هُڙڪَ هلو
”هُڙڪ هلو“ جو پس منظر ۽ استعمال به ڪجهه اهڙوئي آهي. ”هُڙڪَ هلو“ سنڌ جي مهان ڪلاڪار محترم شيخ اياز جي چيل هڪ لوڪ گيت ”ڪرهو“ جي ’وراڻي‘ سٽ آهي: ”هُڙڪَ هلو هو، ڌيمان هلو هو....“ ڪرهو، اوٺين جي سفر جو گيت آهي. اوسيئڙي ۽ وڇوڙي جو گيت آهي. ڪرهو، اُٺ جي نالن ۾ هڪ نالو آهي. سنڌ واسين وٽ اُٺ لاءِ انيڪ نالا آهن جي سندن (اُٺ جي) عمر، بُڻَ بنياد، ڍنگ رنگ، چال ۽ ٻين مختلف بنيادن تي رکيل آهن. اياز جو ”ڪرهو“ مزاحمتي تحريڪ لاءِ مشعلِ راهه آهي.
پنڌ پري هو
ڪير ڪري هو
واٽ اواٽي هو
ڏيلُ ڏري هو
پرَ.........
پوءِ به پِريان جو پنڌ ڀلو.... هو.....
اڙانگو رستو آهي. ڏکيو آهي. ايڏو اوکو آهي جو ڏسي وجود ڏڪيو وڃي پر ”اوٺي“ لاءِ پوءِ به ڀلو آهي، جو پرينءَ جو پنڌ آهي. محبوب لاءِ سفر آهي.
سڏ آهي ديش واسين کي......
”گونج اڀاري ڪا ته گلو.... هو......
ياس ۽ نراس جي ڪيفيت ۾ قافلي کي سڏ به آهي ته آس به آهي. پر تلقين ته:
هُڙڪَ هلو هو
ڌيمان هلو هو.....
آئون ٿري آهيان، اواٽي واٽن جو پانڌي! زندگيءَ جو سفر به اواٽو ڪٽيو آهي. پنڌ کُٽي ڪو نه ٿو. پريانءَ جي پار جي جستجو ۾ لاهيون چاڙهيون، برپٽ، ريگستان ۽ رُڃَ ڏسي اڪثر هانءُ هاري ويهندو آهيان. پر وري..... سوچيندو آهيان.....
سانت بُري آ
سانتَ ڪيو ڇو؟
اڙانگي پنڌ ۾ ٿڪجي ساهي پٽيندؤ ته ماٺ ٿي ويندي. ۽ ماٺ بري آ..... ڇو ته ماٺ موت جو ٻيو نالو آهي. تنهن ڪري گونج اُڀاري ڪا ته گلو هو......
ننڍڙو ابهم ٻار جڏهين ماءُ جي هنج ۾ ايندو آهي ته امڙ جي هٿ جي حرڪت ۽ چوليءَ جي سرڙاٽ مان سمجهندو آهي ته سندس خوراڪ جو آسرو ٿيو آهي يا جڏهين پينگهي ۾ پيو هوندو آهي ۽ ماءُ ويجهو اچي کيس کڻڻ جي سعي ڪندي آهي ته ٻنهي صورتن ۾ هو پنهنجن ننڍڙن پتڪڙن هَٿن ۽ ٻانهُن کي مٿي ڪندو ۽ چيلهه کي مٿڀرو ڪندو خوشيءَ مان آواز ڪڍندو آهي تنهن کي به ”هُڙڪڻ“ چئبو آهي. هڪ چاهت آهي. سعي آهي. تِک آهي. پر نه يار، هُڙڪ سمجهائڻ منهنجي وَس کان ٻاهر آهي. صرف محسوس ڪري سگهجي ٿي. هُڙڪڻ آواز آهي يا سعي ۽ عمل. اُٻهرائي آهي يا تِکَ آهي، چئي نٿو سگهان. ها پر، منزل جو يقين آهي، وِک آهي.
(22جنوري، 1996ع)