٿيو ته انهن سوچن ۾ ٻرندڙ ڪا چڻنگ منهنجي اندر جي اُها سگهه آهي جيڪا مون کي زنده رکندي ۽ پوءِ مون کي اهو احساس ٿيو ته منهنجو رستو ڪهڙو آهي.....؟ مون کي ڪهڙي دڳ وڃڻ گهرجي.....؟ هَن ڪائنات جي ڇاتيءَ تي انيڪ موضوع وکريا پيا آهن جن هميشہ منهنجي نگاهن ۾ اهو مرڪز تلاش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. منهنجي احساس جي اک جڏهن کان جاڳي آهي مون پنهنجي چوڌاري صرف چرندڙ پرندڙ لاش ڏٺا آهن جيڪي جياپي جي جنگ وڙهي رهيا آهن. مون انهن پهرن جي خوف ۽ وحشتن کي لفظن جي ڄرڪندڙ احساسن ۾ هميشہ تپش ڏئي سجاڳ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. منهنجون تخليقون انهيءَ ڊگهي سفر جون ڀوڳنائون آهن جن ۾ ڏک، بيوسيءَ جا اولڙا چٽا نظر ايندا. مون پنهنجي لکڻين ۾ ڌرتيءَ جون ڀوڳنائون ڌرتيءَ جا الُڪا سادن لفظن ۾ سموئڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. منهنجي ڪهاڻين جا ڪردار هن سماج جا جيئرا جاڳندا ڪردار آهن. اهي ڪردار تخيل جي دنيا ۾ خيالي ڪردار ناهن. منهنجن ڪردارن مون سان گڏ ڀوڳيو آهي. مون پنهنجي چوڌاري جيڪي ڪجھه ڏٺو پرکيو مون ان کي ئي فوڪس ڪيو آهي. ليکڪ کي هر منظر پنهنجي اک سان ئي محسوس ڪرڻ گهرجي. پاڻ کي هڪ فرد جي حيثيت ۾ پنهنجي اندر، پاڻ کان ٻاهر، پنهنجي ڌرتيءَ جي جاگرافيائي حدن جي اندر نه رڳو پر عالمي سطح تي به اسان مٿان مڙهيل محڪومي ۽ ان جي اثرات ۾ جڪڙيل سماجي وهنوار جيڪو بري طرح انساني قدردن تي اثر انداز ٿئي ٿو.
ان ڪري انسان جي ان بيوسيءَ ۽ ڏينهون ڏينهن زوال ۽ فنا جي اوڙاهه ۾ ڪرندڙ انساني قدرن کي جهنجهوڙڻ گهرجي ۽ ان ستل اظهار کي احتجاج جو روپ ڏئي پنهنجي اندر جي زهر کي اوڳاڇڻ گهرجي. منهنجي تخليق منهنجي ان شعور ۽ لاشعور جي حدن کي ڇهندڙ انهن سوچن ۾ ڀٽڪڻ جون ڪهاڻيون آهن جن ۾ پيڙا ۽ ڀوڳنا جا احساس سمايل آهن. هڪ اديب عام ماڻهون کان وڌيڪ حساس ٿئي ٿو. وقت حالات ۽ پنهنجي چوڌاري ٿيندڙ واقعات هن تي وڌيڪ اثر انداز ٿين ٿا ۽ هو وقت ۽ حالات جي دائري ۾ رهي پاڻ کي ماحول کان الڳ نه ٿو ڪري سگهي. هن گهٽ ٻوسٽ واري ماحول ۾ سواءِ نراسائيءَ جي ڪجھه به لکي نه ٿو سگهجي. منهنجي لکڻ جو عرصو طويل آهي پر مان چاهيندي به پنهنجو ڪتاب منظر عام تي نه آڻي سگهي آهيان. پر لکڻ جي حوالي سان ادب سان رشتو هميشہ اٽوٽ ۽ ڪميٽڊ رهيو آهي. ڪڏهن به شهرت لاءِ شارٽ ڪٽ نه ورتو آهي. هي منهنجي ڪهاڻين جو پهريون مجموعو آهي، جنهن ۾ ڪجھه ڇپيل ۽ اڻ ڇپيل ڪهاڻين کي سهيڙي ڪتاب ۾ شامل ڪيو آهي. هَن سفر ۾ مون کي اڄ به ائين لڳندو آهي ته مان اڄ به اتي ئي بيٺي آهيان. ڪجھه به ناهي بدليو..... اهي ئي ويهه سال پراڻا مسئلا منهنجي اڳيان ڪنڌ کنيون بيٺا آهن. ڇا بدليو آهي......؟ ڪجھه به ته نه ........! بک، بدحالي، بي روزگاري، ڌرتيءَ تي ڌارين جا قبضا، سنڌي قوم اڄ به وسائل هوندي بيوس، لاچار، قبائلي جهيڙا، پسند جو پرڻو، نياڻين جي تعليم تي پابندي، عورت جي حيثيت اڄ به ساڳي، رشوت خوري بي ايماني ........ ڪجھه به ته ناهي بدليو..... موضوعن ۾ نواڻ جا رنگ ڪٿان ڀرجن.......... ليکڪ هن سماج ۾ رهي ٿو ۽ تخليق احساس مان جنم وٺندي آهي ۽ احساس فڪر مان ۽ مون کي اهو فڪر ماڻهن جي احساس مان ملندو آهي. ادب ۽ سماج جو گهرو لاڳاپو آهي. منهنجي ڪهاڻين ۾ اهڙي ئي سماج جي جهلڪ پسي سگهجي ٿي .............
منهنجي هن ڪتاب ۾ منهنجي پياري دوستِ مرحومه تسليم منگيءَ جو تاثراتي خَطُ به ”وقت جي اتهاسَ ۾ اٽڪيلَ ڪُجهه پَلَ“ به شامل آهي. تسليم ڄڻ ته ڪنهن اُداس شامَ جهڙي اُداس شاعره هُئي جنهن پنهنجي ناگھاني موتَ کان ٿورو اڳ ۾ مون ڏانهن اِهو تاثراتي خط لکيو هو. سندس خواهش هئي ته منهنجو هيءُ ڪِتابُ جلد ڇپجي.
هن فني سفر ۾ جتي منهنجي ماءُ ۽ پيءُ جي هميشہ حوصله افزائي رهي آهي. اتي جيون جي سفر ۾ گڏ هلندڙ منهنجي جيون ساٿيءَ جو به اهم ڪردار آهي. خاص ڪري هن ڪتاب جي ڇپجڻ ۾ هُن جو ساٿ مون لاءِ حوصلي ۽ اتساهه جو سبب رهيو آهي......
مان ٿورائتي آهيان محترم اخلاق انصاريءَ جي جنهن منهنجي ڪتاب جو مُهاڳ لکيو، ٿورائتي آهيان محترمه عطيه دائود جي جنهن ڪتاب لاءِ پنهنجي تفصيلي راءِ لکي، ٿورا محترم رحمت الله ماڃوٺيءَ جا جنهن ڪتابَ جو بئڪ ٽائيٽل لکي ڏنو. محترم عرفان عباسيءَ جي به مهرباني جنهن ڪهاڻين جي حوالي سان پنهنجا ويچارَ لکي ڏنا. مهرباني محترم هارون چني جي جنهن منهنجين ڪهاڻين سان ٺهڪندڙَ خوبصورت اسڪيچ ٺاهيا. مهرباني محترم سعيد منگيءَ جي جنهن ڪتابَ جو سهڻو ٽائيٽل ڊزائين ڪيو ۽ مهرباني محترم قربان منگيءَ جي جنهن ڪتاب کي بهترين اندازَ ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو.

ــ فرزانه شاهين
 بنگلو نمبر 133 اسٽريٽ نمبر 04
اخوت نگر سوسائٽي، ايئرپورٽ روڊ ـــ
سکر سنڌ.