هوليءَ تي نه پهچي سگهندڙ هڪ پورهيت جو پنهنجي پُٽ ڏانهن کُليل خط
وشال آڪاش ۾ چمڪندڙ دُرو تاري جهڙا منهنجا دلبر پُٽ! اُميد ته تون پنهنجي مومل ماءُ جي آنچل جي ڇانوَ ۾ ائين سرهو هوندين جئين ڀونئر نيل ڪنول جي گُل ۾ خوش هوندو آھي. دعا آھي شل تو تان ڪڏھن به اهو آنچل پري نه ٿئي. تو لئه دعائن جا در هميشه کُليل رهن!
پيارا…! سُڀاڻي هولي آھي. هولي جيڪا حياتين کي حُلواڻ جهڙن رنگن ۾ رڱي ڇڏي ٿي. هولي جيڪا وڻ ڦُوٽ واري وڻندڙ رُت بهار کي ڀليڪار چوڻ لئه ملهائي ويندي آھي. جيڪا بديءَ جي هار ۽ نيڪيءَ جي جيت جو جلترنگي ڏڻ آھي. ان ڏڻ تي پنهنجي گهر ڀاتين جي سڪ ۾ دلين جا درياءَ اوسام ۾ اچي تارون تار وهندا آھن. پنهنجن جي ياد هوليءَ جي آگ وانگي اندر دکائي ويندي آھي. پنهنجن کان پري رهڻ قسمت جو ڪيل وڏو ويڌن هوندو آھي. چوڻي آھي ته ” ڏاهو ٿي ڪنهن ڪمايو ناهي، چريو ٿي ڪنهن وڃايو ناهي.“ سڀ مقدر جا کيل آھن. سو آئون به هيل اهڙين حالتن جي شينهن جو شڪار آھيان.
اهو لکندي مون کي انتهائي ڏُک ٿي رهيو آھي، ته آئون هن هوليءَ تي نه ايندس. اُهو پڙھي توکي مون کان به گهڻو ڏُک ٿيندو، ڇاڪاڻ ته منهنجي اچڻ جو تو ڇهه مهينا انتظار ڪيو آھي. انتظار ماڻھو جو رت سڪائي ڇڏيندو آھي پر ڇا ڪجي پُٽ؟ وقت ۽ حالتون اجازت نه ٿيون ڏين. منهنجا خيسا خلا وانگي خالي آهن. منهنجي هٿن ۾ سواءِ لڪيرن جي ٻيو ڪجهه به ناهي. منهنجي پيرن ۾ مجبورين جا پنجوڙ آھن. اندر جي سمندر ۾ اوهان سان ملڻ جي وير ڀاٽا اُٿلي پيئي آھي. درد جي برف باري جي ڪري اکين ۾ لُڙڪ ڄمي ويا آھن. مون کي ڏونگر جيڏو ڏُک اهو آھي ته آئون تولئه نيلامي وڳو به نه وٺي سگهيس. مون کي ته پتڪڙي پوپٽ جهڙي پنڪي لئه پنج روپئي جون ڪانچ جون چوڙيون خريدڻ جي به خوشي نصيب نه ٿي.. اُها پنڪي جنهن جي ياقوتي چهري تي ٽڙندڙ ٽھڪن جا گُلاب منهنجي حياتيءَ جي کيتر ۾ سوين سُڳنڌون وکيريندا آھن، جنهن جي ميرن وارن جي خوشبوءَ مون کي کٿوريءَ کان وڌ وڻندي آھي، جيڪا جڏھن منهنجي گدلي چوليءَ سان چنبڙي ڪو انگل ڪندي آھي، تڏھن مون کي خُدا سان پيار ٿي ويندو آھي. منهنجي ساھ جي تار ۾ هر ويل وائلن وانگي وڄندڙ منهنجي اُن ستي ساوتري جهڙي سُگُڻي پتنيءَ لئه شُڀ ڏڻ تي هڪ ساڙھي وٺڻ به منهنجي مقدر ۾ لکيل نه هو. جنهن مون کان اڳ ۾ ڪڏھن ماني به نه کاڌي، جنهن سدائين مون کي ڀڳوان سمجهي پوڄيو، جنهن جي چپن جي چاشني مون کي ڀڳوان جي ڇٽيهه ڀوڄن کان مٿي ڀلي لڳندي آھي، جنهن جو ڀاڪر مون لئه دنيا جو سڀ کان بهترين پناھ گاھ آھي. آئون