خودڪشي ڪري ويل ونيءَ جي وڇوڙي ۾ ولکندڙ وَر جو لکيل خط
تون اوچتو الئه ڪيڏانهن هلي وئينءَ…؟ ٻُڌائي به ڪونه وئين؟ پاڻ ته ست ست جنم گڏ رهڻ جا وچن ڪيا هُئاسين، پوءِ ائين هڪڙي جيون جي سفر ۾ اڌ ۾ هٿ ڪڍي وڃڻ واجب ته نه هو! منهنجي راڻي! مون معصوم سان ايڏي وڏي ويساھ گهاتي ڪري وئينءَ…توکي ڪو ڏونگر جيڏو ڏُک هو ته مون کي ته ٻُڌائين ها! پوءِ آئون جيڪڏھن تنهنجي تڪليفن جو تدارڪ نه ڪيان ها ته، پوءِ تنهنجو مياري هُجان ها. ايڏي مُنهن جي مَوري هُئينءَ جو جبل جيڏيون جاڙون سهندي به ڪو ڏُک پنهنجي وَر سان ونڊي نه سگهينءَ. بنان ڪجهه چوڻ جي ماٺ ماٺ ۾ وڇوڙي جي رومال ۾ ويڙھيل صغير ٻار، منهنجي جهوليءَ ۾ اُڇلائي پاڻ الئه ڪيڏانهن گُم ٿي وئينءَ؟ آئون توکي ڪٿي ڳوليان؟ ڪو مارگ، ڪو ڏَس پَتو، ڪا منزل ھُجي ته، آئون ٿڃ پياڪ ٻالڪ پُٺارڪ ۾ کڻي سموري پرٿميءَ جو چڪر پورو ڪري توکي ڳولڻ جي ڪوشش ڪيان ها، توکي پاڻ وڃائي پرچايان ها! تنهنجو هر ڏُک، هر غم پنهنجي حصي ۾ کڻان ها، پر تون خودڪشي ڪري الئه ڪيڏانهن وئينءَ! مذھبي ٿيوري مُطابق ڪي چون ٿا ته، جهنم واصل ٿي هوندينءَ ته ڪي چون ٿا اَوِگَتي ٿي نَرڪ لوڪ ۾ وئي هوندينءَ. اي منهنجي زندگي! آئون اهو ڪئين تسليم ڪيان ته، تون جهنم ۽ نَرڪ لوڪ ۾ هوندين؟ ڇا ماڻھو پنهنجو پاڻ دوزخ يا نَرڪ ۾ وڃڻ پسند ڪندو؟ تون ته منهنجي وجود جو اڌ ھُئينءَ. تنهنجي روح جي راحت ۽ آتما جي شانتي لئه آئون قُدرت کان دعا گهُرندس ته، تنهنجي لئه نيم ۾ نرمائي ڪندي، ڪا ترميم ڪري توکي سرگ لوڪ جي هندورن ۾ لوڏي! آئون ٻيو ڇا ٿو ڪري سگهان ڀلا؟ هڪ بيوس انسان جنهن جي ڦاٽل جهوليءَ ۾، ماءُ لئه روئندڙ صغير ٻار کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ناهي! الا…پنهنجي ڪونج ڳچيءَ ۾ رسو ٻَڌڻ مهل اهو سوچين ها ته، تنهنجي ۽ منهنجي اُن ٻالڪ جو ڇا ٿيندو؟ جنهن کي تون ٿڃ ڌارائي پينگهي ۾ آخري لوڏو ڏيئي رواني ٿي وئينءَ. هُن کي کير ته نپل مان به ملي ويندو، پر ماءُ جي ممتا سان لبريز ڇاتيءَ جو پريم ساگر نه ملندو! اي منهنجي مينڪا! تون وڻ جي ٽار ۾ رسو ٻَڌڻ مهل اهو ته سوچين ها ته، آئون تو سواءِ اڪيلو ڪئين زندگي بسر ڪري سگهندس؟ تو سواءِ مون کي تڏھن آٿت ڪير ڏيندو جڏھن مزوري نه ملڻ ڪري شام جو خالي هٿن ۽ جهُڪيل اکين سان گهر ۾ موٽي ايندس؟ تڏھن منهنجي چهري جي آپ بيتي پڙھي ڄاڻي واڻي ٽھڪ ڏيئي مون کي ڏڍ ڪير ڏيندو، ڪير چوندو ته، شنان ڪري اچو پاڻي رکي آئي آھيان، اڄ مون کي ڀراڻيءَ جا پنج سؤ مليا هئا، انهن مان پاڙي واري هٽ تان وکر وٺي آئي آھيان توهان بي فڪر ٿيو، توهان مايوس نه ٿيو. منهنجي اکين کي سدائين لُڙڪن کان لڪائي رکندڙ منهنجي مومل! هيڏي وڏي مايوسيءَ جي درياءِ ۾ لوڙھي ۽ اکين کي آنسوڙن ۾ ٻُوڙي وئينءَ. توکي ته خبر هُئي ته، آئون تو سواءِ پل به صدين جيڏو ڀائيندو هئس! هاڻي سالن جو سفر ڪئين ڪندس؟ پنهنجو پاڻ کي ڪئين پرچائيندس؟ تڏھن، جڏھن چپڙا ڇاڻي ۽ پَن لاهي سيم مان واپس گهر موٽي ايندس! اُن مهل منهنجون پُرنم اکيون توکي سڀ کان پهرين اُن گهٽيءَ ۾ نلڪي وٽ ڳولينديون، جتي تون منهنجي انتظار ۾ بيٺي هوندي هُئينءَ. ٿڌي ٿڌي مشڪري جو معجون ڏيئي منهنجي ٿڪاوٽ دُور ڪندي هُئينءَ، اُتي نه هوندينءَ ته پوءِ روح اوڇنگارون ڏيئي رڌڻي ۾ ڳوليندو، جتي تون پنهنجي حَسين ھٿن سان تازي چانهه پياريندي هُئينءَ، اُتي به نه هوندينءَ پوءِ ويڙھن ۾ بيٺل وڻن ۾ وچڙندو، اُتي به نه ملندينءَ پوءِ ته منهنجا وڻ ئي وڄي ويندا جانم! وڻ ته تڏھن به وڄي ويندا، جڏھن تنهنجي عدم موجودگيءَ ۾ پنهنجي پَٺُوڙي پُنهن رڳندي، لُڇندي توکي ڳوليندي. اُھا پَٺوڙي جيڪا تو وٽ بنان ڦر جي پَسوئجي پوندي هُئي. اُھا تنهنجي وڇوڙي کان پوءِ پنهنجي ٻار کان وڌيڪ تولئه رُني آھي. هُن جي گُگدام اکين جا لُڙڪ مون اوڏي کان ڏٺا آھن، هُن چارو ته پري جي ڳالهه، پر پاڻي به ناهي پيتو.
منهنجي پياري! منهنجون اکيون توکي ڳولينديون تڏھن جڏھن وسڪارن جي ورتولن ۾ تو جيڏيون ۽ تو جهڙيون، سؤ سؤ سينگار ڪري ٽيج رمنديون. انهن جي ٽولن ۾ تنهنجي غير موجودگيءَ جو احساس ساھُ نپُوڙي ڇڏيندو! جڏھن ”ڳالهيون پيٽ ورن ۾ وڌي وڻ ٿينديون“ تڏھن آئون ڪنهن سان اوريندس؟ ڪنهن کي چوندس ته، اڄ ھُوءَ به مون کي وڻي هُئي. پاڙي يا ڳوٺ ۾ ٿيل ڪنهن زناني جهيڙي جون جهرڪين جهڙيون وڻندڙ خبرون مون کي ڪير ٻُڌائيندو؟ ڪير ٻُڌائيندو ته، هُن ۽ ھِن جي چال ۾ ڦيرو لڳي ٿو. آئون ڪنهن کي ٻُڌائيندس ته، مون پهرين چُميءَ ۾ ڪنهن جا ڳل چکيا هُئا اي منهنجي حال محرم! منهنجي همراز! منهنجا سڀئي راز دل ۾ دفن ٿي ويندا. گونگي جي خواب جهڙي هي حياتي هاڻي دار تي لٽڪيل لاش وانگي لڳندي.
