شهر سارو اُداس توبن،
هر آس نراس توبن.
چوڏهين جي رات پوءِ به،
منهنجي من ۾ اماس توبن.
هن عمر ۾ هزارين سوچون،
ڳڻتين ڳاريو ماس توبن.
تون جو ناهين او سانوري،
ڪير ڪندو قياس توبن.
ماڻهو چون ٿا ميرا اٿئي ڪپڙا،
ڪيئن مٽايان لباس توبن.
گيت، غزل، وايون ۽ “وفا”،
ٽنگيل آهن ٽياس توبن.