رياستي ٿنڀا
ڇا ڪو ماڻهو پوليس تي اعتبار ڪرڻ لاءِ تيار آهي. پوليس جي مدد ڪرڻ لاءِ تيار آهي. ڪنهن واردات جو اطلاع ڏيڻ لاءِ تيار آهي! پوليس اسان وٽ صرف اُرهه زورائي، ڏاڍ ۽ سرڪاري سانَ وارو ڪم ٿي ڪري. جي به حڪومتون اچن ٿيون سي پوليس کي پنهنجن مخالفن کي هيسائڻ ۽ دٻائڻ ۾ استعمال ٿيون ڪن. نتيجو؟ ديانتدار ۽ لائق آفيسر هڪ پاسي ٿيو وڃن يا کين هڪ پاسي ڪيو وڃي ٿو. ساڳيو حال انتظاميه جو آهي. اڳي هندستان پاڪستان هڪ هئڻ وقت ته ٺهيو پر ايوب خان جي دور ۾ ئي جڏهن عام ڪچهريءَ تي ايوب خان يا نواب ڪالاباغ ويندا هئا ته ڊپٽي ڪمشنر کي مٿي اسٽيج تي هڪ ڪرسي ڏني ويندي هئي جا صدر پاڪستان ۽ گورنر جي ويجهو ئي هوندي هئي. ڇو ته هتي جي ڳالهيون ٿين ٿيون، شڪايتون ٿين ٿيون يا مسئلا اچن ٿا انهن کي ڪهڙو سرڪاري نمائندو حڪومت جي اختيار کي استعمال ڪري حل ڪرائڻ ۾ مدد ڏئي سگهي ٿو. ضلعي جو ڊپٽي ڪمشنر رياست جي اختيار جو نمائندو آهي. پر هاڻي ته عام طرح سان خير سان ڊپٽي ڪمشنر ۽ ڪمشنر وزيرن ۽ ميمبرن جي گاڏي ڊرائيو ٿا ڪن. صبح شام فون تي يا روبرو حاضري ٿا ڀرين. جائز ناجائز ڪم ٿا ڪن ۽ ائين ئي عوام يا عام ماڻهو کين نفرت جي نظر سان ڏسي ٿو. مون ته نور احمد شاهه ۽ هاشم ميمڻ کانسواءِ ٻئي ڪنهن به ڊپٽي ڪمشنر جي ساراهه عام ماڻهوءَ کان ڪڏهن به ڪانه ٻڌي آهي.
خير سان ٽيڪس ڪير ٿو ڏئي. ٽيڪس ته ڇڏيو پر ٽيڪس وٺڻ وارن جو حال ڪيڏو بڇڙو آهي. پنهنجو ٽيڪس وٺڻ ڪوهه پنڌ تي پهچي ويندا پر جي اوهان غلطي سان سرڪاري ٽيڪس جمع ڪرائڻ ويا ته پيا هلو. اڄ ڏهن سالن کان ته منهنجي ٽيڪس پيارڻ جي گوشواري تي ڪو فيصلو ڪونه ٿيو آهي ۽ نه ئي اين ٽي اين نمبر وارو ڪارڊ ٿو ملي. باقي عام ماڻهوءَ جو ڇا حال هوندو.
ملڪ جي ڪيترن وزيراعظمن، وڏن وزيرن، وزيرن ۽ صدرن ملڪ جي ماڻهن جي دلين ۾ پنهنجي لاءِ ڪا جاءِ پيدا ڪئي هوندي. ڪيترن حاڪمن پُورا ۽ صحيح ٽيڪس ڏنا هوندا. پنهنجو احتساب ڪيو هوندو. ميرٽ تي نوڪريون ڏنيون هونديون. سرڪاري خزاني کي امانت سمجهيو هوندو. اجائي خرچ کان پرهيز ڪئي هوندي. ريا ۽ رغبت کان پاسو ڪيو هوندو. شايد ڪنهن به نه. ها باقي معراج خالد ڪجهه بهتر نشان ڇڏيا ۽ ائين ئي سندس ڪابينه بهتر انسانن تي ٻڌل هئي.
هي ته آهي حال رياست جي ٻن ٿنڀن جو. رياست جو ٽيون عظيم ٿنڀو عدليه آهي. اسين نه ڊوسو ڪيس ۾ وڃون ٿا نه تميز الدين ڪيس جي ڇنڊڇاڻ ۽ اپٽار ڪريون ٿا. نه ئي نصرت ڀٽو ڪيس اسان جو موضوع آهي. ڀٽي صاحب کي ڦاسي ڪيئن ٿي هجي. عدالتي قتل هيو يا نه. ضرورت وارو نظريو هڪ پاسي حقيقت آهي ته ٻئي پاسي ساڳيو نظريو ٻيو رخ ٿو وٺي. ڪيترو ڪجهه تڪراري آهي يا سڀ ٺيڪ آهي، انهيءَ کي ڇڏيو. صرف هڪ سوال آهي. هينئن ڏينهن ڏٺي جو ايوان صدر ۽ پي ايم سيڪريٽريٽ جي ڀِڪَ ۾ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۾ چوٽيءَ جي شخصيتن جي نگراني ۽ هدايت هيٺ جنهن بهادري، حب الوطني، تهذيب ۽ اخلاق جو مظاهرو ٿيو جو اعليٰ ترين عدالت جا جج پنهنجي جان بچائڻ ۽ عزت جي حفاظت ڪرڻ ڪاڻ هلندڙ عدالت اڌ ۾ ڇڏي اٿي ويا. سبحان الله! هيءَ آهي عزت رياست جي اعليٰ ترين ٿنڀي جي. جيڪي ماڻهو آئين ۽ قانون جي رکواليءَ جو قسم کڻن سي به ائين قانون جي تشريح ڪندڙن کي آڻي هن جاءِ تي بيهارين.
سو خير سان رياست جي ٽن ٿنڀن وارو رواجي نظريو ته باطل ٿيو. البته هاڻ ڏسڻو هي آهي ته جي ”رياست“ جي نظريي ۾ مڃيل ٽي ٿنڀا طرح طرح جي بيمارين ۽ آزارن ۾ ڦاٿل آهن ته انهن بيمارين جي شروعات ڪيئن ٿي. ڪارڻ ڪهڙا آهن ۽ سندن دارون درمل ڪيئن ممڪن آهي. ڪهڙا اپاءَ وٺجن جو سٺي، صحيح ۽ درست حڪمراني رياست کي مضبوط ڪري..
(17فيبروري، 2000ع)