پيڙا ۽ پڇتاءُ
سڀ حيران ٿي مِس زرينه جي منهن کي تڪڻ لڳيون.
”ڪهڙي خبر آهي ڪوئي بم ڦاٽو آهي يا ٽئين عالمي جنگ ڇڙِ وئي آهي“ مِس فريده ٽوڪ ڪئي ۽ سڀ ٽهڪ ڏئي کلڻ لڳيون.
”ڳالهه ايڏي زبردست اَٿو ٻڌندئو ته اصل کلي کلي پيٽ ۾ سور پئجي ويندوَ........
”پوءِ مهرباني ڪري پنهنجي اِها ڳالهه پاڻ وٽ سنڀالي رک اسان کي هرو ڀرو پيٽ ۾ سور ناهي وجهڻو“ مس نازکلندي چيو.
هاڻي ڳالهه کي گهڻو نه اينگهاءِ سسپينس کي ختم ڪر ۽ جلد ٻڌاءِ“ مس فريده بيزار ٿيندي زور ڀريو.
فريش نيوز اِها آهي ته
”پنهنجي مِس فاخره جي ايندڙ مهيني شادي ٿي رهي آهي......“
”ڇا......؟“ يڪدم سڀني جي واتن مان گڏ نڪتو ۽ سڀني جا حيرت سان وات ڦاٽي ويا...
”نه.......نه اهو ناممڪن آ“ مِس زبيده جيڪا ڪافي دير کان خاموشيءَ سان سڀ ڪجھ ٻڌي رهي هئي. چيائين ڇو ناممڪن آ......؟ مرد ڀلي ستر سالن جو کڙپيل پوڙهو ڇونه هجي ۽ مرڻ ڪنڌيءَ تي قبر ۾ پير لٽڪائي ويٺو هجي پوءِ به ان جي شادي ڪرڻ تي ڪنهن کي به حيرت ڪونه ٿيندي آهي! باقي اگر عورت وڏي عمر ۾ شادي ڪري ته ان تي سڀني جون آڱريون کڄي وڃن ٿيون آخر ڇو.....؟
مِس زبيده هن عمر ۾ ڀلا شادي ڪرڻ ڪا سونهين ٿي ڇا؟ ان کان ته اسان ايئن ئي ڀليون آهيون عمر ڪجھ گذري آهي ڪجھ گذري ويندي هرو ڀرو اڇي مٿي ۾ خواري کڻون مِس ناز ڳالهه ڪٽيندي چيو.
انهيءَ هَٺ ۽ غرور جي ڪري ته پنهنجون هي عمرون ڪري ڇڏيون اَٿو اسان پڙهي لکي پنهنجي پيرن تي بيهڻ کان پوءِ پاڻ کي ڪجھ سمجھڻ لڳنديون آهيون اسان جي ذهنن ۾ اها ڳالهه ويهجي ويندي آهي ته اسان جو اگر پندرهون گريڊ آهي ته مڙس جو سترهون گريڊ ضرور هجي. اگر اسان ايم اي پاس آهيون ته مڙس ڊبل ايم اي ضرور هجي ۽ انهيءَ چڪر ۾ اسان پنهنجي زندگيءَ جا خوبصورت سال پوئتي ڇڏي اينديون آهيون هوش ته تڏهن ايندو آهي جڏهن نه اُها سونهن رهندي آهي ۽ نه اُها عمر ۽ پوءِ ڪوئي معمولي ڪلارڪ به هٿ پڪڙڻ لاءِ تيار نه هوندو آهي عورت جو اصل گهر ته مڙس جو گهر هوندو آهي ۽ اُها ئي هُن لاءِ مضبوط پناهه گاهه آهي.
مِس زبيده جي ڳالهه ٻڌي سڀني جي چهرن تي ناگواريءَ جا رنگ پکڙجي ويا، مِس زبيده ڳالهه کي محسوس ڪندي موضوع کي وري فاخره جي طرف موڙي ڇڏيو.
”مِس زرينه اهو ته ٻڌاءِ اهو سڀ ڪجھ اچانڪ ڪيئن ٿيو.....؟
اهو ته مِس فاخره ئي ٻڌائي سگهي ٿي“.
سوچڻ جي ڳالهه اِها آهي ته هن عمر ۾ هن سان شادي ڪير ٿو ڪري....“
لڳي ٿو ڪو مالدار مُرغو ڦاسايو اٿائين“
”اها يار مون کي ته سئو سيڪڙو لَو ميرج پئي لڳي“
فاخره ان ڪري ته ايتري خوش آهي ڇوته......زرينه ڳالهه اڌ ۾ روڪي ڇڏي ڇوته سامهون فاخره پيريڊ وٺي اسٽاف روم طرف اچي رهي هئي. سڀ خاموش ٿي ويون.
