ايڪهتر ۾ ڌرتيءَ مان دربدر ٿيل هڪ ڀيڻ جو ’’رکشا ٻنڌن “ تي ڀاءُ ڏانهن خط
آئون به هاڻ پُٽن پوٽن واري ٿي ويئي آھيان. منهنجو پَتي رٽائرڊ ماستر آھي. منهنجو پُٽ ڊاڪٽر آھي. ماني مڇيءَ واري ٿي ويئي آھيان. هڪ ڌيءَ آھي جيڪا ميٽرڪ ۾ پڙھي ٿي. روز اسڪُوٽيءَ هلائي اسڪول ويندي آھي. توکي کِل ايندي پر ويرل! هيءَ سنڌ نه پر هِند آھي. پنهنجي راجپوتي پرمپرا وارو ڀرم ڀٽن ۾ رهجي ويو.
منهنجو پُٽ به سپوٽ آھي. مون کي ڏاڍو ڀائيندو آھي. ڏُڌ پُٽ سڀ ڪجهه آھن. بس هڪڙي ڪمي آھي اوهين ناهيو. ڪڏھن ڪڏھن اڪيلي سوچيندي آھيان ته ائين لڳندو آھي مون وٽ ڪجهه به ناهي منهنجا ڀاءُ ڪجهه به نه…! بقولِ ڪوي ته:
لڪڙي جل ڪر ڪوئلا ڀئي، ڪوئلا جل ڀيا راک
مين اڀاگن ايسي جلي، نه ڪوئلا ڀئي نه راک
(ڪاٺي ٻرڻ کانپوءِ ڪوئلو ٿيندي آھي ۽ ڪوئلو ٻري رک ٿيندو آھي. آئون اڀاڳڻ اهڙي ٻري آھيان جو نه ڪوئلو بڻي آھيان نه رک.)
منهنجا مٺا ڀاءُ! ٻُڌو اٿم هيل ٿر ۾ برسات صفا هڻي هَند ڪيو آھي. ترايون ڪُتي جي اک ٿي پيون آھن. الاهي ورهين پُڄاڻان اهڙو ڀلو ورس ٿيو آھي. گاھ به گوڏي تي آهي. فصل به اصل ڪم ڪڍي بيٺا آھن. مريڙو ۽ کُنڀيون به کائي ماروئڙا اوڪڻجي پيا آھن. کير ڀٽارو گهڙن جي مونهين آھي مطلب ٿر هينئر ڏسڻ جهڙو آھي پر آئون ڏسي نٿي سگهان بس تصور جي تُرهي تي چڙھي پل اپل ۾ اچان ٿي ته، ڪڏھن ڪڏھن رات جو خوابن جي اُڏند کٽولي تي چڙھي پنهنجي ماتر ڀوميءَ جي وڻ وڻ کي ڀاڪر وجهي روئان ٿي. ڳوٺ جي وڏي ڊُوهي تي آنٻليو کيڏان ٿي. اجهور واري جهوني کوھ تي اواڙا اُميهران ٿي. اک کُلڻ تي کِل به ٿئي ٿي پر اکين جون پنبڻيون پُسيو وڃن ٿيون.
پيارا ويرل…! مونکي ايڪوتر (1971ع) واري اها بلئڪ آئوٽ رات اڄ به ياد آھي. جنهن رات اسان جا توا چڙھيل ئي رهجي ويا. ڀريا تُريا گهر، مال متاع ڍور ڍڳا سڀ ڪجهه ڇڏي بس ساھ مُٺ ۾ ڪري رڻ ڪڇ ڏي ڀڳا هئاسين. ننڌڻيڪا ٿي پرائي ديس ۾ دربدر ٿي وياسين. جتي اڄ به اسان کي شرنارٿي چيو وڃي ٿو. اسين هن ڌرتيءَ تي هوندي به هن ڌرتيءَ جا نه ٿي سگهياسين. هينئر خبر پوي ٿي ته ماڻھو پنهنجي ڌرتي کان سواءِ بي پاڙي ول جيان ڪئين هوندو آھي...!؟
مونکي مائٽن ٻارنهن ورهين جي ڄمار ۾ سياءَ جي پلي لڳايو هو. ٻالاتڻ ۾ روئندي روئندي گهر کان رُخصتي ڪئي هئم. کيڏڻ جي وهي ۾ ذميواريون مليون هيون تڏھن به ايترو ڏُک نه ٿيو هو جيترو اچانڪ هڪڙي رات ۾ ڌرتي ڇڏڻ تي ٿيو هو. ڀنل اکين سان پنهنجا ڀونگا ڇڏڻ مهل ڏاڍو ڏُک ٿيو هو. جانور به پنهنجي جُوءِ ڇڏڻ ناهي چاهيندو، اسين ته پوءِ به انسان هئاسين، پر ڇا ٿي ڪري سگهياسين؟ اسان سوچيو هو ته اوهين به سِگهو اوڏانهن ايندا، پر اوهان هڪ نامدار نهُڙئي سردار جي ڏڍ تي انچ به نه چُريا ۽ ھُن واقعي اوهان جو وار به ونگو ٿيڻ نه ڏنو، پر اسان کي ڪو به اهڙو نيڪ دل نهڙيو نه مليو جيڪو دل کي دلاسو ڏي ها ۽ اسين هئين دربدر نه ٿيون ها.
