هڪ دراوڙ ماءُ جي دانهن
آئون اُن ديس جي هڪ دراوڙ ماءُ آھيان، جنهن ديس جي ڌرتي سان جڏھن بارشون رُسي وينديون آھن تڏھن نه رڳو مور پٿر کائي پيٽ ڀريندا آھن، پر ماڻھو به مٽي کائڻ تي مجبور ٿي ويندا آھن! اُهو ديس جتي کوھ ته آھن، پر پاڻي کارو آھي، جتي وڻ ته آھن، پر انهن جا پَن سُڪي ويا آھن، جتي عورتون ٻار ته ڄڻن ٿيون، پر ڇاتين جا سنڌُو سُڪل ئي رهن ٿا! جتي بُک چُلهه جو چوٿون مارينگ ٿي ويهي رهي آھي. بُک جيڪا اسان جهڙن اڀرن ماڻهن جي سُڃاڻپ بڻجي چُڪي آھي! اسان کي بُک جي علامت بڻائڻ ۾ نام نهاد سول سوسائٽي ۽ اين جي اوز وارن جو وڏو هٿ آھي؛ اين جي اوز وارا جيڪي پاڻ ته ٽُو پيس ۽ ٿري پيس پائي هلندا آھن، پر اسان جي انگن تي ليڙون ڏسڻ پسند ڪندا آھن. اسان جا اڌ ٽُٽل لٽن ۽ ڦٽل چهرن وارا فُوٽو فلمائي عالمي سخين کي ڏيکاري انهن کان"عزت" سان "پن پراجيڪٽ" وٺندا آھن ۽ اسان کي پوءِ ذليل ۽ خوار ڪري ڪڏھن ڪڏھن ڪجهه ڏيندا آھن.
آئون اُها بدنصيب ماءُ آھيان، جنهن جي گود ڪنهن داداگير سيٺ جي هٿان اُجڙي چُڪي آھي، منهنجي اُجڙيل گود جو احساس ڪا ڏُکايل ماءُ ئي ڪري سگهي ٿي. ماءُ جيڪا اولاد کان سواء اڌُوري هوندي آھي. اولاد جيڪو سيني سان لڳي سُتل هوندي به سپنن ۾ روئاري ۽ کلائي ويندو آھي. منهنجو اولاد اڄ مون کان رُسي ويو آھي. آئون به اڄ اڌُوري ٿي چُڪي آھيان، منهنجي اُميدن جي آرسي ٽُٽي چُڪي آھي. پنهنجي ٻانڌيلي ٻار جي جند ٽوڙ جدائي ۾ ڏينهن رات روئندڙ منهنجي نگاهن جا نوحا الئه ڪير پڙهندو؟ آئون انصاف جي اوسيئڙي ۾ آس نراس واري پلصراط تي اُداس بيٺي آھيان. خبر ناهي هن پيڙا مان پار لنگهي سگهنديس يا نه....! منهنجي جهُور پوڙھي وجود جي هٿ مان سهاري جو لڪڻ ٽُٽي چُڪو آھي. منهنجي سيني جي سُور جي شدت ۽ جگر جي تڙپ جو درد ماپڻ کان مٿي آھي.
