هڪ ٿر واسيءَ جو پنهنجي پرديسي پريميڪا ڏي خط
گهڻا ڏينهن ٿيا تنهنجو ڪو پتو نٿو ملي. هاڻ ته هچڪي به نه ٿي ٿئي، شايد تو صفا وساري ڇڏيو آھي. الئه ڪهڙن ڪمن ۾ قابو آھين..جتي به هجين شل جُڙي هُجين.!
مون اڄ سڄو ڏينهن اُتت ڪاڙھي ۾ کيت لُڻيو آھي. ٻاجهر جي ٻُري جي سُڳنڌ دماغ کي معطر ڪري ڇڏيو آھي. منجهند جو ڪير ڀتو کڻي نه آيو ان ڪري بُک جي باھ وسائڻ لئه ٻاجهر جا ڪچا آنڀو ڪِر تي پچائي کاڌم، ڀڳوان جي ڇٽيهه ڀوڄن کان به ڀلا لڳا..شايد بُک جي ڪري. پانجي سنڌي ٻولي ۾ هئين چوڻي به آھي بُک ۾ اَڪ به گجر…پر هيءَ ته ڀٽارو اَن هو مٺو اَن.. پاءُ جيترا آنڀو کائي مٿان پاڻي جا ٻه گلاس پي ڇڏيم. ايڏو سڪون آيو ڄڻ ڪنهن پنج ستارا هوٽل ۾ ڪنهن ست ستارا ڇوڪريءَ سان گڏ سيون اپ جي جمبو بوتل پيتي هجي. شام تائين ست ڪانبا لُڻي ورتم. ڏاڍو ٿڪو ٿيو هئس. لٿي سج ٻنيءَ جي پاساڙي تي ٻڪرين جا ولر آيا. ڌنار سُڃاڻون هو، سو هڪل ڪيم يار کير جي لپ ڏُھي اچ ته ڪا چانهه ڍُڪ پيئون. ڌنار ٻڪرين کي سُبتي ڦيري ڪري کير جو ڏاٻر ڀري آيو. چانهه پيتي سين صفا لش.. ائين سڄو ڏينهن گرمي ۾ گُذاري تارن جو واپس موٽيس گهر. تو لئه مٺا چڀڙ ۽ پپون چونڊي رکيون اٿم. خبر اٿم تون ڪون ايندينءَ پر دل کي ڪير سمجهائي؟ سڄي ڏينهن جي ٿڪاوٽ ۾ لڱ چور چور ٿي پيا آھن. گرمي ۾ پگهر ٿيڻ کان پوءِ چچڙ وانگي چهٽيل ٻُري ڏاڍي چڙ ڏياريندڙ ھوندي آھي، پر يار ڇا ڪجي پيٽ لئه پانپرا ڪرڻا پون ٿا. سو ان ٻُري کي لاهڻ لئه وهنتس. وهنجي سهنجي، چڀڙن جي چٽڻي سان ماني کائي هينئر دڙي تي اچي ويٺو آھيان. دڙو ڳوٺ کان ٿورو پرتي آھي. صفا سناٽو لڳو پيو آھي. چنڊُ ڪنهن نوآميز ناريءَ جي نرڙ تي بنديا وانگي چمڪي رهيو آھي. واهوندو پنهنجي موج ۾ آھي. هوا جي نشي ۾ هوش وڃائي ويٺل وڻ ڪنهن شرابي وانگي جهومي رهيا آھن. ڳوٺ سڄو ماٺ جي گرفت آھي، ڪُتا سڀ ڇِتا ٿي مري ويا آھن. ڪٿي کنگهه به ٻُڌڻ ۾ نه ٿي اچي، شايد پوڙها امل ڪنسوٻا ڪري سُتا آھن يا ماروين سستا ٿيڻ کانپوءِ سڀني سستا سگريٽ پيئڻ ڇڏي ڏنا آھن ۽ ٻار به ڌاوڻ لئه ڪٿي دانهن نه ٿا ڪن، سنجهي مان شايد مائرن سڍوئا ڪري سمهاريا آھن. مور راڻي کيت جو کاڄ بڻجي ويا آھن.
