صاب سلام... آخري سلام ...
احمد صادق سول سروسز جي بهترين آفيسرن ۾ هيو. محنتي، ايماندار، فرض شناس ۽ قانون جو پاسدار. سنڌ ۾ به ڊپٽي ڪمشنر رهيو. هوم سيڪريٽري رهيو. نوڪريءَ مان ڪڍي ڇڏيائون. ڪجهه ڪونه هيس، سو شريف ماڻهوءَ وڃي مير نبي بخش زهري وارن وٽ ملازمت ڪئي. ڪنهن جي ملازمت ڪرڻ ڪا عيب واري ڳالهه ڪانهي، پر هڪ ماڻهوءَ جي صلاحيت، قابليت ۽ ذهني بلندي اُتاهين درجي جي هجي ۽ وتي ڪنهن جي مئنيجري ڪندو. ذهانت جو ههڙو زيان ڏکوئيندڙ آهي. خير، احمد صادق نوڪريءَ تي بحال ٿيو. هاڻ احمد صادق مختلف ماڻهو هيو. هاڻ هو بي ڊپو ۽ قانون ۽ قاعدي جي پاسداري ڪرڻ وارو احمد صادق نه رهيو. مصلحتن ۽ مصالحتن ۾ وڪوڙيل احمد صادق ائين ئي پرنسپل سيڪريٽري براءِ وزيراعظم ٿيو. هونئن ته مشورا ڏيڻ وارا اڳيئي موجود هيا پر اقتدار ۽ اختيار جو اهڃاڻ وزيراعظم جو پرنسپل سيڪريٽري به شامل هجي ته ڇا ڳالهه آهي؟
ٻئي پاسي عبدالڪريم لوڌيءَ، جهڙا ڪامورا هيا. نوڪريءَ مان ڪڍيا ويا. واپس بحال به ٿي ويا. مجال آهي جو ڪو فرق پيو هجي. اهوئي سينو تاڻيل، ڪنڌ مٿي، اکين ۾ ٻرندڙ باهه جا اُلا. وڏا وڏا عهدا ماڻيائين. هر وقت نوڪريءَ تان آسرو لاهيو ويٺو هوندو هيو. پر پوءِ به چيف سيڪريٽري سنڌ، چيف سيڪريٽري پنجاب ۽ سيڪريٽري اسٽيبلشمينٽ جهڙن طاقتور عهدن تي رهيو. الائي ڪيترن بهترين ذهنن ۽ بااثر شخصن نوڪري جي اهم ترين موڙ تي به اصولن جي سوديبازي نه ڪندي استعيفا ڏيئي ڇڏي هوندي ۽ ٻي ڪا ڪِرت اختيار ڪئي هوندن.
ائين اصل ڪونهي ته فقط هي ماهر، هي سي ايس پي ئي بهترين دماغ آهن ۽ رڳو سرڪاري نوڪري ئي عزت، حيثيت ۽ شهرت جو ڪارڻ آهي. بلڪه ان جي ابتڙ جي معاشري ۾ عزت جي ڳالهه ڪريون ٿا ته عبدالستار ايڌي جو ڪيڏو نه مان آهي! مرحوم اختر حميد خان سي. ايس. پي نوڪري ڇڏي پاڻ کي عوام جي خدمت لاءِ وقف ڪيو تنهن کي ڪيڏي نه بين الاقوامي مڃتا ملي. مولانا محمد علي جوهر، سُڀاش چندر بوس ۽ عظيم موسيقار خواجه خورشيد انڊين سول سروسز جو امتحان پاس ڪندي به سرڪار جي نوڪري ڪانه ڪئي. هاڻوڪو اسپيڪر قومي اسيمبلي الاهي بخش سومرو توڙي اڳوڻو اسپيڪر قومي اسيمبلي فخر امام سرڪاري ملازمت جو طوق ڳچيءَ مان ڪڍي ئي شهرت ۽ ڪاميابي ماڻي سگهيا.
پر افسوس اهو آهي ته جتي اول الذڪر ماڻهن جي ٽولي جو نالو عزت سان نٿو ورتو وڃي ۽ عبدالڪريم لوڌي، عبدالله ميمڻ، معين افضل توڙي سڀاش چندر بوس، مولانا محمد علي جوهر يا خورشيد انور خواجه هميشه ياد رهندڙ نالا آهن تڏهن به ماڻهن جي گروهه ۾ هڪ ٽولو هر وقت هوندو آهي جو ڪنهن به موقعي ۽ مهل کي هٿان وڃائڻ ڪونه ڏيندو آهي. اڄ به سڌڙيا آهن جي خوشامد ۽ جي حضوريءَ ۾ يڪتا آهن. قاعدن قانونن کي لتاڙي پروموشن وٺندڙن جي قطار آهي. ڪو ويهين گريڊ ۾ آهي ته 22 گريڊ جي چارج وٺيو ويٺو آهي ته ڪو پنج لک پگهار کڻيو ويٺو آهي ۽ سندس غير سرڪاري مراعات جو ته ڪاٿو ئي ڪونهي.
جتي گوري ”صاب“ هڪ نظام ڏنو جنهن ۾ فقط ۽ فقط ميرٽ اصول هيو، اُتي هاڻ موقع پرست، لالچي ۽ بي اصول ماڻهن جو لشڪر اچي ڪاهي پيو آهي. نظام حڪومت ته انتظامي ادارا سنڀاليندو آهي. جي ادارن جا ذميدار فرد ذاتي ملازم ٿي ڦرلٽ ۾ شامل ٿي وڃن ته پوءِ اها سندن اعليٰ روايتن ۽ مثالن واري اداري جي پڄاڻي هوندي آهي.
هينئر صاحب جنهن ڪارونجهر کان ڪشمير تائين ۽ سندر بن کان طورخم تائين نظام عدل ۽ انصاف سنڀاليو، سو صاحب سڪرات ۾ آهي. عمارت ته ڊهي ويئي آهي، هاڻ کنڊر وڃي بچيو آهي. اچو ته صاحب کي آخر سلام ڪريون. هاڻ صاحب ويچارو رڳو وزيرن اميرن جو بار ٽينڊر آهي، خدمتگار آهي، ڊرائيور آهي. ماڻهن لاءِ هن وٽ وقت ڪونهي. ملڪ جي بهتري کان وڌيڪ پياري آقائن جي خوشحالي ۽ خوشنودي آهي.
(آڪٽوبر، 1999ع)