ڪجهه ڏينهن اڳ وير پُسلي جو وِرت رکيو هئم.(هي ورت سانوڻ مهيني ۾ ايندو آھي جيڪو سانوڻ جي پهرين آچر تي ملهايو ويندو آھي. ڀيڻون پنهنجي ڀائرن لاءِ رکنديون آھن.) سوپاري کي ست ٽُڪر ڪرڻ لئه جئين ئي هٿ ۾ موهري کنيم. اکيون ڀرجي آيون. سوپاري ته نه ٽُٽي پر منهنجو اندر اٺ ٽُڪر ٿي پيو. سوچيم سوپاري جا ڳترا ته ڀائرن کي ڏيڻا آھي سو منهنجو ڀاءُ ته سرحد جي هُن پار آھي. آئون سوپاري ڪنهن کي ڏينديس؟ ان ڏينهن سڄو ڏينهن رُني هيس. تون ڏاڍو ياد پيو هُئين. سڀ سهيليون ياد جي ترائي ۾ تري آيون هيون. ڳوٺ جو چپو چپو دل جي درپن ۾ چٽو ٿي پيو هو...!
سٺ سالن جي عمر ۾ هوندي به سانوڻ وارن ورتولن ۾ صفا ٻارڙي ٿي وطن کي ياد ڪندي آھيان. پل به وساري نٿي سگهان. ڪئين وساريان اهو جهونو کوھ جنهن جو ٻاڙو پاڻي منهنجي سُتيءَ ۾ سمايل هو. جنهن کوھ تي مون ڦُوھ جواني جون کينچلون ڪندي جيڏين سان گڏ ٽھڪ ڏنا هئا. اهي ٽھڪ اڄ به منهنجي ڪنن ۾ ٻُرن پيا. ڪئين وساريان سرامڻ جي پهرين ٽيج جا اُهي پرينت ڀريا گيت جن جي سنگيت ۾ ملڪ جي مٽيءَ جي مهڪ سمايل هُئي. وساري ته اها ترائي به نه ٿي سگهان، جنهن جي اوٺي ٻُوڙ پاڻيءَ ۾ ٽيج جا گجُوئا تاريا هئا.
مونکي اها ڊُوهي ڄار ڏاڍو ياد اچي ٿي، جنهن ۾ لوڏ ٻَڌي آئون اڪثر لُڏندي هيس. پيارا ويرا…! مونکي ان ڄار جي ٽار جو ڪو ڇوڏو اُماڻي ڏي ته تعويذ ڪري تَن تي ٻَڌي ڇڏيان. ڪجهه ڏيل کي ڏڍ اچي ويندو يا اُن جهوني کوھر جو کارو پاڻي ڍُڪ موڪلي ڏي ته جيڪر مري وڃان ته به آتما کي شانتيءَ ملي. منهنجا ويرا…! مون کي اُن واريءَ جي چپٽي موڪلي ڏجانءِ. جنهن مان مون ڀيڄ ڀنيءَ جو ڀونگلا ٺاهيا هئا. هن رُت ۾ ڀوميءَ جي هر پڌارٿ چِت ۾ چهنڊڙيون هڻي ٿي.
اڄ رکڙي پونم آھي. جنهن کي رِکشا بندن چوندا آھن. (هن ڏڻ تي ڀينرون پنهنجي ڀائرن جي هٿن ۾ راکڙيون ٻڌنديون آھن.)
اڄ آئون صفا جهُري پيئي آھيان. اڄ روئڻ چاهيان ٿي پر لُڙڪ اکين جي نڙي ۾ اٽڪي پيا آھن. خاموش اکين ۾ سُڏڪا سمائي هي رت سان خط لکي رهي آھيان. اڄوڪو چنڊُ به ڳرهڻجي چُڪو آھي پر منهنجي حياتيءَ جو چنڊُ ته ان رات ڳرهڻجي چُڪو هو جنهن رات مون پنهنجي گهر جو در کليل ڇڏي ان کي هميشه لاءِ الوداع ڪيو هو.
ويرا…! اڄ مون به ريشم جي ڌاڳن مان هڪ راکي ٺاهي آھي. جنهن ۾ سڪ جا ڪيئي ٽونئر ٽانڪيا آھن، پر اُها ڪنهن کي ٻَڌرايان؟ تون مون کان ڪوهين ڏُور پري آھين. خدا پَر به ناهن ڏنا جو اُڏامي اچان. مٺا ڀاءُ هڪ مجبور ۽ بيوس عورت سواءِ ماتم جي ٻيو ڪري به ڇا ٿي سگهي…!؟ وطن کان پري عمر جا پنجيتاليهه ورهيه مون جنهن پيڙا ۾ ڪٽيا آھن اها اذيت شل مالڪ دُشمن کي به نه ڏي. ماڻھو بُک وگهي ڪو نه مرندو آھي. پر وطن جو وڇوڙو ماڻھو جي عمر گهٽائي ڇڏيندو آھي. منهنجي عمر به هاڻي پوري ٿيڻ واري آھي پر ان آس تي ساھ کڻان پيئي ته هڪ ڏينهن وري پنهنجو وطن ڏسنديس...!!
