شاعري روح جو عڪس آهي
پيار آهي
محبت آهي
عشق آهي
جنون آهي.
شاعري انسانيت جي درجي تي پهچڻ جو هڪ اهڙو پيچرو آهي جنهن تي هلندي ماڻهو اصل انسانيت جي روپ کي سڃاڻي ان ۾ پاڻ کي امر ڪري ڇڏي ٿو.
حقيقت ۾ شاعري روح جو عڪس آهي جنهن ۾ پيار، پيڙائون، اڪيلائي ڪرڀ ۽ درد اهڙي طرح ته چهٽيل هوندا آهن جنهن مان اگر ڪنهن هڪ کي به جيڪڏهن زوريءَ ڇڪي رهڙي شاعري جي وجود کان الڳ ڪرڻ جي ڪوشش ڪبي ته شاعري جو روح رتورت ٿي پوندو ۽ شاعري هڪ دانهن بڻجي اُداس روحن کي فنا ڪري ڇڏيندي.
مون شاعري سان بي پناهه محبت ڪئي آهي منهنجو سارو وجود جيڪڏهن دنيا جي اکين آڏو آهي ته اهو منهنجي شاعري جي ڪري ئي آهي. منهنجو هڪ نثري نظم آهي ته:
شاعري
روح جو
عڪس آهي
جيڪو
شاعرن جي
اکين جي
گهرائي ۾
هر ڪنهن کي
نظر ناهي ايندو.
شاعري جا انيڪ روپ آهن. اها هر ڪنهن فرد کي پنهنجي ڀاڪر ۾ نه ٿي ڀري شاعريءَ جي حسين ديوي دنيا ۾ انهن ماڻهن کي پنهنجو ڪري ٿي جيڪي فطرتي طور تي دنيا ۾ عاشق ٿي پنهنجي هڪ الڳ دنيا ٺاهي جيئڻ جا پنهنجا نرالا انداز رکندا آهن، هو دنيا جي مصنوعي بادشاهي کي ترڪ ڪري پنهنجي دنيا جا بادشاهه بڻجي پنهنجي دنيا ۾ مگن رهندا آهن. جنهن ڪري ئي دنيا جا گهٽ عقل وارا ماڻهو کين چريو چئي ۽ الڳ الڳ لقب ڏيئي ٽوڪيندا رهندا آهن پر انهن جي اهڙي ڪم عقلي تي شاعرن ڪڏهن به ڪا توجهه ناهي ڏني ڇو ته هو پنهنجي دنيا ۾ مست الست رهي اهڙن گهٽ عقل وارن جي ڳالهين تي غور سان ڪڏهن به ڌيان ناهن ڌريندا.
عشق جي راهه ۾، ٿا اڪيلا رُلون،
ڌرتتي آ رڳو، پير آهن لڦون.
عشق دنيا جو اهو طلسم آهي، جيڪو دنيا ۾ اڪيلو ڪري عاشق کي روحاني طور هجومن ۾ وٺي وڃي ٿو اهو عشق ئي آهي جنهن مون کي شاعري جي پنڌ تي آڻي رُلايو آهي ۽ شاعريءَ سان ملايو آهي جيڪا هاڻي منهنجي وجود جو اٽُوٽ حصو بڻجي ويئي آهي جنهن کان جدائي جو سوچڻ ڄڻ منهنجي وجود جو فنا ٿي وڃڻ ئي آهي. اها شاعري ئي آهي جيڪا منهنجي روح کي آڪسيجن ڏيندي رهي ٿي جنهن ڏينهن آڪسيجن رُڪجي ويندي، ان ڏينهن منهنجو وجود به فنا ٿي ويندو. فنائيت ئي عشق سان ملائڻ جو اصل رستو آهي جنهن جو هن دنيا ۾ هر عاشق هر وقت منتظر رهي ٿو.
مون شاعري جو هي مجموعو ڇپرائڻ لاءِ ڪڏهن به سنجيده ٿي نه سوچيو هو، ڇو ته شاعر ٿيڻ جو مقام مرتبو مون پاري ڪاهل کان تمام گهڻو مٿانهون آهي.
شاعري سان مون پيار ڪيو آهي جيڪو اظهار مون هن ڪتاب “عشق جي آرسي” ۾ ڪيو آهي. جيڪو اوهان آڏو آهي. مون اڳ ۾ به ڳالهه ڪئي ته مون اهو ڪڏهن به ڪين سوچيو هو ته مان شاعري لکي هڪ ڪتاب آڻيندس مون کي شاعري سان عشق هجڻ ڪري شعر لکڻ جو ننڍڙو شرف حاصل رهيو آهي، ۽ لکندو رهندو آهيان، جنهن کي منهنجي پياري دوست اويس ڀٽو هڪ ڪتابي صورت ۾ ممڪن ڪرڻ لاءِ هر وقت همٿائي منهنجي شاعري کي “عشق جي آرسي” جي ڪتابي فريم ۾ بند ڪري اوهان پڙهندڙ آڏو آندو آهي. جنهن تي مون کان وڌ خوشي منهنجي انهيءَ دل گهُرئي دوست کي ٿي آهي، جنهن کي ڄڻ ته اها اُڻ تُڻ رهندي هئي ته “يار وفا سُستي ڇڏ، پنهنجو ڪتاب جلد ڇپراءِ.”
اهڙيون الائي جي، ڪيتريون ميارون جتي ملندو، اها ڳالهه ڪندو ته يار ڪتاب ڪڏهن ٿو آڻين؟ منهنجو روايتي جواب ته هن جنم ۾ ضرور آڻيندس، جنهن تي اويس جي ڪاوڙ ته ڏسڻ وٽان هوندي هئي اويس تي اگر مان ٿورو سوچيان ٿو ته هو منهنجي هن ڪتاب “عشق جي آرسي” جو اولڙو ٿو محسوس ٿئي.
شاعري جي هن پوري مجموعي جي ڪاميابي تي سوچڻ بجاءِ مون بس اهو سوچيو آهي ته اوهان پڙهندڙ جيڪي شاعري جا عاشق آهيو، اهي هن منهنجي پهرين شعري مجموعي “عشق جي آرسي” کي ڪيتري قدر پنهنجي پيار سان دل جي لائبريري ۾ سجائڻ سان گڏوگڏ شاعري کي پنهنجي دل ۾ ڪيتري جڳهه ڏيو ٿا، منهنجي شاعري تي اوهان جي راءِ منهنجي لاءِ سنڌ ۽ ساهه وانگي هوندي.
[b] وفا گولو - ٺُل
[/b] 10 ڊسمبر 2017ع
03337158536
ڳوٺ ڪريم بخش گولو
تعلقو ٺل، ضلعو جيڪب آباد