ڪتاب جو نالو: لُڙڪن سان لَبريز خَط
مصنف: امر رائيسنگهه راجپوت
ڇپائيندڙ: ڪنول پبليڪيشن
ڪيٽيگري: مختلف موضوع
شايع ٿيڻ جو سال: 2019
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: جمعو، 18 آڪٽوبر 2019 ع
پڙهيو ويو: 688 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 159 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
هي ڪتاب شاعر ۽ ليکڪ امر رائيسنگھ راجپوت جي لکيل ادبي ۽ تصوارتي خطن جو مجموعو آهي. عزيز گُل لکي ٿو:
”امر رائيسنگهه راجپوت جهڙي شاندار نثرنگار جا خط به سنڌي ادب کي هميشه جي لاءِ ياد رهجي ويندا جو هي خط امر رائيسنگهه جي نثر جو يادگار آهن... جو هي لازوال خط آهن، جن ۾ ديس جي درد جا سمورا رُخ نهايت ئي دل ڏاري وجهندڙ انداز ۾ لکيا ويا آهن. اهڙا خط لکڻ لاءِ ڪو سنگدل سينو ٿو کپي!“
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • حق ۽ واسطا ليکڪ وٽ محفوظ
  • ارپيم
  • سنڌ سلامت پاران
  • مهاڳ : ريشمي هٿوڙو....!
  • پنهنجي پاران : روئندي لکيل خط
  • دانهون دردَ فراق جون، ڏيهَه ٻُجھي ٿو ڏور،
  • پنهنجي ڀيڻ کي الوداع چوڻ لئه آيل ڀاءُ جو ريلوي پليٽ فارم تان سندس ماءُ ڏي خط
  • خودڪشي ڪندڙ عورت جي کيسي مان مليل خط
  • هڪ حساس دل پُٽ جو پنهنجي ماءُ کي خط!
  • اناٿ آشرم ۾ پليل هڪ ٻار جو پنهنجي اجنبي بابا کي لکيل خط
  • هڪ ٿرواسي جو کُليل خط
  • نئين پرڻيل ناريءَ جو پنهنجي جيجل ڏي خط
  • هڪ دراوڙ ماءُ جي دانهن
  • پنهنجي ديس واسين ڏي ليکڪ جو خط
  • هوليءَ تي نه پهچي سگهندڙ هڪ پورهيت جو پنهنجي پُٽ ڏانهن کُليل خط
  • قصور ۾ بي درديءَ سان ماريل زينب جو پنهنجي پيءُ ڏانهن خط
  • نثار بلوچ جي خط جي جواب ۾ لکيل خط
  • هڪ معصوم پُٽ جو پنهنجي بيروزگار پيءُ ڏانهن اُداس خط
  • ڪينسر جي مريض جو پنهنجي محبُوبه ڏي وارڊ مان لکيل اُداس خط
  • ثقافت جي ڏھاڙي سنڌ امڙ ڏي خط
  • ايڪهتر ۾ ڌرتيءَ مان دربدر ٿيل هڪ ڀيڻ جو ’’رکشا ٻنڌن “ تي ڀاءُ ڏانهن خط
  • سنڌ ڇڏي ويندڙ سوڍن کي سٻاجهڙي سنڌي جو مياري خط
  • پياري شواڻي کي لکيل خط...! پيارا! تو لاءِ ٿر روئي ٿو
  • هڪ ٿر واسيءَ جو پنهنجي پرديسي پريميڪا ڏي خط
  • مغرور محبُوبه ڏي شاعر جو اُداس خط
  • دسرت ٿريءَ کي لکيل خط
  • خودڪشي ڪري ويل ونيءَ جي وڇوڙي ۾ ولکندڙ وَر جو لکيل خط
  • مصطفي اياز مهيري کي لکيل خط
  • مٺي شھر جي نالي کُليل خط
  • سينيٽر ڪِرشنا ڪُماري ڪولهي کي لکيل خط
  • لاڙڪاڻي جي هڪ ڳوٺ ۾ ڀري محفل ۾ گولي لڳڻ سبب مارجي ويل فنڪاره سان مخاطب
  • سُنيتا راٺوڙ ڏانهن لکيل خط
  • دلبر دوست نوجوان ليکڪ سليم راهمون کي لکيل خط
  • برما جي نام نهاد جهموري اڳواڻ آنگ سانگ سوچيءَ ڏانهن لکيل خط
  • دوست کيت سنگهه پير ڏانهن لکيل خط
  • بئڪ ٽائيٽل پيج

  • حق ۽ واسطا ليکڪ وٽ محفوظ

    BOOK NO: (238)

    لُڙڪن سان لبريز خطَ
    (ادبي ۽ تصوراتي خط )
    امر رائيسنگهه راجپوت
    جنوري 2019ع
    ڪمپوزنگ/ٽائٽل: پرڪاش ڪرمواڻي
    ڪنول پبليڪيشن، قنبر
    03337523132


    قيمت: 200 روپيه



    LURKAN SAN LABREZ KHATA
    (Literary & imagine Letters)
    Author: Amar rai Singh Rajput
    First Edition@ January 2019
    All rights reserved with the author
    @ KANWAL, Publication Kamber


    اسٽاڪسٽ
    سمبارا ڪنول ڪتاب هائوس، سيد آرڪيڊ، قاضي محله ـــ حيدرآباد
    ڀٽائي ڪتاب گهر، گاڏي کاتو حيدرآباد-ڪنگ پن بڪ شاپ، پريس ڪلب، حيدرآباد-
    شير يزدان بڪ اسٽال، ڀٽ شاھ- ڪاٺياواڙا اسٽور اردو باراز ڪراچي-رابيل ڪتاب گهر، لاڙڪاڻو-
    مهراڻ ڪتاب، کپرو-العزيز ڪتاب گهر، عمرڪوٽ- سليمان برادرس، نواب شاهه.
    مدني بڪ اسٽور، دادو- سراج بڪ اسٽور، قنبر، ٿر ڪتاب گهر، مٺي-
    ڪنگري بوڪ شاپ، اسٽيشن روڊ، ميرپورخاص-المهراڻ ڪتاب گهر، سانگهڙ-
    عبدالرزاق بڪ اسٽال ميهڙ- مرچولال بوڪ ڊيپو، بدين-سوجهرو ڪتاب گهر، بدين-
    سنڌيڪا ڪتاب گهر سکر - ڪنول ڪتاب گهر، مورو-


    ارپيم

    پُورب جي پُتري
    سنڌ راڻي
    شھيد مُحترمه بينظير ڀُٽو
    جي نانءُ
    جنهن لئه حَسن مُجتبيٰ چيو آھي ته:
    وه لڙڪي لال قلندر ٿي…!!

    امر رائيسنگهه راجپوت


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”لُڙڪن سان لبريز خط“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب شاعر ۽ ليکڪ امر رائيسنگھ راجپوت جي لکيل ادبي ۽ تصوارتي خطن جو مجموعو آهي. عزيز گُل لکي ٿو:
    ”امر رائيسنگهه راجپوت جهڙي شاندار نثرنگار جا خط به سنڌي ادب کي هميشه جي لاءِ ياد رهجي ويندا جو هي خط امر رائيسنگهه جي نثر جو يادگار آهن... جو هي لازوال خط آهن، جن ۾ ديس جي درد جا سمورا رُخ نهايت ئي دل ڏاري وجهندڙ انداز ۾ لکيا ويا آهن. اهڙا خط لکڻ لاءِ ڪو سنگدل سينو ٿو کپي!
    امر رائيسنگهه هڪ بي رحم ليکڪ آهي، هُو هڪڙو اهڙو روئاڙي وجهندڙ نثرنگار آهي، جيڪو ماڻھن جي زندگيءَ جا فيصلا بدلائي سگهي ٿو. هُو صرف خماريل ۽ موهيندڙ نثر نٿو لکي پر کيس ماڻهن جي زندگيءَ جي فيصلن تي به قدرت حاصل آهي.“
    هي ڪتاب ڪنول پبليڪيشن قنبر پاران 2019ع ۾ ڇپايو ويو آھي. ٿورائتا آهيون امر رائيسنگھ راجپوت جا جنهن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ جي اجازت ڏني.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    مهاڳ : ريشمي هٿوڙو....!

