هڪ حساس دل پُٽ جو پنهنجي ماءُ کي خط!
پيرن تي هٿ جيجان…! ڏياريءَ جا سمورا ڏُک پنهنجي اکين سان ميڙي هينئر ٿڪي ٽُٽي اچي ڇنل منجي تي سُتو آھيان. ننڊ لُڙڪن جي سيلاب ۾ لُڙھي ويئي آھي. اماوس جي ڪرس گيل جهڙي ڪاري رات جي اونڌاهي ڇانئجي چُڪي آھي. وشال آڪاش تي ديپڪا جهڙا ستارن جا ديپ ٻرن پيا جن کان منهنجو منجي تي پيل اڌ مئل وجود، ڏيجوانن جي مري ويل ڏياريءَ جي تعزيت وصول ڪري رهيو آھي. ڌنوانن جي زوردار ڦٽاڪن جي ڌماڪن سبب مور ماٺا ٿي ويا آھن. ٿڃ پياڪ ٻار ڇرڪون ڀري ڀري هاڻ پنهنجي مائرن جي ممتا ڀرين ڇاتين سان چهٽي سمهي پيا آھن. اميرن جي انجواءِ اڃان جاري آھي، جنهن ۾ ان ڳالهه تي بحث ٿي رهيو آھي ته ڦلاڻي جا ڦٽاڪا الاڻي کان گوءَ کڻي ويا آھن ۽ هي ستون پيگ آھي. لڪشميءَ جي پوڄا لڪشمي وارن ڪري ڇڏي آھي. سالن کان ٽجوڙين ۾ دم ٽوڙي ويل نوٽن کي به هاڻ پڪ سان گُلال جا تلڪ لڳي ويا هوندا. اُميد آھي ته نرڌنن کي سڀاڻي دان ڪرڻ لئه ڌنوانن اوبر جهڙي ”اُتم“ دان کي سنڀالي رکڻ نه وساريو هوندو. رکي رکي ڪو ڦٽاڪو اڃان به ٻري ٿو. سموري ڳوٺ جا ڏيئا ڏيجوانن جي ڏُک ۾ برابر جا شريڪ ٿيڻ لئه هوا سان هٿ ملائي ازخود گُل ٿي چُڪا آھن.
امان! هي ڪهڙي دنيا جا ماڻھو آھن جيڪي فقط پنهنجو ئي سوچين ٿا؟ پنهنجو ٻار، ٻار لڳي ٿو باقي ٻار ڌرتيءَ تي بار لڳن ٿا. پنهنجو پيءُ مري ٿو ته يتيمي محسوس ٿئي ٿي ۽ ٻئي جو پيءُ مري ٿو ته چون ٿا منجو واندو ٿيو. خوشيءَ جا تهوار به هنن پاڻ تائين محدود ڪري ڇڏيا آھن. پاڻ اسٽرونگ بيئر جا ڏٻا پيئن ته انجواءِ آھي ۽ ڪو غريب ٺري جو ڍُڪ ڀري ته چون واهيات موالي آھي. ائين ڇو آھي؟ پنهنجي ڀيڻ ڀيڻ آھي باقي ٻين جون ڀيڻون سڀ جنسي عياشيءَ جو سامان آھن! پنهنجو ويجهو رشتيدار مري ته قدرت جو قهر باقي ٻين جا معصوم ٻار مرن ته لکئي جو ليک!
