ڪالم / مضمون

نيٺ ته ڊهندي

هي ڪتاب نامياري ليکڪ محترم آفتاب ميمڻ جي ڪالمن، ڪهاڻين يا احساسن جو مجموعو آهي. انعام عباسي لکي ٿو:
آفتاب ميمڻ جي هنن لکڻين ۾ ڪهاڻيءَ جو سٽاءُ پڻ پڌرو آهي ته، شاعريءَ جو پڻ جهلڪو موجود اٿس... پڙهندڙ سنسار جي هر اوکي سوکي مامري بابت هنن لکڻين مان لاڀ پرائي سگهي ٿو ۽ ڏاڍي هنرمندِءَ سان لکيل هنن لکڻين مان بنا ڪنهن بيزاريءَ جي هو لڳاتار هنن لکڻين سان گڏ گڏ هلي ٻهڪندي هي ڪتاب ته پوري ڪري سگهي ٿو پر پوءِ به پڙهت جي اڃ کيس باقي هجي ٿي...
  • 4.5/5.0
  • 1555
  • 503
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • آفتاب ميمڻ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book نيٺ ته ڊهندي

سچ خُدا آهي؟

يارو! مون کي معاف ڪجو، مان الائي ڪٿان کان ڪٿي هليو ويس. پر، ادل! پنڌ ته پري آهي. سفر اڙانگو آهي. هتي رڳو ڏاگها ۽ ڏير ويري ڪونهن- جي زندگيءَ جي ڏورانهين منزل (سا به جي هجي!) ڏانهن اُسرندي، اڙانگن پيچرن، بيابانن ۽ صحرائن مان لنگهندي کن پل لاءِ رُڪجي ويس. ڪنهن ٿڌي چشمي جو پاڻي پيتم! ڪنهن ڇانوَ هيٺان ساهي پٽيم. وارن جي واسينگن ۾ وڪوڙجي ويس. مڌِ ڳيتون ڏيئي پيتم ۽ سوم رس سمجهيم..... ته ڪهڙو ڏوهه ڪيم! منهنجو ضمير گناهه جي ٻوجهه کان ته آجو آهي. شايد، مون پنهنجو پاڻ کي اهڙو اثرائتو نه ڪيو هجي جو مون کي اهو اطمينان ٿيو هجي ته مون هن ڌرتيءَ تي ٿيندڙ ظلم ۽ ڏاڍ جي خلاف جدوجهد ۾ ڪو هٿ ونڊايو آهي. پر مون کي اهو اطمينان ضرور آهي ته مون ظلم ۽ ڏاڍ کي هميشه ننديو آهي.
پنهنجن دوستن ۽ پيارن کان معافي! ها، اهو ٿي سگهي ٿو. پر ڇو! هن ڪري جو، هنن جي خيال ۾ مان دکين جا، دردمندن جا، آزاريلن جا قصا بيان ڪندس ۽ آءٌ وري وڪوڙجي ويس، پنهنجي ڄار ۾، پنهنجي تاڃي پيٽي ۾. مون ته قسم کنيو هو هن ڌرتيءَ تي ٿيندڙ هر ظلم خلاف وڙهڻ جو.... ۽ وري ڳالهيون ڪريان ٿو عشق و حسن جون. پنهنجي ناڪامين ۽ حسرتن جون، محبوب جون. آءٌ جي سدا جو پاراتو ڏنل آفتاب يا (اپالو) يا سج آهيان جنهن جي دعا اَڌ اگهامجي ٿي ته پوءِ ڇا! ڪيترن جون دعائون ته اڌ اگهاميل به ڪو نه آهن. آءٌ برابر ابراهيم ابن آذر ڪو نه آهيان جنهن تي باهه ٿڌي ٿئي پر ڪنهن تي ٿڌي ٿي به آهي اڄ ڏينهن تائين؟ ويچارو هر ماڻهو پنهنجي صليب پنهنجي ڪلهي تي کڻي هر پل، هر گهڙي عذاب ڀوڳي ٿو. پنهنجي چِتا کي هر دم آڳ لڳائي ٿو. نه صندل آهي، نه لوبان، نه ئي وري واپس وارو وٺڻ جو واعدو. نه ئي ٻيهر جنم جي آٿت. ڪيڏانهن وڃي!
