سانوري مون کي تنهنجي ادائن ڪُٺو،
زُلف ڪارن ڪنوارين نگاهن ڪُٺو.
عاشقي جون رُتون يار آيون وري،
درد جاڳي پيا ڀوڳنائن ڪُٺو.
زورِ محشر هيو مقتلن ٿي چيو،
سورمن کي سدائين صدائن ڪُٺو.
درد جي آهه ٿي هر طرف کان اچي،
سوڳوارن اسان کي هوائن ڪُٺو.
شام جي شور ۾ سوچيو ڪونه تو،
وار ڇوڙي ڇڏيئه ان گهٽائن ڪُٺو.
سنڌ ۾ سونهن آ پنهنجي تهذيب آ،
ها موهن جي دڙي جي ڪٿائن ڪُٺو.