درد جو درياءَ
اندر جننين اڌ ڏونگرسي ڏورينديون
ننڍڙي لاڪون ڏک ڏٺاسون سورن ۾ مبذساڻي اَلا
علڻ فقير جي روح ۾ گهاوَ ڪندڙ وائي گونجي رهي هئي ۽ ڪمري ۾ موجود پيڙائن ۾ وڌيڪ پيڙا جو احساس ڏئي رهي هئي ائين لڳي رهيو هو، سندس آواز اسان جي اندر مان چيرجي نڪري رهيو هجي. درد جو به عجيب رشتو آهي سڀني جي دلين ۾ ساڳئي شدت سان اڀرندو ۽ فنا ٿيندو آهي ائين لڳي رهيو هو ڪمري جون ڪچيون ليپي ڏنل ديوارون درد ۾ ٻڏي رهيون هجن ۽ درد جي شدت کان ديوارن ۾ ڏار پئجي رهيا هجن ۽ مان به درد جو اونهو سمنڊ بڻجي وئي هجان وائي ختم ٿي پر درد اڃان ٻنهي جي چپن تي صرف گنگهرن جي شور وانگر وڄي ساڻا ٿي رهيا هئا ڄڻ لفظ نڙيءَ ۾ اٽڪي پيا هئا يا شايد ڪجھ به ڳالهائڻ لاءِ بچيو ئي ڪونه هو.....يا سڀ لفظ ڪنهن رقاصه جي جسم وانگر وڪامجي ويا هئا صرف کوکلو روح رهجي ويو هو، جيڪو تباهه ٿيل کنڊر جو ڏيک ڏئي رهيو هو..... سوچيم ڳالهايون به ته ڇا....؟ روز ساڳيون ڳالهيون.... روز ساڳيو بحث ۽ محرومين جو ساڳيو عذاب...... روز پنهنجي بکن جو ساڳيو پٽڪو ۽ پنهنجي خوابن جو ساڳيو روڄ ۽ ريهون ۽ جڏهن سڀ ڪجهه ڳالهائي ٿڪجي پوندا هيا سين تڏهن اسان جا خاموش سڏڪا رڙيون ڪري اسان جي جذبن کي جنجهوڙيندا هئا تڏهن اسان جي اندر جا اڌما ڦاٽي پوندا هئا ۽ نه کٽندڙ عذاب اکين ۾ تري ايندا هئا.
روز شام جو جڏهن سانجهيءَ جا ميرانجهڙا رنگ هر طرف ڪارنهن پکيڙيندا هئا ۽ٿڪل جذبا اداسيءَ جي آڙاهه ۾ ڦٿڪندا هئا، تڏهن هن جي اوسيئڙي ۾ اکيون دَر ۾ اٽڪائي نهاريندي هيس ته شايد اڄ جي شام اسان لاءِ روشنيون آڻي..... پر جن ماڻهن اونداهيءَ ڳلين ۽ گند جي ڍيرتي جنم ورتو هجي انهن جي زندگيءَ ۾ روشنيءَ جي ننڍڙي ڪرڻي جي به گنجائش نه هوندي آهي... هو روز مايوسيءَ جي ڌوڙ چهري تي لٽي نراسائيءَ جا لڙڪ اکين ۾ ڀري جڏهن گهر جي چائنٺ ٽپندو هو ته سندس جهڪيل اکيون ڪجهه به ٻڌائڻ کان قاصر هونديون هيون هو منهنجي ڀر ۾ اچي ويهندو هو سڄي ڏينهن جو ٿڪ پٽڻ لاءِ..... تڏهن هن کي ڏسي سوچيندي آهيان اسان لوئر ڪلاس جا ماڻهو جڏهن شام جو ٿڪيل هاريل گهر ورندا آهيون ته پنهنهي گهرجي ڇانو هيٺان سڪون جي هنج ۾ پيار جون مٺڙيون ڳالهيون ڪرڻ بجاءِ سڄي ڏينهن جا عذاب اوريندا آهيون. هو سڄو ڏينهن روڊن جي ڌوڙ اُڏائيندو هو ۽ مان سڄو ڏينهن ؟؟؟؟ ڌڪا کائيندي هيس. اسان ٻئي اونداهي ڳلين جا مسافر هياسين. اڪيلي سر محرومين سان جنگ وڙهندي وڙهندي هاڻي تڪجي پيا هياسين.... روز صرف ان آس تي ملندا هياسين ته شايد سڀاڻي جو نڪور سج اسان لاءِ محبت جو پيغام آڻي، پر روز سواءِ مايوسيءَ جي ڪجھ به نه ملندو هو...... مون وٽ پنهنجي گهروارن جي جياپي لاءِ معمولي انڌي ڪاڻي نوڪري ته هئي پر هن وٽ وڏي ڊگري هوندي به معمولي ڪلارڪي به ڪونه هئي روز ڌڪا کائي موٽندو هو..... تڏهن سندس حالت رحم جوڳي هوندي هيس... اسان خبر ناهي ڪهري رشتي جي تند ۾ ٻڌل هياسين جنهن جو ڪو نانءُ لائي هوندو به آهي يا نه....اسان پيار جي فلسفي تي ڪڏهن به ڪين ڳالهايو هو، شايد اسان جهڙا ماڻهو پيار افورڊ ڪري ئي نه ٿا سگهن. اسان ته پٿر جي مجسمن وانگر هوندا آهيون جن جي اندر ساهه چرندو ئي ناهي..... مان هن کي ڏٺم هن جي اندر به ساڳي جنگ جاري هئي اڄ سندس کوکلا ٽهڪ به گم ٿي ويا هيا. ماٺ جي پاتار ۾ ٻڏل هو ۽ هن جي خاموشيءَ کان مون کي وحشت ٿي رهي هئي آخرجنجهوڙيندي چيو مانس.
”ڪجھ ڳالهائين ڇونه ٿو، مون کي تنهنجي ماٺ کان وحشت ٿي رهي آهي“
هو ڪجھ به نه ڪڇيو خبر ناهي ڇت ۾ ڇاڳولي رهيو هو ڳالهائڻ لاءِ ٻيو موضوع نه مليو ته وري پراڻو سوال دهرايومانس، ”نوڪريءَ جوڪجھ ٿيو....؟“ ڄاڻا پئي منهنجي ان هڪ سوال هن جي اندر ۾ ڪيترائي سوراخ ڪري ڇڏيا آهن، پرپوءِ به روز اهو سوال ڪندي هيس، ڄڻ ان هڪ سوال جي ڳنڍ ۾ منهنجون سموريون خوشيون ٻڌل هجن. هن ناڪاريءَ ۾ ڪنڌ ڌوڻيو....
”سارنگ توکي خبر آهي امان ڇا چيو آهي“....؟
هن مون ڏي ڏٺو.
”ها ڄاڻان پيو، اهو ئي نه ته جيستائين مون کي نوڪري نه ملندي تيستائين پنهنجي شادي ڪونه ٿيندي ۽ اهو به ته جيڪي مرد زالن جي ڪمائيءَ تي هري وڃن اهي سڄي عمر ناڪارا ٿي ويندا آهن ۽ زالن جي ٽڪرن تي پلندا آهن..... ها ساران مان ڪالهه سڀ ڪجھ ٻڌي ورتو هو“
”ٻڌڻ کان پوءِ به آخر ڪيستائين ائين ئي رستن تي ڊوڙون پائيندو رهندين.... آخر ڪيستائين پنهنجي آدرشن سان جنگ وڙهندو رهندين“
”جيستائين ضمير ۽ منهنجي اندر جو انسان زندهه آهي“
هن ماٺ کي ٽوڙيو.
