پنهنجي ڀيڻ کي الوداع چوڻ لئه آيل ڀاءُ جو ريلوي پليٽ فارم تان سندس ماءُ ڏي خط
آئون ريلوي پليٽ فارم ميرپورخاص تي موجود آھيان. رات جا ڏھ ٿيا آھن. هن وقت جمعو آھي، ٻارنهن کان پوءِ ڇنڇر ٿي ويندو. اڄ اماوس جي ڪاري رات آھي، چنڊُ موڪل تي ويل آھي. جنڪشن تي لڳل بلبن جي پيليءَ روشني ۾ پليٽ فارم جرڪي پيو. اڄ کوکرا پار واري رستي راجا واري ريل (ٿر ايڪسپريس) هندستان ويندي. ريل جيڪا هر هفتي اچي ۽ وڃي ٿي. ملائي ۽ جُدا ڪري ٿي. هي پليٽ فارم به ڏُک ۽ سُک ٻنهي جو حسين سنگم آھي. هن وقت جيڪڏھن راجا سڌُو ڌن جو شھزادو سدارٿ هجي ها ۽ دنيا ڏسڻ جو اصرار ڪري ها ته، ان جو مهارٿي چانا کيس ڪنهن بازار گهمائڻ وٺي وڃڻ کان اڳ ميرپور خاص يا جوڌپور جو جنڪشن ضرور ڏيکاري ها، جتي زندگي ڏُک، سُک، وڇوڙي ۽ ميلاپ سان سرشار ڏيکاءُ ڏيندي آھي. بيمار، لاچار، صحتمند، شوقين، فنڪار، پينو فقير، نوجوان ڇوڪريون، ڇوڪرا، پوڙها پڪا ۽ ننڍا وڏا سڀ هتي موجود آھن. ڪجهه خوش آھن ته ڪجهه رنج و غم جي عالم ۾ ٻُڏل آھن. ٻارڙا گهورڙين کي ڏسي سندس مائرن کان خرچي گهري رهيا آھن. مهمانن کان موڪلائڻ لئه گڏ آيل عزيز قريب سندن خدمت ڪرڻ ۾ پورا آھن. ڪو جوس پيو وٺي اچي ته ڪنهن جي هٿ ۾ ڪوڪا ڪولا جي جمبُو بوتل آھي. ڪي سگريٽ پيا ڇڪن ته ڪي ٽھڪن ۾ ٽڙن پيا ۽ ڪي ڏُور اڪيلا وڻن جي اُداس پاڇن هيٺ مون وانگي اڪيلا روئن پيا.
امان! هي خط لکندي منهنجا هٿ ڏڪي رهيا آھن. اُھي هٿ جن سان ڪجهه ئي ڪلاڪن ۾ پنهنجي سڳي ڀيڻ کي هميشه لئه الوداع ڪندس. جيجان! هن وقت آئون وڇوڙي جي مها ساگر جي ساحل تي بيهه ڏسان ٿو ته، دل ڀرجي اچي ٿي، پر اهو ساڳيو ساگر مون کي پار به ڪرڻو آھي. جن هٿن ۾ جنهن سدائين سِڪ مان راکيون ٻڌايون اُنهن ئي هٿن سان اُن کي الوداع ڪندس. منهنجي ڀيڻ هن وقت منهنجي سامهون آھي آئون جيءَ ڀري ڏسڻ چاهيان ٿو، پر هڪ ٻئي سان اکيون ملائي الوداع ڪرڻ جيتري سگهه ناهي رهي. اکين ۾ ايترو پاڻي آھي جو تصويرون ڌُنڌليون ڏسڻ ۾ اچن ٿيون.