فاخره جيئن ئي اسٽاف روم ۾ داخل ٿي ته سڀني شرارت مان جملا اڇلڻ شروع ڪيا ڪي فاخره کي عجيب انداز سان تڪڻ لڳيون ۽ ڪي فاخره کي ڏسي دل کي آٿت ڏيڻ لڳيون ته شايد اسان جو به ڀاڳ کُلي پوي.
فاخره چپ چاپ ٻڌندي رهي سندس مُک تي سورنهن سالن جي الهڙ دوشيزه جيان گلابي رنگ پکڙجي ويا.......
مس فاخره توهان وارو صاحب ڪندو ڇا آهي......؟
”بينڪ ۾ ڪلارڪ آهي“ فاخره آهسته سان مُرڪي جواب ڏنو.
ڪلارڪ.....؟ سڀ اڃان به وڌيڪ حيرت زده ٿي ويون ڇوته مس فاخره پنهنجي جوانيءَ جي دور ۾ پنهنجي سوٽ کي صرف ان ڪري ٺڪرائي ڇڏيو هو ته هو بي اي پاس معمولي ڪلارڪ هو. مِس فاخره اسڪول جي سينئر استاد هئي ۽ هاڻي سترهين گريڊ ۾ ڪم ڪري رهي هئي .. هوءَ ڀينرن ڀائرن ۾ سڀ کان وڏي هئي ۽ سڄي گهر کي سپورٽ ڪندي هئي فاخره جي عمر لڳ ڀڳ پنجيتاليهه سال هئي هوءَ جوانيءَ جي سرحد ڪڏهن جي اورانگهي چڪي هئي هن جي ڪلاس فيلوز کي جوان ٻار هئا هوءَ پاڻ کي سمارٽ رکڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪندي هئي پر عمر پوءِ به وارن جي ورين مان ۽ چهري جي لڪيرن مان نروار ٿي بيهي رهي ٿي هن جي چهري جي گهنجن ۾ انهن سپنن جي رک اڏامڻ لڳي هئي جيڪي سپنا هن ٻارنهن سالن جي عمر ۾ سانڍڻ شروع ڪيا هئا هاڻي انهن سپنن جي ٻرندڙ دونهيءَ هن جي سونهن کي به ٽيڙي ڇڏيو هو.
اسٽاف روم ۾ جيترا وات هئا اوتريون ڳالهيون هيون ڪي فاخره سان جيلس ٿي ويون هيون ۽ ڪي ان جو مذاق اڏائي انجواءِ ڪري رهيون هيون فاخره جي مون سان گهڻي گهرائپ هئي ۽ هوءَ دل جو حال به مون سان ئي ڪندي هئي مون فاخره کي گهڻو ئي سمجهائڻ چاهيو ته هن عمر ۾ شادي ڪرڻ جي بيوقوفي نه ڪر ۽ فاخره کلي صرف ايترو ئي جواب ڏنو ته مان پنهنجي ڀينرن جي درميان ديوار بڻجي وئي آهيان ۽ مان اها ديوار مٽائي هنن جي مستقبل جي راهه کولڻ چاهيان ٿي.
پر فاخره اهو توکي پندرنهن سال پهريائين سوچڻ گهرجي ها هاڻي ته اڌ عمر گذري چڪي آهي ۽ اڌ مڙئي ڏکي سکي گذري ويندي.
توکي ڪهڙي خبر ته عمر جا خوبصورت پل روح کي ڪيئن نه ڏنڀ ڏئي گذريا آهن اهو گذريل هر پل اندر ۾ ڦٽ ڪري ناسور بڻجي ويو آهي ڇا اسان جي من ۾ اها خواهش ڪونهي ته ڪوئي اسان کي شدتن سان چاهي ۽ اسان ڪنهن کي چاهيون.....؟ چاهڻ ۽ چاهجڻ جو نشو ڪيڏو نه سحر انگيز آهي مون اڪثر اونداهين راتين ۾ ان نشي ۾ مدهوش ٿي جن پيڙائن کي ڀوڳيو آهي اهو صرف مان ئي ڄاڻان ٿي ۽ منهنجو ڇيهون ٿيل روح...... هر عورت جي خواهش هوندي آهي ته هن جو پنهنجو گهر هجي چاهڻ وارو مڙس هجي گلن جهڙا ٻار هجن ۽ اِها خواهش ان عمر ۾ شدت اختيار ڪري ويندي آهي جڏهن انسان هيڪلائن جي رڻ ۾ پنهنجي سوچن کي رتو ڇاڻ ڪندو آهي.