منهنجو پُٽ اسان جو اڪيلو سهارو هو. هُو اسان جو پيٽ ڀرڻ لئه پاڻ لنگهڻ سمهي رهندو هو. منهنجو پُٽ ملڪ جي وڏي شهر جي هڪ وڏي سيٺ جي وڏي بنگلي تي رهندو هو. ھُو اسان وٽان تڏھن ويو هو جڏھن اڃان ٻار هو؛ ٻار جيڪو گهر جي سونهن هوندو آھي. ٻار کي مزوري تي موڪلڻ دنيا جي وڏي ۾ وڏي بيوسي هوندي آھي؛ بيوسي جيڪا ماڻهون کي مرڻ تي مجبور ڪندي آھي. هُو سيٺ جي ٻارن کي کيڏائيندو هو. هُن پاڻ کيڏڻ واري وهي ۾ پئسو ڪمائڻ چاهيو ٿي پنهنجي پريوار لئه. هُن جا پنهنجا رانديڪا ڳوٺ جي ريل ۾ سندس راهون تڪي تڪي نيٺ ٽُٽي پيا، پر هُو واپس نه موٽيو هو. جڏھن موٽيو هو تڏھن هُو پاڻ رانديڪن کان رُٺل هو. هُن جي ماٺ سندس ننڍڙي ڀيڻ جي اوگ ئي ماري ڇڏي آھي. الا! منهنجي اڪيلي ڌي وائڙي ٿي ويئي آھي. منهنجي اڪيلي پُٽ جي ننڍڙي ڀيڻ جون ٺهيل راکيون گهر جي ٽرنڪ پيتيءَ ۾ ڦٿڪن پيون. انهن جي تڙپ جو اندازو ڪير لڳائيندو. هُو جنهن بنگلي تي رهندو هو اُتي وڏا وڏا نرم گداز ملٽي فوم وارا صوفا سيٽ به هئا، پر انهن تي هن جو ڀلجي ويهڻ به ممنوع هو. هُو سيٺياڻين جون ڇڙٻون قسمت سمجهي سهي ويندو هو. هُو آڌي رات تائين سيٺن جي ٽپال ڪندو هو. ڪڏھن ڪڏھن جُوٺا ٿانو ٿپا ماڃيندي بنا بستري جي ئي سُمهي رهندو هو. هُو روز ڪيئي طعام تريل ڏسي اکين جو ڍوءُ ڪندو هو. ڪڏھن ڪڏهن سُٺي ماني ملندي هُئي، ته کائي اوڳرائي ڏيندو هو ته منهنجي بُک هن جي نڙيءَ ۾ اٽڪي پوندي هئي ۽ سندس اکيون ڀرجي اينديون هيون. ان مهل فون ڪري مون کان پڇندو هو ته، امان تو ماني کاڌي آھي. اڄ مون سُٺي ماني کائيندي توکي ڏاڍو ياد ڪيو هو جيجل! هن کي جواب ڏيندي هيس ته پُٽڙا تون خوش ته اسين اڳي ئي خوش…! هن سان سندس ننڍڙي ڀيڻ ڳالهائيندي هُئي ته هُو ڳالهائي نه سگهندو. پتڪڙي ڀيڻ جي سڪ جي ڏنجهه ۾ ٻُڏي ويندو هو. هُو پنهنجي ڀيڻ سان بي حد پيار ڪندو هو.
هُن گُذريل ڏياريءَ تي گهر اچڻ لئه سيٺ کان موڪل گهري هُئي، پر سيٺ اهو چئي موڪل نه ڏني ته "تون گهر وڃي ڪهڙا طعام کائيندين. اتي ئي ويٺو رھ. توکي اسين سُٺا طعام کارائينداسين." سيٺ جي اهڙي انسانيت سوز عمل تي هُو بنهه ڏُکارو ٿيو هو. هُو جڏھن به اُداس ٿيندو هو تڏھن مون کي فون ڪندو هو. اُن ڏينهن به فون ڪيائين ۽ چيائين ته"امان! هي امير ماڻهون ڇو نه ٿا سمجهن ته غريبن جي اندر به دل گوشت جي ٺهيل آھي. پٿر ۽ رُڪ جي ناهي. رُڪ مان روبوٽ ۽ پٿر مان بُت ٺهندا آھن. اسين غريب به ته انسان آهيون نه." هن جي ڏُکايل دل جو احساس مون کان مٿي ڪير سمجهي سگهيو هوندو. مون هن کي آٿت ڏيندي وراڻيو هو ته" پُٽ! پاڻ اُهي اختر سوخته انسان آهيون، جن کي بُک ۽ غُربت جناور بڻائي ڇڏيو آھي. امير سمجهن ٿا ته پاڻ غريبن لئه پيٽ کان مٿي ڪجهه به ڪونهي. انهن کي ڪير سمجهائي ته رڳو طعام ئي عيدون ناهن هوندا. عيدون ته هڪڙو احساس هونديون آھن. اهڙو احساس جنهن ۾ ماڻهون پنهنجن سان ملي بُک ۾ به ڍوءُ تي کلندو ۽ خوش ٿيندو آھي." منهنجي اهڙي ورندي تي هُو مطمئن ٿي ويو هو. هُن پنهنجي ڀيڻ لئه ڏياريءَ جو تارن جو پيڪيٽ موڪلي ڏنو هو. اُن کي ٻاريندي ڏياريءَ جي ڏينهن ننڍڙي تارن وانگي ٽڙي هئي، جيڪا ڪالهه ڀاءُ جي موت جو ٻُڌي مُرجهائجي ويئي.
