نئين پرڻيل ناريءَ جو پنهنجي جيجل ڏي خط
اهو گهر جيڪو مون لئه آکيرو هيو. جهرڪي به پنهنجو آکيرو آساني سان ناهي ڇڏيندي. اها به احتجاج ڪندي آھي، پر مون کي ته احتجاج جو به حق نه مليو ۽ آئون پنهنجو گهر ڇڏي آيس. اُهو گهر جنهن ۾ منهنجي ڄائي جون ڄرون پوريل هيون. اُھو گهر جنهن ۾ مون پهرين جُدائي تي پهرين چيخ ڪئي هُئي، تڏھن جڏھن دائي ناڙو ڪپي توکان مون کي الڳ ڪيو هو. ٻي چيخ ڪالهه ڪيم، جڏھن تو کان هميشه لئه الڳ ڪيو ويو. ٻنهي دانهُن جو درد مون لئه ساڳيو هو. اُھو گهر جنهن کي مون ڪڏھن پنهنجو سمجهيو هو. مون اُن گهر جي وکارين جي پڇنڊين تي پنهنجي هٿن سان چُن وارا چِٽ ڪڍيا هُئا..اُھو گهر جنهن جي کُڏن جي ڪٻٽن جا ڪونگرا ٺاهيندي مون ڪيئي ڪوڏ ڪيا هئا. منهنجي هٿ جا ٺاهيل مور اڄ به گهر جي ديوارن تي ائين آويزان آھن جيئن منهنجي دل جي فريم ۾ تنهنجي تصوير فٽ ٿيل آھي. منهنجي هٿ جا ٺاهيل چٽ ڏسي تون هر پل ائين روئندين جيئن مور پنهنجي پيرن کي ڏسي روئندو آھي.
امان.! جنهن مهل منهنجي سهلين مون کي ڏورو ڳايو هو ان مهل آئون ائين رُني هيس جيئن ميلي ۾ وڃائجي ويل ٻار سندس ماءُ لئه روئندو آھي. منهنجي لُڙڪن ۽ اوڇنگارن تي ڪنهن کي رحم نه آيو ڇاڪاڻ ته، آئون نياڻي هيس مون کي هر حال ۾ اباڻو گهر ڇڏڻون هو. ڏوري جو ڏنجهه ڳائڻ واريون ناهن سمجهنديون اهو ڏنجهه اُها نياڻي ئي سمجهي سگهندي آھي جيڪا پنهنجي ئي گهر مان جيئري جُدا ٿيندي آھي.
امان توکي ته خبر هُئي هي گهر منهنجو ناهي ته پوءِ مون کي ڇو وڏي ڪيئي.؟ تون ته عورت هُئين ان ڪيفيت مان گُذري هوندينءَ.
اڄ آئون مائٽاڻو گهر ڇڏي آيس. هاڻي ساهوراڻي گهر ۾ هونديس. اُتان به منهنجو ور ۽ ان جا ڀائر پاڻ ۾ الڳ ٿيندا، تڏھن اهو به منهنجو گهر نه رهندو ۽ پوءِ منهنجا پُٽ ٿيندا انهن جو گهر ٿيندو. منهنجو ڪو به گهر نه هوندو. اي امان! ٻُڌاءِ عورت جو ڪو پنهنجو گهر به هوندو آھي ڇا...؟ هاڻي ان گهر ۾ منهنجو ڪو به حصو پتي ناهي رهيو، جنهن گهر جي ديوارن جي هر سر ۾ منهنجو ساھُ آھي. جنهن گهر جي گهٽي ۾ بيٺل نم جي وڻ سان منهنجو ٻالاپڻ جو ناتو آھي. ان وڻ جي وجود سان منهنجو روح وچڙيل آھي. جنهن گهر جي هر در جي چانئٺ چانئٺ ۾ منهنجو چِت اٽڪيل آھي. عورت لئه جڏھن سندس اباڻو گهر هميشه لئه ڌاريو ٿي ويندو آھي تڏھن عورت جو پهريون موت ٿيندو آھي. ان موت تي سمورو گهر ماتم ڪندو آھي، پر ان جبري جدائي جو درد فقط عورت ئي سمجهي سگهندي آھي جيڪا ان پيڙا جي پلصراط پار ڪندي آھي. مڃان ٿي منهنجا ڀائر مون کي ڪڏھن ڪڏھن ڏسڻ به ايندا ته ڪنهن وار پرٻ تي، ڪنهن تٿ تهوار تي ڪوٺڻ به ايندا، پر منهنجو وڃايل گهر مون کي واپس ڪڏھن به نه ملندو. ائين جيئن ڪُنڀ جي ميلي ۾ وڃايل ٻار سندس مائٽن کي ڪڏھن به ناهي ملندو. ڪڏھن به نه ملڻ وارو ڪرب ماڻھو کي ڪڏھن به ماري سگهي ٿو.