ڪيڏو نه اڀاڳو آھيان جو عمر جي آخري ڏاڪي تي پهتل پنهنجي اُن مڙھيءَ ماءُ لئه پاءُ مٺائي جو به آڻي نه سگهيس، جيڪا سڄو ڏينهن مالها ڦيري منهنجي ججهي ڄمار لئه پُڪار ڪري ٿي. آئون ته پنهنجي اُن پوڙھي پيءُ لئه چائنا جي چپل به نه وٺي سگهيس جيڪو منهنجا جڏھن به پير ٻرندا هئا مون کي پنهنجي ڪُلهن تي چاڙهيندو هو. پاريٻي جهڙي منهنجي پورهيت ڏيل کي ڏينڀوئن جي ڏنگ جهڙو ڏنڀ اهو آھي جو آئون پنهنجي اُن پرديسڻ ڀيڻ کي رول گول جي جهومڪ جي هڪ جوڙي به ڏيئي نه سگهيس، جيڪا منهنجي هٿ ڪراين ۾ راکي ٻڌندي دنيا جي وڏي ۾ وڏي خوشي محسوس ڪندي هئي. جنهن جي هاتڪ هٿن جا ٺاهيل موڙ اڄ به مون لئه وڏي ميراث آھن. جنهن جي ڪوئل جهڙي ڪنٺ مان نڪتل دعائن جا ڌڌڪا اڄ به منهنجي ڪنن ۾ ڪِنجهي جئين ٻُرن پيا. هاڻي تون ئي ٻُڌاءِ پُٽ آئون ڪئين اچان؟ ڪئين اچان اُن ڪيفيت ۾ جنهن ۾ ساھ کڻڻ به مُشڪل هجي. اهڙن اذيتناڪ لمحن ۾ پنهنجن کان پري رهڻ ئي چڱو آھي. هٿين خالي حالتن جي هٿوڙن جو ماريل ماڻهون ڀلا ڪهڙي خوشي ڏيئي سگهندو؟ ڪهڙي منهن سان اوهان کي منهن ڏيکاريان؟ آئون اوهان جو ڏوهاري آھيان. پنهنجي پريوار جي معمولي سپنن کي ساڀيائن جا ويس نه پارائڻ جي پيڙا ڇا ٿيندي آھي؟ ان جو احساس اڄ ٿي رهيو آھي. ڏيڍ سوءَ ڏھاڙي تي ڪم ڪندڙ هڪ مزودر ماڻھو هن ڳاٽي ٽوڙ مهانگائيءَ جي منحوس دور ۾ ڀلا ڇا ٿو ڪري سگهي؟ پنهنجو پيٽ ڀري ته پريوار جو ڪئين ڀري؟ پريوار جو پيٽ ڀري ته لٽا ڪٿان آڻي؟ لٽا وٺي ته اجهي جو اونو ننڊون اُڏائي ڇڏي ٿو. ان ڪري مون ڇهه مهينا ليڙون لٽن سان، هڪ ويلو ماني کائي، بنا اجهي جي ڦُٽ پاٿن تي راتيون گُذاري روپيو روپيو بچائڻ جي ڪوشش ڪئي. بچايا به سهي پر جهموريت ۾ اوج تي پهتل غنڊه گردي منهنجي خوابن کي هوليءَ کان اڳ خاڪ ڪري ويئي.. پيٽ تي پٿر ٻڌي جيڪي ٻه پئسه ڪمايا هئا اُھي ڪالهه بشني ڪنڌ تي پستول رکي مون کان ڦُري ويا پُٽ! اُنهن کي ڪهڙي خبر ته انهن پئسن ۾ منهنجو جهان هو، منهنجي سموري گهر ڀاتين جا کُڙکُٻيتي جهڙا خواب هئا. اُنهن ظالمن اڳيان مون جام ايلاز ڪيا پر پُٽ هنن منهنجي هڪ به نه ٻُڌي ۽ فرار ٿي ويا. منهنجي رت ولوڙي ڪمايل پئسن مان اُھي شايد شراب پيئندا ۽ ڪنهن مجبور عورت جي عصمت خريد ڪندا، تڏھن منهنجا پئسه ڪُٺل پکي وانگي مون لئه ڦٿڪندا، پر اُنهن وحشين کي ڪو به احساس نه ٿيندو ڇاڪاڻ ته مون ڌيان سان انهن جي اکين کي ڏٺو هو ۽ محسوس ڪيو هو ته انهن جي اندر دل نه، پر جگر هو جنهن سان اُهي ڪنهن کي ماري ته سگهيا ٿي پر جياري نه ٿي سگهيا.
