ڪالم / مضمون

نيٺ ته ڊهندي

هي ڪتاب نامياري ليکڪ محترم آفتاب ميمڻ جي ڪالمن، ڪهاڻين يا احساسن جو مجموعو آهي. انعام عباسي لکي ٿو:
آفتاب ميمڻ جي هنن لکڻين ۾ ڪهاڻيءَ جو سٽاءُ پڻ پڌرو آهي ته، شاعريءَ جو پڻ جهلڪو موجود اٿس... پڙهندڙ سنسار جي هر اوکي سوکي مامري بابت هنن لکڻين مان لاڀ پرائي سگهي ٿو ۽ ڏاڍي هنرمندِءَ سان لکيل هنن لکڻين مان بنا ڪنهن بيزاريءَ جي هو لڳاتار هنن لکڻين سان گڏ گڏ هلي ٻهڪندي هي ڪتاب ته پوري ڪري سگهي ٿو پر پوءِ به پڙهت جي اڃ کيس باقي هجي ٿي...
  • 4.5/5.0
  • 1555
  • 503
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • آفتاب ميمڻ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book نيٺ ته ڊهندي

کامان، پَچان

کامان، پَچان، پَڄران، لُڇان ۽ لوچان
تَنَ ۾ تَؤنسَ پِرينِءَ جِي، پِيان نه ڍاپان
جِي سَمُنڊَ مُنھَ ڪَرِيان، توءِ سُرڪيائي نه ٿيي

هِن هيڻي جي حال کي ڀٽَ ڌڻيءَ جي بيت کان وڌيڪ موزون ٻي ڪا تمثيل شايد بيان ڪري نه سگهي. کامان ۽ پَچان تائين ته شايد حقيقت هُجي. پِرَينَ جي تؤنسَ يا اُڃ جي منزل کي شايد ڪوهَن ۾ به ڪونه رسي سگهيو آهيان. جي پِرَيَن جي تونس جي منزل جي ويجهو به هجان ته شايد سمونڊَ به هڪ سُرڪَ ڪونه ٿئي. هيءَ عشق جي ڪٿا آهي. مجازي ۽ حقيقي جي ڦيري کان مٿڀيري. مون جهڙي عامي جي ته حيثيت به ڪونهي جو تَؤنس جي معنيٰ جو به ادارڪ ڪري سگهي. پڄرڻ ۽ پچڻ شايد لکيل آهي. همٿ ڪرڻ جي ڪريان ٿو ته وري
”ڪاري رات، ڪچو گهڙو، اوڻٽيھ اونداهي....“
وهڪري ۾ پيو هلان. وري اياز ياد ايندو اٿم؛
گونج اُڀاري ڪوته گلو.... هو ....
چوڦير اونداهيءَ رنگ و بُو جي هِن جهان جي حُسن کي ڪيڏو نه ڪوجهو ڪري ڇڏيو آهي. پوپَٽ جي رنگن جهڙو سهڻو جيون، استحصال، ڏاڍ، جبر، ظلم. اهڙو ته مانڊاڻي ڇڏيو آهي جو ماڻهو جي مَنَ جو مونجهارو وڃي هر پل وڌندو. اهڙي ته نفسانفسيءَ جي ريت پئي آهي جو مور جو نرتڪيءَ جيان ناچ ۽ هرڻ جي ڇالَ جي مڌرتا جو احساس به حواسن کي واس نٿو ڏي. ڄڻ خالي خالي وجود رکيو ويٺو آهي هر ماڻهو. بُههَ ڀريل. احساسن ۽ جذبن کان عاري.
مشيني دور آهي. ها، هيءَ هڪ حقيقت آهي. رشتن ۽ ناتن جو احساس ڏيتي ليتيءَ جي جنجال ۾ وڪوڙيل آهي. ڀل ته ”ناڻو اُها زنجير هجي جا هر زنجير کي ٽوڙي ۽ جوڙي ٿي.“ پر جتي اِهو فلسفو ڄايو ۽ نپنيو اُهي ماڻهو ته موزارٽ جي سئمفنيءَ جا دلداه آهن. پڪاسو جي آرٽ ۾ معنيٰ ڳوليندا آهن. موناليزا جي مُشڪڻ تي هزارين ڪتاب لکيو ڇڏين. ليونارڊوڊاوينچيءَ جي سنگتراشيءَ جا عاشق آهن. هي اسين ڪهڙي ڀوڳنا پيا ڪٽيون.
