شاعري

عشق جي آرسي

هي ڪتاب وفا گولو صاحب جي شاعريءَ جو مجموعو آھي ساجد سنڌي لکي ٿو:
”وفا گولو جون ڪوتائون ڪنهن اپسرا جي انگڙاين ۾ گم ٿيل نگاهن جي عجيب ڪيفيتن جو داستان به ٻڌائين ٿيون ته محبتي موهه تي ڦهليل طلسمي تبسم جي سحر ۾ به جڪڙي ڇڏين ٿيون. هو جتي زميني خدائن خلاف سراپا احتجاج بڻيل آهي ته اتي مرڪن ۽ محبتن جو ٻج ڇٽي چوطرف سرنهن جي ڦولار جهڙي مهڪ واسڻ جو خواهان آهي، وفا جي شاعريءَ ۾ سڪ، سونهن، اوسيئڙي ۽ آس جا اولڙا هر پني تي پاڻ پسائي اسان کي ڄڻ ته اسان جي احساسن جي نمائندگي ڪندي نظر اچن ٿا. “
  • 4.5/5.0
  • 1885
  • 421
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • وفا گولو
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book عشق جي آرسي

پاڻ کي عشق تي جو ايمان ٿيو،

پاڻ کي عشق تي جو ايمان ٿيو،
لوڪ ڇو آ وڃي ايڏو حيران ٿيو.

اڄ اڪيلو پيئان ٿو پر اڪيلو نه هان،
تون جو تصور ۾ پرين آهين مهمان ٿيو.

روز ممبر تي چڙهي ٿو خدا کي سڏي،
پر اڃا پاڻ ناهي هو انسان ٿيو.

ڪوڙ کي نفرتن کي پنهنجو ڪري،
اڄ جو انسان ڇو آ وڃي شيطان ٿيو.

بيگناهي ڪري آهيان گنهگار ٿيو،
سنڌ جي عشق ۾ ناهي ڪو ارمان ٿيو.

سونهن کي عشق ۾ وِک اڳتي ڪري،
جنهن سجدو ڪيو سورهيه سلطان ٿيو.