چون ٿا ته منهنجي پُٽ خودڪشي ڪئي آھي. هُو خودڪشي ڪري ها ته پڙھڻ ڇڏي پيٽ لئه نه ڀٽڪي ها. هُو ته خوددار هو. هُو خودڪشي ڪري ئي نه ٿو سگهي. هُو منهنجي ڪُک مان ليٽي نڪتو هو. مون کي پنهنجي ڪُک تي يقين آھي. منهنجي ڪُک ڪڏھن به اهڙي بُزدل کي جنم نه ٿي ڏيئي سگهي جيڪو حالتن کي منهن نه ڏيندي مرڻ کي ترجيح ڏي. هُو ٿر ۾ ٿيندڙ خودڪشين تي سدائين ڳڻتي جو اظهار ڪندو هو. چوندو هو ته "امان! ماڻهون خوڪشي ڪري پنهنجي پوري پريوار کي ڇو ٿا ماري وڃن." منهنجو مور جهڙو معصوم ٻچڙو پنهنجي پريوار کي ماري نه ٿي سگهيو. منهنجي معصوم پُٽ جو قتل ٿيو آھي جنهن جي ايف آءِ آر آئون فطرت وٽ درج ڪرايان ٿي. اها ئي مون سان انصاف ڪندي.
اڙي ظالمو! منهنجي پُٽ جو ڪو ڏوھ هو، ته مون کي ته ٻُڌايو ها. هن جو جيڪڏھن ڪو ڪبير گناھ ثابت ٿئي ها ته آئون پاڻ پنهنجي هٿن سان سزا ڏيئي " مڌر پاڪستان" ٿيان ها. منهنجي بي گناھ پُٽڙي جو لاش وصول ڪندي مون جيڪا تڪليف ڀوڳي آھي ان جي چوٿون حصو دانهن اگر ڌڻي در پهتي ته به اوهان جو نالو نشان نه رهندو. اهو هڪ ڏُکايل ماءُ جو سراپ آھي. ٻُڌو اٿم ته ماءُ ۽ مظلوم جي رڙ سڌو ستين آسمان جي سرتاج وٽ پهچي ٿي. سو منهنجي رڙ به دير سوير ضرور پهچندي ڇاڪاڻ ته، آئون ماءُ به آھيان ته مظلوم به....!!
اي مُنهنجا لاڏڪا پُٽڙا! منهنجي بدنصيب پيٽ جي بي رحم بُک توکي کائي ويئي. مالڪ ايترو ڏي ها جو پيٽ ڀري کائون ها ته اڄ تون مون وٽ ھُجين ها. منهنجي دعا آھي ته شل اندر لوڪ جون اپڇرائون توکي هندورن ۾ لوڏين. هڪ مجبور ۽ بيوس ماءُ سواءِ دُعا جي ٻيو ڏيئي به ڇا ٿي سگهي.
قلم تازه: جهامنيا ڏڪرا جيجل نان جهوري گيو رو
فقط
هڪ نردوش مارجي ويل ٻچڙي جي ماءُ