هيءُ ته هيو منهنجو ازل جو روڳ
سَروم ..... دُکم..... دُکم .......
پر جي جيون سڀ ڏک آهي. سدا ڏک آهي ته به جيئڻ ڪاڻ حيلا ته ڪرڻا آهن. ائين ڪونهي ته ٻُڌ ڀڪشو ٿي گيڙو لباس پائي ۽ ڪشڪول هٿ ۾ کڻي نفس کي مارڻ جي ڪوشش ئي جيون ڪٿاکي سڦل ڪرڻ جي سعي آهي. چَوڻ ڪاڻ ته هي چوڻ درست هوندو پر ماڻهوءَ جي مَنَ ۾ جا آنڌ مانڌ هوندي آهي تنهن کي ائين سانت ڪرڻ! پاڻ ته وڃي نرواڻ حاصل ڪرڻ ۽ هي جي لکين، ڪروڙين پاڻ جهڙا ڏکويل ۽ ڏتڙيل آهن تن کي اُنهيءَ ئي اوڙاهه ۾ ڇڏي هليو وڃي ته ڀل پيا گهاڻي ۾ پيسجن. روزِ روشن جيان عيان آهي ته؛
”اهرمن محشرِ بدامان هي“
پر جي بديءَ جو خدا هر دم حشر برپا ڪري ٿو ته فاني انسانن تي لازم آهي ته نيڪيءَ جي خدا کي ننڊ مان جاڳائين. هي اهرمن ۽ يزدان جي ٻه رُخي خدائي جو فلسفو ته زرتشت جو ئي آهي. اسان ته ابن مريم جي فلسفي جا به قائل ڪونه آهيون. ته جي هو هڪ ڳل تي چماٽ هڻي ته تون ٻيو ڳل ورائي ڏي. ڀل ته ڀٽ ڌڻيءَ ڇو نه چيو هجي ته ”هو چُئنئي تون نه چؤ واتؤن ورائي.“ اسان ته ڏَندَ جي بدلي ڏَند ۽ اَک جي بدلي اَک ۾ يقين رکندڙ آهيون.
هي ته ٿي وڃي ڳالهه مان ڳالهه. فلسفو ۽ نرتڪيءَ جو ناچ. چوڻ ڪاڻ هي فلسفو، معنيٰ جي تلاش، سچ جو سفر آدرش واديءَ کي وڻي ٿو. مَن شانت ڪري ٿو. ڪائناتن جي رنگينين ۾ ڦيرو ڏيارائي ٿو. پر منهنجو الميو ته هي آهي ته:
جت لُڪَ لڳي
جت اَڪ تپن
سو ديس مسافر منهنجو ڙي.
منهنجي ديس ۾ لُڪ لڳل آهي. مينهوڳي مند ۾ به ڪڪر سُنڍَ ٿيا پيا آهن. رڳو منجهن ڪاراڻ ڪڪوريل آهي. هنن لُڪَن تي اَڪَ ته ٺهيو پر سڄي ڌرتي تَتلَ ٽامي جيان ٿيل آهي. نه آهن ته صرف ديش واسي تَتل نه آهن. بي حسي، خودغرضي، ڇسائپ، فريب ۽ دوکي جي اهڙي ڄار ۾ ڦاٿل آهن جنهن کان ڇوٽڪارو نصيب ٿيڻ ڏکيو آهي.