امان…! هر ڪو پنهنجي دنيا ۾ گُم آھي، پر مون کي هي تصورن جا تير سمهڻ ئي نٿا ڏين.سوچيان ٿو ته اڄ الئه ته ڪيترا اڱڻ ميڻ بتيءَ کان محروم رهجي ويا هوندا. ڳڻڻ کان مٿي گهرن جا چُلهه مٺاڻ کان محروم رهجي ويا هوندا. نه ڄاڻ ته ڪيترن ٻارڙن جون حسرتون هولي ٿي ويون هونديون. خبر ناهي ته ڪيتريون اُهي سهاڳڻيون بنا سينگار جي ڏُک مان ڏيئا ٻاري پرمپرا پاري سُتيون هونديون، جن جا ور اهڙي ڏينهن به گهر موٽي نه سگهيا. جن جا ٻار گهر جي دئار ۾ اکيون اٽڪائي اڌ رات تائين سندن بابلن جي آجيان ڪرڻ لئه اُڀي پير بيٺا هوندا. انهن جي آس جڏھن نراس ٿي هوندي تڏھن انهن سندن مائرن جا آنچل جهلي اهو پڇيو هوندو ته امان بابو ڇو ڪونه آيو؟ ڪهڙو جواب ڏيئي سگهيون هونديون اُھي مجبور مائرون جن جا ور پيٽ خاطر پنهنجي گهر کان پري رهجي ويا. انهن بدنصيب بابلن کي اهڙي شُڀ ڏڻ تي به ستمگر سيٺين وٽان موڪل ملي نه سگهي. ابو ڇو ڪونه آيو؟ ڪيڏو نه ڀاري سوال آھي. ڪيڏي نه پيڙا سمايل آهي انهي هڪڙي سِٽ ۾! اهڙي قهري ڪيفيت ۾ انهن مائرن سندس ٻچڙن کي آٿت ڏيندي اهو ئي چيو هوندو ته هُن کي ڏياريءَ جي خبر ڪونه هوندي. تڏھن ڪونه آيو.
امان! هن ڏياريءَ کان اڳ ۾ هڪڙو ڏينهن مون پنهنجي ديس جي پسمانده ماروئڙن جو مشاهدو ڪري ڏٺو آھي. اڌ کان وڌ ماڻھو ايذائن ۽ عقوبتن ۾ وڪوڙيل آھن. بُک ماڻھن کي ماڻھو ڇڏيو ئي ناهي. ڪالهه مٺي جي هڪڙي امير محلي ۾ غريبن کي سج لٿي مهل خالي هٿين لهندڙ سج سان گڏ جيئري لحد ۾ لهندي ڏٺو آھي. انهن کي ڪنهن ڪم ظرف ڪوڙي خبر ڏني ته مٺي ۾ هاتم طائي سان هوڏ ڪندي سيٺيا سخاوت پيا ڪن. بُکايل پيٽن کي ماني جي ڪشش ثقل بجلي جي رفتار سان اوڏانهن وٺي ويئي، پر هٿين خالي سندن گهرن ڏانهن ورڻ مهل انهن جي قدمن ۾ ڄڻ هزارين هاٿي وچڙي پيا هئا. امان! مون انهن جي چهرن جا ڪتاب روح جي ٻولي ۾ پڙھيا آھن. هاڻي آئون ڪڏھن به خوشيءَ جو تهوار ڪونه ملهائيندس. انسان جا هٿرادو مقرر ڪيل هي خوشين جا مخصوص ڏھاڙا به فقط هوند وارن لئه ئي هوندا آهن. اڻھوند وارن کي هي ڏڻ وڏا عذاب ڏيئي ويندا آھن. امان! مون اهڙن ڏڻن تي بي پهچ ماڻھن کي پهچ وارن جي اوبر کائيندي اکين ڏٺو آھي. ڌارين جي درن تي اوبر کائڻ دنيا ۾ وڏي ۾ وڏي بدنصيبي ۽ ڏُک واري ڳالهه آھي. اهڙيون ڳالهيون مون کي وقت کان اڳ ماري وينديون. دنيا جا دردناڪ منظر هاڻي ڏسي نه ٿو سگهان.
