اڻپوري خواهش
پڻس مجبور ٿي هائوڪار ڪئي. پوءِ ته بس راڻي خوشي منجھان جھومڻ لڳي ۽ جھٽ پٽ تيار ٿيڻ لڳي ۽ پيءُ سان شهر رواني ٿي.
راڻي جڏهن شهر پهتي ته حيران پريشان اکين سان هر ماڻهو ۽ هر شي کي تڪي رهي هئي. شيشن وارن شوڪيسن ۾ سجيل خوبصورت شيون ڏسي هي وائڙن وانگر اتي ئي بيهي رهي. هن جا پير زمين سان ڄڻ ڄمي پئي ويا. هن کي لڳي رهيو هو ڄڻ ڪنهن عجيب دنيا ۾ پهچي وئي هجي، جتي هر شيءِ نئين لڳي رهي هئي. هوائن ۾ ماحول جي گھُٽ جو احساس وڌي رهيو هو، ماڻهن جي پيههه ۾ هن کي پنهنجو وجود ڏاڍو ننڍڙو ۽ حقير لڳي رهيو هو، هلندي هلندي اوچتو راڻي هڪڙي دڪان جي سامهون بُت بڻجي بيهي رهي آ ”بابا او بابا! مون کي هي ڳاڙيون چوڙيون وٺي ڏيو نه“ پڻس بيزاريءَ سان هڪ نظر راڻيءَ تي وڌي ۽ ٿڌو ساهه ڀريندي پنهنجي پهراڻ جي کيسي ۾ هٿ وجھندي چيو: ”هي ڏس صرف ٻه ٽي ڏوڪڙ ڀاڙي جا بچيا آهن جي انهن مان به توکي چوڙيون وٺي ڏيان ته پوءِ ڳوٺ ڪيئن پهچنداسين، جلدي جلدي وک وڌاءِ ته هلون ڪٿي پوئين بس نه نڪري وڃي.“
”نه بابا نه مونکي اهي چوڙيون وٺي ڏيو، ساران ۽ مومل مون کان پڇنديون ته شهر مان ڇا وٺي آئي آهين، پوءِ مان ڇا ڏيکاريندس. بابا وٺي ڏيو نه اهي چوڙيون! منهنجي ٻانهن ۾ ڪيڏيون نه سٺيون لڳنديون“ راڻي روئڻهارڪي لهجي ۾ چيو.
”ڇوري! ٻڌئي ڪونه ٿي ته پئسا ڪونهن. هڪ ماڻهين جي بيماري بيزار ڪيو آهي مٿان وري توهان جا انگل نه ٿا کُٽن. توهان سڀني ته منهنجو نڪ ۾ کڻي دم ڪيو آهي. رات ڏينهن هڻ هڻان ڪيان ٿو ۽ جيڪي ڪمايان ٿو اهو سڀ توهان ڳهي وڃو ٿا“ راڻي پيءُ جا دڙڪا کائي ماٺ ٿي وئي ۽ اکين ۾ لڙڪ جھلي اڳتي ڍلا ڍلا قدم وڌايا ۽ ويندي ويندي پوئتي وري هڪ نظر ان چوڙين واري دڪان ڏي نهاريو. هن کي لڳو هن جون اهي ننڍيون ننڍيون خواهشون ائين ڀرينديون رهنديون ۽ انهن سان گڏ هن جو وجود ڀورا ڀورا ٿيندو رهندو وک وک تي درد جو احساس ۽ اڻپوري حسرتن جا لاش ئي لاش هن جي نگاهن ۾ ڦرڻ لڳا. تتل ڏينهن جي گرمي ۾ هن کي پنهنجو وجود به پگهرندو محسوس ٿيو سج جا تيز ڪرڻا سوئا بڻجي هن جي لڱن ۾ ڇڀڻ لڳا. محرومين جون بوندون هن جي نرڙ تي جرڪڻ لڳيون. بس اسٽاپ تائين پنڌ هلندي هلندي خواهش جا اڻ کٽندڙ سلسلا کٽي نه پيا کٽن. وک وک تي وڏيون بلند آسمان جي ڇت سان ڳالهائيندڙ فليٽون ۽ پلان، سفيد ۽ ڳاڙهن پيلن رنگن سان چٽيل محلن جهڙا خوبصورت گهر هن جي هانوَ ۾ ڪنڊا بڻجي ڇڀي رهيا هئا. هوءَ ڪنڌ مٿي ڪري آسمان ڏي گھورڻ لڳي، سندس نگاهه بلندين کان ٿيندي هيٺ هن جي پيرن ۾ ڪري فنا ٿي وئي، ائين ئي گھوريندي هوءَ ٿاٻڙجي ڪري پئي.