سموري ڳوٺ تي موت جهڙي ماٺ ڇانيل ڏسي آئون تارن ڀري رات جو هن تنهائي ۾ تو سان گُفتگُو ڪرڻ آيو آھيان. تون جيڪا منهنجي حال محرم به آھين ته همدرد به. تون جيڪا مون لئه آب زم زم به آھين ته گنگا جل به. تون هن رات وانگي اتيت سُندر آھين. تون سنڌ وطن جي اُها لال پري آھين جنهن کي ڏسڻ لئه چنڊُ چڪور کان نيڻ اُڌارا کڻندو آھي. تون سمبارا جي ديس جي اها نازبوُءَ جهڙي نرتڪي آھين جنهن جي نرت ڪلا سان بارش به ريس ڪندي آھي. تون منهنجي ديس ٿر جي فطرتي حُسن مور جو اهو کنڀ آھين جنهن کي ڏسي انڊلٺ پنهنجي سونهن تي نظر وجهندو آھي. توکي مون ڪڏھن به خارجي اکين سان ناهي ڏٺو ڇاڪاڻ ته تون منهنجو اندر آھين. مون تو کي هميشه روح جي اکين سان ڏٺو آھي ۽ ساھ جي پلڪن تي رکيو آھي. تون اُن جهرڪي جهڙي جهلمل آھين جيڪا پلر ۾ پر کنکيري قدرت کي به وڻندي آھي.! تون راڻاسر جي اُن ترائي وانگي تار آھين جنهن ۾ ترندي ماڻھو ڪجهه پلن لئه هنج ٿيو پوي.! تون مور جي کيڙي ۾ لڪيل ڊيل جي اُها ڊانس آھين جنهن کي ڏسڻ لئه سجُ بادلن جا برج چيري، ڪنهن سُورمي جي اکين جيان تپي ويندو آھي.! تون نيروڌا جو اهو نظم آھين جنهن کي چليءَ جي چارن تي ٻارن به ڳاتو آھي. تون ويسونيءَ جي ٻُوٽي ۾ لڳل اهو گُلابي گُل آھين جنهن کي پٽڻ کان پهرين پوپٽن سان وڙھڻو پوي ٿو. تون ڀٽياڻي نديءَ جي اها ڇولي آھين جنهن جي ڏوليءَ تي چڙھي مور رقص ڪندا آھن. تون سانوڻيءَ جي اها بارش آھين، جنهن جي وسڻ سان ڪلر ۾ به سلا ڦُٽي پوندا آھن.! تون رسُول حمزھ توف جي شهر آفاق تصنيف ”ميرا داغستان“ ۾ لُڇندڙ اُها حُب الوطني آھين جنهن کي محمُود درويش جهڙو ڪو فلسطيني شاعر ئي سمجهي سگهي ٿو.! مارئل جهڙي وفادار وينگس! تون راجسٿان جي اُن رنگا ديوي جو ڪو روُپ آھين جنهن هڪڙي وڻ هيٺ ويهي پنهنجي پريمي جي انتظار ۾ سموري عمر گُذاري ڇڏي.! رسيدي ٽڪيٽ جهڙي رس ڀري ڇوڪري! تون ساحر لُڌيانوي جو اهو گيت آھين جنهن کي ڳائيندي امرتا پريتم جو ڪنٺ ڪوڪون ڪري رُنو هو. سج لٿي جو ٻيڙيءَ تي چڙھي ڪينجهر ۾ ترندڙ ڪنهن وينگس جي نڪ ڦُلي جهڙي ڀلي محبُوبه تون سونيليءَ جو اهو گُل آھين جنهن تي سُورج مُکي به رشڪ ڪندو آھي.! سفاري جي پهرين پيگ جهڙي وڻندڙ ڇوڪري! تون حَسن درس جو اهو نظم آھين جنهن ۾ هُن عورتن جا سڀئي ساز وڄائي گهڻن جا وڻ وڄايا هئا.! تون ايوب کوسي جو اهو نثر آھين جنهن کي پڙھندي بارش به سوچي ٿي ۽ ڌوٻا ڌوٻا روئي ٿي.! چتون جي چهنب جهڙا چپ ڌاريندڙ منهنجي چاڳلي! تون عزيز گُل جي اها شاعري آھين جيڪا پنهنجي انوکي ڊڪشن ۾ ڊانس ڪري گهڻن تي سحر طاري ڪري ٿي. علي بابا جي اُداس ڪهاڻين جهڙي ڇوڪري! تون سراپا شاعري آھين.
توکي ٻُڌائڻ ٿو چاهيان ته ٿر جي رات ڇا ٿيندي آھي…؟ ڇاڪاڻ ته تو ٿر ناهي ڏٺو. اڄ توکي ٿر جي رات بابت ٻُڌايان ٿو پوءِ شام بابت ٻُڌائيندس.
منهنجي ساهُن جي هر هچڪيءَ ۾ سرگم سان سمايل منهنجي جانم..! ٻُڌو هئم ته بڊي ۽ ڪتيءَ ۾ قهر جا ڪاڙھا ٿيندا آھن. ڪانوَ جي اک پيئي نڪرندي آھي پر هيل ته اسُو به ڪم ڪڍي ڇڏيا آھن. اَسو جنهن جي سُواتي بوند ۾ وڏا گُڻ سمايل هوندا آھن. اُهي بوندون ڪن خوش نصيبن جي کيٽن تي هيل به ور ور ڏيئي وٺيون آھن.
