ايم ڪيو ايم ۽ پيپلزپارٽيءَ جي اغوا ٿيلن جي ڏي وٺ
(روزنامه جنگ 12 فيبروري)
”پاڪستان اسٽيل مل ۾ هنگامو....150 آفيسر ۽ ملازم يرغمالي بڻايا ويا......“ (جنگ 12 فيبروري)
ڪراچي، سنڌ جي معيشت جي ڪرنگهي جي هڏي......
ڪراچي..... روشنين جو شهر..... جتي راتيون جاڳنديون هيون. جتي پراڻي ڪلفٽن تي ڌڙڪندڙ دلين ۽ جرڪندڙ اکڙين جو ميلاپ ٿيندو هو.... اُتي اڄ اداسي ۽ ويراني ڇانيل آهي. سج لٿي ئي ائين لڳندو آهي ڄڻ شهرِ خموشان ۾ داخل ٿيو هجي. کير جيان روشني ڏيندڙ مرڪيوري بلبن تي به ڄڻ موت جي زردي ڇانئجي ويئي هجي.
جتي جڏهين سج شفق جي لاليءَ سان لائون لهندو هو ته عاشقن جو اندر اُڌما کائيندو هيو ۽ ڪلفٽن، هاڪس بي، سينڊزپٽ، هل پارڪ روشنين جي شهر ۾ دل وارن جا رازدان بڻجي ويندا هئا. جتي جا فائيو اسٽار هوٽل ۽ بار اميرن جي دلچسپي جو سامان مهيا ڪندا هيا ته وچولي طبقي جو ماڻهو به ڪڏهين ڪڏهين اتي وڃي هاءِ ساءِ ڪري سڄو سال انهن يادن جي سهاري گذاريندو هو. جتي دانشور، ليکڪ، مصور ۽ شاعر پريس ڪلب جي دالانن ۽ لان ۾ ويهي تجريدي آرٽ، آزاد شاعري ۽ لاطيني آمريڪا جي انقلابي تحريڪن تي بحث ڪندي پِرهه ڦُٽائيندا هئا يا جبيس هوٽل جي ڪافي شاپ ۾ اڌ رات تائين ويهي شعرو سخن موضوع ڪندا هئا.
انهيءَ شهر ڪراچي ۾ پهاڙن ۽ جبلن جا واسي، مينگورا، سوات، پنڊي، علائقه غير مان اچي مزدوري محنت ڪندا هئا، ته ٿر جي ٿريءَ ۽ ڪاڇي جي محنت ڪش کي به ڪراچي سون پيدا ڪندڙ زمين لڳندي هئي. لاهور شهر لاءِ مشهور آهي ته داتا جي نگري ۾ ڪڏهين به ڪو به شخص بکيو نٿو سمهي. ۽ ائين آهي به، تيئن ڪراچي شهر ورهاڱي کان پوءِ سمورن پاڪستان واسين لاءِ ستر جي ڏهاڪي واري دبئي رهيو آهي. جنهن به ماڻهوءَ کي جي ڪٿي روزگار نه مليو آهي ته ڪراچي ان لاءِ پنهنجون ٻانهون کوليون آهن.
پر...... اڄ! اڄ ڪراچي پنهنجي اصل نالي جيان ڪلاچيءَ جو ڪُن ٿي چڪو آهي، جتي ڪٿي مورڙا ميربحر وڃي رنڊيا آهن.... ۽ وَنِيون... ”گهاتو گهر نه آيا“..... پيون ورجائين.
اڄ کان ويهه سال کن اڳ بيروت ۾ به ائين ئي هڪ ئي شهر ۾ رهڻ وارا انتهاپسند تنظيمن جو ٻليدان چڙهي يرغمالي ٿي هڪ ٻئي ڏانهن اوٽ موٽ ٿيا هئا! تاريخ جي ظالم روايت اها صورت وري ڪراچي ۾ آندي آهي، جتي آزاد ملڪ جا شهري ائين پيا اوٽ موٽ ٿين ڄڻ ٻن دشمن ملڪن ۾ ڪا ويڙهه ٿي هجي ۽ اقوام متحده جا مبصر جنگي قيدين جي ڏي وٺ ڪري رهيا هجن. هي ڇا پيو ٿئي!.... ڪنهن جي نظر لڳي هن امن آشتي جي گھواري کي! ڪٿي ڪراچي ٻيو بيروت ته ڪونه بڻبو؟ يا هن ديس کي، ملڪ کي، خطي کي، ڪنهن وڏي آپريشن جي ضرورت آهي! ڪو ناسور آهي يا ڪيئي ناسور آهن، جن کي چيري ڦاڙي ٻاهر ڦٽو ڪرڻو آهي.!
پيپلزپارٽي ملڪ جي سڀ کان وڏي سياسي جماعت آهي. مرڪزي حڪومت تي عام اندروني نقصان جي باوجود به اُن جي ڪافي گرفت آهي، پر سنڌ جي عوام ته هڪ طرح جو يڪطرفو فيصلو ڏيئي پنهنجي تقدير جون واڳون پيپلزپارٽيءَ جي حوالي ڪري ڇڏيون آهن. سنڌ جو ماڻهو پنهنجي تقدير جي تبديليءَ لاءِ عوام جي منتخب حڪومت ۾ اکيون وجهيو ويٺو آهي. دراصل مشيرن ۽ وزيرن جي فوج پنهنجي پنهنجي مَتِ تي هلي ڪافي مونجهارو پيدا ڪيو آهي.
پر انهن تمام ڳالهين کي مُنهن ڏيڻ حڪومتي پارٽيءَ جي نوجوان ۽ باصلاحيت قيادت لاءِ مشڪل نه هئڻ کپي. سنڌ جي ماڻهو جي هن وقت ضرورت صرف امن ۽ امان جي قائمي آهي. ڇا متحده ۽ پ پ پ سنڌ جي مقبول سياسي جماعتن طور هڪ هم آهنگي قائم نه ٿيون ڪري سگهن. متحده سان کڻي اختلاف هجي پر هيءَ جماعت ۽ سندس ووٽ جو حلقو هڪ حقيقت آهي ۽ سنڌ جي سياسي تاريخي ڌارا جي ضرورت آهي.
6 مارچ 1990