نثار بلوچ جي خط جي جواب ۾ لکيل خط
حق موجود...!
ادل نثار…! تنهنجي نثر تان نثار وڃان. تنهنجو خط جيڪو تو پنهنجي ٿر کي لکيو آھي، اهو خط مون روح سان پڙھيو آھي.
پيارا… جون جي هن گرمي ۾ تنهنجي ٿر جا رڳو شھر تغارين جئين ناهن تپيا، پر ٻھراڙين ۾ به ٻاٻرن ٽانڊن جئين واريءَ تپي آھي. اُن تپيل واريءَ مٿي اُگهاڙن پيرن سان اُسڙڪندڙ انهن ماروئڙن کان پُڇجي ته ڄيٺ جي جلن ڇا ٿيندي آھي؟ جن کان ساندارين جا پاڻي به سپنا ٿي ويا آھن ته ڪانڪھا ۽ روهيڙا به انفرادي مفادن جي ناپاڪ ارادن ڪهاڙين سان کسي ورتا آھن. مٺا قهر جي ڪاڙھن کان وڌ ته اُهي هوائون هانوَ کائين ٿيون، جن جي زوم تي هلڪڙي واري اُڏامي اکين ۾ پوي ٿي. ان اُڏامندڙ واريءَ جي وار تي مال مڙھن ۾ وائڙو ٿي لُڇي ٿو. بکن ۾ بيحال مال ڏسي ڌنارن جي اکين مان لُڙڪن جون پِڇون ٽُٽي پونديون آھن.
ڪنهن جوڳي جي ويس جهڙا ڪڪر پسڻ لئه آسائتا نيڻ نڀ ۾ ڌري برسات جي اڳڪٿي ڪندڙ تنهنجو جهونو ٿر ٿڪو پيو آھي ۽ نوجوان ٿر هاڻي جديد موسمي اڳڪٿين جي آسري سمورا گُر وساري ويٺو آھي. نه موڳن جي سُڌ آھي نه اُٻ جو پتو، نه تتر کرڙي جي خبر آھي، نه نرمري چنڊُ جي پروڙ آھي. نه آکا ٻيج جي چمڪي جو پتو!
پيارا…! تنهنجي ٿر جو تعارف هاڻي تبديل ٿي چُڪو آھي!
ويساک جي لُڪن ۾ موجڪي جُتي پائي، ڪُلهي تي سانداري کڻي ڀٽن تي بانسُري وڄائي وڙولن تي مال واريندڙ ٿر هاڻي نواڻ جا نوان دڳ ورتا آھن. هاڻي چائنا جون رٻڙ واريون چپلون پيرن ۾ پائي، پيپسيءَ جي جمبو بوتل ۾ گرم پاڻي کڻي، موبائيلن تي ”مُني بدنام“ جهڙا بدنام گانا وڄائي فون ڪالز تي وڃايل مال جي ڳولا جا نوان گس ورتا آھن. وڳن ۾ پير سُڃاڻي پنهنجا وهٽ ڳولي لڀندڙ ”ناسيٽو“ ٿر ماضي جو قصو ٿي ويو آھي. تنهنجو ٿر هاڻي جديديت جي جنون ۾ ايترو ته اڳتي نڪري چُڪو آھي جو هُن کان هاڻي” همرچي“ ۽ ”راڻليئي“ جا هڙئي سُر وسري ويا آھن..
همرچو ۽ جانڀيو هاڻي فقط حيدر رند جي ڪيسٽن ۾ باقي بچيا آھن، جن کي وڄائڻ لئه وقت وٽ ڪو به ٽيپ ناهي.
پيارا …!
تنهنجو ٿر پاڻھي تبديل ناهي ٿيو پر اُن کي هٿ سان بدلايو ويو آھي.