دل چئي ٿي ته، هاڻي آئون به زندگيءَ جي زنجير ٽُوڙي ڇڏيان، ھيڏي وڏي غم جي مها ساگر ۾ زندگيءَ جو غوراب تاري نه ٿو سگهان ڇاڪاڻ ته، هن دنيا ۾ هاڻي ڪا به مانگ منهنجي نالي جو سندُور نه ڀريندي، هاڻي ڪو به وجود منهنجي وڏي عُمر لئه ڪڙوا چوٿ رکي، ڇاڻڻيءَ مان چوٿ جي چنڊُ سان گڏ منهنجو ڌُنڌلو ديدار ڪرڻ لئه انتظار نه ڪندو، هاڻي هن دنيا ۾ اهڙي ڪا به ٻانهن ناهي رهي جيڪا منهنجي لئه چُوڙيون ڇڻڪاڻي، هاڻي منهنجي پسند تي ڪو به پيلو جوڙو نه پائيندو، اهو آسمان ئي ختم ٿي ويو جنهن تي منهنجي نالي جي ڳاڙھي بنديا جو سج چمڪندو هو، اُها زمين ئي ختم ٿي ويئي جنهن جي ناڀيءَ کان مٿين نريڙيءَ تي منهنجي چُميءَ جا نيل ڪنول ٽڙندا هئا. منهنجي ته دنيا ئي اُجڙي چُڪي آھي! اهڙي برباد دنيا ۾ ڀلا ڪئين جئجي؟ پر آئون جيئندس...آئون جيئندس تنهنجي اُن معصوم ٻار لئه، جيڪو تون منهنجي جهوليءَ ۾ سُتل ڇڏي پاڻ ڏورانهين پنڌ ڏي راهي ٿي وئينءَ. تو وٽ شايد رُڪ جي دل هُئي، جيڪا ٻالڪ جي ننڍاکي مُرڪ کان موڪلائي سگهي پي. آئون ائين نه ٿو ڪري سگهان، اُھو ٻار يتيم ڪئين ڪيان؟، جنهن جون معصوم اکيون منهنجي وجود ۾ پنهنجي ماءُ ڳولين ٿيون! جنهن جون ٻاراڻيون ادائون مون کي تنهنجي آسمان جيڏي اولاڪي ۾ جيئڻ تي مجبور ڪن ٿيون. تنهنجي جُدائي جي جهنم ۾ ٻَرندي به آئون هن ٻار لئه جيئندس. هن جي هر تمنا پوري ڪرڻ لئه پنهنجو پاڻ کي پورو ڪندس. هن کي پڙهائيندس، سُٺي حجام کان وار ٺاهرائڻ لئه شھر وٺي ويندس، سُٺا ڪپڙا وٺي ڏيندس، سائيڪل وٺي ڏيندس، منهن منگي خرچي ڏيندس. هن کي ڪڏھن به اهو احساس ٿيڻ نه ڏيندس ته، هُو ماءُ کان محروم آھي. چپڙا ڇاڻڻ، ڪاٺيون ڪرڻ ۽ ڪنڊين مان پن لاهڻ نه ڏيندس. آئون نه ٿو چاهيان ته، منهنجو پُٽ به مون وانگي اڌ پڙھيو رهي زندگيءَ کي دوزخ بڻائي. آئون نه ٿو چاهيان ته، منهنجي نُنهن جي ڪا تمنا اڌوري رهجي وڃي ۽ ھُوءَ به تنهنجو تسلسل بڻجي. مون کي لڳي ٿو ته مون کان ڪا ڪمي رهجي ويئي هُئي جو تون بي وفائي ڪري وئينءَ! ڀري دُنيا ۾ اڄ اڪيلو ٿي ويو آھيان. پنهنجو پاڻ تي سواءِ ملامت جي ٻيو ڇا ڪيان؟ هاڻ ملامت به ڪهڙي ڪم جي؟ جيئري هُئينءَ تڏھن اهو احساس ئي نه ٿيو ته، گهر ۾ توتي ڪير ڪُر ڪُر ڪري ٿو، ڪير توکي ماڻھو ئي نه ٿو سمجهي. تون مشين وانگي سڄو ڏينهن گهر جي ڪم ۾ هوندي هُئينءَ، پر ڪڏھن اهو نه سوچيم ته توکي به ٿڪاوٽ ٿي هوندي. اسين مرد به ڪيڏا نه مُنافق هوندا آھيون! پنهنجي ڀيڻ ۽ ڌيءَ کي ڪير طعنو طُنڪو ڏيندو آھي ته اسان کي ڪيڏو ڏُک ٿيندو آھي، اکيون ڀرجي اينديون آھن، پر پنهنجي گهر ۾ موجود زال جو خيال ئي ناهي رهندو ته اُھا به ڪنهن جي ڀيڻ، ڪنهن جي ڌيءَ هوندي آھي! اُن جو به خيال رکڻ گهرجي، اُن کي وقت ڏجي، اُن جون ننڍيون ننڍيون شڪايتون ڌيان سان ٻُڌجن، ان کي اڪيلائي جو احساس ٿيڻ ئي نه ڏجي ته، ڪر ڪو به گهر ائين اُجڙي نه…! منهنجي پياري! آئون توکي وقت نه ڏيئي سگهيس. گهڻو وقت گڏيل ڪُٽنب ۾ ”تو لِکيا لوڙھيا“ ۽ جڏھن جُدا ٿياسين تڏھن بُک ڀيلي ويئي…! الا! آئون تنهنجو ڏھ جنمن تائين ڏوهاري رهندس.
اي منهنجي روح ۾ رمندڙ راڻي! هن وقت رات جا ٻه ٿيا آھن. تنهنجو ۽ منهنجو معصوم ٻار منهنجي مرداڻي سيني کي، سندس ماءُ جي کيردار ڇاتي سمجهي چُھٽي سُتو آھي! دل چوي ٿي منهنجي سيني مان ٿڃ جون سيڙهون نڪري اچن ۽ آئون پنهنجي ٻار کي پياري ڍؤ ڪرايان، پر ڇا ڪيان قدرت جي اڳيان فطرت مجبور آھي؟ اسمڀوَ کي ڪئين سمڀوَ ڪجي؟ توکي ياد ڪندي ڪندي، هي خط دل جي پين سان ذھن جي پَني تي لکجي ويو آھي. وهاڻو لُڙڪن سان وهنجي چُڪو آھي! منهنجو ۽ تنهنجو ٻار، پنهنجي مُستقبل کان اڻواف، ڀري ننڊ سُتو آھي؛ ڄڻ منهنجي ڪڇ ۾ پونم چنڊُ سُتو آھي! جنهن جي ڳلن جي پنکڙين تي پنهنجا رڦندڙ چپ رکي تنهنجي نالي جي هڪڙي چُمي ڏيئي، هاڻي سُمهڻ جي ڪوشش ڪيان ٿو…!، پر منهنجي ننڊ ته تون پنهنجي اکين ۾ کڻي وئينءَ…!
تنهنجي وڇوڙي ۾
دن رين روئندڙ
فقط تنهنجو ور ويرڌمل