هڪ ٿرواسي جو کُليل خط
آئون ٿريو آھيان. اُهو ٿريو جنهن کي ڏُک ۽ ڏُڪار قدرت طرفان ڏاج ۾ مليل آھن. اُهو ٿريو جنهن جي بُک جي وندر لئه وڏا پارڪ ٺاهيا وڃن پيا. اُھو ٿريو جنهن وٽ دنيا جو ستون نمبر وڏو ڪوئلو موجود آھي، پر بدن تي پائڻ لئه ست وال ڪپڙو به ڪونهي. اُھو ٿريو جنهن جي جبل ۾ گرينائيٽ ۽ چائنا ڪلي جهڙيون قيمتي معدنيات موجود هئڻ باوجود پڪسرو چونئرو به ناهي. اُھو ٿريو جنهن جي بُک تي سوين خانگي ادارا عيش ڪري رهيا آھن، پر آئون اڄ به بُک ۾ کارو پاڻي پيئڻ تي مجبور آھيان. ها آئون اُهو ٿريو آھيان جنهن جو لوڻ سمورو ملڪ کائي ٿو، پر بدلي ۾ مرچن جي لپ به مون کي مشڪل سان ملي ٿي. آئون اُهو ٿريو آھيان جنهن جي سفري سهوليتن لئه سرڪار سڳوري هڪ خوبصورت هوائي اڏو به ٺاهي ڏنو آھي پر بدقسمتيءَ سان مون وٽ هوائي چپل به ناهي ته ان ۾ حُڪومت جو ڪهڙو ڏوھ؟ آئون اهو ٿريو آھيان جنهن جي ڪکاون گهرن ۾ اڄ به آسمان جو درشن آساني سان ڪري سگهجي ٿو. آئون اُهو ٿريو آھيان جيڪو اڄ به ماچيس جي بچت ڪندي ٽانڊي کي ڀاري ڇڏيندو آھيان. آئون اُهو ٿريو آھيان جنهن سان بارش اڪثر بي وفايون ڪري ويندي آھي.
هيل به مون کي بارش يتيم ڪري وئي آھي. بارش جيڪا مون لئه ان داتا آھي. هن جي بوند بوند ۾ منهنجي ساھُن جي هچڪي سمايل آھي. آئون هن جي آسري تي ئي ڏُکن جا ڏونگر پار اُڪري سگهندو آھيان. ھُوءَ هيل ڏُڪار جي سوکڙي ڏيئي ويئي آھي. وسڪارو هوندو هو ته، ڳوٺ مان منڌيئڙي جي ماريل جهڻ لپ ملندي هُئي، پر هاڻ اها به ڀاڳين جي پيٽ تائين محدود ٿي ويئي آھي. غريبن لئه اڇا ڏند ڪرڻ به خواب بڻجي ويو آھي. وسڪارو هوندو هو ته، جهنگل ۾ منگل هوندو هو. جتي ڪنهن جي به جهل پل نه هوندي هُئي. مڙھن ۽ مٿارين مان مريڙو ۽ لُلر چونڊي ساڳ سان ماني کائيندا هُئاسين. پپن جي چٽڻي به مفت ۾ ملندي هئي، جيڪا غريبن لئه چڪن کان مٿي هوندي هئي. وسڪارو هوندو هو ته، هاريپ تي ڪنهن جي زمين پوکيندا هئاسين ته سال ۾ نوان وڳا ضرور وٺندا هئاسين، پر هيلوڪو ڏُڪار سڀ حسرتون هولي ڪري ويو. هاڻي حاتم طائي حڪمران ڪڻڪ جو ڪٽو ڏيئي سموري عالم آشڪار اڳيان ٿورا ڳڻائيندا ته، اسان ٿرين جي بُک جو بندوبست ڪري ڇڏيو آھي.
آئون جڏھن ڪنهن ڪم سانگي شھر ويندو آھيان تڏھن منهنجو نون سالن جو ننڍڙو پُٽ مون کان اهڙي فرمائش ڪندو آھي جو دل ڀرجي ايندي آھي. هُو ڪو مون کان ٽچ اسڪرين موبائيل ناهي گهرندو ۽ نه ئي برگر جي فرمائش ڪندو آھي. هُو خبر آھي ڇا چوندو آھي؟ هُو چوندو آھي ته”بابا! شھر مان مون لئه ڪو راندڪو نه وٺي اچجانءِ پر منهنجي ننڍڙيءَ ڀيڻ لئه بسڪوٽ وٺي اچجانءِ. هُوءَ جڏھن پاڙي واري سيٺ جي ڌيءَ کي بسڪوٽ کائيندي ڏسندي آھي تڏھن هُن جي وات ۾ نه پر اکين ۾ پاڻي اچي ويندو آھي. ھُن جي اکين جو پاڻي مون کي پياسي صحرا ۾ به ٻوڙي ڇڏيندو آھي.“
آئون بسڪيٽ وٺي ايندو آھيان پر ڪڏھن ڪڏھن بسڪيٽ جي پُڙي به بُرج خليفه جيان اوچي ٿي ويندي آھي، نه پُهچي سگهندو آھيان تڏھن واپسي ۾ گهر ڏانهن وک ناهي کڄندي. قدم قدم ۾ بُکايل نياڻيءَ جا نيساڪا وچڙي پوندا آھن. جڏھن ٿڪل ٽُٽل قدمن سان پنج رپين جا مرچ ۽ ڪلو اٽي جو وٺي واپس پنهنجي گهر پهچندو آھيان، تڏھن هُوءَ ننڍڙي ڊوڙي منهنجي چوليءَ سان چنبڙي پوندي آھي. ان مهل غُريبي گُناھ لڳندي آھي. ننڍڙي منهنجي اکين مان پرکي وٺندي آھي ته اڄ بسڪوٽ نه ملندا. تڏھن هُوءَ روئڻ بدران کلندي چوندي آھي، ’بابا! اڄ مون کي منهنجي سهيلي جام بسڪوٽ کارايا آھن.‘ آئون به هن جي اکين ۾ مري ويل معصوم حسرت کي سمجهي روح ۾ روئندو آھيان.