تنهنجي معصوم ٿر جو مزاج مٽائڻ ۾ اُنهن غير سرڪاري ادارن جو به وڏو هٿ آھي، جن باٿروم ڪرڻ لئه صحيح جڳهه جي سُجاڳي ڏيندي ٿر جي نالي پنهنجا وارا نيارا ڪيا آھن. اُنهن کي ڪنهن به ڪجهه نه چيو، جن سُڪار جي نالي وڏا ڏُڪار ڏيندي، اهو چيو ته ماني کائڻ وقت هٿ صابڻ سان ڌوئجو، هاڻي ڪير ٻُڌائي انهن کي ته ماني ئي ناهي ته هٿ ڌوئڻ مان فائدو؟ ڇني ۽ ڇپني ۾ وڻن جا ڇوڏا کائي پنهنجي ڀوميءَ جو ڀرم بچائيندڙ تنهنجي ٿر کي عالمِ آشڪار ۾ ”پروفيشنل پينو“ طور سُڃاڻپ ڪرائيندڙ اڄ ٿر جي ثقافت ۽ ڪلچر جا ڪرتا ڌرتا بڻيل آھن. هاڻي تون ئي ٻُڌاءَ ته ”ڀڪشڪ“ جيڪڏھن ”رکشڪ“ بڻجي ته ڇا ڪجي…؟
ٿر جي ڏٻرن ڏيلن جا فلمايل فوٽو مغربي ملڪن کي ڏيکاري انهن کان همدري حاصل ڪندڙ هڪ اين جي او جو اڳواڻ ته انفرادي فائدي لاءِ ايتري قدر ويو، جو هن اُن ڪميونٽي کي ”نيچ“ ڏيکارڻ ٿي چاهيو، جيڪا تعليم جي وسيلي صدين جي سفر پڄاڻان مس مس اوچي پد تي پهتي آھي.
انفرادي فائدي لاءِ اجتمائي قتل ڪندڙ اسان وٽ هيروز ٿيل آھن.
پيارا نثار…!
ٿر ۾ هر سال پوندڙ ڏُڪار جي ڪري وڌندڙ بُک، بيروزگاريءَ ۽ بد حالي جي سبب رڳو ٿر جا کوھ ڳڀروئن جون قبرون ناهن، پر وڻن جا ڪلها به نوجوانن جا لاش کڻي کڻي ٿڪجي پيا آھن. بيروزگاري ايتري وڌيل آھي جو ماڻھو نس بنديون ڪرائڻ تي مجبور آھن. هاڻي هر سال ”ٻاگهل“ ميٽ نه پر مٽي کائي ٿي، اُها به ”مَور“َ ۾ نه پر بُک ۾، پوءِ به چيٽ هر سال ليٽ رهي ٿو الئه ڇو…؟؟
ائين به ناهي ته تنهنجي ٿر ۾ روزگار ناهي. ٿر ۾ سوين اين -جي-اوز آھن، انهن ۾ روزگار به آھي، پر اهو انهن مخصوص ماڻھن لئه آھي جن جي ”پُٺ سٻڙ“ آھي. باقي مون پاري ڪنهن غريب قلمڪار لئه اُنهن وٽ پٽيوالي به ناهي.
سرڪار به ڪهڙيون ٿوڻيون ڏنيون آھن؟
روزگار ڏنو آھي پر انهن کي جيڪي روزگار ”وٺي“ سگهيا ٿي. هاڻي تون ئي ٻُڌاءِ، مون پارا مسڪين ٿاريچا ڪال پول جي گوري مس وٺي سگهن اُهي نوڪري ڪئين وٺي سگهندا…! اُلٽي گنگا آھي يار...
پيارا…! تون ته پِيرن جي نذراني تي پريشان آھين، پر هتي ته ماڻھو سياسي ڀوتارن جا پير ڌوئي پيئڻ ۾ وڏو ثواب سمجهندا آھن. تنهنجي ٿر ۾ اڳي صرف سياست برادري واري هوندي هئي پر هاڻ هر ڳالهه ۾ برادري جي پُٺ ڀرائي ڪئي وڃي ٿي..چند ڏينهن اڳ ۾ حڪومت ڊاڪٽر ڀرتي ڪيا ته ٿر جي هر برادري جي پڙھيل لکيل ماڻھن ايستائين جو اديبن به الڳ الڳ پوسٽون رکي، اهو چيو ته اسان جي برادري ۾ هيترا ڊاڪٽر ٿيا.. ڪنهن به ائين نه چيو ته اسان جي غريب ٿر جي پورهيت پيئرن جا هيترا پُٽ اڄ ڊاڪٽر ٿيا آھن. اسين ڇو الڳ ٿي رهيا آھيون…؟
تنهنجو ٿر اڳ اهڙو نه هو، پر اُن کي زوري بڻايو وڃي پيو. ٿر ۾ انتها پسنديءَ جا ڍنڍورا پٽيندڙن کي شايد اها خبر به ناهي ته ٿر جي نوي سيڪڙو ٻھراڙي جي ماڻھن کي انتها پسندي لفظ جي معنيٰ به نه ٿي اچي. اهي تعصب ڪئين ڪندا…؟
پيارا نثار…! تنهنجو هڪڙو غريب ٿر هاڻي ٿر ديپ وٽ قرضُو ٿي چُڪو آھي ٻيو اجگر اينگرو وٽ گروي آھي.. هڪڙو ٿر ”ڪيفي ٿر“ تي سيلفي ڪڍائڻ ۾ پورو آھي ته، ٻيو ايس زيڊ ايس تي اعليٰ کاڌن جا مينيو پڙھي ويٺو. هڪڙو ٿر هڪڙي ويلي لاءِ وجهڪي پيو ته، هڪڙو ٿر اوور نيوٽريشن سبب پرڀاتي واڪ لئه پريشان آھي. هڪڙو ٿر امداد جي آسري ڪم چور ٿي چڪو آھي ته، ٻيو ٿر اڇا ڏند ڪرڻ لئه ڏُڪار جي انتظار ۾ آھي.
