مَڌِ سُرڪَ
ڪافي سال اڳ جڏهن سنئيل ۽ امداد جي چوڻ تي ”عوامي آواز“ ۾ مستقل ڪالم لکڻ لڳس تڏهن، جڏهن هڪ سينيئر دوست سان ڳالهه ڪيم ته هُن چيو، ”چڱي ڳالهه آهي، پر ڪالم هڪ رات جي ڪنوار جيان آهي ٻي ڏينهن Stale (پراڻي).“ مون اُن وقت به کيس چيو هيو ۽ هاڻ به ويساهه رکان ٿو ته ائين نه آهي. ڪالم نويسي برابر مستند معنيٰ ۾ زمان حال استمراري جو آئينو آهي. پر جي حال کي ماضيءَ جي تسلسل ۾ پرکي. پسگردائي جي اهڃاڻن سان سينگارجي ٿو ته مستقبل جو پڙاڏو آهي. ٿلهي ليکي، تاريخي توڙي مادياتي جدليات (Dialectical and Historical materialism) جو سبق ته اهوئي آهي. نه ماضي ميسارجي ٿي نه ئي حال ڪو صرف اڄوڪو گذرندڙ ڏينهن آهي. ارتقا جي اصولن پٽاندڙ هڪ جيوگهرڙي (Unicellar Organism) جو گهڻ جيوگهرڙن ۾ ٿيڻ تڪميل جو هڪ مرحلو ته آهي پر انهيءَ هڪ جيوگهرڙي جي اهميت کي گهٽائي ڪونه ٿو. خير هتي هي ذڪر ڪرڻ مطلب نه هيو. مطلب هيو ته انهن دوستن جي مهرباني جن قربائتي موٽ ڏني.
ڀائو شبير شر کي ڇا چوان. شبير هينئر ته وڪيل آهي. هاءِ ڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ ۾ وڪالت ڪندو آهي. شاگرديءَ واري زماني ۾ شبير ۽ سندس ڀاءُ (شايد مرحوم غلام حسين شر) کاٻي ڌر جي سنڌ نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن جا سرگرم ڪارڪن هيا. وري هاري تحريڪ ۾ ڪم ڪيائون. شبير ته شايد عوامي آواز ۽ پوءِ وري هلال پاڪستان ۾ ڪم ڪندو هيو يا رپورٽر رهيو. نذير عباسي شهيد واري ڪيس ۾ ڪافي وقت جيل ۾ به رهيو، نذير اسان جو پيارو ساٿي به هيو ته مون کي سدائين ”استاد“ چئي تعارف ڪرائيندو هيو. آئون پاڻ مارڪسزم جي الف ب پڙهڻ جي ڪوشش ڪندو هيم پر نذير جو خيال هيو ته کيس مون کي مارڪسزم پڙهائي. شبير سان ملاقات ته ياد ڪونه ٿي اچي پر قافلو ته ساڳيو آهي. هن ڌرتيءَ تي دکين ۽ درماندن جا گيت جهونگارڻ ئي اسان جو سپنو آهي. سو، شبير ڀاءُ! اسان جي ڪِرت ڪهڙي به هجي، غلاميءَ جو طوق ڀل ته ڳچيءَ ۾ وڌل هجي پر دليون هر وقت ورجائين ٿيون.....
جنهن وقت لُڪَن ۾ لوساٽيل
انسان ڳلين مان نڪرڻ ٿا،
جنهن وقت دُکن ۾ دونهاٽيل
مزدور ملين مان نڪرڻ ٿا
مان پنهنجي تَندُ تپايان ٿو
۽ درد دلين مان نڪرن ٿا.
(شيخ اياز)
اسان ته خواب ڏٺاسين ته:
ڪو سورج ٻاري اينداسين!
۽ ڏينهن اڀاري اينداسين!
ڪا باهه لڳائي ٻيلن کي،
هن ڌرتيءَ جي ڌاڙيلن کي
اڄ ماري ڏاري اينداسين!
ڪو سورج ٻاري اينداسين!
ڪو سورج ٻاري اينداسين.....