مڃان ٿو منهنجي نه اچڻ سان دنيا ائين جي ائين هلندي رهندي ڪنهن تي ڪو فرق نه پوندو پر جگر! منهنجي ڪل ڪائنات منهنجو ننڍڙو پريوار جهُري پوندو. اهڙو پريوار جيڪو پکين جي پريت سان پنهنجي ڪکائن جهوپڙن ۾ ائين سرهو رهي ٿو جئين ٻاٻهيا ٿر جي ريگزارن ۾ اُڃ مرندي به آسودا هوندا آھن. اهڙو پريوار جنهن جا سپنا به مارئي جي مُرڪ جهڙا سادا، جنهن جون خوشيون به ٿڃ پياڪ ٻارن جي خوابن جهڙيون کلمک، جنهن جون آسون به فقيرن جي دل جهڙيون درويش، جنهن جون نيتون به ماڪ جهڙيون پاڪ.! اُن ڪُٽنب جا سڀئي ڪوڏ منهنجي وجود سان وابسته هئا ۽ منهنجو وجود مُلڪ جي وڏي شهر جي وڏن وحشين هٿان ڌونئري ڏينهن جو لُٽجي ويو. ان کان مٿي ٻيو ڪهڙو الميو هوندو.
ڌوڙيلي جي ڏينهن جڏھن سڄو ڳوٺ رنگ ۾ رڱجي هڪ ٻئي تي گير ڪندو تڏھن اوهان جي اکين ۾ اُدسي جو رنگ اُڀري ايندو. جنهن کي ڳوٺ جو ڪو به ماڻھو محسوس ڪري نه سگهندو، پر منهنجو روح اوهان جي هر المئي تي اوڇنگارون ڏيئي روئيندو.
مون کي اهو احساس آھي ته جڏھن تنهنجي ڀيڻ توتان ڀارڻي اُتاريندي پنهنجي بُکايل پيٽ سان توتان هارولن جا هار گهوريندي تڏھن تون موٽ ۾ اُن کي ڳُڙ جي ڳڙي به نه ڏيئي سگهڻ جي ڏُک ۾ جهُرئي جبل وانگي جهُري پوندين. تون ته تڏھن به جهُري پوندين جڏھن ڳوٺ جا سمورا ٻار پنهنجن بابلن جون آڱريون پڪڙي انهن کان خرچي گهرندا. تنهنجي روح ۾ اُداسي جو ريلو تڏھن به روان هوندو جڏھن سموري ڳوٺ جون پونم چنڊُ جهڙيون پريون ست ست سينگار ڪري، هوليءَ جون لارون ڏسي پنهنجي وشال اکين ۾ سُرمي جون سرايون ڦيري سرهيون ٿينديون، تڏھن تنهنجي سورج سريکي ماءُ جون ساحر اکيون گهر جي اُجهاميل چُلهه کي ڏسي سمندر بڻجي پونديون ۽ ھُوءَ چاهيندي به هولي ڏسي نه سگهندي. اُن مهل اوهان کان پري آئون ڪهڙي ڪيفيت مان گُذرندس؟ ان جو اوهين سوچي به نه ٿا سگهو. آسمان تي چنڊُ مڪمل هوندو پر منهنجي اندر جو چنڊُ اڌورو هوندو. روشنين جي شھر ۾ هوندي به آئون گُگهه اوندهه ۾ هوندس. منهنجي سرير ۾ ساھ ته هوندو، پر آئون زنده نه هوندس. منهنجي اکين ۾ پاڻي ته هوندو پر روئي نه سگهندس. منهنجي پيٽ ۾ بُک جي باھ ٻريل هوندي پر ماني کائي نه سگهندس. اُڃ ۾ بُڪيون سمنڊ ڪناري ڦٿڪندڙ مڇين وانگي تڙپنديون رهنديون پر پاڻي جو ڍُڪ نڙي مان هيٺ لاهي نه سگهندس. اهڙي بيوسي واري حالت ۾ آئون بار بار مرڻ چاهيندس، پر اوهان جي اوسيئڙي ۾ مري نه سگهندس.
