ڪالم / مضمون

نيٺ ته ڊهندي

هي ڪتاب نامياري ليکڪ محترم آفتاب ميمڻ جي ڪالمن، ڪهاڻين يا احساسن جو مجموعو آهي. انعام عباسي لکي ٿو:
آفتاب ميمڻ جي هنن لکڻين ۾ ڪهاڻيءَ جو سٽاءُ پڻ پڌرو آهي ته، شاعريءَ جو پڻ جهلڪو موجود اٿس... پڙهندڙ سنسار جي هر اوکي سوکي مامري بابت هنن لکڻين مان لاڀ پرائي سگهي ٿو ۽ ڏاڍي هنرمندِءَ سان لکيل هنن لکڻين مان بنا ڪنهن بيزاريءَ جي هو لڳاتار هنن لکڻين سان گڏ گڏ هلي ٻهڪندي هي ڪتاب ته پوري ڪري سگهي ٿو پر پوءِ به پڙهت جي اڃ کيس باقي هجي ٿي...
  • 4.5/5.0
  • 1555
  • 503
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • آفتاب ميمڻ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book نيٺ ته ڊهندي

سورهيه مرين سوڀ کي....

امداد چيو ته: ”ادا اخبار ڪڍي اٿم.“
”ڪهڙي نالي سان“. پڇيومانس.
”سوڀ“ ڪاپي کڻي آيو آهيان.“ وراڻئين.
ڪاپي کڻي اڳيان رکيائين. عوامي آواز کان ڌار ٿيڻ کانپوءِ پهريون دفعو امداد جي اکين ۾ ٽم ٽم ڪندڙ ڏيئا ٻرندي ڏٺم. سندس مشعل مشعل اکين ۾ جوت جرڪي آئي هئي. اخبار ڏي پوءِ ڏٺم. پهرين ته هڪ ٽڪ امداد ڏي ڏسندو رهيم. هي خواب ڏسندڙ دوست. خوابن جي تعبير ماڻڻ لاءِ سعي ڪرڻ جي اڻ ٿڪ جذبي ۾ همٿ جو مثال پاڻ ئي ڏيکاري رهيو هيو.
”امداد! اهو ٻڌائڻ يا پڇڻ جي مون کي ضرورت ئي ڪونهي ته تو ڀٽائي جي ڪيڏاري کان متاثر ٿي نالو رکيو آهي.“
”ها ادا! گهڻن ڏينهن کان ٻُڏتَر ۾ هئس ته هاڻ ڇا ڪريان. عوامي آواز لاءِ رت ۽ پگهر ڏنو. پيارا دوست هيا، پراڻا ساٿي آهن. هاڻ به ڀائر آهن پر ڪن سببن جي ڪري فيصلو ڪيوسين ته الڳ ٿيون. آئون هڪ پاسي ٿي ويس. سوچيم ڇا ڪريان. مون کي ته اها ئي ڪرت سانڀ پئي آهي. اخباري دنيا ئي ته منهنجو زمان و مڪان رهيو آهي. ورهيه ٿي ويا جو ٻيو ڪجهه سوچيو ڪونهي. سوچيم ڪنهن سان حال اوريان. اخبار ڪڍڻ جو سوچيم. وري خيال ٿيو ته پيسا جام کپن مون وٽ ايتري گنجائش ئي ڪونهي. ٽپڙ ٽاڙي وڪڻان. هلندي؟ ڪٿي ائين نه ٿئي جو ٻنيءَ ٻارو کپايان ۽ وري روڊ تي اچي بيهان. ماڻهون کلن. وهم ۽ وسوسا ڪڏهين ڪڏهين امنگن ۽ جذبن تي ڪاريهر جيان ڪَر کنيو ڏنگ هڻندا هيا. هڪ ڏينهن انهيءَ ڪيفيت ۾ رسالو کڻي پڙهڻ لڳم ته اتفاقن کوليم ئي وڃي ” سر ڪيڏارو. جڏهن نظر پيم:
”سورهيه مرين سوڀ کي ته دل جا وهم وسار،
هڻ ڀالا، وڙهه ڀاڪرين، آڏي ڍالَ ۾ ڍار....“