(شيخ اياز)
ڀاءُ! هڪ ته لفظن جي گهڙڻ جو ڏانءُ مون کي ڪونهي. ٻيو ته اندر جا ا ڌما ڪوراڙ جيان ڪرَ کنيو ائين ڏنگين ٿا جو وجود ئي بي معنيٰ ٿي لڳندو اٿم. نراس ۽ نا اميدي.... وري ڪاوڙ ۽ جوش..... تخليقڪار شايد ڪونه آهيان پر انهيءَ پيڙاهه جي ڄاڻ اٿم جنهن مان تخليق ڪار لنگهي ٿو. رڳو گهڙڻو ڪانهي. گهڙڻ مهل گهڙيندڙ ڄڻ ٽڪڙا ٽڪڙا ٿي تخليق ۾ سموئڻ جي ڪندو آهي. جي برهما سچ آهي ته جيو به برهما جو صرف پرتو ڪانهي. پاڻ برهما آهي. ڪٿان آڻيان ايڏي همت جو پاڻ کي ونڊيان ۽ جي ونڊيان ته پاڻ به ته هجان!!! آئون ته هست ۽ نيست جي ٻه واٽي تي بيٺو بي معنيٰ ۽ بي مقصد ڪنڪر چُنڊيان. من ڪو سهڻو ڪنڪر هٿ لڳي وڃي. معاف ڪجانءِ. يار، ان قابل ئي شايد نه آهيان. معنائن ۽ مقصدن جي چوڦيري ۾ گهمندي اچي ٽپهري ٿي آهي. شام ۽ سانت به ڪو گهڻو ڏور ڪونهي. هي اڌيون گابريون ڳالهيون ۽ ٽٽل ڀڳل ڏياٽا ٻاري ڪا جوت آڻڻ جي ڪيون ٿا. شال ڪي اچن. جهونجهار جٿا ٿي نڪرن. شام به جي شفق جي لاليءَ جيان من موهيندڙ هجي ته ماڳ پياسين. ائين سوچيندي ئي ڪي انڌيون اونڌيون هٿڙاٽيون پيا هڻون.
23 ڊسمبر 2005ع تي رات جو يارهين ٻارهين وڳي جيئن رُڪ سنڌي نيوز ايڊيٽر ”سوڀ“ جي روزاني سانڍ سهيڙپ مان واندو ٿي قاسم آباد ۾ ”سوڀ“ جي آفيس مان نڪري ڪجهه اڳڀرو ئي ٿيو ته هڪ بنا نمبر پليٽ جي مهراڻ سوزوڪي اچي سندس رستو روڪي اڳيان بيٺي. گاڏيءَ ۾ چار ڊگها متارا پنجابي مهانڊي ماڻهو هيا. ٽي ڄڻا هيٺ لهي آيا ۽ کائنس پڇايون ته ”تون سرويچ حيدر اوڍو آهين. ويهه اسان سان.“ ذري گهٽ رُڪ کي زبردستي گاڏي ۾ ٿي ويهاريون. رُڪ کين ورجائي ورجائي يقين ڏياريو ته هو سرويچ ڪونهي. ”ته پوءِ اسان جي ڪم جو نه آهي. ڌڻين کي ٻڌايو.“ ٻئي پرڀرو ٿي شايد موبائيل تي ڪنهن سان ڳالهايو ۽ ٻين کي گاڏي ۾ ويهي هلڻ لاءِ چيائين. ائين رُڪ جي جان ڇُٽي. امداد وارن شايد پوليسن ۾ رپورٽ به ڪرائي آهي ۽ ڪن سينيئر پوليس آفيسرن کي ڄاڻ به ڪئي آهي. ٽي طرح جا انومان آهن. هڪ ته ڪنهن رياستي اداري جا همراهه ٿي سگهن ٿا جن صرف ڊيڄارڻ لاءِ اهو ڪيو هجي. منهنجي خيال ۾ اهو انديشو درست نه آهي. رياستي ادارن کي جي ڪا ڪارروائي ڪرڻي هوندي آهي ته ڪري ڇڏيندا آهن. هينئر تازو ئي ڄام ساقي ڪيترا ڏينهن بي دريافتو جيل ۾ پيو رهيو. انساني حقن جي ڪميشن، دانشور سڀ هڪ پاسي ته ٺڳيءَ جو ٺاهيل ناٽڪ ٻي پاسي. ٻيو انومان اهو ته ڪي لوفر هوندا. اها ڳالهه به ڀائنين ڪانه ٿي پوي. امداد فقيراڻي لڏي مان آهي. وٽس اهڙو ڪجهه ڪونهي جو سندس پٽ کي ڪير کڻي. پئسن جي اميد رکي. هُجنس ته نڪرن. اها ڳالهه به ٺهي ڪانه. ٽيون ته ڪنهن مفاد رکندڙ ڌر يا ذاتي رنجش جي شڪار دهمان ڏنو هجي. ڇڙو دهمان يا متان وري ٽريلر. هاڻ امداد سوچي ته ڇا ٿي سگهي ٿو. ڪهڙو امڪان وڌيڪ چٽو آهي. پر ساڳئي وقت تي سڀن دوستن جو فرض آهي ته اهڙي واقعي کي ننديون ۽ جانچا ڪريون ته هي ڪوجهو ڪم ڪنهن جو آهي.
