مانگر مڇ
نه مانگر مڇ اهو ساڳيو
نه آهي مورڙو ساڳيو
نوان راڪاس آيا هن
ڪراچي کي وري ڪُهندا
وٺي جلاد آيا هن
وري ساڳي ئي مقتل تي
نه هن کي هو سڃاڻن ٿا
رهيو اٿس ساٿ ۾ جيڪو
سمندر سو به سوچي ٿو
اڪيلو مان ئي رهندس
حسن جي ئي هجومن ۾
حسينن کي خوشيون ارپي
سدائين مست ئي رهندس
رهزنن سوچ نئين ٺاهي
ديوارن جي زنجيرن سان
سمندر کي ٻڌو آهي
اهوئي ڊپ پيو کائي
ڪراچي کي پيو هردم
اگر سمنڊ کي ويا هيسائي
ته پو مان ته ڪجهه ناهيان
نوان مانگر مڇ هي مون کي
بنا ڪنهن اوڳرائي جي
ڪچوئي ڳهي ويندا
ڀري رت مان هو پئمانا
خوشي سان ڳڙڪي ويندا
اچي مون کي بچائي ڪو
سنڌي جيڪو سڏائي ٿو.