    هيءُ هڪڙي ڪويل آهي، جنهن جي مقتول ڳچي دلدوز ڪوڪ سان ڀري پئي آهي؛ هي هڪڙو شهر آهي، جنهن ۾ رڳو حسين عورتن جا گهر آهن؛ هي هڪڙي اک آهي، جيڪا ڳوڙهن سان ڀري پئي آهي؛ هي هڪڙو بستر آهي، جنهن ۾ ڪڏهن ڪو ستو ئي ڪونهي؛ هيءُ رستي تي جيڪي چِٽ ڏسين ٿو؟! اهي منهنجي محبوبا جي پيرن جا نشان آهن! جيڪا ٿوري دير اڳ گذري وئي آهي؛ هيءُ هڪڙو ڀوپو آهي، جنهن ڪيتريون ئي نوجوان ڇوڪريون ڌوڻي ڌوڻي ماري ڇڏيون؛ پوءِ به هُو قاتل ناهي؛ هي هڪڙو وڻ آهي، جنهن جي پاڙ ۾ ماڻهن تعويذ پُوري پُوري کيس سڪائي ڇڏيو؛ هي هڪڙي عورت آهي، جنهن کي خبر ناهي ته مرد ڪيئن محسوس ڪبو آهي؛ ۽ هن پاسي روشنيون آهن، هيءُ پئرس آهي، هي جرمني آهي، هي فرانس آهي، هتي ماڻهن کي بک ناهي لڳندي، هتي دولت، علم، عشق، ڪاميابي، زندگي ۽ خوبصورتيءَ جا خزانا آهن! ٿورو پنهنجي پويان ڏس... هي هڪڙو ڪنڊيءَ ۾ ٽنگيل لاش آهي، جنهن جو بکيو اُٺ اڄ ڌڻيءَ جي لاش تي رڙي رهيو آهي ۽ هيءُ هڪ ڪتاب آهي جنهن جي نثر جون پاڙون کِپ جي پاڙُن کان به ڊگهيون آهن ۽ هي مٿي ٻُوڙي وانگي ڦُٽي بيٺل امر رائسنگهه راجپوت آهي!
    شاعريءَ ۽ نثر سانحن ۽ ظلمن جا اشتهار ته آهن پر اتي تخليق جي انهي دائري ۾ به اوچن گرافن وانگي اچن ٿا جتي، آسمان تي خدا ۽ زمين تي عورت اچي ٿي! وڻ اچن ٿا، جانور ۽ جيت اچن ٿا! انهيءَ ڪري ئي شاعر ۽ نثر نگار سدابهار ماڻهو هوندا آهن. ٺڪر ٿر جي خوبصورتيءَ ۾ ڪُنڍي نڪ وانگي آهن پر خوبصورتي فاني آهي ۽ تخليق لافاني آهي... ٺڪرن مان وري به اسان جي ذهن تي دل جي اکرن سان ڪنهن ماڻهوءَ جو نالو لکجي ويندو ته اهو امر رائسنگهه آهي؛ ڇو جو هو تخليق جي ترائيءَ تي ترندڙ هڪڙي اهڙي اک آهي، جنهن مان ٿر ڳوڙهي وانگي ڳڙي پيو آهي.....!! نت ٺڪر ته ٿر ۾ ڪنڊين ۽ ٿوهرن وانگي پکڙيا پيا آهن!!
    شاعر ڌرتيءَ جا ڏيئا هوندا آهن... ٿر جتي خوبصورتيءَ جو اهڙو لازوال استعارو رهيو آهي جنهن لطيف جي به جيءُ ۾ جڙ ۽ روح ۾ رڙ وجهي ڇڏي ۽ هُو "ويڙهيا گهمن وليين جھانگي منجهه جهنگن" جهڙيون انيڪ سٽون جولان ۾ اچي چوڻ کان رهي ڪونه سگهيو، اتي ٿر بُک ۽ ڏُک جو به هڪڙو وشال نقشو آهي! ۽ شاعري ۽ نثر ته هونئن ئي ظلمن سان ڀريا پيا آهن. سو، پاڻ اڄ صرف امر رائسنگهه جي تخيل جي مدار ۾ ڦرنداسين، ڇو جو سانحن ۽ مسئلن جي باري ۾ ته ٽيلويزن ۽ اخبارون به ڳالهائينديون آهن... پر اخبار ۽ امر رائسنگهه ۾ اگر ڪو فرق آهي ته اهو تخليق ۽ تخيل جو فرق آهي! امر رائسنگهه اسان کي انهيءَ ڪري به ياد آهي جو هُو تخليق جي ترڪش مان تير وانگي ڇُٽو آهي... نت ٿر ۾ ته ٺڪرن ۽ اُٺن جو ڇيهه ئي ڪونهي!!
    جهڙي طرح اتر هندستان مقبرن سان ڀريو پيو آهي، اهڙي طرح ٿر به نثر جي مقبرن سان ڀريو پيو آهي.... البته شاعري ڪجهه چڱي ضرور ٿي آهي.... باقي تخليقڪارن جي ڊگهي قطار ۾ شاعر ۽ نثرنگار گپ ۾ گتل رڍن وانگي رڙي رهيا آهن! سنڌ ۾ ڪلهوڙن جا مقبرا ۽ مزارون ته ملن ٿيون پر انهن جو ڪو محل نظر ڪونه ٿو اچي، ساڳي طرح ٿر ۾ به نثر جا مقبرا ۽ مزارون ته ملن ٿيون، پر ڪو محل نظر ڪونه ٿو اچي- سواءِ عبدالواحد آريسر جي!
    سو، اهڙن دوستن جي تخليق تي لکڻ کان آئون ائين ويندو آهيان جيئن ڪانگ ڳوڙهي کان وڃي! ڇو جو هڪ ته تخليقي ماڻهو گهٽ ۽ تقليدي وڌيڪ آهن ۽ ٻيو ته جنهن اوچائيءَ جي مون کي تمنا آهي، اها صرف تمنا ئي آهي.
    وچ ۾ هڪڙو دؤر آيو... جنهن ۾ ٿر مان نثر وفات ڪري ويو!! ۽ ڪيئي هوائي نثر نويس مرحوم بڻجي ويا... آئون اڄ به انهن جي ايصال ثواب لاءِ دعاڳو آهيان؛ پر پوءِ جلد ئي ڪجهه جوان نثر جي ڪپر تي اوٿلو ڏيئي ڇولين وانگي چڙهي آيا... امر رائسنگهه انهي لشڪر ۾ سُٺي قد جو نثرنگار آهي. اڄ کان پندرهن سال اڳ، ڪجهه ادبي ڪاسائين، عبدالواحد آريسر ۽ آغا سليم جي نثر ۽ ـــ مظهر لغاريءَ جي شاعريءَ جي وڍ ٽُڪ ڪري، نثر جو هڪڙو نئون نمونو تيار ڪيو، اهو نثر ڪونه هو، هڪڙو عجوبو هو! جيڪو هوائي استعارن ۽ بي هنگم تشبيهن سان، اسٽريچر تي پيل مريض جي سلوار وانگي ڀريو پيو هو؛ اهڙو بي پاڙو نثر جيڪو صرف جنوني عمر جي چند سالن ۾ وڻندو آهي ۽ خدا جي فضل سان انهن نثر نگارن جي نثر جي عمر به چند سال ئي ڇڪي تاڻي هلي سگهي... انهي نثر هڻي نئين نسل جي ڀينگ ڪري ڇڏي....... ۽ لاڙ ۽ ٿر اهڙي هوائي نثر جو ڳڙھ بڻجي ويا؛ نيٺ نثر پنهنجي سنهري دؤر ڏانهن موٽ ته کاڌي پر جن ماڻهن کي انهي نثر جو پوليو ٿي ويو، اهي وري صحتياب ٿي ڪونه سگهيا. اڄ وري اسان جو نثر انهي کوھ مان ٽپ ڏئي ٻاهر جي وسيع و عريض ڪائنات ۾ گهڻي ليکي نڪري آيو آهي ۽ چند سٺا نالا سامهون آيا آهن، جيڪي اگر سنجيدگيءَ سان پنهنجي تخليق کي وقت ڏين ته اسان انهي تسبيح ۾ پوئجي سگهون ٿا جنهن ۾ عبدالواحد آريسر وڏي مڻڪي وانگي بيٺو آهي!
    نثر جي دنيا ۾ خطن جي وڏي اهميت رهي آهي! عالمي ليول تي به ڪئين مشهور شاعرن ۽ اديبن جا خط ماڻهن جي دلين تي سڪي وانگي هلندا رهيا! جنهن ۾ ڪافڪا جا پنهنجي پيءُ ۽ محبوبا ڏانهن خط، قرت العين حيدر جا خط، امرتا پريتم ۽ ساحر جا خط، سارا شگفته ۽ امرتا پريتم جا خط، شيخ اياز ۽ ابراهيم جويي جا خط مون کي في الحال انتهائي زبردست انداز ۾ ياد اچي رهيا آهن. دنيا ۾، نثر جي ٺيڪ ٺاڪ حيثيت رهي آهي، نوبل پرائز به ناول تي ٿو ملي ۽ ناول نثر ۾ ۽ نثر ناول ۾ هوندو آهي!
    امر رائسنگهه راجپوت جهڙي شاندار نثرنگار جا خط به سنڌي ادب کي هميشه جي لاءِ ياد رهجي ويندا جو هي خط امر رائسنگهه جي نثر جو يادگار آهن... جو هي لازوال خط آهن، جن ۾ ديس جي درد جا سمورا رُخ نهايت ئي دل ڏاري وجهندڙ انداز ۾ لکيا ويا آهن. اهڙا خط لکڻ لاءِ ڪو سنگدل سينو ٿو کپي!
    امر رائسنگهه هڪ بي رحم ليکڪ آهي، هُو هڪڙو اهڙو روئاڙي وجهندڙ نثرنگار آهي، جيڪو ماڻھن جي زندگيءَ جا فيصلا بدلائي سگهي ٿو. هُو صرف خماريل ۽ موهيندڙ نثر نٿو لکي پر کيس ماڻهن جي زندگيءَ جي فيصلن تي به قدرت حاصل آهي. سندس خط پڙهڻ کانپوءِ مون پاڻ پنهنجي زندگيءَ جا ڪجهه ذاتي فيصلا رات جي پيٽ ۾ تبديل ڪري ڇڏيا. سندس نثر جي قدرت جو آئون سرعام ثبوت آهيان.
    آئون اهڙو نثر جو مزاج رکي اگر هڪڙو به خط لکان ته جلد مري وڃان، سندس قلم ڪارو نانگ آهي جنهن جي نب ۾ زهر ڀريل آهي. هر تخليقڪار جو وڏي ۾ وڏو اگر ڪو خواب هوندو آهي ته اهو هي هوندو آهي ته کيس پنهنجو اسلوب هجي!! ۽ امر رائسنگهه ان ۾ به ڪامياب ويو آهي جو هن کي پنهنجو اسلوب آهي، هُو اجگر نثر نگارن جي وچ ۾ رهي به پنهنجي اسلوب تي لکي ٿو، اها وڏي خوشيءَ جهڙي ڳالهه آھي.
    هوائي نثر جي ڀيٽ ۾ سندس تشبيهه موضوع سان ٺهڪندڙ هجي ٿي، استعاري جو اهڙو حسين استعمال ڪري ويندو آهي جو دل تي پنهنجي محبت جو ڍارو ڦيري ويندو آهي ۽ موضوع ۾ تري تائين لهي وڃڻ جو وجداني فن، هن کي فطري طور تي اچي ٿو. نت ايترو موضوع جي پيٽ ۾ ورلي ئي ڪو نثرنويس لهي سگهندو آهي. سندس نثر ۾ عالمي نثر جون جهلڪيون به جهرڻي تي پوندڙ ڪرڻي وانگي نظر اچن ٿيون ۽ ٻوليءَ جو وڏو ذخيرو هن جي هڪ وڌيڪ خوش قسمتي يا محنت آهي، جيڪو کيس پنهنجو اسلوب ۽ لهجو تراشڻ ۾ وڏي مدد ڪري ويو آهي. سندس گهر ۾ ڳالهائي ويندڙ اها روزمره واري ٻولي ئي آهي جنهن سندس اسلوب ۾ وڏو سيلاب آندو آهي... ڇو جو هُن پهريون سُر پنهنجي ماءُ جي چوڙين جو ٻڌو آهي، خوشبودار ذلف پهريون ڀيرو هُن هر شاعر وانگي پنهنجي ماءُ جا ئي سُنگهيا آهن، پنهنجي نثر ۾ ھوءَ هڪ اهڙي لازوال محبوبا کان بُري طرح سان متاثر نظر ٿو اچي، جنهن کي ماءُ چئبو آهي، جو هُن پنهنجي نثري ٻوليءَ جو پهريون گفتو به انهيءَ جي ئي واتان ٻڌو آهي. مون کي جهڙي طرح منهنجي نثر ۽ شاعريءَ ۾ منهنجي ماءُ جو حسين چهرو چٽو نظر ايندو آهي ۽ سندس حسين لهجو دنيا جي ڪنهن به ڪُنڊ ۾ آسانيءَ سان ٻڌي سگهندو آهيان، بلڪل اهڙي طرح امر رائسنگهه جي به اها ئي وفادار ۽ مهربان محبوبا آهي، جنهن کي اسين ماءُ چوندا آهيون!!
    آئون جڏهن سندس نثر ۾، "ويڙهيچاڻو وچن، سنڌوءَ جهڙو شهنشاھ، ديومالائي درياھ، چوٿ جو چنڊُ، ڏونگر تي ڏيئي جهڙي پريتم، نردوش نياڻي" جهڙي ٻولي ٻڌان ٿو ته منھنجي وات ۾ تُوت جو باغ ڦُٽي پوي ٿو!!اهڙي ٻولي ته نثر جا عالم ئي آباد ڪري ٿي ڇڏي!! هُو ان ڪري ئي شاندار نثرنگار آهي جو کيس ٻولي ۽ خيال تي قدرت حاصل آهي.
    جڏهن هُو هڪ معصوم پُٽ جو پنهنجي بيروزگار پيءُ ڏانهن اُداس خط ٿو لکي ته لڳي ٿو ته ڪائنات ۾ رنگ صرف پيءُ جي وجود جي ڪري آهي، تڏهن دل چوي ٿي ماڻهو ڪڏهن پُٽ پئدا ئي نه ڪري، ڪري ته ڪڏهن به ان کان جدا نه ٿئي:
    "بابا ڪٿي آھين...؟!
    الئه ڪيترا ڏينهن ٿيا آھن، تون لاپتا آھين. مون کي تو سواءِ سُک نٿو اچي!"
    جڏهن هو ايترو چوي ٿو ته ماتم ڪرڻ لاءِ انتظار ڪرڻ جي وڌيڪ ضرورت ئي نٿي رهي. پُٽ کي پيءُ کانسواءِ سُک نٿو اچي، بس ڳالهه ختم ٿي وئي!
    Enough is enough.
    امر رائسنگهه جي دل ۾ ويٺل جيڪو هڪڙو ميڻ جو ماڻهو رهي ٿو، اهو ڏسڻ جي وڌيڪ ڪوشش اجائي آهي. ماڻهن جي سينن ۾ علم هوندو آهي، ماڻهن جي نثر ۾ علم هوندو آهي... ها، ٺيڪ آهي، پر امر رائسنگهه جي سيني ۾ ميڻ جو ماڻهو رهي ٿو، امر رائسنگهه جي نثر ۾ اهو ميڻ جو ماڻهو باھ جو شعلو کڻي سفر ڪندو رهي ٿو! ۽ هي خط اتان شروع ٿئي ٿو ۽ اتي ئي ختم ٿي ٿو وڃي..... ۽ هي خط اتي ختم ٿئي ٿو ۽ اتان ئي شروع ٿي ٿو وڃي.
    اي منهنجي محبوبا! ڇا تون هن کان وڌيڪ پڙهڻ پسند ڪندينءَ!؟:

    "بابا! اسان کي تنهنجي بيروزگاري ئي قبول آھي، بس تون موٽي اچ."
    پڙهڻ لاءِ ڇا اهو ڪافيءَ کان گهڻو نه آهي؟! امر رائسنگهه هر ماڻهوءَ مان هڪڙو ٻيو ماڻهو ڪڍي اچڻ جو دکدائڪ فن رکي ٿو! جڏهن هُو چوي ٿو:
    "منهنجا قابلِ فخر بابل!
    منهنجا قابلِ فخر بابل! مونکي خبر آھي توکي هن بي حس سماج ٽوڪيو آھي. تو جهڙي حساس ماڻھوءَ کي ”واندي“ جو لقب ڏيندڙ هن سماج کي ڪهڙي خبر ته تون فطرت جي مظھر ۾ ڪيترو مشغُول هُئين. تنهنجي مصروفيت جا شاهد آھن تنهنجا اُهي شعر، جن کي پڙھي پٿر دل به ميڻ بڻجي وڃي. تون وڻن سان ويدنا اوريندو هئين، تون گگدام جانورن سان گُفتگو ڪندو هئين، تون جبلن جي جاگرافيءَ کي دل سان سمجهڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪندو هئين، تون ڀٽن سان ڀُڻڪا ڪري ڪچهريون ڪندو هئين. تون ناراض ٿي الئه ڪيڏانهن هليو وئين…؟
    موٽي آءُ انهن ماڳن تي جتي پاڻ گڏجي مريڙو چونڊيو هو، جتي پاڻ ترائين ۾ تڙڳي وسڪاري جون آرتيون اُتاريون هيون، جتي پاڻ پنهنجي ننڍڙي ٻنيءَ ۾ پوکيل ٻاجهر مان چپٽين سان چيهو چونڊي صدين جو ٿڪ ڀڳو هو. جتي پاڻ کنڀيون ڳوليندي ايترا خوش ٿي کليا هئاسين جو وڻن کي به وڻيا هئاسين. تو سواءِ مون کي سيمون کائڻ اچن ٿيون."