منهنجو کيت به مون وانگي اسُو جي اوهيرن کان محروم ٿي، رڻ ۾ ڦُٽل اڪن وانگي اُڃارو رهجي ويو آھي. پرين توکي خبر آھي…! اسو جي اُلاو ٿيل سج جي تيز اُس ۾ اسان جا نفيس بدن ڪاراٽجي ويندا آھن. ٻهراڙين ۾ پيئڻ خاطر ٿڌو پاڻي به نصيب ناهي ٿيندو پر پوءِ به ٿر اسان کي واديِ ناران کان وڌ وڻندو آھي.
مڃون ٿا ته ٿر جا ڏينهن چُلهه تي چڙھيل تئي جئين تپن ٿا ۽ لَڪ دوڌي وانگي دُکن ٿا. هوائون سگري جهڙا سيڪ ڏين ٿيون، پر رات ته ٿڌڙي ٿئي ٿي..ٿر جي رات، ماءُ جي آنچل ۾ ملندڙ سڪون جهڙي رات، سرتيءَ جي ڇتن جي ڇانوري جهڙي بانوري رات، معصوم ٻار جي مسڪراهٽ جهڙي رات، مور جي پُڪار جهڙي رات، سانوڻي جي سُڪار جهڙي رات. اهڙي پُرسُڪون رات جو جڏھن ٿڌو چنڊُ پنهنجي چاندنيءَ جو منڊُ منڊيندو آھي، تڏھن سڄي ڏينهن جو ٿڪ لحضي ۾ لهي ويندو آھي. ٿر جي ٿڌڙي رات جنهن جو لمحو لمحو صدين جيڏو سڪون ڏيئي ويندو آھي. وياڪل دلين کي سڪون ته تڏھن به ملندو آھي جڏھن ڪنهن وينڍلين واري وينگس جا آبشارن جهڙا ٽھڪ سانتيڪي رات جي سيني ۾ خنجر وانگي کُپندا آھن.
محوب سان ملڻ خاطر سفيد ڪبوتر جهڙي ڪنهن دڙي تي بيٺل اڪيلي ٿوهر جي اوٽ ۾، چٻري جي چُرپُر تي ڇرڪ ڀري ٿڌا ساھُ کڻندڙ ڪنهن ٿر واسيءَ کان ئي پُڇجي ته ٿر جي ٿڌڙي رات روح کي ڪهڙي راحت بخشي ٿي…؟ يا ڌرتيءَ جي اُن عاشق کان پتو ڪجي جنهن کي خلوت ۾ محبوب جي خيال کان مٿي ڪارونجهر جي ڪونگرن جا عڪس تصورن ۾ تري اچن. جنهن کي ديدآور دلبر جي درشن کان مٿي مورن جي مُسڪراهٽ تي نفاست نصيب ٿئي. ٿر جي ٿڌڙي رات جي روح پرور سُڪون جو ساکي اهو ڪوي به هوندو جنهن جي ڪويتا ڪٿنيءَ ۾ پريتم جي رسيلن چپن جي ذڪر کان وڌ ڌرتيءَ جي ڌُوڙ جا قصا قلمبند ٿيل هوندا. ان کي ئي صحيح ريت سُڌ هوندي ته ٿر ۾ ٿڌڙي رات جي لڳندڙ واهوندي ۾ روهيڙا ايئن ڇو جهومندا آھن؟ مور پُڪارون ڇو ڪندا آھن؟ بُکايل ٻارن کي ننڊ ڪيئن ايندي آھي؟
ٿر جي ٿڌڙي رات جي بي پناھ سُڪون جي پوري ريت پروڙ ته انهن ڌنارن، ڳنوارن ۽ اوٺارين کي ئي هوندي آھي، جيڪي بنا ڪنهن اوڇڻ جي ريٽ کي رلي ڪري واريءَ مان وهاڻا ٺاهي سُمهندا آھن. جن کي فطرت پنهنجي ڀاڪر ۾ ڀري، ٿڌين هوائن جون ٿڦڪيون هڻي اهڙي ننڊ سمهاريندي آھي جو انهن جي خوابن ۾ گلاب جامن کان مٿي سيڙڪا پيرون ۽ ڪرڙن جا ڏينا ايندا آھن. جن جي معصوم من ڀاونائن ۾ موٽرن جي منوڪامنا بدران ڪنواٽن جا ڪوڏ تصور بڻجي تري ايندا آھن. جن جي خوابن کان وٺي خيالن تائين پکين سان پيار، وڻن سان ويجهڙائپ، چڙن سان چاهت، پڙن سان پريم، دڙن سان دل لڳيءَ ۽ گهڙن سان گهڻو هيت هٿيڪو هوندو آھي.
