شاعري

عشق جي آرسي

هي ڪتاب وفا گولو صاحب جي شاعريءَ جو مجموعو آھي ساجد سنڌي لکي ٿو:
”وفا گولو جون ڪوتائون ڪنهن اپسرا جي انگڙاين ۾ گم ٿيل نگاهن جي عجيب ڪيفيتن جو داستان به ٻڌائين ٿيون ته محبتي موهه تي ڦهليل طلسمي تبسم جي سحر ۾ به جڪڙي ڇڏين ٿيون. هو جتي زميني خدائن خلاف سراپا احتجاج بڻيل آهي ته اتي مرڪن ۽ محبتن جو ٻج ڇٽي چوطرف سرنهن جي ڦولار جهڙي مهڪ واسڻ جو خواهان آهي، وفا جي شاعريءَ ۾ سڪ، سونهن، اوسيئڙي ۽ آس جا اولڙا هر پني تي پاڻ پسائي اسان کي ڄڻ ته اسان جي احساسن جي نمائندگي ڪندي نظر اچن ٿا. “
  • 4.5/5.0
  • 1885
  • 421
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • وفا گولو
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book عشق جي آرسي

چاهت

اوهان جون چاهتون ميڙي
رکيون شوڪيس دل جي ۾
چميون ڀاڪر ۽ ڪجهه يادون
ڪنوارا خواب ها تن سان
۽ ڪجهه ها خواب ڌرتي جا
سڀئي ها شانتي وانگي
چٽا ها چاندني وانگي
سڀئي تحفا سکي تنهنجا
سڀئي ها راحتون ميڙي
اوهان جو چاهتون ميڙي
رکيون شوڪيس دل جي ۾
اوهان جي سار تڙپائي
پئي ٿي روح چيڀاٽي
ملڻ تون يار جلدي آ


وري آ بهار جلدي آ
مگر ڪهڙي خبر جانان
خزان ڀي ڪا خزان ايندي
اکين جا خواب هي سارا
ڇڻي ڪِرندا نه ڄاتو مون
اسان جو عشق هي جانان
ائين ٽُٽندو نه ڄاتو مون
پکي سارا امن جا هي
لڏي ڌرتي ڇڏي ويندا
امن جا گيت سڀ ساٿي
دفن سارا ڪيا ويندا
اسان جي قوم جا جوڌا
ائين قتلام ٿي ويندا
اندر جا هي وڏا کوٽا
اچي هت ظلم هو ڪندا
سڄي ڌرتي ڌڏي ويندي
سچي چاهت ٽُٽي ويندي
پرين محبت ڦِٽي ويندي
۽ دل موهن دڙي وانگر
ائين ميسارجي ويندي.