امان! ڀيڻ کي ڪجهه دير لئه بابا وارن وٽ ويٽنگ لائونج ۾ ڇڏي ٻاهر نڪتو آھيان. ٻاهر هڪڙي سيمينٽ جي دِڪيءَ تي ويهي توکي خط لکي رهيو آھيان. ان ڪري جو آئون هاڻ ڪجهه مهينن لئه گهر ڪون ايندس. اُن گهر ۾ ھاڻ اچڻ ئي ڪهڙو جيڪو ڀيڻ جي پويتر پيرن کان خالي هجي. جنهن گهر جي چونئرن ۽ چونڪين جا نيو به پنهنجي ڀاتي جي وڇوڙي ۾ ولکندا هجن، ان گهر ۾ ڪو ڀاءُ پنهنجي ڀيڻ جي مٺڙي ٻولي ٻُڌڻ کان سواءِ ڀلا ڪيئن رهي سگهندو؟ امان! ماڻھو کان پاليل پکيءَ به جلدي ناهي وسري سگهندو هي ته ڪونجل ڀيڻ آھي، جنهن جي هٿ جي پچايل ماني ياد ايندي ته ڀلا سُڏڪن ۾ ڪو گرھ نڙي مان هيٺ لهي سگهندو؟
امان! ٻُڌاءِ ڀلا..جڏھن رڪشا ٻنڌن واري ڏينهن ٻين جي هٿ ڪراين ۾ راکيون ڏسي راکيءَ کان محروم بنجي ويل منهنجا هٿ ڪُٺل تتر وانگي ڦٿڪندا، تڏھن انهن هٿن جي ڪراين ۾ ڪير ڌاڳو ٻڌندو...؟
امان! منهنجي دل ٽوڙ درد جي ڪربناڪ ڪيفيت کي ڪير سمجهي سگهندو...؟
امان! جڏھن وسڪاري جو پاڻ چڀڙن جو ساڳ ڪنداسين، تڏھن ساڳ مان ٽُڪري ٻوڙڻ کان اڳ ۾ پاڻ امرتا جي سِڪ ۾ ٻُڏي وينداسين. هُن جي پسند جي هر پڌارٿ جڏھن پنهنجي اکين اڳيان ايندي تڏھن اکيون تڳوسر جي ترائي ٿي وينديون.
امان! آئون گهر ايندس ته مُنهنجو ٻن سالن جو ننڍڙو پُٽ مون کان پُڇندو ته بابا! بُئا ڪٿي آھي؟ تڏھن آئون ڪهڙي ورندي ڏيندس؟ اُها دل ڪٿان آڻيان جنهن سان چوان ته پُٽ توکي سڄو ڏينهن ڪڇ ۾ ڪوٺي تو سان بي لوث محبت ڪندڙ تنهنجي بُئا کي بنا ڏوھ وطن جي وڻن کان جُدا ڪري اسين پنهنجي پرمپرا پاري آياسين. امرتا لئه هر وسڪاري جو پپون چونڊي ايندڙ ماسي پدمان ميگهواڙڻ کي ڪهڙي منهن سان جواب ڏيندس ته تنهنجي ڏڪري جهڙي امرتا هاڻ هن وطن جي سرحدن مان نڪري چُڪي آھي. ماسيءَ کي ائين چوندس ته هن جي پپن سان گڏ هن جو به ساھ نڪري ويندو، ڇاڪاڻ ته هُوءَ پاڻ کان مٿي احساس رکي ٿي.
جيجل! ٻُڌاءِ اهڙي ڪيفيت ۾ ڪيئن جيءَ سگهنداسين…!؟
دِڪي جي ڀرسان ڪاٺ جي اڌ ڀڳل بيئنچ تي هڪڙو اڌڙوٽ شخص ويٺل آھي. جنهن جي اکين ۾ عجيب خوشيءَ جهلڪي رهي آھي. هن سان گڏ هڪ نوجوان به ويٺو آھي جيڪو پوڙھي کي ڪجهه سمجهائي رهيو آھي. آئون انهن وٽ وڃي پُڇان ٿو ته، چاچا ڪٿان کان آيا آھيو.؟ تڏھن ڪُراڙي سان گڏ ويٺل نوجوان وراڻي ٿو ته، اسين پارڪر جا آھيون. هي منهنجو پيءُ آھي. اڄ هندستان وڃي ٿو. نوجوان جي واتان اهو ٻُڌي چاچي کان پڇيم چاچا هندستان ڇو ٿا وڃو؟ ڪُراڙي هڪڙو ٿڌو ساھ ڀري وراڻيو ته ”پُٽڙا! آئون پنهنجي ڀيڻَ کي ڏسڻ وڃان پيو. منهنجي ڀيڻ ڇاڇري جي ڀرسان هڪڙي ڳوٺ ۾ پرڻايل هُئي. اُن ڳوٺ وارا ايڪوتر (71) واري لڙائي ۾ لڏي ويا هئا. منهنجي ڀيڻَ به گڏ وٺي ويا ھئا. بابلا ڌيئرون هونديون ئي پرايو ڌڻ آھن. مون کي مهيني کان پوءِ پتو پيو ته هُوءَ لڏي ويئي آھي. بس منهن مٿو پٽي ويهي رهيس. اڄ ستيتاليهه سال ٿيا