پنجڪڙا
سونهن کي ٿو هرهنڌ هو پنهنجو ڪري،
ڄڻ ستارن جي هنياءَ تي ٿو مڱ ڏري،
عاشقي کي ٿو مڃي هو زندگي ۽ بندگي،
چنڊ ڀي مون وانگيان ٿو ڪري آوارگي.
چنڊ ڀي آ مون جيان عاشق مزاج،
پيار جا سنديس ڏي ٿو ڀونءِ کي،
روز ڪِرڻن سان چمي ٿو ڀونءِ کي،
کيس روڪي ڪين سگهندو ڪو سماج،
چنڊ ڀي آ مون جيان عاشق مزاج.
چنڊ ڀي ٿو سونهن جي پوڄا ڪري،
سونهن جيڪا سچ جو ٻيو روپ آ،
سونهن ڌاران ٻيو ته سڀ ٻهروپ آ،
سونهن جي سنجوڳ ۾ پيو ٿو ٻري،
چنڊ ڀي ٿو سونهن جي پوڄا ڪري.
چنڊ تنهنجي سونهن ٿي ڀاسي ٻُسي،
ڪنهن ڏنا ٿي گهاوَ ڇاتي جي مٿان،
چاندني هارين پيو لڙڪن جيان،
ڇا پرين تنهنجو ويو توکان رُسي،
چنڊ تنهنجي سونهن ٿي ڀاسي ٻُسي.
چنڊ هيڏا گهاوَ توکي ڪنهن ڏنا،
داغ هاڻو ٿو لڳي تنهنجو بدن،
پوءِ ڀي تون پيار ۾ آهين مگن،
ايترا سوداءَ توکي ڪنهن ڏنا،
چنڊ هيڏا گهاوَ توکي ڪنهن ڏنا.
چنڊ پنهنجا نيڻ جو کولي ڇڏيا،
سونهن ۾ وهنتي سموري ڪائنات،
شاعرن جي ڀي کڙي پئي آهي ڏات،
۽ “وفا” جا خيال ڀي جرڪي پيا،
چنڊ پنهنجا نيڻ جو کولي ڇڏيا.
چنڊ تنهنجي چاندني آهي مڌم،
يا اکين جي روشني ٿي وئي جهڪي،
يا ته ڦاٿل ڌنڌ ۾ آهيان يڪي،
يا پرين توکي لڳل آهي زخم،
چنڊ تنهنجي چاندني آهي مڌم.
چنڊ چئه هي زنگ توکي ڪيئن لڳو،
سونهن تنهنجي سچ جي ڄڻ ساک هئي،
ٻاٽ اونداهي ۾ روشن باک هئي،
درد جو هي رنگ توکي ڪيئن لڳو،
چنڊ چئه هي زنگ توکي ڪيئن لڳو.
چنڊ مون کان دور تون ڇو ٿو رهين،
آءُ منهنجي جهوپڙي ۾ تون لهي،
ڇو وڃين ٿو برپٽن پاسي ڪَهي،
درد ٿو مون وانگيان ڪيڏا سهين،
چنڊ مون کان دور تو ڇو ٿو رهين.
چنڊ پنهنجا نيڻ جو ٻوٽي ڇڏيا،
روح منهنجو ڌنڌ ۾ ڦاسي پيو،
مان اڪيلو سڀ ستارن ٿي چيو،
ڪيترا ٿي درد تحفي ۾ مليا،
چنڊ پنهنجا نيڻ جو ٻوٽي ڇڏيا.
چنڊ سان ڪو فرد ٿو ٻکجي وڃي،
ڄڻ سندس ڪو درد ٿو ٻکجي وڃي
هاءِ چهرو هاڻ زرد ٿو ٿيندو وڃي
دل اندر ڪو سر درد ٿو وڌندو وڃي
چنڊ سان ڪو فرد ٿو ٻکجي وڃي
چنڊ تنهنجي ذات اُجري ٿي رهي
منهنجي پوءِ ڏات اُجري ٿي رهي
ڪير آهي دلبري جي دل منجهان
پيار جي ٿي بات اُجري ٿي رهي
چنڊ تنهنجي ذات اُجري ٿي رهي