رات جي سناٽي ۾ مور جي دانهن ٿاريلن جي دلين ۾ فطرتي حُسن جا ديپ ٻاري ٿي. تنهائي ۾ سورن جون سُرڪيون ڀريندڙ وجود چنڊُ جي چاندنيءَ ۾ ويتر وياڪل ٿي ويندا آھن. پُرنم نيڻ پريتم سنڀاري آڪاش ڏي اُڏندا آھن، هانءُ ٻُڏندا آھن، ٿڌا ساھ کڄندا آھن. دلين ۾ وڇوڙن جا ساز وڄندا آھن. ڀٽن واري ديس ريگستان جي رات واقعي فطرتي ڪمال رکي ٿي. ٿڌي ريٽ تي چاندنيءَ جي ٿڌي لهر ۽ مٿان اسو جي واهوندي جون هيرون بنا ڪنهن بيڊ جي به ڪمال جي ننڊ جو ڪارڻ بڻجن ٿيون. اڪيلائي ۾ ٿر جي ڪنهن دڙي تي ريٽ جي پيٽ تي ويهي چانڊوڪي پسڻ جو لطف ئي پنهنجو آھي.
ٿر ۾ رات جو ڳنوار، ڌنار ۽ ميهار چم جا پائولا پائي مال چاريندي وڏي آواز ۾ نالون ڪندا آھن. انهن نالن کي ٻُڌي ماڻھو جو مال سان اڪيچار پيار ٿي ويندو آھي. اهُي پنهنجي مال سان ايئن محبت ڪندا آھن ڄڻ سندن اولاد هُجي. مال به انهن جو چوڻ ڪندي نال تي ڇال ڏيئي ايندو آھي.
نيري امبر تي نروار ٿيل اڄوڪي پونم جهڙي محبوبا...!
آڌي رات جو امبر تڪيندي ڪنهن کي سارڻ جو سوز ئي پنهنجو هوندو آھي. اکيون اُن کي ڏسڻ لئه اُڻ تُڻ ۾ تڙپي اُٿنديون آھن. پڪ سان هن وقت هي واهوندي جي لُري تنهنجي وارن کي وکيري، ڳلن تي ٿڌڙا ڪڍي اڌ ننڊ ۾ سُتل تنهنجي شيتل سرير کي جاڳائي چنڊُ چتائڻ تي مجبور ڪري رهي هوندي. تون مون کي چنڊُ ۾ پسڻ لئه هڙئي حيلا ڪيا هوندا پر مون کي ڪون ڏٺو هوندو. ڇاڪاڻ ته، چري جيڪي قلب ۾ قابو ٿيل هوندا آھن اهي فطرت ۾ ڪٿي به ڳوليا ناهن ملندا. تڏھن ته ڀٽائي به چيو آھي ته”نائي نيڻ نهار تو ۾ ديرو دوست جو.“ سو منهنجا پرين ايتري لوچ پوچ نه ڪر ۽ مون کي پنهنجي جيءَ ۾ جهانڪي ڏس آئون تنهنجي رڳ رڳ ۾ پيوند ٿيو پيو آھيان. پنهنجي سيني ۾ سمايل اُن دل کان منهنجو پتو پُڇ جنهن جي ڌڙڪن جي وڄت ۾ منهنجي ساھُ جا ساز سمايل آھن. پنهنجي پير ۾ پاتل اُن ڇير کان منهنجو پُڇ جنهن جي هر گهونگهري ۾ منهنجون مُرڪون پيوند ٿيل آھن. هٿ ڪراين ۾ پيل چوڙين کي چوري ڏس هر کن کن ۽ ڇن ڇن ۾ منهنجي موجودگي هوندي. بدن تي پاتل وڳي کي غور سان ڏس ان جي سَر سَر ۾ منهنجي سنگ سنگ هُجڻ جا اهڃاڻ ملندا. تون مُرڪي سُمهي پئو جلد ملنداسين.
مٺا هاڻ گهر موٽان ٿو..جونجهڪڙو ٿيو آھي. ڌنارن جا ديڪارا ٻُڌڻ ۾ اچن پيا. ولوڻن جون وايون ڪنن ۾ ٻُرن پيون، ٻارڙا به ڪٿي ڪٿي روئن پيا، ڀٽارين وڍيارين جا رانڀاٽ ڏوجهارڻين کي سوجهاڪي ٿيڻ جي سُڌ ڏيئي رهيا آھن. پکي به آرسون موڙي اُٿيا آھن. منهنجي ڳوٺ ۾ زندگي موٽي آئي آھي، جنهن جي اکين سان آرتيءَ اُتارڻ لئه واپس وڃان ٿو. آئون زندگيءَ جي آجيان ڪرڻ وڃان ٿو.
فقط تنهنجو خادم
امرت