ان جي ڳالهه ٻڌي مان خاموش ٿي ويس اڄڪلهه اسٽاف روم خاص موضوع مِس فاخره جو هوندو هو سڀني کي شاديءَ جو شديد انتظار هو ۽ گهڻو انتظار ۽ اشتياق گهوٽ ڏسڻ جو هو سڀني جو خيال هو ته هوندو ڪو اڌڙوٽ رنڙ شخص...... پر جڏهن شادي ٿي شاديءَ ۾ گهوٽ ڏٺو ته سڀني کي تري جا تاڪ لڳي ويا گهوٽ جي عمر مشڪل سان ڇويهه ستاويهه سال هئي ۽ وڏي حيران ڪن ڳالهه اها ٻڌي سين ته سندس شادي ٿيل آهي ۽ ٻه ٻار به اٿس ۽ جڏهن فاخره کان پڇيوسين ته چيائين پهرين شادي زبردستي والدين پنهنجي پسند سان ڪرائي هيس ۽ مون سان شادي هو پنهنجي پسند سان ڪري رهيو آهي شادي ٿي وئي پر ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي ڳالهه کي ڏاڍوڳوهيو پر کڙتيل نه نڪتو جڏهن هڪ شخص کي سهڻي سيبتي هم عمر زال موجود آهي ۽ ٻه ٻار به موجود هيس پوءِ صرف پسند ۽ ناپسند جو جواز ڳولهي ڪنهن اڌڙوٽ عمر جي عورت سان شادي ڪرڻ ڪهڙي معني رکي پيو.......؟ اسٽاف روم ۾ فاخره تي گهڻي ڦِٽ لعنت ٿي رهي هئي ته ڪئين نه ڪنهن جو گهر ڦٽايو اٿائين ڪيئن نه پٽ جيڏي کي ڦاسائي ٻي عورت جو گهر برباد ڪيو اٿائين. مِس فاخره شاديءَ کان پوءِ پندرهن ڏينهن جي موڪل تي هئي ۽ جڏهن موڪلون ختم ڪري اسڪول آئي ته ڏاڍي خوش هئي ۽ فريش لڳي رهي هئي هر ڳالهه ۾ پنهنجي مڙس پهاڄ جي تعريف ۾ قصيده پڙهي رهي هئي پر سندس ٽهڪ کوکلا هئا ۽ سندس چهري تي پکڙيل رنگ مصنوعي لڳي رهيا هئا سڀني کي اهو اندازو هو ته شادي مشڪل سان برقرار رهي سگهي پر ڇهه مهينا گذري ويا ۽ هوءَ نارمل انداز۾ زندگي گذاري رهي هئي البته هوءَ سوچن ۾ گم ضرور هوندي هئي ۽ سندس چهري جي اها رونق به ختم ٿي چڪي هيس هڪ ڏينهن هوءَ اڪيلي ويٺي لان ۾ روئي رهي هئي مون کي ڏسندي ئي ڪتاب منهن ۾ ڏئي چڏيائين ۽ ڳوڙها صاف ڪرڻ لڳي.
مان هڪدم چيو مانس.
”فاخره مون کان پنهنجا ڳوڙها نه لڪاءِ جيترو لڪائيندينءَ اوترو ئي ساهه منجهڻ لڳنديءَ جلد ٻڌاءِ ڇا ڳالهه آ........؟؟
منهنجي ڳالهه ٻڌي هوءَ لڙڪن هاڻين اکين سان مون ڏي ڏسڻ لڳي ۽ پوءِ ڄڻ بارود ڦاٽي پيو لفظ رانڀاٽ ڪندا هن جي نڙيءَ مان نڪرندا ويا.
”مان طلاق وٺي رهي آهيان“
هُن جا لفظ منهنجي ڪنن ۾ ڌماڪا ڪرڻ لڳا.
”پاڳل ٿي وئي آهين ڇا.....؟“
ها مان پاڳل ئي ته ٿي وئي آهيان تڏهن ئي ته ڪوڙين محبتن تي اعتبار ڪري ويٺس منهنجا ڀرم ڀور ڀور ٿي چڪا آهن مان محبتن ۾ رشتن جي تقدس جي ليڙون ليڙون ٿيندي ڏٺو آ قسمت مون سان اهڙو ته کيل کيڏيو آهي ته مان ڀڄي ٽٽي پئي آهيان ۽ هاڻي مان ڪڏهن به جڙي نه سگهندس رات مان پنهنجي ڪنن سان جيڪي ڪجھ ٻڌو اٿم ان جو پڙاڏو هر پل منهنجي روح کي گهاءُ ڏئي لوڻ ٻرڪي رهيو آهي. رات منهنجي طبيعت خراب هئي ان ڪري سوير ئي مٿو ٻڌي سمهي پيس دير سان جاڳ ٿي ته منهنجو مڙس ڪمري ۾ ڪونه هو سوچيم ٻي زال وٽ ترسيل هوندو اهو سوچي سيسراٽي نڪري وئي نڙيءَ ۾ ڪنڊا چڀڻ لڳا پاڻي پيئڻ جي خيال سان اٿيس جيئن ئي ڪمري مان نڪتم ته ٻئي ڪمري مان آواز ڪنن تي پيو منهنجا پير اتي ئي ڄمي ويا.