پُٽ! اهو ڪڏھن به نه سمجهجانءِ ته هن سنسار ۾ رڳو پاڻ ئي دُکي آھيون. هن دنيا ۾ اڌ کان وڌ آبادي اهڙن ئي عذابن جو شڪار آھي. آئون جنهن ميگا سٽي ۾ رهان پيو ان جي رونقين ۾ مون جهڙن لکين مزدورن جو رت ۽ ست سمايل آھي، پر اميري جا چشما چاڙھي هلندڙ ماڻھن کي اهو ڏسڻ ۾ نه ٿو اچي. اهي وڏا شھر وڏيون اجگر بلائون آھن، جن جي زهر سان هر روز الئه ڪيتريون حياتيون ڏنگجن ٿيون. هتي جي راتين ۾ جتي پنج ستارا هوٽلن جي ڊبل بيڊ رومن ۾ فرينچ شراب جي نشي ۾ ٻُڏل ڪيئي حسين جوڙا هني مون ملهائن ٿا اُتي هن ئي شھر جي جهوپڙ پٽين ۾ غريب مڇرن جي موسيقي ۾ ننڍ ڪرڻ جا عادي ٿي وڃن ٿا. هن ئي شھر ۾ ڪي پيزا ۽ چڪن بريانيون کائي کائي بيزار ٿي ويا آھن ته ڪي بُک جي باھ اُجهائڻ لئه اروڙين تي اُڇلاين گند مان اوبر ڳولين ٿا. ڪن کي پارڪن جي پينگهن ۾ لُڏندي به بوريت محسوس ٿئي ٿي ته ڪن جي ٻارن کي کٽ جي ايس ۾ ٻڌل جهولي به نصيب نه ٿي ٿئي.
پاڻ وٽ ماڻهون سوپاريون کائيندا آھن هتي سوپاريون ماڻھو کائينديون آھن. پاڻ کليل اڱڻ تي بنا کُٽڪي جي آنند ڀري اونگهه ڪندا آھيون هتي بند ڪمرن جي ايسين ۾ به ماڻھن جا پگهر نڪري وڃن ٿا پر ننڊ نه ٿي اچي.
منهنجا ماڻينگر پُٽ! آئون دُنيا جو هر عذاب سر تي سهي سگهان ٿو، پر اوهان کي اُداس ڏسي نه ٿو سگهان. اوهان جي اکين ۾ لُڙڪ ڏسي سگهڻ جيتري سگهه مون ۾ ناهي رهي. موت سان مقابلو ڪري سگهان ٿو پر ٻچن جي مُک تي مايوسي نه ٿو ڏسي سگهان. بقول ڪوي:
موت سي جو نه ڊرتا ٿا وه بچون سي ڊر گيا
اڪ رات جب مزدور خالي هاٿ گهر گيا
منهنجا نورچشم! جڏھن ماڻهوءَ جون مور جي دل جهڙيون منون ڪامنائون ۽ ڪونجن جهڙيون ڪلپنائون مايوسيءَ ۾ مري وينديون آھن، تڏھن هي دُنيا دوزخ جهڙي لڳندي آھي. دل دانهون ڪندي آھي، پر اُھي دانهون دنيا جو ڪو به ڪن سُڻڻ جي سگهه ناهي ساريندو. وقت ۽ حالتن هٿان مري ويل من ڀاونائن جو درد دنيا جو ڪو به قلم صحيح نموني لکي ناهي سگهندو. حياتيءَ جي ٻُڪ مان هارجي ويل حسرتن جي موتين کي ڪو به جواهري ميڙي ناهي سگهندو. بس ڪجهه گهرا زخم دل جي بدن تي امٽ نشان بڻجي رهجي ويندا آھن، جن جي سُور ۾ روح سدائين ميلي ۾ وڃائجي ويل ٻار جي ماءُ وانگي روئندو رهندو آھي...!