    ته هُو ان اڌ قلندر ڇوڪري کي ڪڍي ٿو اچي جيڪو پڻ ان ڇوڪر جي پيءُ وانگي گهڻو وقت وڻن سان ويدنا ڪندو رهندو آهي، جهنگ ۾ ٻُوٽن کي نانگ وارو وٽ ڏئي، پنهنجو جسم ڇڏي هليو ويندو آهي، جيڪو مست ۽ من موجي رهيو آهي، وڻن جو ورد هُن جي قسمت آهي ۽ جيڪو هوا جي جھوٽي وانگي ڦيرو ڏئي چئي ويندو آهي:" هي حسينا! هي هوا! آ وڻن جي والده...."
    ۽ هن قسم جو نثر سدائين جنهن جي جيءُ ۾ جھوري وجهي ويندو آهي. هي نثر ناهي، هي درد جو ٻرندڙ ڳاڙهو مئخانو آهي، اڄ آئون رند آهيان ۽ منهنجو ساقي امر رائسنگهه آهي:


    "اسڪول ۾ ٻين جا ٻار رسيس جو فاسٽ فُوڊ کائيندا آھن، آئون فاسٽ ڊوڙڻ جي پريڪٽس ڪندو آھيان. ٻين جا ٻار سائيڪل هلائيندا آھن، آئون وڻ تي ويهي اُن جي ٽارن تي پير رکي ائين هلندو آھيان جيئن اُهي سائيڪل جا پيڊل هلائيندا آھن."
    هڪڙي معصوم ٻار جو اندر اهڙي طرح سان شايد ئي ڪو دريافت ڪري سگهيو هجي! امر رائسنگهه هر شيءِ جي ستين پُڙ کان وڃي ٿو نڪري، هُو ماڻهن جي اندر جو ماهر ٽوٻو آهي جيڪو سدائين غم جي گلفام ڳولي ٿو اچي! ساقي مئخاني جو در کُليو ئي رکجانءِ، جو مون کي هاڻي جنت جي هوا راس ڪونه ايندي:

    "بابل! تون وري آءُ... آئون ڏُکن ۽ بُکن سان مقابلا ڪري پڙھندس ۽ نيٺ تنهنجا سڀئي لُڙ لاهيندس. پر تون جي ويندين هليو ته آئون ٽُٽي پوندس ۽ ننڍپڻ ۾ ٽُٽل وري مشڪل سان جُڙي سگهندو آهي."

    خودڪشي ڪندڙ عورت جي کيسي مان مليل خط اڌ پڙهڻ کانپوءِ مون اسڪولي شاگرد وانگي گُسايو آهي ته هي خط نه پڙهان... مون کي خبر هئي ته اهو خط پڙهڻ مطلب دوزخ ۾ ٽپو ڏيڻ...... پر مون دل جهلي پڙهيو آهي، مون کي اهو خط پڙهي اوريانا فلاشي ياد اچي وئي، جنهن دنيا جي سئو عظيم ماڻهن جا انٽرويو ڪيا هئا ۽ "اڻ ڄاول ٻار جو مذهب" لکيو هو... هن خط جي باري ۾ منهنجي مطالعي جي آڌار تي چوان ٿو ته اگر اهو غيرملڪي ادب ۾ پڙهون ها ته اڄ اسان جا دانشور ۽ اديب ان خط جي اسٽيجن تي بيهي وڏي واڪي تبليغ ڪن ها...... هي خط اگر ترجمو ڪري ٻاهرئين ادب تائين پهچايو وڃي ته اتي جي اديبن جا به وڻ وڄائي ڇڏيندو...
    ۽ عورت ٿي، عورت جي سوچ جي رڳ رڳ ۾ لهي ۽ عورت وانگي سوچي لکڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. خودڪشيءَ جي ڏُک، فلسفي ۽ عاليشان نثر مان هن خط جو جسم جُڙي تيار ٿيو آهي ۽ هي هيٺ مون جيڪي ٽڪرا چُونڊيا آهن، اهو سڀ قهر ڀريو ڪمال آهي:

    ● اي منهنجا گهر ڌڻي!
    اڌ رات لڙي آھي.چنڊُ آسمان جي وچ تي چمڪي رهيو آھي. توکي ننڍ ۾ سُتل ڇڏي وڃان ٿي.ڪيڏو نه سُڪون سان سُتو آھين. نه پيٽ جي ڳڻتي، نه وياج جو ڊپ، نه مٿي تي تغاري، نه ڪو ڪلهن تي بوجهه...
    ● ببلو پينگهي ۾ اڌ بُکايل ڇڏي وڃان ٿي. سنجهي مان سُڪل ڇاتي ڌارائي هُئي. صغير ٻار کي يتيم ڇڏڻ زندگيءَ جو وڏو ڏُک آھي. اهو ڏُک ڀوڳي سگهان ٿي پر روز بُک ۾ رڙيون ڪندي ڏسي نٿي سگهان. منهنجي هٿ جي پڪل ماني آخري ڀيرو ضرور کائجانءِ، جيڪا مون رات پچائي رلڪي ۾ ويڙھي ڇڪي ۾ ٽنگي رکي آھي.

    ● تنهنجي اجازت بنا مون ڪڏھن ماني به نه کاڌي هئي، پر اڄ ڦاهي کائڻ وڃي رهي آهيان.

    ● غريبن جي ٻارن کي جڏھن بُک لڳندي آھي تڏھن ڦاهي کائيندا آھن ڇاڪاڻ ته ماني مهانگي آھي ۽ ڦاهي سستيءَ آھي. ان ڪري اڄ آئون به ڍؤ ڪرڻ وڃان پيئي.

