ڪامورڪيون قلابازيون
ڪيترا ته گمنام سپاهي آهن. ويجهڙائيءَ واري تاريخ ۾ جنگ جوٽڻ وارن مان عبدالڪريم لوڌي ۽ ڪنور ادريس جهڙا مانوارا نالا آهن ته خاموشيءَ سان رستو مٽائڻ وارن مان عبدالله ج. ميمڻ، معين افضل ۽ فاروق هارون قابل قدر ۽ قابل ذڪر آهن. عبدالله ميمڻ ته پنهنجي درويش طبيعت جي ڪري وري انهيءَ گهٽيءَ جو رستو ڏيئي به ڪونه مٽيو، جيسين سندس بيچ ميٽ ۽ دوست فاروق لغاريءَ کيس معراج خالد واري عبوري حڪومت ۾ کنيو ته معين افضل کي سرڪار وري وفاقي ناڻي واري وزارت جو خصوصي سيڪريٽري ڪري کنيو آهي. ائين ئي فاروق هارون جنهن کي تنگ ڪري، ڊوڙائي ڊوڙائي ٿڪائي نيٺ نوڪري ڇڏرائي ويئي، سو وري نوڪري تي واپس وريو آهي ۽ گورنر پنجاب جو پرنسپل سيڪريٽري ٿيو.
پر ڪمال ته آهي اُنهن بازيگرن جو. هڪڙا ڪاريگر بازيگر ته آهن يا هئا، انهن ڪاريگرن جو ذڪر ئي ڪونهي. اسان ته ٻين ڪاريگرن جو ذڪر ڪريون ٿا جي اڇا اُجرا ٿيو ويٺا آهن. ڪامورن جو مکيه ڪامورو، سيڪريٽري اسٽيبلشمينٽ راڻا مقبول تي مهربان ٿيو. حڪم ڪيائين ته کيس سنڌ صوبي جو ”اصل تي وڊو“ حڪمران يعني آءِ جي سنڌ ڪيو. افضل ڪهوٽ کي خبر هئي ته راڻا مقبول کان اسي کان مٿي سينئر ويٺا هئا. وري حڪم ٿيو ته راڻا صاحب ڇوته ”اصل تي وڊو“ راجپوت آهي ۽ اهڙي راجڪمار کي ويهون گريڊ سونهي ڪونه ٿو، تنهن ڪري کيس فوري طور ايڪويهون گريڊ ڏنو وڃي. سيڪريٽري اسٽيبلشمينٽ افضل ڪهوٽ کي ايڏي ته تڪڙ ٿي جو نه لکت ۾ آرڊر ورتائين نه ئي وري اصولي طور بورڊ جي ميٽنگ سڏرايائين. نه ئي ڏٺائين ته راڻا مقبول اسٽاف ڪاليج جو ڪورس به ڪيو آهي يا نه؟ فائل کي هڪ هڪ ميمبر ڏي موڪلي صحيح ڪرائي آرڊر جاري ڪري ڇڏيائين. پوءِ وزيراعظم ڏي سمري موڪليائين ته سائينجن جي حڪم جي تعميل ٿي ويئي آهي، هاڻ ته پنهنجي حڪم جي توثيق ڪريو.
ائين ئي فاروق امين قريشيءَ کي ويهون گريڊ ڏنائين توڙي جو فاروق امين کان هڪ سو ويهه آفيسر سينئر هئا، پر اُهي پيا مکيون مارين. ڪامورن جي سردار کي راجڪمار کي خوش ڪرڻو هيو. هڪ ٻئي ”راجپوت“ راڻا نسيم احمد کي پنجاهه کن سينئر آفيسرن کي نظر انداز ڪري ويهون گريڊ ڏنائين. سندس غير معمولي ڪارنامو ڪهڙو هيو؟ راڻا نسيم جڏهين گورنمينٽ آف پنجاب ۾ ايڊيشنل سيڪريٽري هيو ته سال 1998-1999ع جي ڪپهه جي فصل تي پنجاب جي مرد اول کي خوش ڪرڻ لاءِ ڪروڙن جون دوائون ۽ اسپري سندس پسنديده ماڻهن ۽ ايجنسين کان وٺي هاريائين جنهن ڪپهه جي فصل تي ايڏو ته سٺو اثر ڪيو جو جتي اسان جو پيداواري ڪاٿو ڏهه لک کان مٿي ڳٺڙيون هيون اتي ڪل ساڍا اٺ لک ڳٺڙيون ڪپهه جون ٿيون. واهه جو ڪارنامو انجام ڏنو راڻي راجپوت! آخر ته هيو نه ”برهمڻ ڊي ايم جي سروس“ جو آفيسر.
