روز برسات ٿي، ڏات مون تي لٿي،
ها ڪڏهن ڪونه آ، مات مون تي لٿي.
ڪيترا رنگ ٿو ارپيان گيت ۾،
آ سڄي ڄڻ ته بارات مون تي لٿي.
خواب سارا ٽٽا، جاڳ نيڻن چمي،
عشق جي آ جڏهن، تات مون تي لٿي.
تون جو وڇڙي وئي آن جڏهن کان مٺي،
ڄڻ ته ڳوڙهن جي برسات مون تي لٿي.
رات گهنگهور ۾ روح تڙپيو جڏهن،
شاعري چنڊ جان رات مون تي لٿي.
عشق ۽ سچ کي جو ڇُهڻ جي ڪئي،
ڄڻ “وفا” دارِ سوغات مون تي لٿي.