ڪالم / مضمون

نيٺ ته ڊهندي

هي ڪتاب نامياري ليکڪ محترم آفتاب ميمڻ جي ڪالمن، ڪهاڻين يا احساسن جو مجموعو آهي. انعام عباسي لکي ٿو:
آفتاب ميمڻ جي هنن لکڻين ۾ ڪهاڻيءَ جو سٽاءُ پڻ پڌرو آهي ته، شاعريءَ جو پڻ جهلڪو موجود اٿس... پڙهندڙ سنسار جي هر اوکي سوکي مامري بابت هنن لکڻين مان لاڀ پرائي سگهي ٿو ۽ ڏاڍي هنرمندِءَ سان لکيل هنن لکڻين مان بنا ڪنهن بيزاريءَ جي هو لڳاتار هنن لکڻين سان گڏ گڏ هلي ٻهڪندي هي ڪتاب ته پوري ڪري سگهي ٿو پر پوءِ به پڙهت جي اڃ کيس باقي هجي ٿي...
  • 4.5/5.0
  • 1555
  • 503
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • آفتاب ميمڻ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book نيٺ ته ڊهندي

نئين صدي.... پراڻا صدما

نئين صدي، ايڪويهين صديءَ جي شروعات ٿي چڪي آهي. انسان جي تاريخ ۾ هزار سال وڏو عرصو آهي. هاڻ جڏهن انسان جستجو، ڳولا ۽ کوجنا جي عمل کي سائنسي بڻايو آهي، تڏهين خبر پوي ٿي ته مار! هي پويون هزار سال، جو گهڻي ڀاڱي ريڪارڊ ٿيل تاريخ تي مشتمل آهي، تنهن جي تاريخ جا به ڪيئي پهلو اسان جي نظرن کان اوجهل آهن.
ايڪويهين صدي شروع ٿي چڪي آهي. عجيب عجيب طريقن سان نئين صديءَ جي پذيرائي ٿي آهي. ڪجهه نوجوانن پنڌ ڪري اُتي نئين صديءَ جي شروعات ڪئي جتي سج جي روشني جا پهريان ڪرڻا ڌرتيءَ تي اچي ڪريا ته ڪِن گذرندڙ هزار سالن جي آخري شام جي سج جي آخري ڪرڻن جو نظارو اُتي ڪيو جتي سڀ کان آخر ۾ سج لهندو آهي ۽ ان کانپوءِ انهيءَ تاريخ جي سج جا ڪرڻا ڪٿي به ڪونه پوندا آهن. هفتن جا هفتا جشن برپا رهيا. ڊانس پارٽيون هلنديون رهيون. مزو ته ناروي جي پنجاهه جوانن ۽ فِن لينڊ جي شوقينن جي گروهه ڪيو، جتي ستر کن مردن ۽ عورتن جي گهڻ قومي سنگت برف گاڏين ذريعي سفر ڪري برفاني ميدانن ۾ انهيءَ هنڌ پهتي جتي ناروي، روس، ۽ فِن لينڊ جون سرحدون پاڻ ۾ ملن ٿيون. فِن لينڊ جي وقت مطابق روس ۾ نئون سال يارهن وڳي رات شروع ٿيو ته فِن لينڊ ۾ ٻارهين وڳي نئون سال شروع ٿيو ۽ ناروي جون نئون سال هڪ وڳي شروع ٿيو. مزو ته ڪيو انهن بي فڪرن جن هڪ نئون سال ٽي دفعا ملهايو. اهي ٽي دفعا نئين صديءَ ۾ داخل ٿيا. ٽي دفعا نئين ملينيئم ۾ وري وري شامل ٿيا. نئين ”ملينيئم“ ۾ داخل ٿيندي به تيسين پراڻي ملينيئم ۾ رهندا آيا، جيسين فن لينڊ جي وقت مطابق هڪ وڳي ۽ ناروي جي وقت مطابق ٻارهين وڳي رات جو هنن آخري ”نئون سال مبارڪ“، ”نئين صدي مبارڪ“، ”نئين ملينيئم مبارڪ“ نه ڪيو، جام نه ٽڪرايا ۽ پوءِ مڌ جي مدهوشي رات جو سفر طئي ڪندي رهي.
پر منهنجا راڻا! هي ته آهن پيٽ ڀريلن جون ڳالهيون. هڪ پيٽ ڀريل، مٿان وري لهڻن به ته سهي. چنڊ تي ڪَمند وجهن. ڌرتيءَ تي ويٺي مريخ جي مسافر گاڏيءَ جو رخ مٽائين. جنهن ملڪ ۾ انسان ته ٺهيو پر جانورن لاءِ به بهترين ايئرڪنڊيشنڊ اسپتالون آهن. انهي فن لينڊ ۽ ناروي جي ڳالهه ٿا ڪريون جتي علاج مفت آهي، تعليم مفت آهي، جتي حڪومت ۽ معاشرو هر فرد جي اٽي، لٽي ۽ اجهي لاءِ ضامن آهي ۽ پابند آهي. اسان ڪهڙي منهن سان نئين صديءَ ۾ داخل پيا ٿيون. ڪهڙيءَ ريت نئين ملينيئم جو استقبال ٿا ڪريون. بيانن جي البت دَٻَ آهي. ”ايڪويهين صدي انقلاب جي صدي آهي.“ ”ايڪويهين صدي مارشل لا جي خاتمي جي صدي آهي.“ ”ايڪويهين صدي جمهوريت جي اوسر جي صدي آهي.“ ائين اصل نه چئجو ته ايڪويهين صدي پيلين ٽيڪسين، پيلن ٽريڪٽرن، ساون ٽريڪٽرن، پيلين حڪومتن ۽ پيلي ڪلچر جي خاتمي جي صدي آهي. پر، نه اسان ته ڪنهن به طرح ڪا لٻاڙ هڻڻ کان مُڙون ڪونه ٿا.