حمزه علوي ۽ ڪافي ٻين ترقي پسندن جو رايو هيو ته اسان وٽ طبقاتي ونڊورڇ ڪنهن ريت مروج درجه بندي جي معنيٰ ۾ نٿي اچي. هتي صرف ٻه طبقا آهن. هڪ مربي ۽ محسن ته ٻيو احسانمند ۽ مربي جو ڪاسه ليوا. نه ته ڪو وچيون طبقو آهي نه ئي ڪا پرولتاريه آهي. آئون انهن ڏاهن سان سهڪار آهيان. اسان جو پڙهيل لکيل طبقو جيئن ئي زندگيءَ جي سفر جو آغاز ڪري ٿو ته ڪنهن مير، ڪنهن پير، ڪنهن وڏيري جو حاشيه بردار ٿئي ٿو يا سڀ کان الڳ ٿي گهڻ قومي اداري ۾ ملازمت ڪري ٿو. هِنن دُکين ۽ درماندن جي زندگي ڪير بدلائيندو. دانشور ۽ پنهنجي ننڍڙي کوهه ۾ رهندڙ وري جڏهين سرڪاري لالي پاپ ملي ته سڄي جاکوڙ وسري وڃي. فرانس جو انقلاب بُکين اُگهاڙن لِڱنَ وارن برابرآندو هو پر سسيرو (Cicero)، والٽيئر ۽ انيڪ ڏاها، دانشور هر اول جٿي ۾ هيا ۽ ويڙهه ڪيائون. مارڪس ۽ اينجلز برابر وڙهيا ڪونه پر لينن ۽ ٽراٽسڪي توڙي ٻين ڪيترن جنگ جوٽي. تڏهين ته ڪارل مارڪس جي صنعتي انقلاب ۽ انهيءَ نتيجي ۾ پيدا ٿيل انقلابي پرولتاري جي انقلابي هر اول دستي هئڻ جي نظريي کي چين جي مائوزي تُنگ توڙي ڪيوبا ۽ ڏکڻ آمريڪا جي ڪاسترو ۽ چي گويرا غلط ثابت ڪيو. چي ته ٽراٽسڪي جي عالمي انقلاب جي رومانوي طرز عمل جو شڪار ٿيو. کيس خبر ڪانه پئي ته ماريءَ پنهنجا طريقا وڌيڪ هاڃيڪار ڪري ڇڏيا آهن. جنين ڪاڻ گهرگهاٽ، آرام آسائش ۽ حڪومت ڇڏي چي گويرا جهنگلن ۾ واسو ڪيو، سي ڇڙوڇڙ، منتشر ۽ ڪمزور هيا. سندن ڪمزوري ڪنهن به موقعي تي پنهنجي روايتي ڪردار کان مٿي عمل ڪرڻ کان قاصر هئي. استحصالي ٽڪسال هُنن لاچار ۽ مجبور انسانن کان سندن آزاد ذهنن کسي ورتو هيو. ۽ ٻئي پاسي وري رياست هاءِ متحده آمريڪا، سي آءِ اي، ايف بي آئي ۽ اربن ڊالرن جي ڪوڪين ۽ ٻين منشيات جي واپارين جو مستقل مفاد هيو. تمام عالم کي آشڪار آهي ته لاطيني آمريڪا توڙي برما، ٿائيلينڊ، ڪمبوڊيا جي سُنهري ٽڪنڊي ۽ افغانستان، ايف بي آئي توڙي سي آئي اي جي پس پرده هلچل لاءِ منشيات جي واپار جون منڊيون آمريڪا بهادر ٺاهيون آهن. گندو پيسو گندن ڪمن لاءِ ۽ وري نه سينيٽ نه عوام کي جواب ڏيڻو.
ڪن جو اِهو به يقين آهي ته اُسامه بن لادن يا طالبان آمريڪي سوشو ۽ هٿ ٺوڪيو ڊرامو آهي. اصل مقصد ته 550 ارب ڊالرن جي ڏوڏيءَ جي ڪاروبار جي هڪ هٽيءَ قائم ڪرڻ آهي. آمريڪا بهادر تمام ڪاميابي سان اِها هڪ هٽي قائم ڪئي آهي، جتي افغان صدر جي ڀاءُ تي سڌيءَ طرح ۽ مٿس اڻ سڌيءَ طرح ڇنڊا پوندا آهن. پاڪستان جي اشرافيه ۽ طاقت جي مرڪز جي هنن بين الاقوامي دلالن سان سهڪار تي ماڻهو آڱر کڻن ٿا ته ڪو سبب آهي.
