سنڌي: ماڻهو يا ڀولڙا
علي بخش جي مضمون کي پڙهي هيڪر ته ٽٻيءَ ۾ پئجي ويس. کيس سڃاڻان به ڪو نه. پر جي حقيقتون بيان ڪيون اٿس اُهي ته ڪجهه به ڪينهن، انهي حقارت ۽ ڪروڌ جي مقابلي ۾ جا مون ڏٺي آهي، محسوس ڪئي آهي ۽ جنهن مان آئون لنگهيو آهيان. هيڪر ته پنهنجي تجربي ۽ تجزئي کي هميشه وانگيان اهو سوچي ته ڪٿي منهنجي سوچ سائنسي بنيادن جي بجاءِ ذاتي سرحدن ۾ داخل ته ڪا نه ٿي ٿئي، پوئتي ڌِڪڻ جي ڪوشش ڪيم. سوچيم ته تون ته امن ۽ آشتي جو درس ڏيندو آهين. تون ته لطيف جي در جو فقير آهين. تون ته:
”هو چونئي تون م چئو واتون ورائي....
جو نعرو هڻندڙ آهين. نفرت ۽ ڌڪار ته تنهنجي مذهب ۾ ڪانهي. ڀل ته هي ڪروڌ ۽ سائي ٻئي ڪنهن جو اهڃاڻ هجي. هي فهميده رياض اڪيلي ڪانهي جا چوي ٿي ته؛
”ڪراچي ۾ سنڌي ذوالفقار علي ڀٽي کانپوءِ آيا.“
ها برابر صحيح چوندي هوندي. بلڪه، سندس اهو چوڻ ته سنڌواسين مٿان احسان آهي. اصل ۾ عمرانيات جي ماهرن جو اهو به چوڻ آهي ته 1947ع کان اڳ سنڌ ۾ يوناني رهندا هئا ۽ ڪراچي سڪندر اعظم جي سلطنت جي سياريءَ جي موسم جي گاديءَ وارو هنڌ هيو. وري ٻيا سائنسدان اهو به چون ٿا ته ڪراچي جو شهر ئي 1947ع کان پوءِ ڪنهن پڇڙ تاري جي زمين مٿان عربي سمونڊ تي ڪرڻ ڪري وجود ۾ آيو. پر اڪثر ماهرن جو حليم بروهيءَ سان ان ڳالهه تي اتفاق آهي ته 1947ع کان اڳ سنڌ جا ماڻهو ڀولڙن جيان ”چيائون چيائون“ ۽ ”خون خون“ ڪري ڳالهائيندا هئا. سندن پُڇ هوندا هئا. وڻن تي لٽڪندا ۽ ٺينگ ٽپا ڏيندا رهندا هئا. جهنگ جا ميوا ۽ وڻن جا پن سندن خوراڪ هئا. الله ڀلو ڪري هڪ مرد مجاهد جو، جنهن حڪم ڪيو ته جيڪو هندستان ڇڏي ايندو سو جي اسٽامپ پيپر تي اقرار نامو لکي ڏيندو ته آئن سٽائن به وٽس پڙهيو هو ته سندس سَنَدَ کي قابل قبول سمجهيو ويندو. جي اتي ڪوٽار هيو ته هتي ڪاردار مقرر ڪيو ويندو ۽ ائين الله جي نيڪ مخلوق آئي، جنهن ايندي ئي سنڌي ڀولڙن جي وات ۾ گلوري وارو پان وجهي کين ريجهائي وڻن تان لاٿو. سندن پڇ ڪٽي، کين پاجامو پارائي انسان بڻايو ۽ تهذيب و تمدن سان آشنا ڪيو.
هن نيڪ لشڪر ون يونٽ ٺهڻ تائين جيڪي مهربانيون ڪيون. زمينون ڦٻايون، ڪوڙا ڪليم داخل ڪري پيڙهين کان آباد هارين کي بي دخل ڪرايون، تنهن جو ته ذڪر ئي ڪونهي. هاڻ جڏهين بنگالي سجاڳ ٿيو ته ون يونٽ جو وار ٿيو. تان جو ون يونٽ ٽٽو. بدقسمتيءَ سان ملڪ ٽٽو. ملڪ کي ٽوڙڻ ۾ يحيٰ خان ۽ ذوالفقار علي ڀٽي جو هٿ هيو يا نه هيو پر هنن دهلي، آگري ۽ پٽنه جي نسلي تفاخر ۾ مبتلا ٽولي ئي ابتدا ڪئي ملڪ ٽوڙڻ جي. اڄ 1953-1954ع جي انهن بنگالي شهيدن جي ڳالهه ڪير ڪو نه ٿو ڪري. اردو سان گڏ بنگلا کي به سرڪاري ٻولي ۽ قومي ٻولي تسليم ڪرائڻ ئي بنگالين جي دلين ۾ نفرت وڌي. اڄوڪي اردو پريس ته وڏي واڪي چوي ٿي ته بنگالي پنجابي استحصال کان نفرت ڪندا هيا..