هن ملڪ جي اقتدار ڌڻين ۽ لٻاڙي سياستدانن ڪٿي وڃي ملڪ کي پهچايو آهي؟ آهي ته هونئن به هي خطو ئي بدنصيب. هن بدنصيب خطي يعني ڏکڻ ايشيا (جنهن ۾ پاڪستان، هندستان، بنگلاديش، مالديپ، سريلنڪا، ڀوٽان ۽ نيپال شامل آهن) ۾ دنيا جي سمورن اڻ پڙهيلن جي تعداد جو اڌ رهي ٿو. هندستان، پاڪستان ۽ بنگلاديش ۾ ڏکڻ ايشيا جي حالت سڀ کان وڌيڪ خراب آهي. هڪ عالمي تحقيقي اداري جي رپورٽ مطابق پاڪستان هٿيارن تي جيڪو خرچ ڪري ٿو، اهو اُن جي پرائمري تعليم تي خرچ کان ٽيڻ تي مٿي آهي.
پرائمري تعليم تي جيڪو خرچ ٿئي ٿو تنهن جو 90 سيڪڙو ته ماسترن جي پگهارن ۽ اسڪولي انتظاميا تي خرچ ٿيو وڃي. پاڪستان هڪ سروي ۾ ڪمائيءَ جي حساب سان 38 نمبر تي آيو، پر تعليم جي مد تي خرچ ۾ آفريقا جي ڪيترن ئي ملڪن يعني موزمبيق وغيره کان به هيٺ 9 نمبر تي ليکيو ويو آهي. انهيءَ ساڳيءَ رپورٽ ۾ پاڪستان جي هڪ تعليمي ماهر جي ئي بيان جو حوالو هيو ته ”تعليم سياسي ترجيح ۾ ڪانهي.... تعليم جي ڪري هيٺينءَ سطح تائين به معاشي ۽ معاشرتي تبديلي ايندي جنهن کي اسان جو اقتدار ڌڻي جاگيردار طبقو پسند نٿو ڪري جو سندس اجاره داريءَ کي خطرو آهي.“
ڊاڪٽر محبوب الحق جي قائم ٿيل اداري جي تحقيقي رپورٽ 1999ع ۾ ڄاڻايل آهي ته:
”جتي 1985ع ۾ ڪل قومي پيداوار جو اڍائي سيڪڙو پاڪستان ۾ تعليم تي خرچ ٿيندو هيو، اُتي بنگلاديش 1.9 سيڪڙو، نيپال 2.6، سريلنڪا 2.6، ۽ مالديپ 4.4 سيڪڙو خرچ ڪندا هئا. 1995ع ۾ پاڪستان پنهنجي قومي پيداوار مان تعليم تي خرچ گهٽائي ڪل پيداوار جو 2.1 سيڪڙو ڪيو، جڏهن ته بنگلاديش نيپال، سريلنڪا ۽ مالديپ وڌائي 2.3، 2.9، 3.1 ۽ 8.4 سيڪڙو ڪيو. جتي پاڪستان في ماڻهو ٻارهن ڊالر في سال جي خرچ تي ٽڪيل آهي، اتي سريلنڪا ۽ ڀوٽان 22 ڊالر في ماڻهو خرچ ٿا ڪن ته مالديپ 83 ڊالر في ماڻهو ٿو خرچ ڪري. اهو خرچ تعليم جي مد ۾ آهي.
پياري پاڪستان ۾ ڪُل قومي گهرو پيداوار جو صرف 0.8 يعني هڪ سيڪڙو کان به گهٽ صحت تي خرچ ٿو ٿئي جڏهن ته ڀوٽان جهڙي غير معروف ملڪ ۾ صحت تي قومي گهرو پيداوار جو 4 سيڪڙو خرچ ٿو ٿئي ته بنگلاديش ۾ به اسان کان وڌيڪ يعني 1.2 سيڪڙو خرچ ٿو ٿئي. سُڌريل ملڪن ۾ اهو خرچ ڏهه- ٻارنهن سيڪڙو تائين آهي.
اسان جي ملڪ ۾ (آخري) اليڪشن ۾ بالغ راءِ دهندگي جو حق رکندڙ يعني ووٽ جو حق رکندڙن جي صرف 35 سيڪڙو ووٽ ڏنا. جڏهن ته بنگلاديش ۾ 75 سيڪڙو، ڀارت ۾ 50 سيڪڙو، نيپال ۾ 58 سيڪڙو، سريلنڪا ۾ 76 سيڪڙو ۽ مالديپ ۾ 75 سيڪڙو ووٽرن اليڪشن ۾ ووٽ وڌا.
پياري پاڪستان ۾ تقريباً پنج ڪروڙ اڻ پڙهيل ۽ جاهل آهن (جي پڙهيل آهن سي وري انهن کان به وڌيڪ جاهل آهن) جيڪو آباديءَ جو 62 سيڪڙو ٿئي ٿو. هتي حبيب جالب جو چيل نظم ياد ٿو اچي:
میں نے اُس سے کہا
یہ جو دس کروڑ ہیں
جہل کا نچوڑ ہیں
اُن کی فکر سو گئی
ہر اُمید کی کرن
ظلمتوں میں کھوگئی
یہ خبر درست ہے
اُن کی موت ہوگئی
بے شعور لوگ ہیں
زندگی کا روگ ہیں