آھن. منهنجو به قبر ۾ پير آھي، پر ڀيڻ جو منهن ڏسڻ لئه ساھ کڻان پيو. هاڻ ھُوءَ به رڳو منهنجو منهن ڏسڻ لئه جيئري آھي. فون تي ڳالهائيندي آھي ته درد ۾ لُڙھي ويندي آھي. ڳالهائيندي ڪٿي آھي هُوءَ ته رڳو روئندي آھي. چوندي آھي” ڀايا هيڪي گهوئي جوئي جائي“ امان جو پڇندي آھي ڪئين آھي ته، چوندا آھيون چڱي ڀلي آھي پر ٻوڙي ٿي ويئي آھي ٻُڌي گهٽ ٿي. پُٽڙا ڪيئن ٻُڌايان ته امڙ ته تنهنجي جُدائي ۾ مهينو ئي مس ڪٽي سگهي.“ ايترو چئي پوڙھو سُڏڪن ۾ ٻُڏي ويو آھي. آئون کيس آتٿ ڏيندي چوان ٿو ته، چاچا ڏُک سُک زندگيءَ جو حصو آھن. حوصلو نه هارجو. منهنجي اهڙي ورندي تي خبر آھي هُو ڇا ٿو چوي؟ هُو وراڻي ٿو ته ”پُٽ حوصلو ئي ته بچيو آھي جنهن جي سهاري ستيتاليهه سال وڇوڙن جي پلصراط تي هلندي گُذاريا آھن. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڪڍيل سيمائن جو ريکائون اسان جي هٿن ۾ وڇوڙي جون لڪيرون بڻجي ويون آھن. اسين انهن لڪيرن کي تقدير جي تقاضا سمجهي ڀوڳي رهيا آھيون.“ پوڙھي جي واتان اهڙي غم ڀري گُفتگو ٻڌي منهنجو ته ساھ سڪتي ۾ اچي ويو آھي.
جيجان! ٻه عورتون آھن. ٻنهي کي هِندوُ لُهارن وارو لُهارڪو لباس پاتل آھي. هڪڙي اڌڙوٽ عمر ۾ آھي ۽ هڪڙي عمر جي آخري ڏاڪي تي پهتل آھي. لڳي ٿو پاڻ ۾ ماءُ ۽ ڌي آھن. ڪُراڙيءَ ماءُ پنهنجي ڌيءَ کان موڪلائڻ لئه آئي آھي پر موڪلائي نه ٿي سگهي. پل پل ۾ ڀاڪر وجهي هڪ ٻئي سان ملي رهيون آھن. ملي ڪٿي رهيون آھن اُهي ته ائين سمجهه هڪ ٻئي ۾ مري رهيون آھن. ماءُ کي پڪ آھي ته هُوءَ هاڻي پنهنجي پرديسڻ ڌيءَ کي وري ڪڏھن به ڏسي نه سگهندي. ڪڏھن به نه ڏسي سگهڻ وارو ڏُک هن کي موڪلائڻ ئي نه ٿو ڏي. ڌيءَ پنهنجي مرڻ تي پُهتل ماءُ جي ڪنڌ مان ڀاڪُر ڪڍي ئي نه ٿي. اجهو امان! ريل جي چيخ ٻُڌڻ ۾ اچي پيئي، سمورو پليٽ فارم درد ۾ ٻُڏي ويو آھي. سڀ ڪو پنهنجن پيارن کي جيءَ ڀري ڏسڻ ۽ ملڻ جي ممتا ۾ تڙپي اُٿيو آھي. اُھي ٻئي عورتون هڪ ٻئي مان ٽُٽن ئي نه ٿيون. انهن کي پاڻ ۾ جُدا ڪرڻ لئه مون جهڙو ڪو پٿر دل هينئر آيو آھي. اُن داٻا دڙڪا ڏيئي ٻنهي کي الڳ ڪيو آھي. ڪُراڙي عورت جو سڏ رهجي ويو آھي ان جي نڙي مان دانهن نڪري ئي نٿي. رڳو خاموش لُڙڪن سان پنهنجي اوڇنگارون ڏيندڙ ڌيءَ کي آخري دفعو ڏسي رهي آھي.! الا…آخري دفعو .. ڇا آئون به پنهنجي ڀيڻ کي آخري دفعو ڏسي رهيو آھيان..؟
امان! رات جا ٻارنهن ٿيا آھن. ريل پهچي چُڪي آھي. ريل ڇا پُھتي آھي ڄڻ دل جو آخري ڌڙڪڻ شروع ٿيو آھي. پليٽ فارم تي موجود ماڻھن جي چهرن تي عجيب نموني جي اُداسي ۽ خوشي ڇانيل آھي. خوش اهي آھن، جيڪي ورهيه پُڄاڻان پنهنجن سان ملڻ وڃن پيا ۽ ڏُکارا اهي آھن، جيڪي پنهنجن کي الوداع ڪري رهيا آھن. آئون هاڻي وڃان ٿو ويٽنگ لائونج ۾ پنهنجي پياري ڀيڻ سان موڪلائڻ....هاڻي ريل رواني ٿيڻ کان پوءِ وڌيڪ احوال لکندس.
