چُمي
اکين ۾ رنگ ٿي اوتي
نهاري چاهه مان مون ڏي
ستل احساس ٿا جاڳن
اکين جي ميڇ سان جڏهين
چپن جو جام ٿي آڇي
ائين محسوس ٿئي ٿو ڄڻ
بدن ۾ روح ٿي ڦوڪي
چوي ٿي چاهه مان مرڪي
جدا جاني نه ٿيندا سي
گلابن ڏي نهاري ۽
وري مرڪي چوي ٿي هو
نڀائڻ جو وچن ڏي تون
ڦڪي مان مرڪ ٿو مرڪان
اندر سارو ڀُري ٿو پئي
چوان ٿو اي سکي تنهنجي
محبت مون لئه امرت آ
مگر منهنجي نصيبن ۾
چڳن جي ڇانوَ ئي ناهي
آ منهنجو عشق ڌرتي سان
چپن جو جام تون آڇي
اندر کي درد ٿي آڇين
پرين سيني اندر ڏسندين
اندر آ سنڌ جو نقشو
رڳن ۾ خون جو آهي
پرين سارو هي سنڌو آ
اکين ۾ ڏار ڇو آهن
خبر ناهي پرين توکي
اهي ٿي درد پنهنجا جا
وطن جي ئي غدارن جا
اندر کي درد وڍ ڏي ٿو
نڙي ۾ لفظ ٿا اَٽڪن
۽ ڦٿڪي ڄڀ ٿي منهنجي
۽ ٿڙڪن چپ ٿا منهنجا
اندر آواز ٿو دٻجي
وري ڀڻڪي چوي ٿي هو
برابر سنڌ آزادي
گهري پيئي ٿي صدين کان
سيد جو خواب ٿي پورو
وطن لئه ويڙهه جاري رک
وچن آهي منهنجو توسان
ستارن سيج تي جڏهين
ڪَتي اُڀري جڏهن ايندي
وري توساڻ ملنديس مان
جڏهن آزاد سنڌ ٿيندي
هٿن تي هو چمي ڏيئي
اُٿي مُرڪي هلي ويئي.