زخمي چانڊيو کي ڀيٽا
ماڻهو جيڪو ورڻو آهي!
ماڻهو جيڪو مرڻو ناهي
تنهن جو مٽ ڪا گولي ناهي
رت جي هي ڪا هولي ناهي
هن جي هڪڙي ڳالهه انوکي
پيار مٽي سان مٽي واسي
ان جي انهي سادا پن تي
ڪجهه بگڙن کي ڪاوڙ آئي
ڪتن وانگر ان تي ڏمريا
تن کي ڪائي سُڌ نه آئي
ههڙا مڙس مٿير نه مرڻا
گجگوڙن سان هر هر ورڻا
پر ڪائنر تو اهو نه ڄاتو
ماڻهو هي نه مئو گولي سان
تو جا گولي هنئي شاعر کي
سا ته لڳي توئي ڪائنر کي
توکي آءٌ ٻڌايان ڇا ڇا
گولِي جا تو ٺاهي آهي
ان سان سنڌ هي مرڻي ناهي
مون کي پڪ ڏني آ ڌرتي
شاهد آهي هر هڪ ماڻهو
جنهن کي ڊکڻ ساهه ڏنو
۽ لاڙڪاڻي ويساهه ڏنو
سو او ڪانئر مرڻو ناهي
دل منهنجي هي مڃي ٿي
هو ورڻو آ مرڻو ناهي
هو ڏس وريو ڪالهه جلدي
خالد(1) بڻجي ساجد(2) بڻجي.
1. خالد 2. ساجد زخمي چانڊيو جا فرزند