امان! آئون موڪلائڻ ڇا ويس....چري منهنجي ڪنڌ مان ٻانهون ڪڍي ئي نه.... جام آٿتون ڏنم ته بابا گڏ هلن ٿا. آئون به جلدي توکي ڏسڻ لئه ايندس. نيٺ مس مس پاڻ کان جدا ڪري پليٽ فارم نمبر ون تي وٺي وياسين جتي پوليس چيڪنگ واري ڪارروائي کان پوءِ هندستان ويندڙن کي اندر ڇڏيندا ويا، جتان ريل ۾ چڙھندا آھن. باقي ٻين کي گيٽ تان واپس ڪري ڇڏيائون. منهنجي مٺڙي ڀيڻ ايستائين مون کي پاڇل ڦوري ڏسندي رهي جيستائين سندس نظرن کان اوجهل ٿي ويس.
امان! ماڻهو مئي جا ڪُلهي ڪانڌي ٿيندا آھن، پر آئون پنهنجي ننڍڙي ڀيڻ کي جيئري ئي ڪُلهو ڏيئي آيس. هُوءَ جيئري هُئي ڪٿي. هُوءَ ته ڳوٺ جي اجهور ۽ گهر جو جهانپو ڇڏيندي ئي مري ويئي هُئي. هُن جي پُرنم اکين ۾ فقط پنهنجو وطن زنده هو. هُوءَ پنهنجو وطن پاڻ سان گڏ کڻي ويئي آھي. امان! مون الودعي وقت هن جي اکين ۾ ڳوٺ جي ترائي کي هيلون هڻندي ڏٺو هو. هُن جي سُڏڪن ۾ پنهنجي گهر جي جهانپي واري ڪنڊيءَ ساھ کنيو پي ۽ اُن ڪنڊيءَ مٿي هن جو پاليل مور دانهون ڪري رهيو هو. اُھو مور هيستائين مري چُڪو هوندو. هُن جي آخري ڏنل اوڇنگار ۾ ائين لڳو پي ڄڻ هُن جون سڀئي سهيليون هڪ ئي وقت مري ويون هُجن ۽ ھُوءَ اڪيلي ماتم ڪندي هجي. هُوءَ اڪيلي ته تڏھن به ٿي ويئي هُوندي امان! جڏھن سنڌڙيءَ جي سرزمين تي آخري سج ڏسڻ مهل کوکرا پار جي ڳوٺ وٽ، ريل جي ڪمپارٽمينٽ واري کڙڪي مان وطن ڏي آخري نگاھ ڪندي اکيون پوري ڇڏيون هونديون…!
قلم تازه: سوجهاڪو ٿيو آھي. جنڪشن خالي ٿي چُڪو آھي. آئون هاڻ خط پوسٽ ڪري ڪراچي وڃان ٿو. امڙ! پنهنجي گهر جي اڱڻ اڳيان بيٺل ڪنڊيءَ جي وڻ کي وڍائي ڇڏجانءِ ڇاڪاڻ ته، جيستائين ڪنڊي بيٺي هوندي تيستائين ان جي ٽار ۾ لوڏ ٻڌي لُڏندڙ امرتا جي ياد توکي برباد ڪندي رهندي. امرتا جي پاليل مور کي داڻا نه ڏجانءِ هُو پاڻھي دلشڪستو ٿي گهر ڇڏي ويندو. سوجهاڪي جو گهر جي صحن ۾ اچي پاڻ کي ننڊ مان اُٿاريندڙ پنهنجي وڍياري ڍڳي ڪنهن کي ڏوجهي ڏيئي ڇڏجانءِ.
امان! هاڻي پنهنجو خيال پاڻ رکجانءِ ، ڇاڪاڻ ته تنهنجو خيال رکڻ واري توکان ڪوهين ڏُور وڃي چُڪي آهي.جنهن جي پاڇي لئه به سڪي ويندينءَ.
پيرن تي هٿ امڙ
فقط تنهنجو پُٽ ترويندر