ٿر : وڏو وستار هاڻي ناهي رهيو...!
امراڻي کان وٺي رڻ ڪڇ تائين ۽ ٻُھراڻي کان وٺي بڙ جي ڍوري تائين ڪنهن قدآور وينگس جي جسم جهڙي ويڪري جاڳرافي رکندڙ تنهنجي محبوب ٿر کي ڪن مفاد پرستن فقط مٺي تائين محدود ڪري ڇڏيو آھي..اُنهن مٺي کان سوين ڪوھ پري ٻانڌي جي گوگٽي ڀٽ تي بُک مري ويل ڀيمي ڪولهي کي ڪڏھن ڀُلجي به ياد ناهي ڪيو. ياد ته انهن کان اُها ننڍي نياڻي به ناهي ٿي جيڪا سُگار جي سيمن ۾ اُتت ڪاڙھي جو ننگي پير اٽي جي لپ لئه ڪاٺيون ڪري ٿي، جنهن جو پيءُ ڪالرا جي قهر ۾ اُن ساڳي اسپتال ۾ مري ويو، جنهن جي بجيٽ وڌائڻ سان سرڪار ٿر تي ٿر جيڏو ٿورو ڪيو هو. تنهنجي ٿر جي سموري ٿڪاوٽ مٺي جي ايئرڪنڊيشنڊ آرام گهر ۾ آرام سان ويهي دُور ڪرڻ جو نئون دستور تنهنجي چونڊيل نمائيندن وڌو آھي. تنهنجي ٿر جو سڄو ڏُڪار سول اسپتال مٺي جي عاليشان عمارت تائين محدود ٿي ويو آھي. جتي ٻار مرن ٿا يا ماريا وڃن ٿا اُهو ته مالڪ ٿو ڄاڻي. مٺي ۾ ايشيا جو وڏي ۾ وڏو آرو پلانٽ لڳائي ”حاتم طائي“ حڪومت سموري ٿر جي اُڃ اُجهائي ڇڏي آھي. هاڻي مٺي جي ٽينڪر مافيا حڪومت جي وڏي عمر لئه روز ”نگرا پوڄي“ ٿي.
رڳو ايترو به نه پيارا تنهنجي ٿر جو ادب به مٺي جي چند ماڻھن وٽ محفوظ آھي اُهي جن کي ادب جي پٽڪي ٻڌائين اهو ئي ثقافتي اديب ٿي سگهي ٿو. باقي پاڻ جهڙن لئه انهن وٽ ڪا به گنجائش ناهي. ڇاڪاڻ ته پاڻ نه ڪنهن ويڳو کي ويجها آھيو ۽ نه ڪنهن جي جيءَ حُضوري جا جتن ڪري سگهون ٿا. پاڻ جيڪي دشتِ پيما به آهيون ته دشتِ نورد به. پاڻ جيڪي پنهنجي دنيا جا ڪُندار ڪلاڪار آهيون، تن لئه مٺي جو ادبي ماحول هاڻي ممنوع ٿي چُڪو آھي. پنهنجا نواز واري اُن ماحول ۾ حاصل جي پاڙيسري کاکڻھيار رحم جي نثار لئه ڪا به جاءِ ناهي، پوءِ ڀلي هُو گيتا انجلي جهڙي گيان سان ڀريل خط لکي. ٿر جي اُن ساهتيه سنگت ۾،”ڀٽن جي ڀُڻ ڀُڻ“ کان وٺي ٻن خوبصورت ناولن تائين سنڌي ادب کي بيش بها قيمتي تحفا ارپيندڙ ناشاد رحم علي جي لئه به ڪا جوڳي جاءِ ناهي…! جاءِ ته ان ٿاڌات جي ٿرئي امر ساهڙ لئه به ناهي جنهن سنڌي ادب کي ”اکين ۾ اُلڪا“ ۽ ”خيال ڪڙو کڙڪائين ٿا“ کان وٺي ”صحرا مون ۾ ساھ کڻي ٿو“ تائين ساھ ۾ سانڍڻ جهڙيون ساهتيه سوکڙيون ڏنيون. ڏيپلو ته هونئن وسريل وکر آھي. سو نه سومجي مل ڌاراڻي ڪا ميار ڪري ٿو نه احمد کٽي ۽ نه ئي وري راقم الحروف…!! پر چيلهار جي چهيتي منٺار نهڙيئي جي من ساگر ۾ ملندڙ سُگهڙائپ جا موتي کوٽا ٿي ويا آھن ڇا؟ جو هن کي به وساريو ويو آ. يا پاٻوهر جي پروهت هيميڏان چارڻ جي هردي مان چتور ٻولي جو چتون اُڏامي ويو آھي..؟