سڄو ڏينهن جهنگ ۾ ڪاٺيون ڪري پرائي چُلهه ته ٻاريندو آھيان، پر ان مان مليل اجوري تي منهنجي چُلهه ٻري ناهي سگهندي. تڏھن پاڻ ٻري ويندو آھيان.
ٻري ته آئون تڏھن به ويندو آھيان جڏھن هر ڏھين ڏينهن ڳاڙھا مرچ کُٽي ويندا آھن ۽ منهنجو پُٽ سندس امڙ جو پلئه پڪڙي هئين چوندو آھي ته، ”امان مون کي مرچ لساڙي ڏي ته ماني کاوان، رُکي نڙي مان هيٺ لهي ئي نه ٿي.“
سندس امڙ پرنم اکين سان اشارو ڪري چوندي آھي ته
”پُٽ مرچ ختم ٿي ويا آھن پريان پيل ڇيپر تي پاڻي ڇنڊي ٻه ٽي گرھ ھڻي وٺ ڪالهه مرچ لساڙيا هئم انهن جي کارانس اڃان ضرور هوندي.“
”امان مرچ کُٽي ويا پر هي پهاڻ کُٽي ئي نه ٿو.“
”پُٽ اهو پهاڻ پنهنجو مقدر آھي ۽ مقدر سڄي حياتيءَ گڏ هلندو آھي.“
اندر اڌ ڪري ڇڏيندڙ اهي ڳالهيون ٻُڌي آئون اڌ مئو ٿي پوندو آھيان. اڌ مئو ته ان ڏينهن به ٿيو هئس جنهن ڏينهن اسڪول مان واپس اچي مرچن سان ماني کائيندي منهنجي پُٽ مون کي چيو هو ته
”بابا! اڄ اسڪول ۾ ماستر چيو سُٺا کاڌا کائيندو وڃ جن ۾ وٽامن هجن. بابا! وٽامن ڇا کي چوندا آھن؟“
وراڻيم پُٽ
”جيڪا شيءَ غريبن کي بُک مان ملي وڃي ۽ اميرن کي ڍؤ مان به نه ملي ان کي وٽامن چئبو آھي.“
”هائو بابا سچو آھين تڏھن ته، پاڻ صحتمند آھيون.“
ها پُٽ! ”او هُو ڦلاڻو سيٺ شُگر، بلڊ پريشر ۽ گوڏن جي سُور ۾ جهليو پيو آھي. ڀاڄيون، ميوا، داليون، مکڻ ۽ گيهه ته ان جام کاڌو هو. پاڻ ته انهن شين جا رڳو نالا ٻُڌا آھن پوءِ به ڏٽا مٽا لڳا پيا آھيون رکن ٽُڪرن تي“
”بابا شايد خدا غريبن لئه رڳو ڳاڙھن مرچن ۾ ئي سڀ وٽامن رکي ڇڏيا هوندا.“
”ها بابلا خدا سڀني جو خيال رکندڙ آھي ان ائين ضرور ڪيو هوندو.“ ورندي ڏيندي اکيون ڀرجي آيون هيون.
اي اسان جا حڪمرانؤ…! غريبن جي گهرن ۾ اها ئي گفتگو هوندي آھي. غريبن جي گهرن ۾ ايٽم بم تي ناهي ڳالهايو ويندو ۽ نه ئي هوائي سفر ۾ ٿيل ٿڪاوٽ تي بحث ڪيو ويندو آھي. غريبن جي گهرن ۾ مني لانڊرنگ جا مسئلا ناهن هوندا. غريبن کي نه ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ جو ڪوڏ ھوندو آھي ۽ نه ئي وري ڪنهن فلاپ ٿيل فلم جي ڳڻتي هوندي آھي. غريبن جي گهرن ۾ ان ڳالهه تي بحث ناهي ٿيندو ته ايشوريه راءِ سلمان خان کي ڇڏي اڀيشڪ سان ڇو شادي ڪئي. غريبن جي گهرن ۾ بُک تي وڏا بحث ٿيندا آھن. بُک جيڪا اوهان حُڪمرانن جو ڏنل تحفو هوندي آھي. فُوڊ پوائزن جو شڪار ٿيندڙؤ…! غريب ويچارا انڊر نيوٽريشن جي عذاب ۾ سڄي رات ستارا ڳڻيندي راتيون ڪٽيندا آھن. ڪڏھن غريبن لئه به سوچيو. اوور نيوٽريشن جي ڪري بيمارين ۾ وڪوڙجي وڃڻ کان بهتر آھي پنهنجي کاڌي جي ونڊ غريبن سان به ڪيو.
فقط جهوپڙين ۾ رهندڙ غريب ٿاريلو