جلي جلنديس ڪيترو
“سائنڻ اچي وئي آهيان ڪم شروع ڪيان” اڄ ڏٺو مانس گڏ ساڻس ننڍي ڌي به هيس نه ........؟ ها سائنڻ وڏي ٿي وئي آهي سوچيم مون سان هلي ڪم ۾ همراهي ڪندي” پر سڪينه هيءَ ته تمام ننڍي آهي هن جا ننڍا هٿ ڪهڙو ڪم ڪندا.
“سائنڻ! هيءَ سڄي گهر جو ڪم ڪار ۽ رڌو پڪو ڪندي آهي توهان جو گهر به اهڙو جرڪائي ڏيندي ڄڻ ڪي شيشو جنهن ۾ منهن پيو نظر ايندو”.
پر سڪينه هن جي عمر ته پڙهڻ ۽ راند روند جي آهي تون هن کي ڪنهن اسڪول ۾ ڇو نه ٿي ويهارين مڙئي ٻه ٽي اکر پڙهي پوندي”.
منهن ۾ گُهنڊ وجهندي چيائين.
“اسان جي ابن ڏاڏن ڪو پڙهيو جوهاڻي هيءَ پڙهندي. نه ..........نه سائنڻ نه اهڙو ڪسو ڪم مون کان ڪو نه پڄندو مننجي پوڙهين هڏڙين ۾ هاڻي دم ڪونهي جو هنن کي سڄي عمر ڪمائي کارايان.”
“اسان جي ابن ڏاڏن ڪهڙو پڙهيو هو پر اسان ته پڙهون پيا. هاڻي هو دور ناهي رهيو هاڻي تعليم عورت ۽ مرد ٻنهي لاءِ ضروري آهي مان سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي مانس پر سانئڻ مان ڇا ڪيان سندس ڀاٽس نه ٿو مڃي چوي ٿو ڇوري اسڪول وڃي خراب ٿيندي”.
مان ماٺ ٿي ويس ڇو ته هر دفعي کوڙ سارو مٿو هڻندي هئي مانس پر سندس دماغ ۾ ڪا به ڳالهه نه ويهندي هئي مان هڪ نظر صدوريءَ کي ڏٺم سندس سانوري مُک تي ٻاراڻي معصوميت بدران عجيب خوف ۽ حراس پکڙيل هو ۽ سندس پاتال جهڙي گهري اکين ۾ ڪيئي سپنا ڦٿڪي رهيا هئا ۽ ڪيئي اڻ پوريون خواهشون بي موت مري رهيون هيون هوءَ چپ چاپ هڪ پاسي اوپرائپ وچان هڪ هڪ شيءَ کي تڪي رهي هئي تڏهن ماڻس دڙڪو ڏيندي چيس.
ڇوري اهو ڇا پئي وائڙن وانگر تڪين جلدي ڪم کي لڳي وڃ کوڙ سارو ڪم پيو آهي سگهي ٿي..........مان ڏٺم هوءَ ماءُ سان گڏ ڇنڊ ڦوڪ ڪرڻ ۾ لڳي ويئي سندس ننڍڙا هٿ تيزيءَ سان حرڪت ڪري رهيا هئا هن جي عمر ڏهه سال کن مس هئي پر هوءَ پنهنجي عمر کان وڌيڪ ميچوئر لڳي رهي هئي. شايد وقت هن کي اهو سمجهائي ڇڏيو هو ته هر رستو هن لاءِ بند آهي سواءِ ٺوڪرن جي هن جي نصيب ۾ ڪجهه به ناهي.
هاڻي هوءَ اڪثر ماءُ سان گڏجي ايندي هئي شهر جي ڀرپاسي واري ننڍڙي ڳوٺ ۾ رهندي هئي ٻئي مائر ڌيئر روز صبح جو سوير اينديون هيون ۽ ڪم ڪار لاهي شام جو واپس وينديون هيون هڪ ڏينهن هوءَ آئي ته ڏاڍي پريشان پئي لڳي ۽ ابتو سبتو ڪم ڪري هلي وئي. ٻئي ڏينهن به ائين ئي ڪيائين هن جو جسم ڪم ته ڪندو هو پر هن جو ذهن خبر ناهي ڪٿي ڀٽڪيل هو هاني صدوري به ساڻس گڏ ڪونه ايندي هيس مان ڪجهه ڏينهن ته ماٺ رهيس آخر مون کان رهي ڪين سگهيو سندس چهري تي پکڙيل ريکائن کي پڙهندي پڇيو مانس، سڪينه ڇا ڳالهه آ ايتري پريشان ڇو آهين ..........؟ پهريون ته هوءَ ماٺ رهي پر نيٺ هوءَ ڀُري پئي ۽ لڙڪ ٽم ٽم ڪندا هن جي جهول ۾ ڪرندا رهيا ۽ پوءِ لڙڪ اگهنڌي چيائين.
”سائنڻ اوهان کان ڇا لڪايان منهنجي ته تقدير ئي ڦٽل آهي خبر ڪو نه هيم ته هن عمر ۾ خواري ۽ زلت نصيب ٿيندي“. مان سندس ڳالهه ڪٽيندي چيم.