پنهنجو گهر هو ته سڀ ڪجهه پنهنجو هو. هر شي ھٿ تي ملندي ھُئي هاڻي هر شي ھٿ تي ڏيئڻي پوندي. تون ماني پچائڻ ۾ دير ڪندي هُئينءَ ته آئون وڙھندي هيس پر هاڻي آئون ماني پچائڻ ۾ دير ڪنديس ته مون کي ڌاريا دڙڪا ڏيندا. جيڪي آئون سهي نه سگهنديس پر سهڻا پوندا. سڀ ڪجهه بدلجي ويو. پنهنجي گهر ۾ هر شي مرضي مطابق ملندي هُئي، اُھا مرضي مائٽاڻي گهر ۾ ئي رهجي ويئي. ماڻھوءَ جي مرضي جڏھن ختم ڪئي ويندي آھي تڏھن زندگي زندان ۾ تبديل ٿي ويندي آھي. عورت پنهنجي گهر ۾ پکيءَ وانگي آزاد هوندي آھي. اُڏامندي آھي. گيت ڳائيندي آھي. راند ڪندي آھي. سائيڪل هلائيندي آھي. مائٽ ھُن جو هر ناز خوشيءَ سان کڻندا آھن، پر پرڻجڻ بعد هُن جي آزادي ختم ٿي ويندي آھي. بقولِ شاعر:
بهت ناز سي پالا ٿا جس ڪو مان باپ ني،
بعدِ شادي ڪي وه بيٽيان جل گئي.
عورت لئه پنهنجو اباڻو گهر پنهنجو وطن هوندو آھي. هُوءَ ٻئي جي گهر جلاوطن ٿي ويندي آھي. امان! ڪالهه آئون به جلاوطن ٿي ويس.
امان! آئون پنهنجا سمورا انگل ان گهر جي ديوارن ۾ ڇڏي آيس جنهن گهر کي مون پاڻ کان وڌ سينگاريو هو. جنهن گهر جي ڀتين کي پنهنجي هٿن سان راڳا ڏنا هئا. امان! منهنجون سموريون رانديون ڳوٺ جي اُن ريل ۾ رهجي ويون جنهن جي ريت تي منهنجي پيرن جا پدم اڄ به پونم چنڊُ جيئن چِٽا هوندا. هاڻي آئون پنهنجي پسند جون چوڙيون، پسند جا ڪپڙا، پسند جا جهومڪ ۽ جهيلا شايد ئي پائي سگهان. هاڻي سڀ ڪجهه پرائي پسند تي هوندو. آئون پرائي ٿي ويس امان! هاڻي پرائي رحم ڪرم تي جيئڻو پوندو. هاڻي پرائي منشا تي مشين وانگي ڪم ڪرڻو پوندو. هاڻي پنهنجي مرضي تي ماني به مُشڪل ملي. هاڻي تنهنجو بُخار ۾ مٿو چانپي نه سگهنديس. هاڻي بابل کي فُوٽن واري چانهه شايد ئي ملي. امان تون سدائين چوندي هئينءَ ته ڌيءَ پرايو ڌڻ آھي. واقعي ڌيءَ پرايو ڌڻ آھي، پر مائٽن لئه ڌيءَ جو جيترو پيٽ ٻرندو آھي ايترو پُٽن جو به ناهي ٻرندو. پُٽ ته پنهنجو ڌڻ هوندي به پرايا ٿي ويندا آھن. ڌيئرون ته پرايون هوندي به سموري عمر مائٽن کي ساري مري وينديون آھن.
