پيهي جا پاڻ ۾
آفتاب جو ڪتاب پڙهڻ کان پوءِ مون کي ائين محسوس ٿيو آهي ته اخباري ڪالم ججهي ڏاهپ، علم، ادب، جاڳرتا ۽ سياسي ڇيد جو وڏو ذريعو بڻجي سگهن ٿا جيڪڏهين اُنهن کي آفتاب وانگر لکجي. بدنصيبي چئبي جو جڏهين اهي ڪالم ڇپيا پئي ته مون ڪڏهين به اهي ڪونه پڙهيا. معزز ليکڪ جو انداز روايتي صحافيءَ وارو ڪونهي پر هڪ سُڄاڻ دانشور، مستند اديب ۽ عالمي معاشي ماهر وارو ٿو لڳي. ملڪ جي وڏين اخبارن ۾ ماهر پنهنجي موضوع تي مهمان ڪالم نگار طور متعارف ڪرايا ويندا آهن ۽ اهي ڪالم علمي معيار جا هوندا آهن. آفتاب جا اِهي ڪالم ان معيار جا آهن. سنڌي ٻولي جيتوڻيڪ عالمي ٻولي آهي پر اسان جي سستيءَ ۽ ٻوليءَ طرف غير سنجيده رويي جي ڪري ان جو ڦهلاءَ ڪونه ٿي سگهيو آهي.
اسان جي ٻوليءَ تي ورهاڱي جو شديد اثر ٿيو آهي. سنڌي ٻوليءَ جي واڌاري لاءِ گهربل ناڻو مهيا ڪندڙ واپاري طبقو اسان وٽ ڪونهي. اسان جا وڻجارا اوهري ويا آهن، اهي هن وشال ڌرتيءَ تي ڇڙوڇڙ ٿي ويا آهن ۽ سوين ملڪن ۾ پنهنجي سڃاڻپ ۽ ٻولي دل ۾ سانڍيو ساهه پيا کڻن. هنن کي جيئڻو آهي ان ڪري جنهن ملڪ ۾ آهن ان جي ٻولي ۽ سڀيتا جي سام ۾ سلامتيءَ جا ڳولائو آهن. اڄ ٻه هزار يارهن جي شروعات ۾ آفتاب جي هن شاهڪار سنڌي ڪتاب جو وياڪرڻ منهنجي اندر جي سنڌيءَ لاءِ وڏو خوشيءَ جو ڏينهن آهي. اهو ان ڪري به ته آفتاب جنهن جو اندر سڄو ٿوهر جي ڪنڊن سان رهڙيل هجي، لڱ لڱ ڦٽيل هجي، سو سندس سماجي ڇيد مطابق پاڻ به ”اشرافيه“ سان واسطو رکندڙ فضل قلباڻيءَ جي لفظن ۾ هڪ ”گڙنگ“ آفيسر آهي.
ڏيپلي جي ڀِٽن مان ڦُٽل گُل ڀِٽن جهڙي هڪ نازڪ حساس دل رکي ٿو ۽ سدا اوڀڙ جي انتظار ۾ محبت جي مينهن جو منتظر آهي. ڀٽائي صاحب اڍائي سؤ سال اڳ اها ڳالهه ڪئي هئي جيڪا اڄ به سچ آهي. اسان جي دنيا ۾ هر ڪو هيڪلو آهي. پاڻ هرتو آهي. پنهنجي من جي مندر جو پوڄاري آهي. هن کي ڪهڙي خبر ته ”پاڙي ناهه پروڙ ته ڪا رات رنجائي گذري.“ انهن حالتن ۾ فرانس جي راڻي هجي يا پاڪستان جو ارب پتي وزيراعظم شوڪت عزيز هجي ٻِنهي جي سوچ جو محور ساڳيو رهندو.
سائين آفتاب ”سروم دکم دکم“ سان شروع ڪري پنهنجي من جي ڏک جو ڪينواس سڄي سماج تي ڦهلايو آهي، جيڪا هڪ ڪڙي حقيقت آهي پر ان جو احساس تڏهين ٿيندو جڏهين ڀٽائي چواڻي
پيهي جان پاڻ ڪيم روح رهاڻ
ته نڪو ڏونگر ڏيهه ۾ نڪا ڪيچين ڪاڻ
پنهون ٿيس پاڻ سسئي تان سور هئا.
سنڌي سماج لاءِ ان کان وڏو ڪو ٻيو نسخو ڪونهي. سنڌي سوچ مارئيءَ جي بندي خاني کان ٿيندي سهڻيءَ جي ڀاڱا ٿيڻ تائين دنگ ٿي ڪري. جيستائين اسان عمر، پنهون، ميهار ۽ راڻا نه ٿينداسين تيسين راڪاس جو ڊپ اوس رهندو. تيسين ڪوهه ڪاف جون پريون سرِ بازار نيلام ٿينديون رهنديون. لڄاوان مارئيون بي ڪفن دفنايون وينديون. ڳڀروئن جا لاش ڳوڻين ۾ بند گهٽي جي چوڪ ۾ ملندا رهندا.
آفتاب سائين! تو اسان کي للڪاريو آهي ته پُنهون پيدا ڪريون. هِنن ليکن کي مزاحمتي ادب جو حصو، ادبِ لطيف جي صنف ۾ لکيل هڪ اتساهيندڙ صحيفو چئي سگهجي ٿو. مون کي افسوس آهي جو پنهنجي گهٽ علم، ڄاڻ ۽ ساڃاهه سبب آئون سڄي مواد تي ڪا تفصيلي راءِ نٿو ڏئي سگهان.
پلئه پايو سچ آڇيندي لڄ مران
ڊاڪٽر سليمان شيخ