سڀ کان مزيدار ڳالهه هي ٿي ته جتي پوليس جا سڀ آفيسر جي راڻا مقبول ۽ فاروق امين کان سينئر هئا، تن نه رڳو اسٽيبلشمينٽ ڊويزن ۾ هنن قاعدي خلاف ٿيل ترقين تي احتجاج ڪيو ۽ درخواستون دائر ڪيون اتي پنجاب جي ڊي ايم جي آفيسرن ۾ صرف هڪ عورت آفيسر ئي پنهنجو احتجاج رجسٽرڊ ڪرايو ۽ درخواست دائر ڪئي. بااصول ۽ صاحب ڪردار افضل ڪهوٽ صاحب ڪنهن به درخواست کي پذيرائيءَ جي قابل ته ڪونه سمجهيو، پر جڏهين ميجر ظهير جهڙي بااصول آفيسر لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ رٽ داخل ڪئي ته اسٽيبلشمينٽ ڊويزن جواب دعويٰ داخل ڪيو ته راڻا مقبول وارن جي ترقي عين قاعدن موجب ٿي آهي، سبحان الله.
خبرن مطابق وري انهيءَ ساڳئي مکيه ڪاموري هڪ ٻئي ڪاموري کي جو ارباب اختيار جو منظور نظر هيو هڪ لک 80 هزار رپيا پگهار، سٺ هزار گهر جو ڪرايو، لامحدود فون جو استعمال، لا محدود گاڏين جو پيٽرول ۽ استعمال ۽ مٿان وري ٻيو 50 هزار علحده پگهار ڪري ڏنو. ملڪ جي تاريخ ۾ پهريون مثال هيو جو هڪ ويهين گريڊ جو آفيسر 22 گريڊ جي ڇهن ستن وفاقي سيڪريٽرين جيتري پگهار پيو ماڻي. کيس هڪ اهڙو عهدو ڏنو ويو، جنهن جي فني نوعيت جي الف ب جي به کيس ڄاڻ ڪانه هئي. هاڻ هوا جو رخ مٽيو آهي ته مکيه ڪاموري سيڪريٽري اسٽيبلشمينٽ صاحب راڻا مقبول، فاروق امين قريشي ۽ رانا نسيم احمد کي نوٽيس ڏنو آهي ته ڇاڪاڻ ته سندن ترقيون قاعدن قانونن مطابق نه هيون ۽ ڇاڪاڻ ته سندن ترقيون سياسي سفارش جي بنياد تي آهي. تنهن ڪري ڇونه کين سندن اصل گريڊ ۾ موٽايو وڃي. انهيءَ کي چوندا آهن ”ڪامورڪي قلابازي“. وري به پاڻ کي اڇو اجرو رکي ويو. ڪرڻ وارو به پاڻ. هاڻ به ڪنهن احتسابي قدم کڻڻ جي بدران فقط اصل گريڊ ۾ واپسي، ٻنهي پاسي اڇو جو ٿيڻو آهي.
ڀلا ڏي نه مکيه ڪامورو صاحب نوٽيس انهيءَ صاحب کي جنهن کي ٽي لک رپيا پگهار ٿي مقرر ڪري ڏنائين پوءِ خبر پويس ڪيئن ڏيندو؟ اڄ به هو ڪنهن جي کنڀڙاٽين جي ڇانوَ ۾ آهي. جن جي ڇانوَ ۾ آهي تِن سان ڇيڙ ڪندي مَک ۽ ماڪوڙيءَ جا پَرَ ٿا سڙن. ڇا ڪريون؟ جت هَنس پکي راڄ ڪندا هئا اُتي ڪانگن آکيرو ڪيو آهي.
(فيبروري، 2000)