ڪاغذي شير پلجن پيا
هيءُ سمورو داستان انهيءَ ڪري ٻڌائڻو پيو آهي، جو ملت پارٽي جي سربراهه، سابق صدر پاڪستان، سابق سي ايس پي ۽ چوٽيءَ جي لغاري سردار فاروق خان تازو ئي هڪ بيان ۾ چيو آهي ته ”پاڪستان حڪومت جو ٻاهريون قرض 32 ارب ڊالر آهي، جتي پاڪستان جي سياستدانن، ڪامورن، جنرلن ۽ صنعتڪارن جا ٻاهرين ملڪن ۾ 50 ارب ڊالر لِڪيل آهن“. سردار صاحب البته جنرلن لاءِ ”رٽائرڊ جنرلن“ جو لفظ استعمال ڪيو آهي. سردار صاحب وڌيڪ چيو آهي ته اهي پئسا هنن چند ماڻهن گذشته ويهن سالن ۾ ٻاهر موڪليا آهن ۽ سندس خواهش آهي ته حڪومت پاڪستان کي عالمي مالي ادارن توڙي امداد ڏيندڙ ملڪن سان قرض جي واپسيءَ لاءِ ڳالهيون ڪندي اهو به دٻاءُ وجهڻ کپي ته عالمي ادارا ۽ امداد ڏيندڙ ملڪ انهيءَ پئسي کي ملڪ ۾ واپس آڻڻ ۾ اسان جي مدد ڪن. سردار صاحب وڌيڪ چيو ته هي 50 ارب ڊالرن جو اندازو انتهائي محتاط اندازو آهي جڏهين ته هڪ آمريڪي سفارتڪار موجب گذريل 50 سالن دوران پاڪستاني صنعتڪارن، سياستدانن، ڪامورن ۽ جنرلن 100 ارب ڊالر ٻاهرين ملڪن ۾ منتقل ڪيا آهن ۽ اهي هڪ سو ارب ڊالر يعنيٰ 54 کرب رپيا هن مسڪين ملڪ جي پيداواري ذريعن ۽ معيشت کي لٽي ئي ٻاهر موڪليا ويا آهن.
محترم سردار صاحب کي ڪيئن چئون ته سائين جي توهان پاڻ گورنر پنجاب شاهد حامد جي چوڻ تي يا خدا ڄاڻي ڪهڙي اثر هيٺ اليڪشن ۾ قرضين جي حصو وٺڻ جي پابنديءَ جو قانون نواز شريف کي فائدو ڏيڻ لاءِ غير موثر نه ٿيڻ ڏيو ها ته نه فخرالدين جي ابراهيم استعيفا ڏئي ها نه ئي شهنشاهه ثاني اعليٰ حضرت محمد نواز شريف پاڪستان جو ”تاجدار“ ٿئي ها، نه ئي وري هو توهان کي ڪڍي ڦٽو ڪري ها.
آهه ويچارو انسان! پنهنجي عقل، خوبصورت ذهن، سوچ ۽ ڪردار تي ڪيڏو اجايو ناز ٿو ڪري. هي هڪ سو ارب ڊالر يا 54 کرب رپيا خبر اٿو ته ڪهڙي بلا آهن. هن ملڪ جي نو کان ڏهه سالن جي خرچ جي. اسان جو ٻاهريون قرض جو سردار صاحب 23 ارب ڊالر ٻڌايو آهي، قومي بئنڪ 38.8 ارب ڊالر ٿي ٻڌائي. سربراهه مملڪت 50 ارب ڊالر ٿو ٻڌائي ته ايشياويڪ جو تازو شمارو 39 ارب ڊالر ٿو ٻڌائي. اهو تمام قرض ادا ڪرڻ کانپوءِ ڇهن سالن جي بجيٽ جي پورائي لاءِ ڪافي آهي. پر نه جي بجيٽ جي انگن مان پوڻا ٽي سو ارب جي قرضن جي واپسي منجهان ڪجي ته ٻارهن سالن کان اهو سرمايو ڪافي آهي ۽ انهن ٻارهن سالن ۾ ڪنهن کي به هڪ ٽڪو ٽيڪس جو ادا ڪرڻو ڪونه پوي. هن ناڻي مان لکن جي تعداد ۾ اسڪول ٺهن. اسپتالون ٺهن، روڊ ٺهن. بيمارن جو علاج ٿئي. غريبن، نادارن بيواهن ۽ يتيمن جي امداد ٿئي.
پر، خير سان اخبارون ته سڀ سنڀريون بيٺيون آهن ته اهي هڪ سو ارب ڊالر گهٽ آهن. ٻه سو ارب ڊالرن تائين قصو پهچائڻو آهي . جن ملڪ کي هن حال تي پهچايو انهن جي فوٽن ۽ بيانن کي صفحه اول جي زينت بڻائڻ، کين هيرو ٺاهڻ، منجهن خوبيون ڳولڻ، سندن ڊرامائي پوز ڏيڻ. هي سڀ هٿڪنڊا آهن پروپيگنڊا جا. اسان جي سادي ۽ صاف ذهن تي اثر ڇڏڻ لاءِ. ائين ته ڪونهي ته صاحب اقتدار لڏي جي به اها ئي مرضي آهي يا انهي لڏي ۾ ففٿ ڪالمسٽ ايڏي ته مضبوطي پڪڙي ويا آهن جو هر شيءِ تي هنن جو اثر آهي. هر فيصلي تي سندن ئي ڇاپ آهي.
(جنوري، 2000ع)