سو يارو! مون کي معاف ڪجو. مون جي توهان کي مايوس ڪيو هجي ته مان معافي جو طلبگار آهيان. پر هڪ ڳالهه آهي، منهنجو مخاطب هر اهو عامي آهي جو سوچي ٿو، جو ڪنهن نظريي جو پابند نه آهي. ڪنهن بندش، ڪنهن آدرش، ڪنهن قيد، ڪنهن بند جو آزاري نه آهي. زمان و مڪان جي قيد کان آزاد انسان.
ها، ان کان آئون معافي جو طلبگار ٿي سگهان ٿو، پر سو به ڇو؟ ان ڪري جو مان متان انهن جي ڳالهه نه ڪري سگهيو هجان. پر هنن جي ڳالهه ڇا آهي. ڪنهن ڄاتي آهي! مان به ته عامي آهيان، منهنجي ڳالهه ڇا آهي؟ ٻڌايان! نه وڻي ته ڀل سدا نه وڻي. ڳالهه کي پيرائتو ڪري بيان ڪرڻ پراڻن وقتن جي ڳالهه آهي. اڄ اسان ڳالهه ائين ڪندا آهيون جو ڪنهن زماني ۾ چوندا هئا ته ٽپن مان آکاڻي ٺاهيو.
سو منهنجي ڳالهه ڪهڙي آهي.... ٽپن مان آکاڻي..... ٻڌايان!
مون کي اردو شاعري ۾ سڀ کان سهڻو مصرعو لڳندو آهي.....
ہزاروں خواہشیں ایسی کہ ہر خواہش پے دم نکلے
ڪيڏي نه بي وسي آهي پر ڪيڏي نه وسعت آهي. چاهت آهي. انتها آهي. تڪميل جي ڪوشش آهي.
پڙهيوم ته
جٽي نها ڇپڙون نڪلي جيوين لاٽ سلفي ورگي
جٽي (جاٽ عورت) ڇپڙ يعني ميري پاڻي مان وهنجي ائين نڪتي ڄڻ سُلفيءَ جي لاٽ.
جي ڪنهن سلفي (چرس واري) پيتي هجي يا ان جو پيئڻ ڏٺو هجي ته سلفيءَ جي لاٽ ڪيئن حسينا دلربا جي جسم جا زاويا ٺاهيندي آهي ۽ باهه ۾ تپندڙ سونَ جو رنگ ڪيئن ڪنهن اپسرا جي جسم وانگر هوندو آهي. جي اپسرا آهي بمثال ڪُندن جسم ته ڪو ڪيدو اچيو وڃي ته ڪو راوَڻ اچيو وڃي.
هي خواهشون، تمنائون، اندر جي لُڙڇڙ، آنڌمانڌ! هر خواهش تي دم نڪرڻ پنهنجيءَ جاءِ تي!
پر دنيا رڳي رنگ و بُو ته ڪانهي، حسن و عشق ته ڪانهي. جيون جي ڪهاڻي ته پهلودار (ملٽي ڊائيمينشنل) آهي. هتي جي ڀڳوان به ننڍڙي ٻار کي معصوم سمجهي دادرپل تي ٻار جي شڪل ۾ اچي ٿو ته کيس لولو لنگڙو ڪري پِنايو وڃي ٿو. تڏهن کيس خبر ٿي پوي ته هتي ته معصوم ٻار جي مُسڪراهٽ سان پيار ڪو نه ٿو ڪيو وڃي پر کانئس مُسڪراهٽ کسي ٿي وڃي.