سڀ وهم، وسوسا ۽ شڪ، واريءَ جي ٺهيل محل جيان اچي پٽ تي ڪريا. سوچيم امداد؛ بسم الله ڪر. ڌڻي ڀلو ڪندو. ڪرت به آهي ته ايمان به آهي. اخبار منهنجي لاءِ جدوجهد ۽ خدمت به آهي. مقصد به آهي. ائين اهڙي مناسبت سان نالو به ”سوڀ“ رکيم.
منهنجي چپن جي مُرڪ ڏسي چيائين: ”ڇو؟ کلو ٿا ڇا؟“
”اڙي نه ادا! اها مُرڪ خوشيءَ جي آهي. پر ساڳئي وقت تي مون کي انهيءَ حوالي سان هڪ ٻه ڳالهيون ذهن تي تري آيون تنهنڪري مشڪان پيو.“ چيومانس.
”ٻڌائيندين نه؟“ امداد چيو.
”توکي ڇا ٻڌايان ته ڪيڏارو ڇا آهي. خبر ته هوندءِ، پر ٻڌ! ڪيڏارو لاکيڻي لطيف جي طرفان قضئيي ڪربلا جي شهيدن کي نذرانهء عقيدت آهي. آفاقي حقيقتن ۽ سچ جو پرچم آهي. يزدان ۽ اهرمن جي ازل کان جاري رهندڙ جنگ جو آئينو آهي. انهن سچ ۽ حق جي راهه جي پانڌيئڙن کي لطيف سائين زمين ته الله جي نور جو جلوو هيئن ٻڌائي ٿو:
چوڏهيءَ ماهه چنڊ جنءِ پِڙ ۾ پيشانياس
الله نور السموات، جلوو زميناس
نزاڪت ته ڏس يار.... پِڙ ۾ پيشانياس.... يعني ميدان ۾ پيشانيون يا سِرَ سي ڄڻ چوڏهين جي چنڊ مثل جرڪيا پئي. رتبو آهي شهيدن جو، حق ۽ سچ جي علم بردارن جو، ڄڻ ته ”هُو“ جيڪو آسمانن جو نور آهي تنهن زمين تي پنهنجي تجلي هُنن جي مُنهن ۾ ڏيکاري هجي جن جون بي گور و ڪفن لاشون ميدان ۾ پيون هيون. ”ايئن چئي مون ماٺ ڪئي. اکين ۾ ڳوڙها تري آيا. لفظ ڄڻ نڙيءَ ۾ ڪنڊا ٿي اَٽڪي پيا.“
”ماٺ ٿي وئين.“ امداد چيو.
”يار اسين خوابن جا سوداگر آهيون، اميد ۽ نااميديءَ جي ٻه واٽي تي بيٺي ڪڏهين ڪڏهين ته سڀ بيڪار لڳندو آهي. لڳندو آهي اسانجيءَ سوداگري جو ڪل وکر هيءَ ڦِٿَلَ دل ۽ نيڻن جو نِير آهي. پر وري ڪڏهين اٿي ويڙهه تي دل ٿيندي آهي، شيخ اياز تي ايمان وري تازو ٿيو وڃي ته:
”تون ڇا به چوين مان مرڻو ناهيان “ ۽ تو جهڙن دوستن جي همٿ ڏسي ور ور ڏيئي چوندو آهيان....
”جنهن وقت اُٻن ۾ اوسر ٿي
ڪي اُسروندا اچن ٿا پيا،
۽ آڌيءَ مانجهيءَ اوپر ۾
هي ساوا کيت پچن ٿا پيا،
ٿو آءُ وڏي ويڙهاند ڏسان
۽ منهنجا انگ نچن ٿا پيا.“
ياد اچي ٿو. ڪيئن يونيورسٽين ۾ جهونگاريندا هئاسين....
هو سورهيه سنڀري نڪرن ٿا
جهونجهار جٿا ٿي نڪرن ٿا
۽ جيءَ هڻي ٿو جهومريون....
يار هي اکيون انهن جهونجهار جٿن کي نڪرندي ڏسڻ لاءِ آتيون آهن. پر هي ڪنڪر هڻي ڪير ته بيٺل پاڻيءَ جي سانت کي ٽوڙي.“