    ● توکي ياد هوندو جڏھن پنهنجي پاڙي ۾ شادي هُئي، سڀني عورتن جي هٿن ۾ نيون چوڙيون ۽ نوان وڳا هُئا. هڪڙي آئون ئي هيس جنهن وٽ سڀ ڪجهه پُراڻو هو. تون مون کي ڏسي ڏاڍو رُنو هُئين. تڏھن مون تنهنجا لُڙڪ اُگهندي چيو هو ته چريا ڪپڙا صرف امير پائيندا آھن، غريب ته فقط اوگهڙ ڍڪيندا آهن.

    ● پاڻ وياج تي پئسا کڻي ڪو شيمپيئن ڪونه اُڏائي هُئي پر پاڻ ته ٻني پوکڻ لئه ٻج ورتو هو. برسات جي بي وفائي سبب ٻج به واپس نه وريو ته اُن ۾ پنھنجو ڪهڙو ڏوھ؟ پاڻ ته سڄو ڏينهن ٻني کي واڙ ڪندي رات جو ٿڪي ٽُٽي ڪري پوندا هُئاسين. پاڻ کي ڪهڙي خبر ته وياج رات ڏينهن سمهندو ئي ناهي.... اها خبر هجي ها ته پاڻ سمهون ئي ڪونه ها.

    ● پورهئي جو اجورو نه مليو. وياج خور وياج لئه تنگ ڪيو. مالڪ مينهن نه وسايو!

    ٿر تي لکيل اهڙي شاندار نثر کان علاوه، ٿر جي ڏُکن ڏوجهرن ۽ حُسن سان ڀريل ڀٽائيءَ جي شاعري ڏسجي ٿي ته ٿر جنت جي زمين مان کنيل ڪو علائقو نظر ٿو لڳي. جديد شاعريءَ ۾ اياز ۽ حليم باغي ٿر جي شاعريءَ جا ڳاڙها گهوٽ اڻموٽ آهن، جن جي شاهڪار شاعريءَ تي تپيدار شاعر پنهنجا ليڪا ڪڍي اها زمين پنهنجي پٽڪائي شاعرن کي ڏيڻ چاهين ٿا. حقيقت ۾ اهي اياز ۽ حليم باغيءَ جي فوبيا جو شڪار اهڙا ناٽڪ ڏيکاريندڙ ڀولڙا آهن، جن کي سندن ڇڻڪڻي دار ڌڻين چپن تي سرخي هڻي ناچ جي ميدان ۾ لاهي ڇڏيو آهي!
    هڪڙي آرٽسٽ ۽ خاص طور تي هڪڙي شاعر کي پنهنجي خطي ۽ علائقي کي شاعريءَ ۾ ڪيئن جوڙڻ کپي، اچو ته ان جي شاهدي ۽ ثبوت تي هڪڙي تڪڙي رهنما نگاھ ڦيري، اهڙن ڪوئن کي زهر جي پُڙي ڏئي ڇڏيون:

    وَرُ سي وَطَنَ ڄائِيون، صحرا سَتُرُ جِنِّ؛
    گولاڙا ۽ گُگِريُون، اَوڇَڻَ اَباڻَنِّ؛
    ويڙهيا گههمَنِ وَلِيين، جھانگِي مَنجِهه جَھنگَنِّ؛
    مُون کي مارُوئَڙَنِّ، سُڃَّ ڳَڻائِي سيڄَ ۾!

    (شاھ ڀٽائي)

    ٿر ۾ ڪهڙا ٿاڪ ٿڪن جا؟
    ٿر ۾ ڪهڙا ٿاڪ؟
    واري ساري واٽ،
    نه ڪائي ڇانوَ، نه ڪائي ڇاٽ...
    مٿان آ ٽاڪ...
    ٿڪن جا،
    ٿر ۾ ڪهڙا ٿاڪ؟!

    ڀِني نه تِن لئه ڀونءِ،
    تَتيءَ تي پيرَ پَچِي ٿيا پُونءِ،
    چِڪن ٿا چاڪ...
    ٿڪن جا،
    ٿَر ۾ ڪھڙا ٿاڪ!؟

    لٿي نه تِن جي اُڃ،
    وراڻي ڪير، سموري سُڃ!
    وڄن ٿا واڪ...
    ٿڪن جا،
    ٿَر ۾ ڪھڙا ٿاڪ!؟

    مليو نه تِن کي ماڳ،
    اُنھن جو ڀُلي ڀُلي پيو ڀاڳ،
    کِلي ٿي خاڪ...
    ٿڪن جا،
    ٿَر ۾ ڪھڙا ٿاڪ!؟

    (شيخ اياز)

    ڪٿ ڪٿ ڪونڀٽ توتيا ڇاڻيا، ڪٿ ڪٿ لامن لڏڪن پلڙا،
    ڏس ته گگيري ڳاڙھي ٿي آ، ڳاڱيءَ جا ٿيا ڳاڙھا ڳلڙا،
    گولاڙو ڀي ڄار سان ٻکجي پن پن ڀيٽا ڏئي ٿو ڇلڙا،
    ٿر ٿر ٿرڪن ٿوهر ڏؤنريون، هير ٿڌيءَ جو ٿي هٻڪارو،
    هاءِ ھٺيلا هوڏي پريتم، مند ملهاري تون ريسارو.

    تون چئو چانڊوڪين ۾ چوڙا، مونکي چڪ نه هڻندا هوندا!؟
    کاپي کاڌا کھنبا منهنجا، ٿڌڙا ساھ نه کڻندا هوندا!؟
    پن ڇڻ واري پيلي پن جيان، منهنجا لڙڪ نه ڇڻندا هوندا!؟
    پر مون پنهنجا چپ سبيا هن، ڪونه ڀريان ٿي سرد شوڪارو،
    هاءِ هٺيلا هوڏي پريتم، مند ملهاري تون ريسارو.
    (حليم باغي)

    امر رائسنگهه تي لکندي آئون ڪلاڪن جا ڪلاڪ رنو آهيان؛ مون ماحول تبديل ڪيو آهي، مون لکيو آهي؛ مون موسيقي ٻڌي مزاج مٽايو آهي، مون لکيو آهي؛ مون چهل قدمي ڪري ڏٺي آهي، مون لکيو آهي؛ مون ضرورت کان وڌيڪ گاڏي هلائي آهي، مون کيس پڙهيو آهي؛ مون مشرقي ڪنارن تان چنڊ کي اڀرندي ڏٺو آهي، مون هن تي لکيو آهي؛ هُن جي ياد منهنجي دماغ جا پڙدا خشڪ ڪيا آهن، آئون رنو آهيان؛ مون لکيو آهي!
    امر رائسنگهه اعلي پايي جو بي رحم ليکڪ آهي، هيءُ اهو بي رحم ليکڪ آهي جيڪو قسطن ۾ چوي ٿو:
    "اماوس جي ڪرس گيل جهڙي ڪاري رات جي اونداهي ڇانئجي چُڪي آھي.
    گهرن ڏانهن ورڻ مهل انهن جي قدمن ۾ ڄڻ هزارين هاٿي وچڙي پيا هئا. مون انهن جي چهرن جا ڪتاب روح جي ٻوليءَ ۾ پڙھيا آھن. ڌارين جي درن تي اوبر کائڻ دنيا جي وڏي ۾ وڏي بدنصيبي ۽ ڏُک واري ڳالهه آھي. اهڙيون ڳالهيون مون کي وقت کان اڳ ماري ڇڏينديون. ظلم ۾ انسان ايتري ترقي ڪئي آھي جو جانور کان گوءِ کڻي ويو آھي."