منهنجي مَن جي راڻي ته صرف ۽ صرف تون آهين هوءَ پوڙهي ته صرف پيسن ڪمائڻ جي مشين آهي ڏس جڏهن کان هوءَ گهر ۾ آئي آهي گهر ۾ ڪيڏي نه خوشحالي اچي وئي آهي پهرين منهنجي ٻارنهن هزار پگهار ڪٿي پوري پوندي هئي هر وقت گهر ۾ ڪِرڪِر ۽ ڀنڊڻ هوندو هو مان هُن سان شادي صرف ۽ صرف پيسن خاطر ڪئي آهي پنجاهه هزار مهيني ۾ ڪمائي ٿي مون تي ڪهڙو بار آهي کائي پنهنجو پائي پنهنجو ۽ مان چَٽ چُم ڪري سڄي پگهار به کسي وٺندو آهيانس جيڪي بينڪ ۾ ست لک رکيل هيس اهي به سبز باغ ڏيکاري سڀ پيسا ڪڍرائي پنهنجي راحيل جي نالي پلاٽ خريد ڪيو اٿم منهنجي پهاڄ ڪاوڙ ۾ چيس.
”اهو ته مان به ڄاڻان ٿي تڏهن ئي ته خاموش آهيان پر تون اڄ هن کي اسپتال چيڪ اپ لاءِ ڇو وٺي ويو هئين .....؟ ڏس مان اهو ڪڏهن به برداشت نه ڪندس ته هن کي ٻار ٿين“...
تون به صفا ڪا چري آهين هن عمر ۾ ٻار وري ڪٿان ٿيندس، ڊاڪٽرياڻي صاف جواب ڏئي ڇڏيس مان به مڙئي دل خوش ڪندو آهيانس مون کي خبر آهي هاڻي هُن کي ٻار ڪونه ٿيندا توکي هُن مان ڊپ ٿيڻ نه گهرجي بلڪ تومان هُن کي ڀوءَ ٿيڻ گهرجي ڇوته هُن ۾ ڪابه اهڙي جنسي ڪشش ڪونهي جيڪا مون کي هُن ڏي پاڻ ڏانهن ڇڪي سگهي هوءَ مئل پوڙهو روح آهي مان وڌيڪ ڪجھ به ٻڌي نه سگهيس ڄرڪندڙ لفظ منهنجي اندر کي زخمي ڪري ۽ روح کي ڄرڪائي ويا مان سڄي رات ٽانڊن تي پچندي گذاري آهي ٻڌاءِ مون کي ڇا ڪرڻ گهرجي.....“
هوءَ وري روئڻ لڳي.
”فاخره هڪ غلطيءَ کان پوءِ ٻي غلطي هرگز نه ڪجانءِ نه ته ماڻهن جي لفظن جا ڏنڀ نه سهي سگهندينءَ.....وڌيڪ چڪنا چور ٿي ويندينءَ ماڻهو تو تي وڏا وڏا ٽهڪ ڏئي کلندا طنز جي تيرن سان تنهنجو روح رتو ڇاڻ ڪري ڇڏيندا....“
”پوءِ مان ڇا ڪيان ڪهڙي منهن سان ان گهر ۾ رهان جنهن گهر ۾ مون لاءِ نٽهڻ اس آهي مان بغير ڇت جي گهر ۾ نه ٿي رهي سگهان“
”نه فاخره نه ......توکي وقت ۽ حالتن سان سمجهوتو ڪرڻو پوندو آهي“
”اهو ناممڪن آمان سمجهوتو نه ٿي ڪري سگهان“
ڏس فاخره قصور تنهنجو آهي توکي شاديءَ کان اڳ۾ سوچڻ گهرجي ها ته تون اوور ايج ٿي چڪي آهين پر ان وقت تون انڌي ٿي چڪي هئينءَ نه توکي پنهنجي مڙس جي ننڍي عمر نظر آئي ۽ نه ان جي زال ۽ ٻار نظر آيا هاڻي پچتائڻ اجايو آهي.....“
هاڻي هوءَ سڏڪن ۾ پئجي وئي ۽ پڇتاءَ جا لڙڪ ڳاڙهي رهي هئي ۽ مان هن جا لڙڪ اگهڻ بجاءِ اٿي هلي آيس پنهنجي اندر ۾ پيڙا ۽ عذاب کڻي.........
مون کي لڳو هوءَ کليل ڇت هيٺان بيٺي آهي ۽ هُن جي پيرن هيٺان زمين ڪونهي هن جو هيڪلو وجود سج جي گرم گولي هيٺ جلي رهيو آهي......!!