هُن جي نانءَ
چنڊ پنهنجي پوري آب و تاب سان چمڪي رهيو آهي. اُن جي مڌر چانڊوڪي تمام منظر تي چانديءَ جو هلڪو رنگ ڦيري ڇڏيو آهي. چنڊ جي مڌر-جوت روح ۽ آتما کي شانتي ۽ سڪون بخشي رهي آهي. روميو جولئيٽ پڙهيو هوندءِ. ياد اٿئي جڏهين روميو پهريون دفعو جولئيٽ کي پنهنجي محبت جو يقين ڏيارڻ لاءِ چوي ٿو:
Lady, By the yonder blessed moon, I Vow;
that tips with silver the fruit tree tops.
ڪهڙي نه پياري انداز ۾ محبت جو قسم کنيو اٿس ۽ چنڊ جي خوبصورتيءَ کي بيان ڪيو اٿس. هن خوبصورت لمحي ۾ ڪيڏو نه سڪون هيو، خاموشي هئي، سنجيدگي هئي ۽ سياري جي سمنڊ جي ماٺ هئي. خاموشي، جيڪا انسان لاءِ غير فطري آهي سا ڪڏهين ڪڏهين انسان کي هڪ پراسرار ۽ تخيلات سان ڀرپور دنيا ۾ وٺي ويندي آهي. انهيءَ لمحي مون کي جامعيت جو هڪ عجيب احساس ٿيو. انهيءَ وقت مون کي هڪ عجيب خواهش ٿي ته ڪاش آئون به گوئٽي جي فائوسٽ وانگي انهيءَ لمحي کي بيخوديءَ ۾ پڪاري سگهان ها:
“Oh, Stay, thou art so fine”
ٻارهن ٿيڻ وارا آهن پر مون کي ننڊ ڇو نٿي اچي. ننڊ ته پلڪن کان ائين رٺي آهي، جيئن راڻو مومل کان رسي ويو هيو. ٿوريءَ دير اڳ ۾ جو سڪون ۽ شانتي هئي، اها ڪيڏانهن ويئي؟ ڇا سڪون جو اهو احساس وقتي هيو؟ هڪ عجيب اضطراب ۽ بيچيني آهي! اها خلش ته شايد منهنجي قسمت بڻجي چڪي آهي! پر ڇو؟ هڪدم اها تبديلي ڇو آهي؟ ترس، مون کي ياد آيو، اسان جي استاد هڪ دفعو چيو هيو ته:
Life is continuous change, the moment you stop changing you are dead”.
ڪيئن! ڇا خيال اٿئي انهيءَ باري ۾. سچ چيو اٿس نه. ”تو پنهنجي خط ۾ لکيو هيو ته ”آفو! تون خط تمام مختصر ٿو لکين. گهڻن ڏينهن کان ڪو اهڙو خط ڪونه مليو آهي جو تنهنجيون سِڪون لاهي.“ تون مون کي ٿي لکين ته آئون توکي پنهنجي موجودگيءَ جو احساس ڏياريان. آئون ته پاڻ ”پنهنجي“ تلاش ۾ آهيان.انهيءَ ازلي تلاش ۾ سرگردان آهيان جا اسان انسانن جو مقدر بڻجي چڪي آهي. مون کي ٽيگور جي گيتانجليءَ جو هڪ ٽڪرو ياد ٿو اچي.
“I have had my invitation to this World’s festival and thus my life is blessed. My eyes have seen and my ears have heard.”
(مون کي هن دنيا جي جشن ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ملي آهي ۽ انهيءَ ڪري منهنجي زندگي مبارڪ آهي. منهنجي اکين ڏٺو آهي ۽ منهنجي ڪنن ٻڌو آهي.)
پر آئون ته ٽيگور ڪونه آهيان. نه ته مون کي مُڪتي ملي آهي ۽ نه ئي مون کي ڪو ڇوٽڪارو کپي. آئون ته آدجڳاد جو پاپي آهيان. زندگيءَ جي اٿاهه ظلمت ۾ ڌڪا ٿاٻا کائيندڙ، هٿوراڙيون هڻندڙ هڪ انسان آهيان. اسان انسان هميشه هڪ آدرش (Ideal) ٺاهيندا آهيون ۽ سڄي زندگي ان جي حصول لاءِ جدوجهد ڪندا آهيون. اسان جو آدرش چونڪه تخيلاتي هوندو آهي انهيءَ ڪري اسان حاصل ڪري نه سگهندا آهيون. پر، حقيقت ۾ اسان جي ڪاميابي انهيءَ جدوجهد ۾ آهي جا پنهنجي طور تي جامع ۽ مڪمل آهي ۽ انسانيت جو معراج آهي.