    هن ۾ الوهيت اٿليل محسوس ٿئي ٿي! پُٽ ڏانهن خط لکندي هُو هڪ بزرگ پيءُ بڻجي ٿو وڃي، پيءُ ڏانهن خط لکندي اناٿ آشرم ۾ پلجندڙ هڪڙو يتيم ٻار بڻجي ٿو وڃي، هو جن ليکڪ آهي، هو هڪ پٿر دل نثرنگار آهي! ماءُ ڏانهن خط لکندي هُو هڪڙي اهڙي ڀاءُ مان ڀيڻ بڻجي ٿو وڃي جيڪا هميشه هميشه جي لاءِ وطن جا وڻ ڇڏي هندستان وڃي رهي آهي! آئون رنو آهيان!؟ هُن مون کي روئاڙي وڌو آهي. هُو مست آهي، هُو مست آهي، آئون هن مان آهيان. هُو مون مان آهي: آئون اهڙي دردناڪ نثر تي پنهنجي نثر جي جهُمري نٿو هڻي سگهان. الوهيت جي الفي ٻڌي جڏهن هُو وسڻ جا ويس ٿو ڪري ته آئون ٻانهون وجهي وات رڻن ۾ ريهون ڪرڻ تي مجبور ٿي ٿو وڃان.
    هن جي نثر جي لئه!! هن جي نثر جو سُر!! هن جي نثر جو تال ئي پنهنجو آهي. هُو پنهنجي نثر جي سُر تي ڪنهن جو به سر قلم ڪري سگهڻ جي سگهه رکي ٿو. هن جي نثر جي وير جڏهن وري ٿي ته دل جا ٻيڙا ٻوڙي وڃي ٿي پر ٿمڻ جو نالو ئي نٿي وٺي ۽ هُو قلم ۾ زهر ڀري لکي ٿو:
    "ماءُ هوندي آھي ته ٻار بُک ۾ به بادشاهي ڪندو آھي. ماءُ بنا ڍؤ تي به ڍاڍون ڪري روئندو آھي. ماءُ جيڪا پالڻھار هوندي آھي. ماءُ جيڪا پنهنجي ٻار لئه ٻاجهه هوندي آھي. ماءُ هوندي آھي، دل ڀريل هوندي آھي. ماءُ هوندي آھي، ماڻھو يتيم ناهي هوندو. هاڻي اُھي پير ئي ناهن رهيا جن جي هيٺان جنت هوندي آھي."
    اي جنو!
    اي انسانو!
    ماءُ جي نه هجڻ جو ويراڳ ڪو عزيز گل کان پڇي. اي خدا! توکي ڪا به ماءُ ناهي نت توکي خبر پوي ها ته ماءُ جي مرڻ جو ڏک ڇا ٿيندو آهي.
    سندس هي ٻولي:
    * وڇوڙي جي وِماس ۾ وِماسجڻ
    * ڪنهن به جيڏي پنهنجي وَلڀ سان ولا ۾ اچي ولاس نه ڪيو هو.
    * ڌرم سنڪٽ ۾ اچي ويو هو.
    * آسرو اسمڀوَ ٿو لڳي.
    اُها ٻولي آهي، جنهن کي آئون مسلسل سندس ٻوليءَ جو treasure سڏي رهيو آهيان. هيءُ اها ٻولي آهي جنهن جي لاءِ اسان جا ڪيترائي اديب، سنڌي ٻوليءَ جو هٿرادو هندستاني لهجو ڳولڻ، لکڻ ۽ وري دهمان ڪرڻ جي ڪوشش ۾ رڌل نظر اچن ٿا. جنهن ۾ "سُچيت" لفظ کي ادب جي چوراهي ٿي ننگو ڪري نچايو ويو آهي... ۽ اسان جي يار امر رائسنگهه کي اها ٻولي ته آهي پر هُن کي، انهيءَ جو اهڙو زبردست شاعراڻو استعمال ٿو اچي جو مصنوعيت پري پري تائين نظر نٿي اچي!
    ان کان علاوه سندس، محبوب جو محبوبا ڏي لکيل خط رد ڪجي ٿو، جنهن ۾ هُو بري طرح سان لفاظي ڪندي نظر اچي ٿو ۽ ٻين خطن جا موضوع ورائي ورائي، پلٽي تي پلٽو ڏئي، ٻيهر استعمال ڪندو رهي ٿو. بس هو هڪ بيدرد نثرنويس جي حيثيت ۾ پنهنجي محبوبا کي رومينٽڪ خط لکي ناهي سگهيو.
    ۽ هُو جڏهن پورهيت پيءُ جو پنهنجي پُٽ کي خط ٿو لکي ته ساهي کڻڻ ئي نٿو ڏي، پڙهندڙ کي پنهنجي ڳالهه جي زنجير ۾ قابو ٻڌي، قيديءَ وانگي اڳتي ئي اڳتي وٺيو هليو ٿو وڃي. مون کي ڪافڪا ٿو ياد اچي!! خط ۾ جهڙي دلدوز ۽ اڻ ڇهيل انداز ۾ پُٽ سان مخاطب ٿي، جيڪو درد بيان ٿو ڪري، اهو هڪ دفعو ٻيهر سندس بيرحم نثرنگار هجڻ جي شاهدي ٿو ڏي:

    ● پُٽ! اهو ڪڏھن به نه سمجهجانءِ ته هن سنسار ۾ رڳو پاڻ ئي دُکي آھيون. هن دنيا ۾ اڌ کان وڌ آبادي اهڙن ئي عذابن جو شڪار آھي.

    ● پاڻ وٽ ماڻهون سوپاريون کائيندا آھن، هتي سوپاريون ماڻھو کائينديون آھن.

    ● منهنجا ماڻيگر پُٽ!
    چند سڪن مان مون توکي جيڪي پراڻا ڦُلا وٺي ڏنا هئا سي تنهنجي نڙيءَ ۾ ڀُرٽ وانگي چُڀي ويا هئا. ان ڏينهن کان پوءِ آئون ڪڏھن به ڪنهن ميلي تي ناهيان ويو. رانديڪا مون کي غريبن جي ٻارن جا لاش لڳندا آھن. مون کي انب غريبن کي ڏنل ڏاتار جو ڏنڀ لڳندا آھن.

    ● منهنجي ڪُٽنب جا سڀئي ڪوڏ منهنجي وجود سان وابسته آهن.

    شاعر جو خيال، شاعر جي پريزنٽيشن، خيال جو احاطو ۽ ٻوليءَ جو treasure ڏسو:

    ● سُنيتا! تنهنجي بادام چشم بينيءَ جي نيرڙي نڀ ۾ بي خوفيءَ جا بادل هر وقت ڇانيل آھن. تون وقت جي ڪنهن به دِلوراءِ جي ڊپ ۾ دَلخيم ناهين ٿي، ڇاڪاڻ ته تون دلهِير نه پر دلباز آھين!

    ● تون جيڪا راٺوڙ آھين، راٺوڙ جيڪي تاريخ جي ڪنوار جي ڪن ۾ طومان جا انوکا تگل وجهي ڇڏيندا آھن.

    ڇا ته ڪمال ڪيو اٿس! ڇا ته نرالو انداز بيان اٿس ۽ ڇا ته ٻوليءَ جو اڻلڀ خزانو کوٽي ڪڍي آيو آهي!! آئون جڏهن، انساني ذهن مان دل جي اک سان ڳولي لڌل ههڙو خوبصورت تخيل پڙهندو آهيان ته شاعريءَ منهنجي چوڦير سوين پاڇولا ٺاهي بيهي رهندي آهي ۽ آئون پنهنجي هوش مان نڪري ڪنهن وڏي شهر وانگي پکڙجڻ شروع ٿي ويندو آهيان.... ۽ جڏهن هُو ٻوليءَ جي حُسناڪ جهمري هينئن ٿو هڻي: " تنهنجو وار ويرين لئه ترڌاري تلوار جي ڌار آھي." ته قهر ٿو ڪري!

    ● تون عورتاڻي اتهاس ۾ دليريءَ جو اهڙو سبق آموز داستان آھين جنهن کي پڙھي ڪيئي پيڙھيون ڪرب جا ڪارا پاڻي پار لنگهي سگهن ٿيون.

    سنيتا کي ڏنل هي تشبيهه ته ڏسو، جيڪا ماڻهوءَ جا چار ئي چونڪ لڳائي وار وار مان حيرت جو طوفان اٿاري ٿي ڇڏي:

    ● تون روپا جي رڻ ڀوميءَ ۾ ٻاگهل جي چيلهه تي سندرو ٻَڌل اُها چُنري آھين، جنهن کي وقت جو ڪو به خلجي ڪنهن به فريب سان ڦاڙي نٿو سگهي.