درويش، الله لوڪ، فرشته سيرت، رئيس امروهوي ئي ته هيو، جنهن لساني هنگامن جي باهه تي وڌيڪ گاسليٽ هاريو هيو....
اردو کا جنازہ ہے
ذرا دھوم سے نکلے....
اردو اخبارن پنهنجا پهريان صفحا ڪارا ڪيا يا رت هاريل ۽ وهندو ڏيکاريو. قصور! صرف ايترو ته اردو سان گڏ سنڌي به سرڪاري ٻولي هوندي، انهيءَ آڙ ۾ ڪيڏا نه ڀيانڪ ۽ دردناڪ جرم ٿيا.
شرم ٿو اچي چوندي. پر اهو شرم به اسان کي ٿو اچي. هڪ واري سندن پير جو پنهنجي ڌرتيءَ تان نڪتا ته ڌرتيءَ جي ساڃهه به نه رهي. منهنجي ڀيڻ ويچاريءَ جو ته ڪو ڏوهه ڪونهي. ڪهڙو به مهاجر دانشور، ڪامورو، قوم ۽ ملڪ جي يڪجهتي جو علمبردار ڏسو. سنڌي قوم لاءِ وٽس محبت ايتري ئي آهي. پر پري ڇو ٿا وڃو. دانشورن جي مها دانشور بقول سندي سچ ڳالهائڻ جي پاداش ۾ نوڪري وڃائڻ واري اڳوڻي گورنر ۽ رٽائرڊ ليفٽيننٽ جنرل معين الدين حيدر جي مهربانين تي ئي نظر وجهو.
سندس دور ۾ هزارين ڊاڪٽرن کي بيروزگار ڪيو ويو. انهن ۾ اڪثريت ٻهراڙين سان واسطو رکندڙن جي هئي جن کي ڪانٽريڪٽ ئي انهن شرطن سان مليو ٿي ته هو ٻهراڙين ۾ نوڪري ڪندا.
سوين سنڌي واٽر بورڊ ڪراچي مان ڪڍيا ويا.
سنڌ جي تعليمي بورڊن مان سنڌي آفيسرن کي ڪڍيو ويو.
سندس مهربانين جي ڪري جتي ذري گهٽ سو کن سنڌي ڪامورا او ايس ڊي ٿيا اتي ڪيترن ئي ٻين آفيسرن کي ٻه، ٻه ٽي ٽي چارجون هيون.
رڳو سروسز کاتي ۾ 18 کان 20 گريڊ تائين جا سٺ آفيسر او ايس ڊي هيا، جتي ستر جايون خالي هيون. پر ڇو ته انهن سٺ آفيسرن ۾ گهڻو ڪري سڀ سنڌي هيا، تنهنڪري انهن لاءِ وٽس نوڪري ڪانه هئي.
الائي ڪڏهين هي پڙهيل، مهذب ۽ اعليٰ تعليم يافته قوم سُڌرندي جو هن ”ڪوٽا“ جي مراعت يافته جاهلن تي رحم ڪري. خير سان ريڪارڊ کڻي ڏسو، ته ڪوٽا جي نفاذ کان پوءِ هر سال سنڌي ڳالهائيندڙ جاهل چاهي وفاقي نوڪرين جو چٽا ڀيٽي جو امتحان هجي يا صوبائي هجي، پهريون نمبر به آيا آهن. پر هي ڪوٽا جا مخالف ئي صرف ڪوٽا تي آيا آهن. ڀل ڪير کڻي 1974ع کان پوءِ جي امتحانن جي رزلٽ ڏسي. پوءِ مخالفت ڇو؟ سرشت –فطرت – يا ائين ته ڪونهي ته اندر ۾ صرف ڪروڌ ۽ نفرت ڀريل آهي. ڌرتي سان – ملڪ سان – هر شيءِ سان – ماڻهوءَ سان.
(118آگسٽ، 1999ع)