ڪڏهين ڪڏهين آئون سوچيندو آهيان ته انسان کي جي صرف انسان رهڻ ڏنو وڃي ته بهتر آهي. انسان کي فرشتن وانگي پاڪ ۽ نيڪ بنائڻ جي ڪوشش ڇو ٿي ڪئي وڃي، جڏهين ته سندس قسمت، هر قول ۽ فعل تي يزدان ۽ اهرمن ٻيئي مسلط آهن. مون کي نه ته يزدان جي نيڪي کپي نه ئي ڪو آئون اهرمن جي بدڪار پنجي ۾ ڦاسڻ چاهيان ٿو. آئون ته صرف انسان بڻجي رهڻ چاهيان ٿو. انسان، جنهن ۾ نيڪي ۽ بدي جا ٻيئي جزا بدرجه اتم موجود آهن. جو يزدان جو پاڪ عبادتگذار هوندي به اهرمن جي رنگين عبادتگاهه تان لوبان ۽ صندل جو مسحور ڪن واس وٺندو آهي.
انسان جي قسمت ۾ به الاجي ڇا آهي؟ ڪڏهين ڪڏهين ته آئون زندگيءَ ۾ تاريڪي، ظلمات ۽ اونداهيءَ جو راڄ ڏسي سخت مايوس ٿيندو آهيان ۽ مون کي ڀڳت ڪبير جو دوهو ياد پوندو آهي:
سانجهه، پڙي دن بيتوي چڪوري ديهان روءِ
چل چڪوا او ديس ڪو، جهان رين نه هوءِ
(سانجهي ٿي، سج لهي ويو. اهو ڏسي چڪوري روئي چڪور کي چيو ته انهيءَ ديس هل جتي رات نه ٿئي.)
پر زندگيءَ ۾ هر روز روشن کان پوءِ ڪاري رات ايندي آهي، جنهن جو مون کي چڱيءَ طرح احساس آهي، نه ته ڪر آئون به چڪوريءَ وانگي انهيءَ ديش کي ڳولهيان ها جتي رات جي تاريڪي کي ليئو پائڻ جي به اجازت نه آهي. يوٽوپيا (Utopia) حقيقي دنيا ۾ ته ملي ڪانه سگهندي باقي پوءِ ڇو نه اسان زندگيءَ کي اُن جي تمام تر زهر هلاهل سان قبول ڪريون.
مٺڙي! خبر نه آهي ته خيالات جو سلسلو ڪٿي وڃي نڪتو آهي. پر هي وري ڪهڙو تسلسل آهي؟ اسان جي زندگين ۾ ته شايد ڪوبه تسلسل نه آهي. تسلسل جو لفظ مون کي عجيب لڳندو آهي. اسان جي زندگيءَ جي خوبصورتيءَ جو بنياد تشنگي ۽ اڌورن خوابن ۾ آهي. پوءِ ڀلا اسان تسلسل جي خواهش ڇوڪريون. تشنگيءَ ۾ ئي زندگي جو لطف آهي. تشنگي، اُڃَ! سمجهيئه.
اڙي! يار، هي ته تمام گهڻي دير ٿي ويئي آهي. ٻه وڳا آهن. رات جي سياهي گھري پيئي ٿيندي وڃي. چڱو خدا حافظ! پر نه، خدا حافظ نه ، فرانسيسي چوندا آهن. “aurevoire” جنهن جو انگريزيءَ ۾ مطلب “till we meet next” يعني ”وري ملڻ تائين“ مطلب! وڇوڙو ڪونهي. وري ملڻ جي تانگهه آهي. آس آهي. اميد ۽ آشا آهي. سو، جاني، وري ملنداسين. تنهنجو آفتاب
(1967ع پيٽارو ڪيڊٽ ڪاليج)