پر هي ٽوٽا ته هروڀرو جُڙيا. مون کي ته ڳالهه ڪرڻي هئي سنا جي ڪوٺاڻي جي حوالي سان. عزيز ناريجو، مهر حسين شاهه، مير ٿيٻو، عزيز مهراڻوي، ڄام ساقي سڀ ايس اين ايف جا پراڻي ساٿي. اڄ به سنڌ ۽ سنڌ جي حقن لاءِ جدوجهد ڪرڻ جي سگهه منجهن گهٽي ڪانهي. هو اڄ به اياز کي هيئن جهونگارين ٿا....
هي ڪنڌ ڪلهن تي آ جيسين
هُو پير ڌريندا ڪئن تيسين
هي ته سائين سنگتين جي تات هئي. ”سنا“ جو ته اڃان ذڪر ئي ڪونه ڪيم. پر ڪنڌ ڪڪوريل انسانن کانسواءِ ڪوٺ ۽ محفل جو ذڪر به ته اڌ گابرو آهي. ڪارونجهر کان ڏاڍو، ڏسڻ ۾ ڏٻرو، هڏائون پڃرو پر رُڪ کان مضبوط بااصول ۽ آدرشي انسان، مهاڪوي جي شانتي نڪيتن مان پڙهيل. پاتال ۾ پاڙون کوڙيو بيٺل مهان انسان. استاد، رهبر ۽ رهنما.... سوڀو گيانچنداڻي به ته اُت هيو. سوڀي صاحب لاءِ مون کي ڪي سريلا لفظ ڪونه ٿا ملن. نه ئي هو ڪنهن تعريف جو محتاج آهي. سندس ذات جي وصف ڪرڻ لاءِ اياز جون هي سٽون ٿيون ياد اچن.....
۽ مٽيءَ جي پيالي ڇا هي!
پر جي اُن ۾ مَڌِ ڀريل آ
وِلهه ۾ ساري رات ٺريل آ
پوئين پَهر اُنهيءَ جي سُرڪي
پيتي آ جنهن مُرڪي مُرڪي
اُن جي عمر سجائي آهي
سوڀو صاحب وِلهَه ۾ ساري رات ٺريل مَڌِ مثل آهي. سندس موجودگيءَ ئي Inspiring آهي ڄڻ ته موهن جي دڙي جي مٽيءَ مان ڳوهي کيس ٺاهيو ويو هجي. هر موضوع تي کيس ڄڻ عبور حاصل هجي. اسان ته سندس اڳيان ڳالهائيندي به هٻڪندا آهيون. پنهنجي کوکلي پڻي جي وائکي ٿيڻ کان ڪو ڊپ ڪونهي. پر حد ادب به ته ڪجهه هوندي آهي. سندس ڇانوَ صدين پراڻي بَڙ جي وڻ جي پکڙيل ٽارين جيان مُنڌَلَ مَن جي آنڌ مانڌ کي شانت ڪيو ڇڏي.
(ڊسمبر 2005)