امان! مون ان ماءُ جي اکين کي به اوڏي کان ڏٺو آھي، جنهن جو جوان پُٽ پيٽ خاطر اٺ مهينا ماءُ کان پري رهيو ۽ ڏياريءَ جي ڏينهن ڳوٺ ايندي روڊ حادثي ۾ مري ويو. اُها ماءُ ائين چاهيندي ته اهڙو ڏڻ هجي ئي نه ها ته گهٽ ۾ گهٽ هن جو پُٽ حياتيءَ ته هجي ها. ان بدنصيب ماءُ جي نٻل وجود مٿان ان وقت ڪهڙي ارگت وهي هوندي؟ جڏھن هن پنهنجي پُٽ کي گهوٽ جي جوڙي ۾ وڏي عمر لئه آشيرواد جي چمي ڏيڻ بدران ڪفن ۾ سرڳ لوڪ جي پرارٿنا ڪندي پنهنجا رڦندڙ چپ، ڦيٿن سان چچريل پُٽ جي پيشانيءَ تي رکيا هوندا. امان! هن دنيا ۾ ڪو ڪهڙو آلو هوندو جيڪو ان دل ڌوڏيندڙ درد جي ڪيفيت جي ڪيپسٽي معلوم ڪري سگهي. امان! مون اُن ڀيڻ جون اوڇنگارون ۽ آلاپ پنهنجي اڀاگن ڪنن سان ٻُڌا آھن، جنهن کي ڀاءُ اهو چئي ويو هو ته ڀيڻ ھاڻ جڏھن ايندس تڏھن تولئه شال وٺي ايندس. ٻئي ڏينهن سندس لاش وصول ڪندي ڀيڻ جڏھن ”مهانجا ڀايا ڙي تون ڪيڻ گيو“ وارن آلاپن سان آڌي رات جو اوڇنگارون ڏنيون، تڏھن سموري ڳوٺ کي ڏياري ڏنڀ جيان لڳي رهي هئي. هاڻ هن کي شال ته ملي ويندي، پر ڀاءُ جي هٿن جي نه. هُن کي راکيون ٻڌڻ لئه هٿ ته ملي ويندا، پر پنهنجي سڳي ڀاءُ جا شفقت ڀريا نه. جيجان! ھُن جون راکيون يتيم ٿي ويون آھن. جڏھن به ڪنهن ڀيڻ جون راکيون يتيم ٿينديون آھن تڏھن آسمان اوڇنگارون ڏيندو آھي.
امان! آئون ته انهن معصوم ٻچن سان سان مليو آھيان جن جي امڙ کي ڪنهن قبيلائي تڪرار ۾ ڪهاڙين جو کاڄ بڻايو ويو هو. اُھي پنهنجي ماءُ جي قبر کي ڀاڪر وجهي هيئن چئي رهيا هئا ته:
امان! انسان ايترو ظالم ٿي ويو آھي جو ڪنهن معصوم ٻار جي ماءُ کي به ماري ڇڏيندو آھي. جانور ته ڪنهن جي ماءُ ناهن ماريندا. ظلم ۾ انسان ايتري ترقي ڪئي آھي جو جانور کان گوءِ کڻي ويو آھي. امان! توکي اسان کان ائين ڇو الڳ ڪيو ويو آھي؟ ٻُڌاءِ امان! تنهنجو ۽ اسان معصومن جو ڏوھ ڪهڙو هو؟ پاڻ ته ڪنهن جي اچر پچر ۾ نه هئاسين. پوءِ توکي ڇو ماريو ويو امان…! امان! گناھ ڪرڻ لئه ڪيئي ڪم پيا آھن. دُنيا ۾ جو وڻي سو ڪن ها پر ڪنهن ٻار جي ماءُ ته نه مارين ها…! ماءُ جيڪا ٻار لئه ڍال هوندي آھي. اهڙي ڍال جيڪا هر تڪليف جي تلوار کان بچائيندي آھي. ماءُ هوندي آھي ته ٻار بُک ۾ به بادشاهي ڪندو آھي. ماءُ بنا ڍؤ تي به ڍاڍون ڪري روئندو آھي. ماءُ جيڪا پالڻھار هوندي آھي.ماءُ جيڪا پنهنجي ٻار لئه ٻاجهه هوندي آھي. ماءُ جيڪا پنهنجي ٻار کي ميهي کير کان به مٺڙي ٿڃ پياري حياتيءَ کي حرارت بخشيندي آھي. ماءُ رب جي رحمت هوندي آھي. ماءُ هوندي آھي تيستائين موت به ڊڄندو آھي. ماءُ هوندي آھي دعائن جا در کليل هوندا آھن. ماءُ هوندي آھي دل ڀريل هوندي آھي. ماءُ هوندي آھي ماڻھو يتيم ناهي هوندو.