اها ٻي ڳالهه آهي ته جالب اِهو نظم محترمه فاطمه جناح جي اليڪشن مهم دوران چيو هو، جنهن محترمه کي نه اردو ايندي هئي نه ئي پنهنجي مُلڪ جي ٻي ڪا ٻولي ايندي هئي. نه ئي محترمه کي هن ملڪ جي عام ماڻهن جي مسئلن جي خبر هئي. سندس قابليت فقط اِها هئي ته هوءَ محمد علي جناح جي ڀيڻ هئي.
هتي هڪ ڪروڙ ٻارن کي پوري غذا ڪانه ٿي ملي. هتي ساڍا پنج ڪروڙ ماڻهن کي پيئڻ جو صاف پاڻي مهيا ناهي.
هتي سوا ڇهه ڪروڙ ماڻهو صحت جي بنيادي سهوليتن کان محروم آهن. هتي نو ڪروڙ اسي لک ماڻهن کي گند ۽ غلاظت جي صفائي سهوليت کان محروم رکيو ويو آهي. هتي هڪ ڪروڙ ٻار پرائمري تعليم ماڻڻ لائق ته ٿيا آهن، پر تعليم کان محروم آهن. يا وسيلا نه آهن يا اسڪول نه آهن يا اسڪول ۾ سومر فقير مينهون ٻڌيو ويٺو آهي.
اڃا ته الاهي سور آهن. ڪهڙا ڪهڙا سور سليون؟ ٻئي پاسي اسان جي قسمتن جون واڳون هٿ ۾ رکندڙ اندر جا ڪارا ۽ ٻاهر جا اڇا آهن يا ته چوندا ”اسين ايڪويهين صديءَ ۾ داخل ٿي رهيا آهيون.“ ”ايڪويهين صدي موٽر وي جي صدي آهي.“، ”ايڪويهين صدي عوام جي صدي آهي.“، ”ايڪويهين صدي پيلي، نيري، سائي ٽريڪٽر ۽ ٽيڪسيءَ جي صدي آهي.“ مٿان وري ڪوڙا اصول پسند ايندا. آئي نئين صدي!.....


(جنوري، 2000ع)