تپيدار جي معطلي ۽ بحالي
(عوامي آواز 4 جولاءِ 1994ع)
تفصيل ۾ وري ٻڌايو ويو آهي ته تپيدار مذڪوره مختيارڪار جو دادلو آهي ۽ بحاليءَ کان پوءِ وري وڌيڪ مڇرجي پيو آهي.
ويچارا آبادگار! هنن کي خبر ئي ڪانهي ته تپيدار ڪيڏو نه مضبوط هوندو آهي. سندس بحالي صرف ان ڪري ڪانه ٿي هوندي ته هو مختيارڪار جو دادلو آهي. سنڌ ۾ تپيداري لڏو جيڏو بي مهار ۽ ارڏو آهي، اوترو شايد ئي ٻئي ڪنهن هنڌ هجي. ويچارو عام ماڻهو هميشه کان تپيدار – پوليس ۽ وڏيري جي ازلي اتحاد جي عذاب کي پيو ڀوڳي. پوليس تپيدار ۽ وڏيري جي هميشه کان هڪ ٻئي سان ساز باز – چرچ ۾ شامل هئڻ، ظلم ۽ پيڙا جي داستان جو تسلسل قائم رکندو اچڻ ڪا نئين ڳالهه ڪانهي. الاهي لکجي چڪو آهي. هاڻ ته هر ڪنهن کي ڄڻ اڻ ڏٺو صبر اچي چڪو آهي. ظلم ۽ ڏاڍ سان نه صرف سمجهوتو ٿي چڪو آهي پر مظلوم هر سعي پيو ڪري ته ظلم جو هرڪارو ٿجي. شايد ائين ئي انڌو ڪاري ۽ ڏاڍ جو داستان قائم رهندو آهي. ڪوٽ ڏاڍا ٿيندا ويندا آهن. جيسين ڪو ڪوٽ ڪيرائيڻ وارو نه اچي. پر اهو ظلم جو ڪوٽ ڪرڻ ۽ رومانيت به صرف الف ليليٰ ۾ حسن بانو جي ستن سوالن ۾ آهي.
خير، ڳالهه پئي ڪئي سون تپيدار بادشاهه جي... سائين! اول ته سنڌ سڳوري ۾ روينيو رڪارڊ رکڻ، ان جي جانچ ڪرڻ ۽ تصديق ڪرڻ جو رواج سدا گهٽ رهيو آهي. مٿان وري حڪومت سڳوري رڪارڊ کي آسان ڪرڻ لاءِ اڌ کان مٿي لاڳو ٿيل رجسٽر خارج ڪري ڇڏيا. جيڪي بچيا انهن تي تپيدار ۽ وڏيري جو قبضو. وري به وڃي ڳالهه ڪٿان جي ڪڍيم ڪٿان... اصل ڳالهه هئي تپيدار جي هڪ ڏينهن معطلي ۽ ٻئي ڏينهن بحالي ۽ وري بحالي کان پوءِ سندس مڇرجڻ. ميان! هي تعلقي نوشهروفيروز جو تپيدار آهي. مختيارڪار غريب ڪجهه ڪونهي نوشهروفيروز جي تپيدار اڳيان. اها ڳالهه گهٽ ۾ گهٽ نوشهروفيروز ۽ نوابشاهه ضلع واسين کي خبر هوندي ته ورهاڱي کان اڳ ۽ بمبئي کان سنڌ جي ڌار ٿيڻ کان پوءِ سنڌ سرڪار هڪ دفعو ان ڪري وئي هئي ته اعتماد جي ووٽ وقت سابق ضلعي نوابشاهه جي ٽن سيدن فلور ڪراس ڪيو هيو. ايم ايل اي صاحبان، جي هاڻوڪي نوابشاهه ۽ نوشهروفيروز سان واسطو رکندا هئا جي حڪومت سنڌ سان ناراضگي جو سبب صرف اهو هيو ته نوشهروفيروز جي ايم ايل اي صاحب جي چوڻ تي ڪلڪٽر تپيدار بدلي نه ڪيو. واه سائين واهه.... حڪومت تبديل ٿي تپيدار جي بدلي تان.
انهيءَ جو به مان شاهد آهيان ته ولايت مان بارايٽ لا ڪندڙ نامياري سياستدان تپيدار جي بدلي لاءِ وزيراعظم کي شڪايت ڪئي هئي. اها به حقيقت آهي ته ڪن ڪيسن ۾ ڪنهن وڏيري سڄي ڄمار ڪليڪٽر لاءِ بغض رکيو هوندو ته ”سائين بيڪار ماڻهو آهي. اسان جي چوڻ تي تپيدار به بدلي ڪو نه ڪيو هئائين.“
باقي ايوب خان ۽ محمد خان جوڻيجي لاءِ ته اڪثر چوندا آهن ته تپيدار کي ڪڻڪ، موسمي فروٽ موڪليندا هئا. ۽ سندن خاص خيال رکندا هئا. خير.... نبي سائين جن به تحفا تحائف موڪليندا هئا. ۽ بطور رشوت انهن شين جي ڳڻپ ڪانه ٿيندي آهي.
سو ڳالهه هئي ويچاري اڻ ڄاڻ نمائندي عوامي آواز جي. چئي ته اخبار ۾ خبر ٿو موڪليان ته تپيدار مڇرجي پيو آهي. ميان! الله الله ڪر..... تپيدار جي بدلي ۽ نه بدلي، ڪليڪٽر بدلي ڪرائيندي آهي.... حڪومتون تبديل ٿينديون آهيون. آبادگار ڪهڙي باغ جي موري آهي.....!!
(جولاءِ، 1994ع)