”ڇاڏنو آهي تنهنجي کوکلن ۽ خالي آدرشن ڪيستائين منهنجي خوابن کي انهن خالي آدرشن جي فاقه ڪشيءَ جي سوليءَ تي لٽڪائيندو رهندين...... تو جهڙن انسانن کي ته زندهه رهڻ ئي نه گهرجي.... ڇاڏنو آهي تنهنجي سياست ۽ تنهنجن نعرن سواءِ جيل سزائون... بک... افلاس... اهو ئي ڪجھ مليو آهي نه... توجن لاءِ سر تريءَ تي کڻي حق جو نعرو هنيو هو اڄ اهي سڀ پنهنجون وفاداريون مٽائي ڪرسين تي ويٺا آهن ۽ تون يا ته جيل ۾ سڙي مري کپي رهيو آهين يا ٻن ويلن جي مانيءَ لاءِ دردر معمولي نوڪري لاءِ ڀٽڪي رهيو آهين، پنهنجي نرڙ تان اهو قومي درد جو ليبل لاهي ڦٽو ڪر..... هاڻي مونکان اهي مايوسين جا ڏنگ برداشت نه ٿا ٿين.... مون کي نه کپن تنهنجا اهي آدرش ۽ کوکلا نعرا.... مون کي صرف اهو انسان موٽائي ڏي جيڪو منهنجي سينڌ ۾ سنڌور ڀري سپنن کي ساڀيان جو روپ ڏئي سگهي“
هُن کي ڏٺم سندس رنگ ٽامي جيان ڳاڙهو ٿيندو ويو، ڄڻ منهنجا لفظ تتل بڙڇيون بڻجي هنجي جسم کي گرمائي رهيا هئا ۽ هن جي اندر ۾ باهه جا کورا ٻري رهيا هئا ۽ هو درد جي تپش ۾ رجي رهيو هو. هو اٿي کڙو ٿيو، شايد هن وٽ جواب ڏيڻ لاءِ ڪجھ به نه هو چائنٺ ٽپڻ کان اڳ ۾ رڙ ڪئي مانس
”ٻڌ آئينده مون وٽ نه ايندو ڪر“
”ڇو....؟“
ڄڻ هُن زهر جي ڳيت ڏني.
”مان عذابن جو بار سنڀالي ٿڪجي پئي آهيا، مون وٽ منهنجا عذاب ئي گهڻا آهن، هاڻي مان تنهنجي عذابن جو ٻوجهه نه ٿي کڻي سگهان“
”ساران مان ته توکي ڪالهه به چيو هو اڄ به ورجايان پيو ته منهنجي طرفان هر پابنديءَ کان آزاد آهين تون پنهنجي زندگيءَ جي باري ۾ ڪو به فيصلو ڪري سگهين ٿي. هونءَ به مان توکي ڏئي به ڇاٿوسگهان سواءِ ساڳئي بک ، افلاس، ساڳيو روڄ ۽ پٽڪو... جيڪو تون ننڍپڻ کان پنهنجي گهر ۾ ٻڌندي آئي آهين مان توکي هڪ عذاب مان ڪڍي ٻئي عذاب ۾ مبتلا ڪرڻ نه ٿو چاهيان“"
”سارنگ جي مون کي فيصلو ڪرڻو هجي ها، ته ڪڏهن جو ڪري ڇڏيان ها هاڻي ته روح به پوڙهو ٿي ويو آهي مون جوانيءَ جي سرحد تي پيار جا سپنا پوکڻ بجاءِ پنهنجي خواهشن جا ڪنڊا پوکيا آهن جن کي ڇهندي آهيا ته رت ٽهڪڻ لڳندو آهي مان ته صرف ايترو ڄاڻان ٿي ته منهنجي جياپي جو صرف هڪڙو ئي مقصد آهي سڄو مهينو رت ولوڙڻ کان پوءِ هر پهرين تاريخ جو پنهنجي ماءءُ جي هٿ تريءَ تي ڏهه ساوا نوٽ رکڻ ۽ بس.... ۽ منهنجي قدر و قيمت به صرف انهن ڏهن نوٽن جيتري آهي. مهنهنجي ماءُ منهنجي ڪمائيءَ جا نوٽ ڳڻي ڳڻي هن کان ته منهنجي عمر جا سال ڳڻڻ به وسري ويا آهن... مان خود غرضين جي ڄار ۾ ڦٿڪي رهي آهيان جي مون کي آزاد نه ٿو ڪري سگهين ته مون کان ڏور هليو وڃ جيئن آخري اميد به ختم ٿي وڃي ۽ مان ڪم از ڪم آزاديءَ سان روئي ته سگهان......“