    ائين ٿو لڳي ڄڻ عبدالواحد آريسر کي پڙهي رهيا هجون!!
    خيال کان پاسيرو ٿي، جڏهن رڳو اڪيلي ٻولي ئي هن سان ٻيلهه ٿي هلي ٿي، تڏهن به ته هو داءُ تي داءُ هڻندو هليو ٿو وڃي:

    ● جل ٿل بادل جي ڇايا جهڙا منهنجا بابل! منهنجي هم وطنن کي چئجانءِ ته آئون ايراني غاليچي ۾ روپيل گُل جهڙي اوهان جي وطن جي ڌيءُ زينب آھيان!

    ● وشال آڪاش ۾ چمڪندڙ دُرو تاري جهڙا منهنجا دلبر پُٽ!
    سُڀاڻي هولي آھي، هولي جيڪا حياتين کي حُلواڻ جهڙن رنگن ۾ رڱي ڇڏي ٿي، هولي جيڪا بديءَ جي هار ۽ نيڪيءَ جي جيت جو جلترنگي ڏڻ آهي.
    هيءُ سندس شاعراڻي ادا جي اُڇل آهي:

    ● تنهنجي ڪينجهر نيڻن ۾ ٽڙيل سُرمي جا ڪارا ڪنول ڪڏھن به نه مُرجهائجن.

    ● توکي خبر آھي اُن ڏينهن تو لئه تنهنجي ڳوٺ جي گهاٽ مٿي بيٺل وڻ پار ڪڍي رُنا هئا. پکي احتجاجن ڳوٺ خالي ڪري ويا هُئا. چوپائي مال چارو چرڻ ڇڏي ڏنو هو.


    هيءُ سندس آرٽ جو ڪمال آهي، سندس لهجي جو لاجواب نمونو آهي، سنڌ وطن سان سندس محبت جو حسين مثال آهي:

    ● اُھا سنڌ جيڪا حسن درس جي تمنائن ۾ ڪولهين سان گڏ ڪولهي ٿي هوليءَ جا رنگ هاري ٿي.

    ● اُھا سنڌ جيڪا پاڻيءَ لاءِ تتي ٿڌي ترسي ٿي. اُھا سنڌ جنهن جون نيلم جهڙيون ناريون ڪوئلي وانگي ڪاريون ڪري ماريون وڃن ٿيون.

    ● سنڌ! تون حسن درس جي خيالن ۾ ايندڙ ”پرينءَ جي پاڇي“ جهڙي اها حسين نگري آهين، جنهن جي لاجواب لينڊ اسڪيپ تان لهندڙ سج هن کي مهاڻي ٻار وانگي موهي ماريندو هو! سنڌ! تون روبينه ابڙو جو اهو فلسفو آهين، جنهن ۾ مذهب کان انسان وڏو آهي! تون شيخ اياز جي شاعريءَ ۾ شوخ ڇوليون بڻجي ڇلڪندڙ اها ڪينجهر آهين، جنهن ۾ ڪيئي نماڻيون نوريون لهرون لهرون بڻجي نچن ٿيون.

    ● تنهنجي صوفياڻي سر زمين تي اڄ به رام جي گام ۾ ملهائجندڙ هوليءَ جا هڙئي رنگ رحيم جي اڱڻ تي به هارجن ٿا..

    هي سندس شاعراڻي اظهار ۾ جهالا ڏيئي وسندڙ جهڙ جهڙي ڪلاسيڪيت آهي:

    ● اُها هارياڻي سنڌ، جنهن جي حقن کي زميندارن ائين چٻاڙيو آھي جيئن ڪپڙ چٻو گابو ڪپڙو چٻاڙيندو آھي!
    هي سندس اعلي شاعراڻي پهچ آهي، جيڪا ماڻهوءَ کي سندس مُريد ڪري ڇڏي ٿي:

    ● اُھا سنڌ جيڪا ٻنن تان گاھ جون ڀريون ڪري پنهنجو ۽ پنهنجي مال جو پيٽ پاري ٿي.

    ۽ امر رائسنگهه ڇا ته رڻ جو راهي بڻائي ڇڏيندڙ انداز ۾ پنهنجي خيال جي قدرت، ٻوليءَ جي ڪمال ۽ انتهائي معصوماڻي انداز ۾ اسان جي سهڻين، سگهڙ ۽ سُندر سنڌياڻين جو اسڪيچ ٺاهيو آهي، ڄڻ ته ماڻھو ڪنهن جڳ مشهور مصور جي پئٽنگ جي سامهون بيٺو هجي!!:

    ● اي سنڌ! تنهنجون سادڙيون سنڌياڻيون وڏي کُڙيءَ واري جُتي پائڻ ۾ به صفا شرم ٻُوٽڙيون آهن!!

    ● پنهنجي ثقافتي سونهن دهريءَ کي دل تي سجائي هلن ٿيون. جهانجهر ،جهومڪ ۽ جهيلن سان پيار ڪندڙ سنڌياڻين جا هٿ اڄ به ٽُڪ تي رليون ٺاهڻ ۽ چادرن تي ٽونئر ٽانڪڻ ناهن وساري سگهيا. اُهي هنر مند هٿ مور کنڀن مان وينجڻا ٺاهي، هرمچ ڪچو ۽ پڪو ڀرت ڀري، تنهنجي ثقافتي قدرن ۽ معيارن کي زندھ رکنديون اچن!

    آها ها..... ڇا ڳالهه ڪجي!؟ مون کي سمجهه ۾ نٿو اچي، آئون بي اختيار ٿي ويو آهيان. مون کي شاعرن ۽ نثر نگارن سان عشق ٿيندو وڃي! آئون سحر ۾ وٺجندو وڃان!!

    هيءُ سندس نثر ۾ عالمي نثر واري جهلڪ آهي، جنهن ۾ جادوءَ ڀري سادگي، فسلفو، خنجر سان ڪتڪائي ڪندڙ معصوميت ۽ خيال جي اها ٽُٻي هنيل آهي جيڪا هر ڪو ناهي هڻي سگهندو:

    ● انتظار ماڻھوءَ جو رت سڪائي ڇڏيندو آھي!

    ● ٻار جن کي پاليو ويندو آھي پر ماريو ناهي ويندو!

    ● جن رستي ۾ مون کان پئسا ڦُر ڪيا، شايد شراب پيئندا ۽ ڪنهن مجبور عورت جي عصمت خريد ڪندا، تڏھن منهنجا پئسا ڪُٺل پکيءَ وانگي، مون لئه ڦٿڪندا.

    ۽ جڏهن هُو يتيم ٻار جو پنهنجي پيءُ ڏانهن خط ٿو لکي ته هُو واقعي ئي هڪڙي يتيم ٻار جو روپ ڌاري ويهي ٿو رهي ۽ خط اگر ڪنهن ننڍڙي دل واري ماڻهو پڙهيو ته اهو روئي روئي پنهنجي نظر وڃائي ويهندو:

    ● بابا! آئون اناٿ آشرم ۾ پليو آھيان. آئون اناٿ آھيان. منهنجو ڪير به نه آھي.

    ● سياري جو سيءَ ۾ سڄي رات گوڏن ۾ هٿ ڏيئي ماءُ کي ياد ڪندو آهيان. منهنجي به ڪا ته ماءُ هوندي پر الئه ڪٿي هوندي.