چي گويرا کان انهيءَ ڪوڙ ۽ ٺڳيءَ جي ڄار جي طاقت جو اندازو لڳائڻ جي غلطي ٿي. اصل ۾، انقلاب جي ادب ۾ تجديد جي ضرورت آهي. سنڌ يونيورسٽي ۾ پڙهندڙ دوستن کي چوندو هئم ته ”مار پوئيه! هي ڏهن والن جي سٿڻ پائي شَهپَر وٽي ۽ وَرَ ۾ پستول رکي، نعرا هڻڻ سنڌنه جيئندي. نه ئي کير پيئندي. تنظيم، مطالعو، ڊسپلن، لکڻ ۽ لکيل لفظ ڦهلائڻ بنيادي شيون آهن. اوهان کي ته سنڌي لکڻ به سولي ڪانه ٿي اچي. رات جو ٺرو پيو انقلاب آڻي ٻئي ڏينهن منجهند جو هڪ وڳي تائين اونڌا ستا پيا آهيو. اِها سنڌ به ٺَري اوهان جهڙن سپوتن کان.“
هيءَ ته خير نام نهاد وطن دوست سڏرائيندڙن جي ڳالهه هئي، پر جي چي گويرا رومانوي ايڊونچر جو شڪار ٿيو ته به سندس همٿ ۽ يقين کي هر دم سلام آهي. پر ههڙا ڳڀرو ڇو ڪُسجن سو به ڪانئرن جي هٿان. ڪانئر ڏاڍا آهن. وٽن وسيلا آهن. بقول گرهوڙي صاحب جي:
راجا راڪاس ٿيندا
مند نه وسندا مينهن
ڪڏهين ڪڏهين شينهن
ڪندا سلام سَهن کي
جڏهن چي گويرا جهڙي انقلابي کي به سامراجي قوتن جي سگهه ۽ طاقت ۽ وري اُن سان گڏ پنهنجي عمل جي تنظيمي صلاحيت ڇيد ڪرڻ ۾ غلطي ٿي ته سمجهڻ کپي ته تنظيمي قوت حاصل ڪرڻ ۽ اُن کي اُنهيءَ درجي تائين پهچائڻ (جو اِها هڪ قابل عمل سعي هجي) لاءِ تحريڪن جو تاريخي تجزيو توڙي ملڪي، علاقائي ۽ بين الاقوامي قوتن جي مرڪزي ڪردار کي سمجهڻ ۽ اُن کي ٻُنجو ڏيڻ يا هاڃي کي غير موثر ڪرڻ لاءِ هڪ انتهائي ذهين، منظم، مقبول عام ۽ موثر طريقه ڪار توڙي تنظيم جي ضرورت آهي جنهن ۾ نعري بازي جي گنجائش نه آهي. اوڻهئين صديءَ جي اسٽيم انجن يا ٽربائين يا ڪارخانه داري يا صنعتي اوسر کان هاڻ زمانو ڪافي اڳيان وڌي چڪو آهي. سرمايو توڙي سرمائيدار هاڻ سرحدن جا ليڪا مٽائي چُڪا آهن. هاڻ ته حڪومتون به طاقتور لابين جي هٿن ۾ هلنديون آهن چاهي گهڻ قومي ڪارپوريشنز هجن، اجاره دار واپاري ادارا هجن يا تيل ۽ معدنيات جا بادشاهه هجن. واپار تي، ملڪي معيشت جي ذريعن تي، پيداواري ذريعن تي، معدنيات تي هاڻي قومي سرمايه دار جو ڪو تسلط نه رهيو آهي. قومي سرمايه دار صرف ٽيڪسن کان بچڻ ۽ منافعي کي وڌائڻ جي ڪوشش ۾ پورو آهي. معاشي پاليسي يا ناڻي جي پاليسي ته هاڻ گهڻ قومي اجاره دار جي هٿن جو کيل آهي.
انهيءَ صورت ۾ انتظامي ڍانچا، تعليم، صحت ۽ ماڻهن کي بنيادي سهوليتون ڏيڻ يا انهن مدن ۾ ڪوشش ڪرڻ به ترقي پذير ملڪن جي محدود وسيلن ۾ ڏکيو ٿي پوندو آهي. گهڻ قومي اجاره دار هر ڪوشش ڪندو آهي ته سندس مارڪيٽ (ننڍڙا غريب ملڪ ۽ اُسرندڙ معيشت) ۾ پيداوار ۽ پيداواري صلاحيت وڌائڻ سان منسلڪ جُزا نه اُسرن. ليپا پوچي ضرور ٿيندي آهي.