هو هليو ويو ۽ مان ڪاوڙ ۾ خبر ناهي هن کي ڇا ڇا چوندي رهيس.... مان ڄاڻان پئي هو جي نه ايندو ته منهنجي زندگيءَ جو ڪڏهن به سورج نه اڀرندو ۽ نه ئي شام جو سورج فنا ٿيندو.... هن کي اچڻ کان روڪڻ جي باوجود هن جي اوسيئڙي ۾ اکيون دروازي ۾ ئي اٽڪي رهجي ويون.... پر هو نه آيو.... سوچيم ... مون کان سواءِ رهي ڪونه سگهندو پاڻ ئي ٻه ٽي ڏينهن اڪيلي سر ڀوڳي مون وٽ ضرور ايندو...... پر ڪيئي شامون هن جي بغير غمن جي بادلن ۾ گم ٿينديون ويون... ۽ هڪ شام جڏهن اداسي گهري ٿيندي وئي دل ٻڏندي وئي تان جو رات پرپکيڙي مون کي اوندهه ۾ گم ڪري ڇڏيو.... ننڊ اکين کان ڪوسون پري هئي. مان گهر جي هڪ ڪنڊ کان ٻي ڪنڊ تائين ڦيريون پائي بي ڪل من کي چپ ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ضدي من نه رڌو... ڇولين جون دانهون ڪندڙ رڙيون منهنجي اندر تائين شور ڪري ٻڌائي رهيون هيون ته ڪجھ ضرور ٿيو آهي... ۽ اڃان رات جو ڪجھ پهر باقي هو ته دروازو زور زور سان وڄي اٿيو خوف وڪوڙي ويو ڏڪندڙ هٿن سان در کوليم ته سامهون سارنگ جو دوست بيٺو هو هن جو هڪڙو ئي جملو منهنجي ذهن ۾ گونجندو رهيو ”سارنگ آپگهات ڪري ڇڏيو“ مون اهو ته ڪڏهن به ڪين چاهيو هو ته تون زندگيءَ کي شڪست ڏئي موت جو هار ڳلي ۾ وجهي سوڀ ماڻين... مون اهو ڪڏهن چاهيو هو ته تون چپ چاپ موت کي سيني سان لائي مون کي زندگيءَ جو جنم قيد ڏئي زندگيءَ کان محروم ڪري ڇڏين مون ته صرف اهو چاهيو هو ته تون ڪائنات جي سموري سونهن ۽ سندرتا نيڻن ۾ ڀري مون سان گڏ زندگيءَ کي هميشه لاءِ فتح ڪرين. ڪاش! مان به تو جيان ايتري بهادر هجان ها ۽ زندگيءَ کي شڪست ڏيئي، موت جي سوڀ کي ماڻي سگهان ها..... پوئتي نهاريندي آهيان ته ماءُ جو آسن ڀريوچهرو... ننڍن ڀينرن ڀائرن جا پيلا ڏٻرا چهرا..... جن جي مستقبل جون سڀئي اميدون مون سان چنبڙيل آهن مان نه ٿي چاهيان ته اهي به اسان وانگر محرومين جا عذاب سهي سهي آخر مجبور ٿي سنڌوءَ ۾ لڙهي مرن........ مان هنن کي اها ڀوڳنا ڏيڻ نه ٿي چاهيان ته مان هنن جي نيڻن ۾ نراسائي ڀري مٺي ننڊ جي هنج ۾ نه ٿي سمهڻ چاهيان... سوچيان ٿي ..... تون ڇو منهنجي اميدن جو آپگهات ڪيو تون ڏاڍي آسانيءَ سن ”درد جو درياءُ“ اُڪري هميشه لاءِ ڏور هليو وئين ۽ منهنجي سامهون ساڳيو درد جو درياءَ آهي. جيڪو مان اڪيلي سر اُڪري نه ٿي سگهان.
