حقيقتن ۽ محبتن جو شاعر
ڪيترا رنگ مون تي ڇٽيندي وئي
هن ڏني جو هئي هڪ چمي اوچتو
وفا جي شاعريءَ جو مطالعو ڪبو ته وفا جي شاعريءَ جي انيڪ رنگن مان ٻه رنگ حقيقت ۽ محبت گهاٽا نظر ايندا. حقيقت ته وحشتن جو منظر آهي، مسيحن جو مصلوب ٿيڻ آهي، خودڪش حملن جي تباهه ڪاريءَ ۾ مقتولن جي رهجي ويل حسرتن جي بي وسي آهي، وفا چواڻي:
اجتماعي روح ٿو چيڀاٽجي
جي شهر کي گهاءُ تازو ٿو لڳي.
حقيقت ته بوند بوند بڻجي ٽميل لڙڪن جي رمجهمي موسم آهي. سماج جي بي حسي ۽ کوکلائپ آهي. ڀڙڀانگ ذهنن پاران فرد تي ٿاڦيل قانون، نيئم ۽ تعذيرون آهي.
اسان جي ئي نصيبن ۾،
رهي ٿي دار جي خوشبو
يا
روح جو احساس ٿو چيڀاٽجي
ڄڻ سڄو آڪاس ٿو چيڀاٽجي.
جڏهن ته محبت ڌڙڪندڙ دلين جي درسني آهي، مخمور جوانين جي ساهن جي مشڪبو سرگوشي آهي، مرڪن جي چانڊاڻ آهي، انڊلٺ جا رنگ ۽ اميدن جون پناهه گاهون آهي.
روح پنهنجو روشني جو آ غزل
ٿي چوي مرڪي اکين جي خاموشي.
---
هوءَ ملي ڀاڪرين، آس پوري نه ٿي
روح ٿو هي چوي، روح ۾ ئي رچون.
وفا جتي تاسارين تمنائن جي خودڪشين جا ڏيک پيش ڪري ٿو، اتي محبتن جي ململ سيج تي روايتن کان باغي سوچن جي سرشارين جا عڪس پڻ چِٽي ٿو، جتي تتل صحرا جي رُڃ ۾ پِٿون پيرن ۽ تشنه چپن جا ڪرب عڪس بند ڪري ٿو، اتي اميدن جي امرت جل سان ڀرپور ٿڌن چشمن ۽ آڪاش تي مسڪرائيندڙ سليٽي بادلن جون تصويرون پڻ پسائي ٿو.
حقيقت جي تلخي:
ڌرتي آزارن ۾
ڪهڙي عيد ڪجي
دهشت ڦليل آ
شهر بازارن ۾
ڪهڙي عيد ڪجي
محبت جي ملائمت:
اکين ۾ رنگ ٿي اوتي
نهاري چاهه مان مون ڏي
ستل احساس ٿا جاڳن
اکين جي ميڇ سان جڏهين
چپن جا جام ٿي آڇي
ائين محسوس ٿئي ٿو ڄڻ
بدن ۾ روح ٿي ڦوڪي.
مون وفا جي شاعريءَ جي رنگن مان سندس شاعريءَ ۾ پسجندڙ ٻن گهاٽن رنگن جا مثال پيش ڪيا آهن. پر وفا جي شاعريءَ کي فقط ٻن رنگن تائين محدود چوڻ منهنجو مقصد هرگز ناهي. وفا جي شاعري رڳو خارجي ڪربلائن ۽ محبت جو مجذوبيت تائين محدود نه آهي. وفا جي شاعريءَ جون انيڪ رنگينيون ۽ ڪهڪشائون آهن، جيڪي هر پڙهندڙ کي سندس ئي ذوق آهر پنهنجو جلوو ۽ تجلو پسائينديون. مون وفا جي شاعري پڙهندي محسوس ڪيو آهي ته وفا شاعريءَ جو اهڙو عاشق آهي، جنهن داخلي ۽ خارجي پيڙائون ڀوڳيون آهن ۽ هن کي شاعريءَ جي پُرنور پيشانيءَ ۾ سڪون جو اڀرندڙ سج نظر آيو، ۽ هن ارپن ڪري ڇڏي پنهنجي پوري حياتي شاعريءَ کي.
رات ڀر درد ۾ پيڙجان ٿو پيو
مون مٿان ٿي لهي شاعري اوچتو.
[b] جعفر جاني
[/b] 15 سيپٽمبر 2017ع