جيون جي ڪهاڻي...... ٽپن مان آکاڻي..... اتي ختم ڪانه ٿي ٿئي. سوٽ عبدالمجيد عابد ڪاليج جي زماني ۾ بهترين مقرر هو. مون سندس ڪجهه تقريرون ٻڌيون. هوريان هوريان ميدان گرم ڪري، دليل ڪچا ڦڪا ڏيئي، آخر ۾ ببانگ دُهل چوندو هو.
”۽ صاحب صدر..... هي سچ آهي..... سچ نور آهي..... نور تجلي آهي...... تجلي خدا آهي!!..... خدا لافاني آهي..... ڪڏهن نه مرڻو آهي ۽ ائين ئي سچ ڪڏهن نه مرندو.....“..... تاڙين جو ڦهڪو! مون الاجي ڇو هميشه محسوس ڪيو ته کيس پهريون انعام سدائين انهيءَ ڊرامائي تاثر جي ڪامياب ڪلائيميڪس قائم ڪرڻ تي ملندو هوندو.
ڪيترا دفعا سوچيم ته سوٽ پنهنجي آواز ۾ لاهه چاڙهه، پنهنجي چهري جا تاثرات انهيءَ ڪري قائم ڪري سگهندو آهي جو..... شايد.... جيڪي به هو چوي ٿو تنهن تي ويساهه ڪونهيس يا سندس سوچ سڌي لِيڪَ وانگيان آهي.
سوچيندو آهيان ته جي سچ نور آهي، تجلي آهي، امر آهي، لافاني آهي.... ته ڪيستائين اهو نور مانڊاڻبو رهندو. سقراط کي سچ ڪارڻ زهر پيئندي ٻه هزار سالن کان مٿي ٿيا. ڪربلا جي ڪونڌرن کي ڪُسجندي تيرهن سؤ سال ٿيا. اڄ به اڃا تائين روز ڪيترا سقراط سچ جي سوريءَ کي سينگارين ٿا. مارٽن لوٿر، لوممبا، حسن ناصر ۽ نذير عباسي ٿين ٿا. ڪن کي تاريخ ڳائي ٿي، پر انيڪ بي نام هجن ٿا. ۽ سچ ڇا آهي! جي ڪولمبيا جي منشيات فروشن جي خلاف چند با ضمير ماڻهو انفرادي ۽ اجتماعي جنگ جوٽين ٿا ته جج ڪارلوس جي موٽرڪار ۽ سندس جسم گولين سان پَرڻَ ٿيو وڃي. باضمير پوليس آفيسر فرينڪلن ڪاري ڌنڌي وارن جي هٿان مارجيو وڃي. ٻيو ته ٺهيو پر صدارتي اميدوار (سو به) ڪارلوس نالي سان عام جلسي ۾ گولين جو شڪار ٿيو وڃي.
هي ته آهي براعظم آمريڪا! پر ٻيو هر هنڌ ڇا پيو وهي واپري!
اهرمن محشر بدامان هي........
هر ماڻهو اهو پيو سوچي، عام ماڻهو! مون جهڙو! جيڪو جاڳي ٿو..... ٻڌي ٿو. ساحر صاحب چيو آهي.....
ثنا خواں تقديس مشرق کہاں ہيں......
هاڻ ياد ٿو اچيم ته هيءَ سٽ ساحر لڌيانويءَ جي مشهور نظم ”چڪلي“ تان پيو کڻت ڪيان. سو ادل! زندگيءَ جون راهون ايڏيون ته پُرپيچ ٿي ويون آهن، سچائي پرکڻ جي ڪسوٽي ايڏي ته مُنجهي ويئي آهي، ۽ آدرشن ۾ ايڏي ته تبديلي اچي ويئي آهي جو ماڻهو خواهشن، وسوسن، وهمن جي اهڙي ته ڪوڙڪيءَ ۾ ڦاسجي ويو آهي جو ڪابه راهه نٿي سُجهيس ته ويچارو ڪاڏي وڃي!


(24جنوري، 1990ع)