امان! اسان کي بُک لڳندي ته ماني ڪير ڏيندو؟ بُک اسان جا بدن ئي ڦِٽائي ڇڏيندي. اسان کي ڪير ڪپڙا ڌوئي ڏيندو؟ اسين ته مير ۾ اڌُوتا ٿي مري وينداسين. امڙ تون هُئين ته زندگي هُئي. تون اسر جو اُٿي اسان لئه کچڻي رڌندي هُئينءَ. تون روز وهنجاري ڌُوتل ڪپڙا پارائيندي هُئينءَ. تيل سرما ڪرائي اسان کي اسڪول موڪليندي هُئينءَ. سڄو ڏينهن سنهي سُئي سان ڀرت ڀريندي پنهنجا گُلابن جهڙا هٿ رتو رت ڪري اسان کي ڪتاب ۽ قلم وٺي ڏيندي هُئينءَ.
اسين هاڻي ڪنهن کان خرچي گهرنداسين؟امان! اسين انگل ڪري هاڻي ڪنهن کي تنگ ڪنداسين؟ اسان جي پسند جو کاڌو اسان کي ڪير پچائي ڏيندو؟ جڏھن وڻي تڏھن اسان کي ماني ڪير ڏيندو؟ امان توکان جُدا ڪري اسان کي ظالمن نه رڳو دنيا ۾ دربدر ڪيو آھي پر اسان لئه جنت جا دروازا به بند ڪيا ويا آھن. هاڻي اُھي پير ئي ناهن رهيا جن جي هيٺيان جنت هوندي آھي.
اي منهنجي جيجل! هنن معصومن جي ورلاپن منهنجي وجود کي وڍي ڇڏيو آھي!
امان! آئون ته ان معصوم ٻار سان به مليو هئس جنهن جو پيءُ بيروزگاريءَ جي باھ ۾ سڙندي گمنامي جي سمنڊ ۾ غرق ٿي ويو آھي. ان معصوم کي سندس ماءُ هاڻي اسڪول به نه ٿي ڇڏي. هن جو گهر فاقاڪشيءَ ۾ بردباد ٿي ويو آھي، پر اڄ به ان آس تي جِيئِي ٿو ته ڪڏھن نه ڪڏھن هنن جو سهارو اچي ويندو. اُنهن هن ڏِياريءَ تي پنهنجي کُليل اکين جا ڏيئا ٻاري پنهنجي وڃايل سهاري جي واپس اچڻ جي آس ۾ اماوس رات ڪٽي آھي. امان! آئون ته ان خاوند سان به مليو آھيان جنهن جي خودڪشي ڪري ويل گهر ڌڃاڻيءَ جي کيسي مان خط مليو هو. هُو هاڻي سندس زال جي قبر تي هنسليءَ جو ڪتبو رکي روز اگربتي ڪري ٿو. پنهنجي پتنيءَ جي ڇڏيل آخري نشاني سندس صغير پُٽ جي پالنا خاطر روز ڏھاڙي مزدوري ڪري ٿو. هُو زال جي دردناڪ خط کي ڪنهن مقدس ڪتاب جيان اڄ به سنڀالي رکيو اچي. هن هيلوڪي ڏِياريءَ تي ڪو ڏيئو ٻارڻ بدران سُگار جي سيڙھي تي موجود هڪ مجبور عورت جي ٿڃ پياڪ ٻالڪ لاءِ ليڪٽوجن ون جا ٻه پاڪيٽ وٺي وڏي روحاني سڪون سان ڏياري ملهائي آھي. هُن پنهنجي مري ويل پتنيءَ جي آتما کي شانتي ارپي وڏي شانتي پراپت ڪئي آھي. اي امان! ڪاش سڄو سنسار ائين سوچي ها..هر ڪو ٻين لئه سوچي ها ته ڪا به عيد يا ڏِياري ڪنهن به حساس دل انسان جي نڙيءَ ۾ نه اٽڪي ها..
فقط تنهنجو پُٽ
پرڪاش