امان! جنهن پينگهي ۾ تو مون کي لوڏيو هو اُن جون پاکريون اڃان سلامت آھن. جنهن سپلي ۾ مون کي سُتي پياري هُئي اها به اڃان جهُري ڪونه هُئي. جهُريو ته اهو ٻيسڻيو به نه هو جنهن ۾ تو مون کي ويهڻ سيکاريو هو. منهنجي ڇپئسي واري ڇير جا گُهنگهرُو به اڃان ڇڻيا نه هئا. اڃان ته منهنجون رول گول واريون واليون به منهنجي ڪنن لئه واجهائن پيون. مون ته گُڏين کي ئي مس پرڻايو هو تيسين تو مون کي پرڻائي پاڻ تان بار لاهي ڇڏيو. ڇا نياڻي ايتري ڀاري هوندي آھي جو گهر تي بوج ٿي ويندي آھي. نه امان! ٻُڌو هئم ته نياڻي رحمت هوندي آھي. پوءِ ان رحمت کي بار ڇو ٿو سمجهيو وڃي. نياڻي لڪشمي هوندي آھي. نياڻي ته گهر جي سُونهن هوندي آھي. نياڻي ته گهر ڀاتين لئه وڏيون عمرون گهرندي آھي.
اي امان! تو کان وڇڙندي آئون ايترو رُني آھيان جو ايترو ٿڃ پياڪ ٻار به ناهي روئندو جڏھن سندس ماءُ ٿڻ ڇڏائيندي آھي. خبر اٿئي امان! جڏھن ڪنهن نياڻي جون نظرون پنهنجي اباڻي ڳوٺ جي وڻن کان موڪلائينديون آھن تڏھن وڻ اوڇنگارون ڏيئي روئندا آھن، پر انهن جون رڙيون ان نياڻي کان سواءِ ڪير به ٻُڌي ناهي سگهندو.
هاڻي آئون سورهي هونديس يا ڏورهي تون ڏسي ڪونه سگهندينءَ. منهنجا ڀائر تنهنجي اکين اڳيان هوندا انهن جي ڏُک سُک کي اکين سان ڏسي سگهندينءَ، پر مون اڀاڳڻ جي اکين مان ڪريل هر ڳوڙھو بنا تدارڪ جي ئي گُم ٿي ويندو. هاڻي منهنجي بُک کي چهري مان ڪير به چتائي نه سگهندو. هاڻي منهنجي تپ تي ڪير به تحرڪ ۾ نه ايندو. هاڻي آئون پنهنجون هڙئي حسرتون ۽ ھُجتون لُڙڪن ۾ وهائي ڇڏيان ٿي. هاڻي منهنجا ڏُک لاوارث ٿي ويا آھن. ڀلا ماءُ کان سواءِ ڌيءَ جي سُور کي ڪو سمجهي سگهيو آھي؟
امان! مون کي هاڻ ڪجهه نه ٿو کپي. منهنجو هاڻي ان گهر ۾ ڪو حق رهيو ئي ناهي، پر پوءِ به سمجهان ٿي ته ڪجهه باقي رهجي ويو آھي. اهو مون کي موڪلي ڏجانءِ. مون کي اُھا ٻُهاري موڪلي ڏجانءِ جنهن سان آئون گهر جا اوٽا ۽ اڱڻ ٻُهاريندي هيس. ان ۾ لڳل اباڻي اوٽي جي مٽيءَ جي مهڪ ڪجهه سالن لئه سڪون ڏيئي ڇڏيندي. اُھا سُئي به موڪلي ڏجانءِ جنهن سان مون ننڍپڻ ۾ پنهنجي سهلين جي گُڏين جا ڪپڙا سبيا هُئا. امان! اها ٺينٻر به موڪلي ڏجانءِ جنهن ۾ آئون پکين لئه پاڻي رکندي هيس ۽ ها گهٽي واري نم جي ڪا نموري موڪلي ڏجانءِ ته ان کي پوکي آئون به پنهنجي اباڻي گهر واري نم جي نسل مان ڪڏھن ڪا ڇانوَ ماڻي سگهان. تنهنجي هٿ جي سبيل ڪا رِلي موڪلجانءِ ته ڏُکن ۾ ان ۾ منهن لڪائي ڪجهه پل روئي لُڙڪ لُڙڪ جو درد اُگهي سگهان. اُن رلي جي ٽانڪن ۾ تنهنجو رُوپ پسي تو سان دل جا درد ونڊي ۽ ورڇي سگهان.
فقط تنهنجي نياڻي نمرتا