شاعري

عشق جي آرسي

هي ڪتاب وفا گولو صاحب جي شاعريءَ جو مجموعو آھي ساجد سنڌي لکي ٿو:
”وفا گولو جون ڪوتائون ڪنهن اپسرا جي انگڙاين ۾ گم ٿيل نگاهن جي عجيب ڪيفيتن جو داستان به ٻڌائين ٿيون ته محبتي موهه تي ڦهليل طلسمي تبسم جي سحر ۾ به جڪڙي ڇڏين ٿيون. هو جتي زميني خدائن خلاف سراپا احتجاج بڻيل آهي ته اتي مرڪن ۽ محبتن جو ٻج ڇٽي چوطرف سرنهن جي ڦولار جهڙي مهڪ واسڻ جو خواهان آهي، وفا جي شاعريءَ ۾ سڪ، سونهن، اوسيئڙي ۽ آس جا اولڙا هر پني تي پاڻ پسائي اسان کي ڄڻ ته اسان جي احساسن جي نمائندگي ڪندي نظر اچن ٿا. “
  • 4.5/5.0
  • 1885
  • 421
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • وفا گولو
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book عشق جي آرسي

جي رهان ٿو مان اگر ايمان ۾،

جي رهان ٿو مان اگر ايمان ۾،
ليکيو ڇو ٿو وڃان بي ايمان ۾.

هڪ خدا ۾ جي پسن ٿا حُسن کي،
مان پسان ٿو حُسن سو انسان ۾.

سونهن مندر ۾ ڏسي جرڪيو پئي،
مون ڏٺي جا سندرتا ڀڳوان ۾.

ڪنهن پئي ٺاهي جاءِ جنت ۾ وڃي،
ڪو رهيو خوش دوزخي سامان ۾.

عشق الستي ڪنهن نه ڄاتو ڇو هتي،
پاڻ رهياسين حيف ۽ حيران ۾.

مان قدورت جو ڪڍي من صاف ڪيو،
مون ڏٺو پوءِ خدا کي انسان ۾.

مان وڃان ڇو تو جيئان محبوب ڏي،
پاڻ هو مون ڏي اچي ٿو گيان ۾.