روز جڏهن شام جا ميرانجهڙا رنگ ڪائنات کي ڪاري چادر ۾ ويڙهي ڇڏيندا آهن ٿڪل اُداس پيلو سج جڏهن سنڌوءَ جي پيٽ ۾ ٻڏندو آهي تڏهن لڳندو اٿم مان به ائين ئي دنيا جي بي وسيءَ جي درياءَ ۾ ٻڏي رهي آهيان منهنجو وجود الوپ ٿيندو پيو وڃي جڏهن کان تون ڌار ٿيو آهين مان هر شام سنڌوءَ مان پنهنجا درد اورڻ ايندي آهيان، تڏهن لڳندو اٿم سنڌوءَ جو ڇوليون تنهنجو روپ وٺي مون سان ساڳيا سور اوري رهيون آهن تڏهن من الائي ڇو ڀاري ٿي پوندو آهي ۽ موت جي تانگهه اندر منجھ هڪدم اُڇل کائي زندگيءَ جي مسڪراهٽ کي لوڙهي ڇڏيندي آهي ۽ مان پنهنجو پاڻ کي سنڌوءَ ڪناري صرف هڪ آپگهات ڪيل لاوارث لاش ڀائيندي آهيان جنهن جي مٿان ماڻهن جا ميڙاڪا صرف حيرت وچان ڏسي رڙهندو رهندا آهن ۽ سج سنڌوءَ جي پيٽ ۾ مون جيان لڙهندو فنا ٿي ويندو آهي.... زندگيءَ وانگر نه شور آهي..... اڄ توکان ڌار ٿئي ڏهه ڏينهن ٿيا آهن ۽ اهي لمحا ڄڻ مون صدين جي سفر ۾ گذاريا آهن تون جن لاءِ جيئندو هئين اڄ تون انهن کان صرف ڏهن ڏينهن اندر وسري ويو آهين تون جن لاءِ پنهنجو مستقبل، خوشيون، خواب ۽ حياتي جا سمورا سال تياڳي ڇڏيا اڄ توکي ياد ڪرڻ لاءِ انهن وٽ چند لفظ به ڪونهن جڏهن به سنڌوءَ ڪناري توسان ملڻ ايندي آهيان، لڳندو اٿم ڄڻ سنڌوءَ جون ڇوليون مون کي سڏي رهيون هجن ۽ ائين پئي ڀانيان ڌرتيءَ پٺيان جڳن جو سفر ڪڏهن سجاڳ لمحي جي اوٽ تي اوٻاسيون ڏئي مون کي بيدار ڪري رهيو آهي جڏهن به مان دل جي ڌڙڪنن جو آواز ٻڏندو محسوس ڪيو اٿم، تڏهن زندگيءَ جا سمورا گهاوَ ٻيهر ڦُٽي پوندا آهن ۽ لڳندو اٿم مان اوندهه جي هڪ سُرنگ کان ٻي سُرنگ ۾ گم ٿي رهي آهيان....... مان ان پل جي انتظار ۾ هي جڳن جو سفر ڪاٽيو آهي ۽ هي سفر ڀوڳيندي رهندس جيستائين تو جيان درد جو درياءَ اڪري سگهان...... ۽ توساڻ هميشه اچي ملان..............