”آخر ٿيو ڇاهي.......؟“
مون وارو وڏو ڇورو رَمو ڳوٺ جي منشيءَ جي ڌيءَ سان ڪارو منهن ڪندي پڪڙجي پيو آهي ڇوريءَ کي ته مائٽن ڪاري ڪري ٿڏي تي افٽ ماري ڇڏيو پر مون وارو ڇورو في الحال ڳوٺ ڇڏي ڀڄي ويو آهي ڇو ته ڇوريءَ جا مائٽ ڪاوڙ ۾ باهه لڳا ويٺا آهن جنهن وقت به مون وارو ڇورو هٿ لڳن. ڇوري کي افٽ ماري ڇڏيندا......سائنڻ توهان ئي ٻڌايو مان بي واهي هاڻي ڪاڏي وڃان نه وهي نه وارث مٿان ڌيئرن جو ڌڻ........مار پوي ان ندوري ڇوري کي جنهن هن پيريءَ جي عمر ۾ مونکي خوار ۽ ذليل ڪيو آهي سڄي ڳوٺ ۾ منهنجي مٽي پليت ٿي آهي. مان ته هاڻي ڪنهن کي منهن ڏيکارڻ جهڙي ناهيان رهي هوءَ ڳالهيندي سڏڪي پئي. مان ڪوڙي تسلي کانسواءِ هن کي ڪجهه به چئي نه سگهيس منهنجون سوچون گهرماٽيون کائي وري ساڳئي نقطي تي اچي بيهي رهيون مان روزانو هن کان پڇندي رهندي هيس ته تنهنجو پٽ واپس وريو يا نه ڳوٺ وارن ڪو فيصلو ڪيو يا نه........
۽ پوءِ ٿڌي آهه ڀري چوندي هئي خبر ناهي منهنجي ٻچڙي جو ڪهڙو فيصلو ٿيندو ڳوٺ جي چئن چڱن وٽ ميڙون منٿون به ڏاڍيون ڪيو اٿم پر ڏسون ڇا ٿو ٿئي.
هڪ ڏينهن هوءَ پنهنجي جتي جي انهيءَ مخصوص آواز سان گهر اندر داخل ٿي سندس واڇون خوشيءَ وچان ڪنن سان لڳي رهيون هيون مٺائيءَ جو دٻو سندس هٿن ۾ هو ۽ هوءَءَ رڙيون ڪري ٻڌائڻ لڳي.
سائنڻ منهنجي پٽ جو فيصلو ٿي ويو..........؟ ڇا ٿيو............؟
“رات ڳوٺ جي چئن چڱن مڙسن راڄ ۾ ويهي اهو فيصلو ڪيو ته رمو جي جان جي بخشش صرف هڪ شرط تي ٿي سگهي ٿي جيڪڏهن صدوريءَ جوسڱ ڏنڊ طور منشيءَ کي ڏنو وڃي. سو سائئنڻ مان اهو فيصلو خوشيءَ وچان قبول ڪيو بلڪ رب جا سؤَ شڪر ڪيا اٿم ته جنهن منهنجي ٻچڙي تان مصيبت ٽاري........صدوري وڃي ڀاءُ تان قربان ٿئي پر ٻچڙي جي جان ته بچي نه ........”
هوءَ ڳالهائيندي رهي ۽ هن جا لفظ وجود کي سنگسار ڪرڻ لڳا منهنجو جسم پٿر بڻجي ويو هو ذهن جي سرد خاني ۾ ڄڻ اوچتو بارود ڦاٽي پيو هو ۽ هر طرف دونهون ئي دونهون پکڙيل هو.
سڪينه تون ڪهڙي ماءُ آهين پنهنجي معصوم ڌيءَ تي ڪيڏو نه ظلم ڪري رهي آهين اڃان هن جي عمر ئي ڇاهي هوءَ ته منشيءَ جي ڌيءَ ٿي سونهين.........اهو نڀاهه ڪيئن ٿيندو منشيءَ کي هن عمر ۾ شادي ڪندي شرم ڪونه ايندو...........
سائنڻ مرد جي ڪار عمر ٿوري هوندي آهي هونءَ به منشي رنڙ آهي پنج ٻار ئي ته اٿس تن کي وڃي صدوري پاليندي. سائنڻ ڌيءَ ڌڻ جي وڏي ٿيڻ ۾ دير ئي ڪيتري آ پاڻ ئي وڏي ٿي پوندي.
“پر سڪينه اهو ڪٿان جو انصاف آ ڏوهه هڪڙو ڪري ۽ سزا ڪوئي ٻيو ڀوڳي.......
“سائنڻ اسان اهي ننڍيون ننڍيون ڳالهيون سوچيون ئي ڪين بس جتي آيو ڌيئرن کي دڳ لائي ڇڏيندا آهيون.
“اف منهنجا خدا!” مون کان رڙ نڪري وئي هيءَ جهالت ڪڏهن ختم ٿيندي منشي ۽ صدوري جو خيال ايندي ئي ائين لڳو ڄڻ ڪو جانور ڪنهن نازڪ جسم تان ماس پٽي کائي رهيو آهي. مونکي صدوريءَ جي منهن تي پکڙيل خوف ۽ حراس ياد اچي ويو شايد ننڍپڻ ۾ ئي هنن جي اکين ۾ پنهنجي ڪاري ٿيڻ جو خوف سمائجي ويندو آ مان سڪينه کي ڏٺو سندس چپن تي مُرڪ پکڙيل هئي ۽ مونکي اڄ سڪينه کان سخت نفرت ۽ ڪراهت محسوس ٿي رهي هئي ۽ سندس مُرڪ ڪنهن اڳ جيان لڳي رهي هئي جنهن ۾ صدوريءَ جو وجود سڙي ڀسم ٿي رهيو هو منهنجي دل چاهيو مان سڪينه کي ٿڏا هڻي ٻاهر ڪڍي ڦٽو ڪيان.