اهو به گهوريو پر يار مٺي ۾ ھر سال ٿيندڙ ڏھ ڏھ پروگرامن ۾ ڪڏھن اُن شخص کي شرڌانجلي ڏني وئي آھي…؟ جنهن شخص ٿر جي وڻ وڻ جي وارتا لکي. جنهن شخص ٿر جي جيتن کي صدين لئه اتهاسڪ جيئدان ڏنو. جنهن شخص واريءَ جي ڪڻ ڪڻ جي ڪهاڻي تاريخ جي ورقن ۾ سدا امر ڪري ڇڏي. اُن رائچند راٺوڙ کي وسارڻ وڏي ادبي منافقي آھي. اهو منافقي تنهنجو نئون ٿر ڪري رهيو آھي.
تنهنجي نئين ٿر ۾ سرڪاري طور ملهائجندڙ ثقافتي پروگرامن ۾ ٿر جي ڪهڙي ثقافت متعارف ڪرائي وڃي پيئي…؟ اهو تون به ڀلي ڀت ڄاڻين ٿو.! صحرا جي ثقافتي سوکڙي لويون ۽ کٿا ٺاهيندڙ ويڙھيجهپ جي ڪهڙن ميگهواڙن کي مڃتا ايوارڊ ڏنا ويا / ويندا؟
مور جي کنڀن مان ويڃڻا ٺاهيندڙ ڪاريتل ۽ ويئل جي ڪيترين سُگهڙين جو سممانَ ڪيو ويو/ ويندو...؟
اُٺن جا پاکڙا، گهوڙن جا هنا ۽ ڪاٺ جي شاھ ڪاريگر اُن ڪونڀي سوٽھڙ کي ڪهڙو سرٽيفڪيٽ مليو يا ملندو جنهن کي ارباب غُلام رحيم رحل ٺاهي ڏيڻ تي لک رپين جو چيڪ ڏنو هو...!
پيارا…! ٿر جي ثقافت راجپوتن جي رهاڻ ۽ ميگهواڙن جي ڀرت کانسواءِ ڪئين مڪمل ٿي سگهي ٿي…؟
اهي چند پر تلخ حقيقتون آھن جن تي سوچڻ گهرجي.!
اڄ سڄو ڏينهن ’’جوڳيءَ‘‘ جو ڪتاب ’’جهنگ جا ماڻھو‘‘ پڙھيو اٿم ان ۾ تنهنجو جهونو ٿر نظر آيو، جيڪو پائولا پائي بلائن کان بچڻ جا پانپرا ڪندو هو...!
ادل!
اڃان ته گهڻو لکڻ لئه دل چوي ٿي پر تو وٽ پڙھڻ لئه وقت به گهٽ ھوندو، ان ڪري هاڻي بس ڪيان ٿو..سگريٽ سستا ٿيڻ ڪري هي خط لکندي پنجون سگريٽ پيتو اٿم، رات جا ٻارنهن ٿيا آھن. اها به سورج ديوتا جي مهرباني جو توانائي ڏي ٿو ۽ چائنا جا وڙ جنهن شمسي پليٽون سستيون ڪيون جو مون جهڙو غريب ٻھراڙي ۾ چاندڻو ڪري سگهي ٿو. هاڻي چنڊُ به اُڀرڻ وارو آھي. ننڊ جا پکي هونئن به اکين جي سانگا تي سوجهاڪي تائين نه لهندا، ان ڪري هاڻي چنڊ سان ڳالهيون ڪندي. چنڊُ تي نظم لکان ٿو. خط سڀاڻي پوسٽ ڪندس.
دعائن ۾ ياد
تنهنجو پنهنجو امر