مون توکي آخري ڀيرو تڏھن ڏٺو هو، جڏھن تون پنج ورهين جو هئين، اڄ پنجيتاليهه ورهيه وهامي ويا آھن. هاڻي تون الائجي ڪهڙي شڪل ۾ هوندين، جئين به هجين پر منهنجي تصور ۾ تنهنجي اها ئي تصوير تري ٿي جيڪا هڪ ٻار جي ھُئي. مون لئه تون اڄ به اهو ئي پنجن سالن جو ٻالڪ آھين، جنهن کي آئون ڪڇ ۾ کڻي ريل ۾ راند ڪرائيندي هيس. منهنجو ساھ تنهنجي پيٽ ۾ هو. توکي بابا وڏيون باسون باسي پير پٿوري کان پني ورتو هو. تون سڄي گهر ۾ لاڏلو هئين. مون تنهنجي لاءِ وڏي لاڏ ڪوڏ مان مور جي پَرن مان موڙ ٺاهيا هئا. اُنهن موڙن ۾ هڪ ڀيڻ جي حسرت سمايل هُئي پنهنجي ڀاءُ جي سر تي سهرا ڏسڻ جي.. هڪ آشيرواد سمايل هو امڙ جو ڇاڪاڻ ته، تون امان جو صفا اکين جو تارو هئين. امان ته اسان نياڻين کي به پُٽ سمجهندي هئي وڏو پيار ڏيندي هئي.الا…! منهنجي جيجل…!
هاڻي جيئري به آھي يا نه.. ڪو به سماچار نه ٿو ملي. آئون ته بس دل کي آٿت ڏيڻ خاطر هر ويل پنهنجي مُنهن چوندي وتان ته، هڪ ڏينهن امان مون سان ملڻ لئه مون وٽ ضرور ايندي…! نه امان ٿي اچي ۽ نه ئي آئون شانتيءَ سان مري سگهان ٿي. منهنجي ماءُ جهڙي مٺڙي پنهنجي ڳوٺ واريءَ جيجي ميگهواڙڻ به الئه ڪهڙن حالن ۾ هوندي؟ جيئري به آھي يا نه..الا…! هُوءَ مون لئه وڏي ڪوڏ مان پِپون چونڊي ايندي هُئي. ان جو پِپن جهڙو پيار سنڀاري اکين جا بند اُٿلي پون ٿا..مٺا هاڻي بس وڌيڪ نٿي لکي سگهان. چنڊ به ڳرهڻ جي گرفت مان آجو ٿي ويو آھي، پر منهنجي جيون مان ڳڻتين جو ڳرهڻ الئه ڪڏھن ويندو…؟
پيارا ويرا…! هڪ ڀيرو جيجل کي مون ڏي وٺي اچجانءِ. هاڻي ته کوکرو به کُلي ويو آھي. هر هفتي راجا واري ريل ورهين جا وڇڙيل پاڻ ۾ ملائي ٿي. مون به اوهان ڏانهن اچڻ لئه عرضي ڏني هئي پر سرڪار در اگهاڻي نه چيائون تنهنجي ڪاغذن ۾ غلطي آھي. مُرڪي وراڻيم غلطي ڪاغذن ۾ نه پر منهنجي مقدر ۾ آھي جنهن مونکي ڌرتي بدر ڪيو آھي.
آخر ۾ هڪ عرض ته منهنجو هي خط اگر ڪنهن به نئين دور جي ”احمد“ کي ملي ته مهرباني ڪري مونکي پوپٽي واريون پَٽيون نه پڙھائي، ڇاڪاڻ ته آئون هيرا آباد واري پٻي نه پر ٿر ڀٽن جي اها ڀيڻ آھيان، جنهن جو دامن ڀاروڙين جي اُن جهڙو اڇو آھي. جنهن جي سڪ واريءَ جي ڪڻ ڪڻ سان وابسته آھي. مون گهڻو ڪجهه ڀوڳيو آھي مون کي هاڻي بس شانتيءَ سان مرڻ جي ضرورت آھي.! پر اُها شانتي وطن جي مٽيءَ کان سواءِ ڪٿي ملندي…؟ ۽ وطن جي مٽي مون کي هاڻي مئي پُڄاڻان به پڪ سان نه ملندي.!
لکيو منجهه نراڙ سو قلم ڪئين وهي ڪياڙي
ڀٽائي“
فقط تنهنجي اڀاڳڻ ڀيڻ
امرتا