امداد ماٺ ٿي ڏسندو رهيو. سندس اکين ۾ ڪيئي سوال هيا ته جواب به. سمجهيم پي ته هڪ ننڍڙي اخبار ڪو انقلاب ڪو نه آڻيندي. پر کيس اها به خبر آهي ته آئون ڪاڪ محل جي طلسم جي ڊهڻ جي انت ۾ ويساهه رکندو آهيان. ”سوڀ“ ته منهنجي لاءِ علامتي آهي. ننڍڙي ڪنڪريءَ سان بيٺل پاڻي جي سانت کي ٽوڙڻ جدوجهد جي شروعات آهي. هر وک ٻي وک جو آغاز آهي.
”نالو وڻيو.“ امداد پڇيو.
”وڻيو.... صرف وڻيو.... راڻا! خبر اٿئي ته ڪيڏارو ”هندستاني راڳڻيءَ“ ڪيڏاريءَ جي شڪل آهي. سر ۽ سنگيت جي ڪٿا ۾ ”ڪيڏاري ديپڪ جي پنج زالن مان هڪ آهي. ديپڪ راڳ آهي دلين کي گرمائڻ جو، جوش جو. مچ ٻارڻ لاءِ ته ديپڪ راڳ ئي ڪافي آهي ۽ مٿان وري ڪيڏاري.... سو، تنهنجي سوڀ جي نسبت به اها آهي.“
۽ ائين منهنجي ”سوڀ“ سان ملاقات ٿي. اڄ ”سوڀ“ کي نڪرندي ڇهه مهينا کن ٿي ويا آهن. اڃا شايد مٿي. پر اٺن ڏهن مهينن جي هن سفر ۾ مون امداد کي هر وقت هڪ نئين جذبي ۽ امنگ ۾ مست ڏنو هوندو. ڄڻ ته ڪنهن جوان جو ڪنهن جوانڙيءَ سان نئون نڪور عشق هجي. سندس کائڻ پيئڻ، اٿڻ ويهڻ ڄڻ هر وقت ”سوڀ“ ۾ ماندو هوندو آهي. هاڻ وري رنگين اخبار ڪڍڻ جو سانڀو ڪيو اٿس. وري سندس خواب آهي ته صفحا وڌائيندس. وري ماهوار پرچو به ڪڍڻ جي ڪئي اٿس. سنڌي ٻولي ۾ مهراڻ جيڪو ٽه ماهي هيو، روح رهاڻ، سهڻي ۽ ڪافي ٻيا سٺا رسالا نڪتا. گرامي صاحب، حميد سنڌي، طارق اشرف، مدد علي سنڌي ۽ ٻين سڄڻن سنڌي پڙهندڙن لاءِ بهترين ادب سهيڙڻ جي پوري پوئواري ڪئي. هي ويجهڙ جي ئي ڳالهه آهي. هاڻ زماني جي لاهه چاڙهه سنڌي ادب پڙهندڙن لاءِ پسند جو دائرو ڏاڍو محدود ڪري ڇڏيو آهي. ائين ڪونه ته حفيظ شيخ، علي بابا، شوڪت شورو، ماڻڪ، غلام نبي مغل، حليم بروهي وري پيدا ڪونه ٿي سگهندا. امداد جهڙن سجاڳ دوستن جو ئي فرض آهي ته هو انهن سان رابطو ڪن جن کان اسان الف ب ٻ سکي ۽ وري نون لکندڙن کي ڳولين....
مون پنهنجي زندگي ۾ جو به ادب پڙهيو آهي ان حوالي سان يقين سان چوان ٿو ته حفيظ صاحب جي ڪهاڻي ”امان مان اسڪول ڪونه ويندس“ يا ماڻڪ جي طويل مختصر ڪهاڻي ۽ Stream of Conciousness کي سنڌي ٻولي ۾ رائج ڪرڻ، علي بابا جي ”هاءِ ٻلهڻ، واءِ جنڙي“ يا موئن جي دڙي جي نچڻي، ڪنهن به ادب جي شاهه پاري سان مقابلو ڪري ٿي.
الائي ڪٿان کان هليو ويس، ذهن جي ڦرڻي به ڄڻ جيون ڪٿا آهي. ڪٿان کان وري ڪٿي. اتر هلندي وري ڦيرو کائيندي اوڀر. پر ڪري به ڇا؟ سور به ته جهجها آهن، سَرجَندي به ته سال ٿيا.کُٽن ئي ڪونه ٿا.

(ڊسمبر 2005ع)