حسن درس کي ڀيٽا
مشائخ تي ستو پيو آ
ڪفن هو جاڳ جو پهري
وڇائي درد جو بستر
نمن جي ڇانوَ کان پرتي
بڙن جي ڇانوَ جي هيٺان
بيهاري ڪُميت هو گهوڙا
مشائخ کي ٿو جاڳائي
سچل کي هو سڏي ٿو پيو
پريان الفي گيڙو پهري
اناالحق الاپيندو
اچي رومي پڳو آهي
مٿان منصور لامذهب
ڪري ٿو روشني سڀ تي
سڀئي يار ڏس گڏجي
حسن کي جام آڇين ٿا
حسن صوفي عقيدت سان
پيو ٿو جام کي اوتي
اناالسنڌ الاپي
پرين جي پاڇي ۾ ويهي
اڃا ٿو پيار هو آڇي
پيار کان هو ٿڪو ناهي
اڃا ٿيو هو جهڪو ناهي.