”ڌيءَ انڌي آهين ڇا؟ چڱي طرح ڏسي وائسي ڪونه ٿي هلين“ پڻس ڀڻ ڪئي.
راڻي پنهنجي درد کي چپن ۾ ڀيڪوڙي ڪپڙن تان ڌڌڙ ڇنڊيندي اٿي کڙي ٿي. ”بابا اسانجي ڳوٺ ۾ اهڙا محلن جهڙا گهر ڇو ڪونهن....؟ بابا اسانجي ڳوٺ ۾ ته سڀ ڪکانئا گهر آهن ۽ جڏهن مينهن پوندو آهي ته هر شيءِ مينهن جي گپ ۾ لٿڙجي ويندي آهي. ۽ ڪچا منهه پٽ اچي پوندا آهن ۽ ۽ جڏهن هر سال ٻوڏ ايندي آهي ته اسان جا اهي منهه ڪنهن ڪَکَ جيان پاڻيءَ جي وهڪري ۾ لڙهي ويندا آهن بابا.....! اسان لاءِ صرف ۽ صرف زمين تي ڊگهو پکڙيل درد ئي ڇو آهي ان جي پڄاڻي ڇو ڪونهي“.
” تنهنجو ته شهر اچي مٿو ڦري ويو آهي. ان ڪري ته چوندو هيس شهر نه هل“ پڻس راڻي جي چهري تي پکڙيل سوالن کي پڙهندي چيو: ”بابا منهنجو ته الائي ڇو هتي دم ٿو گهٽجي“ راڻي رئي سان پگهر اگهندي چيو. راڻي جڏهن ڳوٺ پهتي ته مٽيءَ جهڙي ميري شام رُڃَ جو احساس پکيڙي هن جي منتظر بيٺي هئي ڳوٺ جي هر شيءِ هن کي ڌوڙ ۾ لٽيل لڳي رهي هئي. راڻي ٿڪل ٿڪل قدمن سان اڱڻ ۾ پيرُ پاتو هوءَ شهر ۾ ڪيڏي نه خوشي منجھان وئي هئي پر موٽندي هن جي اکين ۾ ڪيڏا نه محرومين جا عذاب سمائجي ويا هئا. هن ڳنڍيرين جي ٿيلهي ماءُ جي جھول ۾ اُڇلائي جيڪا پڻس شهر ۾ وٺي ڏني هئي. سندس سڀ ڀينر ڀائر ڳوٿري تي مکين جيان چنبڙي ويا ۽ هوءَ هڪ هڪ جو چهرو تڪڻ لڳي ۽ سوچڻ لڳي، ڇا اسان ماڻهن لاءِ اها ئي زندگي آ. صبح سويري مال چارڻ، ٽاڪ منجھند جو ٻني ۾ ڪم ڪرڻ ۽ شامَ جو واڻ وٽڻ ۽ رات جو اونڌي منهن ٿي ڪنهن ڍور جيان سمهي پوڻ، ڇا اها ئي زندگي آ؟ هيتري ساري سخت محنت کان پوءِ به پورو اجھو ڪونهي پورو لٽو ڪونهي ۽ ٻن وقتن جي ماني اها به رکي سُکي.... من ۾ پلندڙ هر خواهش اڻ پوري.... هن پنهنجي هٿن کي ڏٺو جيڪي رات ڪم ڪري ڪري ڪيترا نه سخت پٿر بڻجي ويا هئا. هن پنهنجي ٻسين ٻانهن کي نهاريو ڇا هي ٻانهون هميشه چوڙين بنا ٻُسيون رهنديون....؟ ۽ منهنجا هٿ رنگ برنگي چوڙين جي جھنڪار ٻڌڻ لاءِ سڪندا ئي رهندا.....“ رات جو گھپ انڌيرو مايوسي بڻجي هن جي وجود ۾ سمائجي ويو ۽ هوءَ خواهش جا سمروا درد لڱن تان ڪوري، خوابن جا سمروا ڏنگيندڙ عذاب اکين مان هاري بي جان بت جيان سمهي پئي....!!!