مون کي اهو ڏينهن تا قيامت نه وسرندو، جنهن ڏينهن مُفت جي بس ۾ چڙھي هڪ ميلي ۾ پهتا هئاسين. ميلي جي بازار ۾ رنگ برنگي رانديڪن جا سوين دڪان ڏسي تو به آڙو ڪيو هو ته، بابا مون کي به هڪ رانديڪو وٺي ڏي. تنهنجي اصرار تي مون پنهنجي کيسي ۾ هٿ وڌو ته مون کي غُربت جي زهريلي وڇون ڏنگي وڌو هو. کيسي ۾ موجود چند سڪا ساريندي ساريندي شام ٿي ويئي هئي پر رانديڪو نه ملي سگهيو هو. اُنهن چند سڪن مان مون توکي ڦُلا وٺي ڏنا هئا، جيڪي تنهنجي نڙيءَ ۾ ڀُرٽ وانگي چُڀي ويا هئا. تون رانديڪن کي ڏسندو رهين ۽ آئون پيڙائن جي پلصراط تان گُذرندو رهيس. ان ڏينهن کان پوءِ آئون ڪڏھن به ڪنهن ميلي تي ناهيان ويو. رانديڪا مون کي غريبن جي ٻارن جا لاش لڳندا آھن.
پُٽ اُهو ڏينهن توکي چڱي طرح ياد هوندو جنهن ڏينهن آئون توکي زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو شھر گهمائڻ وٺي ويو هئس. جولاءِ جو مهينو هو. شھر ۾ موجود گاڏن تي انب، ڪنهن سونارڪي دڪان جي شوڪيس ۾ پيل سونن زيورن وانگي چمڪي رهيا هئا. پاڻ ٻنهي گاڏي تي وڃي اگهه پُڇيو هو. اگهه ايترو هو جو ڀاڙي لئه پئسا نه ٿي بچيا، تڏھن تو چيو هو بابا مون کي انب جُلاب ڪندا آھن. مون تنهنجي ابهم اکين ۾ مري ويل مٺاڻ جو درد چڱي ريت محسوس ڪيو هو، پر ڪجهه به ڪري نه ٿي سگهيس. واپس گهر به هلڻو هو. اُن ڏينهن کان پوءِ مون کي انب غريبن کي ڏنل ڏاتار جو ڏنڀ لڳندا آھن.
قلم تازه: پُٽ منهنجو ڪو به اونو نه ڪجانءِ. نه ئي پنڪيءَ ۽ ٻين گهر وارن کي چئجانءِ ته بابا ڪو نه ايندو. ڪنهن جي به آس نراس ٿيڻ نه ڏجانءِ. تون منهنجو ڍول پُٽ آھين پنهنجو ۽ پنهنجي پريوار جو خيال رکجانءِ.! آتما سان لکيل هي خط اڪيلائي ۾ پڙھي پوءِ هوليءَ جي دکندڙ باھ حوالي ڪري ڇڏجانءِ! ۽ ياد رکجانءِ ته هن هوليءَ تي تنهنجي جهوليءَ ۾ تڪ جو ڪو به ايم پي اي يا ايم اين اي آٿت جي عيدي وجهڻ نه ايندو. پوءِ به حوصلو نه هارجانءِ. تنهنجو رب خير ڪندو!
فقط تنهنجو پورهيت پيءُ
ملوڪ
ڪچرا منڊي ڪراچي