هِن ڪتاب جو هڪ حصو اهڙن ئي ڪٿائن سان ڀريل آهي. لکڻ لاءِ ته گهڻو ڪجهه آهي پر اهڙي ڪوشش اسان جو پڙهندڙ الائي ڪيتري قبول ڪندو. عام قاري صبح جو اخبار ۾ ليک پڙهي سڄو ڏينهن انهيءَ بحث ۾ ته گذاري سگهي ٿو ته سُرجاني ٽائون ۾ اٺ قتل ٿيا يا فلاڻي وزير واهه جو بيان ڏنو آهي پر جڏهين کيس اِهو ٻڌايو وڃي ته پاڪستان ۾ تعليم تي خرچ ڀوٽان ۽ مالديپ جهڙن ملڪن کان به قومي پيداوار جي شرح جي مقابل ۾ گهٽ آهي ته هُو منجهي ٿو ۽ چوي ٿو ته ”سائين هي ته حڪومت جو ڪم آهي.“ کيس اِها خبر هوندي ته ڪميونٽي سينٽر ۽ اسڪول جي بهاني سان اوهان جا وڏيرا ۽ڀوتار اوطاقون نه ٺهرائين ها ته بجيٽ جو اِهو حصو ڪنهن بهتر ڪم اچي ها. جي هر ننڍي، وڏي اسپتال ۾ دوائن لاءِ علحده بجيٽ هجي ها ۽ اُتي ئي حساب رکيل هجي ها ته ناظم ۽ ڊي سي او ڪروڙن جي بجيٽ مرڪزيت ۾ خريد ڪري دوائن واري ڪمپني سان ملي ڀڳت ڪري ردي ۽ مهانگي دوا نه وٺن ها. پر بجاءِ جو هو ڀوتار کي نِندي ۽ سندس احتساب ڪري هو خاموش تماشائي ٿي رهڻ وڌيڪ بهتر سمجهي ٿو. هِن بي زبان ڌَڻَ کي سمجهائڻ ۽ منظم ڪرڻ ۽ کين صحيح ۽ غلط جو شعور ڏيڻ هڪ سعي آهي جنهن لاءِ وڏي جاکوڙ کپي۽ عمراني معاهدن کي نئين سر تشڪيل ڏيڻو پوندو.
هيءَ اُپٽار ته گهڻي ٿي. هِن ڪتاب جي باري ۾ ڪجهه لکجي. هي مضمون يا ڪالم حقيقتن تي ٻڌل آهن جي 1990ع کان 2002ع واري دور ۾ لکيا ويا هئا ۽ ڇپيا. محترم قاضي عمر جي خيال ۾ هنن جو پيغام هر دور لاءِ آهي ۽ انهن کي سهيڙي ڪتابي شڪل ڏجي. آئون ڪافي حد تائين قاضي صاحب سان سهڪار آهيان.
اِنهيءَ سلسلي جي پهرين ڪڙي منهنجو ڪتاب ”هرپل صليب تي“ هيو جو ڏيڍ ٻه سال کن اڳ ڇپيو. هر پَلَ صليب تي معاشي، سماجي ناانصافين ۽ حڪمران ٽولن جي اقتدار جي کيڏَ جي پس منظر ۾ لکيل حقيقي واقعن جي ڇنڊڇاڻ تي مشتمل آهي. تاريخي پسمنظر جي ڪٿائن جو بي ربط تسلسل ماضي ۽ حال جي تقابل ۾ ڪيل ڇنڊڇاڻ ۽ سوچ جي ڌارا کي ڪوٺ آهي. ۽ ائين ئي هيءُ ڪتاب آهي جنهن ۾ معاشي ۽ سماجي ناهمواري ۽ ناانصافي جا نه صرف ڏيک آهن پر اُنهن کي ننديو ويو آهي. درست حڪمراني توڙي انساني روين ۽ رَوَشَن کي تاريخي تقابل ۾ چِٽڻ جي سعي ڪئي ويئي آهي ته جيئن اڇو ۽ ڪارو پڌرو ٿئي. نه صرف پڌرو ٿئي پر هڪ لائحه عمل توڙي جو مُبهم اشارن ۽ علامتن ۾ ڏنل آهي پر تجويز ڪيو ويو آهي. 2002ع ۾ لکيل يا 1998ع ۾ لکيل مضمون جو پيغام صرف اُن وقت لاءِ مخصوص نه آهي. هي حقيقتون آهن جن جو ادارڪ ٿيڻ اسان جي قومي ڌاري ۾ ساڃهه ۽ سڃاڻپ لاءِ هر وقت ٺهڪندڙ آهي.

آفتاب ميمڻ
ڪراچي

جنوري 2012
Aftab467@yahoo.com
0092 321 3690929
0092 333 3548699