    هيءُ نثر آهي! اهڙن ئي هينئن ۾ هٿوراڙيون ڏيندڙ جملن سان جهنجهيل نثر! بئنسر ۽ بولي سان نثر! هيءُ نه صرف اثرائتو نثر آهي پر هي نثر جنهن درد جي مدار ۾ ڦري ٿو، انهيءَ ڪري هن نثر کي "بکيو بادشاھ" چئي سگهجي ٿو.... يا هن نثر کي "ريشمي هٿوڙو" چئي سگهجي ٿو. اهڙو نثر پڙهڻ کانپوءِ عشق جو مون تي ظهور ٿو ٿئي، اهو سڀ عشق ۾ ئي ٿيندو آهي. هي نثر ائين آهي جيئن: بوتل ۾ مئه، مئه ۾ نشا، مين نشي ۾ هون!! ۽ اهڙو نثر پڙهڻ کانپوءِ: هي عشق ۾ غم، غم ۾ مزا، مين مزي ۾ هون!!
    جڏهن هُو انھي پٽ جو پنهنجي ماءُ کي شاهڪار خط ٿو لکي جيڪو، ٺڪرن جي رواج مطابق، پنهنجي ڀيڻ کي ھميشه ھميشه هندستان وڃڻ جي لاءِ، ريلوي اسٽيشن تي ڇڏڻ ٿو وڃي ۽ پرڀرو بئنچ تي ويهي پنهنجي ماءُ کي پنهنجي پياري، معصوم ۽ دلربا ڀيڻ بابت خط ٿو لکي ته آئون پنهنجي اندر ۾ ڪاتيون هلندي محسوس ٿو ڪريان! مون کي صفا ٿورڙن جن ليکڪن روئاريو آهي، انهيءَ ۾ امر رائسنگهه به دعوي سان شامل آهي! اهو سندس شاهڪار خط آهي، سندس نثر جو شهپارو آهي جيڪو گهر گهر ۾ ماتم مچائي سگهي ٿو!! دلدوز موضوع کي پکيڙي، سڄو منظر ڏيکاري، ميدان جوڙي، جڏهن فلسفي جي سِٽ سَٽي ٿو هڻي يا تشبيهه تي ٿو لهي ته ڪٿي جو ڪونه ٿو ڇڏي!! :

    ● اُن گهر ۾ ھاڻ اچڻ ئي ڪهڙو جيڪو ڀيڻ جي پويتر پيرن کان خالي هجي.......

    ● جنهن گهر جي چونئرن ۽ چونڪين جا نيو به پنهنجي ڀاتيءَ جي وڇوڙي ۾ ولکندا هجن، ان گهر ۾ ڪو ڀاءُ پنهنجي ڀيڻ جي ٻولي ٻُڌڻ کانسواءِ ڀلا ڪيئن رهي سگهندو؟ امان! ماڻھوءَ کان پاليل پکي به جلدي ناهي وسري سگهندو، هي ته ڪونجل ڀيڻ آھي!

    ● هُن جي پسند جي هر پڌارٿ جڏھن پنهنجي اکين اڳيان ايندي تڏھن اکيون تڳوسر جي ترائي ٿي وينديون.

    ● امان! آئون گهر ايندس ته مُنهنجو ٻن سالن جو ننڍڙو پُٽ مون کان پُڇندو ته بابا! بُئا ڪٿي آھي!؟ تڏھن آئون ڪهڙي ورندي ڏيندس!؟ اُها دل ڪٿان آڻيان جنهن سان چوان ته پُٽ توکي سڄو ڏينهن ڪڇ ۾ ڪوٺي، تو سان بي لوث محبت ڪندڙ، تنهنجي بُئا کي بنا ڏوھ وطن جي وڻن کان جُدا ڪري، اسين پنهنجي پرمپرا پاري آياسين.

    هي ڏسو ڀلا:
    ● "جيجان! عورتون آھن. ٻنهيءَ کي هِندوُ لُهارن وارو لُهارڪو لباس پاتل آھي. هڪڙي اڌڙوٽ عمر ۾ آھي ۽ هڪڙي عمر جي آخري ڏاڪي تي پهتل آھي. لڳي ٿو پاڻ ۾ ماءُ ۽ ڌيءَ آھن. ڪُراڙي ماءُ پنهنجي ڌيءَ کان موڪلائڻ لئه آئي آھي، پر موڪلائي نه ٿي سگهي. پل پل ۾ ڀاڪر وجهي هڪٻئي سان ملي رهيون آھن، ملي ڪٿي رهيون آھن!!؟ اُهي ته ائين سمجهه هڪٻئي ۾ مري رهيون آھن!
    My God! What terrible you did this???
    آئون هاڻي انهيءَ جي تشريح ۾ ڪيئن لهان؟ مون وٽ اها پٿر دل ئي ناهي جو ان سٽ جي پکيڙ ٻڌائي سگهان، ڪو ذرو، پرزو، ڪا ڪڻي، داڻ...!؟ افسوس! جو منهنجي دل ۾ پٿر جو ذرو به ناهي. امر رائسنگهه جي نثر ۽ آرٽ جو وڌيڪ فيصلو پڙهندڙ پاڻهي ڪندا، آئون هن مهاڳ کي هن خط سميت ڀريل نيڻن سان هتي ئي ڇڏي ٿو ڏيان:

    ● " امان! رات جا ٻارنهن ٿيا آھن. ريل پهچي چُڪي آھي. ريل ڇا پُھتي آھي ڄڻ دل جي آخري ڌڙڪن پهتي آھي."

    ● مون الوداع وقت هن جي اکين ۾ ڳوٺ جي ترائيءَ کي هيلون هڻندي ڏٺو هو.

    ● هُوءَ جيئري هُئي ڪٿي؟ هُوءَ ته ڳوٺ جي اجهور ۽ گهر جو جهانپو ڇڏيندي ئي مري ويئي هُئي.

    ● هُن جي سُڏڪن ۾ پنهنجي گهر جي جهانپي واري ڪنڊيءَ ساھ کنيو پي ۽ اُن ڪنڊيءَ مٿي هن جو پاليل مور دانهون ڪري رهيو هو. آئون هاڻ خط پوسٽ ڪري ڪجهه ڏينھن لاءِ ڪراچي وڃان ٿو.

    * اُن گهر ۾ ھاڻ اچڻ ئي ڪهڙو جيڪو ڀيڻ جي پويتر پيرن کان خالي هجي.......
    امڙ! پنهنجي گهر جي اڱڻ اڳيان بيٺل ڪنڊيءَ جو وڻ وڍائي ڇڏجانءِ ڇاڪاڻ ته، جيستائين ڪنڊي بيٺي هوندي تيستائين ان جي ٽار ۾ لوڏ ٻڌي لُڏندڙ امرتا جي ياد توکي برباد ڪندي رهندي. امرتا جي پاليل مور کي داڻا نه ڏجانءِ، هُو پاڻھي دلشڪستو ٿي گهر ڇڏي ويندو. سوجهاڪي جو، گهر جي صحن ۾ اچي، پاڻ کي ننڊ مان اُٿاريندڙ پنهنجي وڍياري ڍڳي ڪنهن کي ڏوجهي ڏيئي ڇڏجانءِ."

    عزيز گل
    سرد سياري جي آڌي،
    25 ڊسمبر 2018
    پراڻ جو ڪپ، جهُڏو


    پنهنجي پاران : روئندي لکيل خط

    لکڻ منهنجي عادت آھي ۽ عادت هڪ عضوو ٿيندي آھي. عضوو ڪٽڻ سان ماڻھو ايبنارمل ٿي پوندو آھي، سو آئون به لکڻ ڇڏي نه ٿو سگهان ڇاڪاڻ ته، آئون نارمل رهڻ چاهيان ٿو. هُئين به لکڻ کان سواء ٻيو مون وٽ آھي به ڇا؟ اها به مالڪ جي وڏي مهربانيءَ جو مون جهڙي معمولي ماڻھو کي اڀري سڀري اها لکڻ واري ڏات عنايت ڪئي، جو هن دنيا کي پنهنجي هُجڻ جو احساس ڏياري سگهيس نه ته گهر وارن کي به نه وڻان ها ڇاڪاڻ ته، وڻندو آھي پئسو، سو پئسي ۽ منهنجو ڇهه ڪوهن جو ڇيٽو رهيو آھي. لڪشمي ۽ سرسوتيءَ جي جهيڙي ۾ آئون به جهڻ وانگي جُهڳيل آھيان. بيروزگار هئڻ سبب مالي طور ڪافي مُشڪلاتن کي منهن ڏنو آھي. پيٽ تي پٿر ٻڌي به جيئڻ جي جُستجو جاري رکي اٿم...ان آس سان ته ڪڏھن ته لُڙ لهندا…!
    آئون ڇا آھيان؟ آئون ڪجهه به نه آھيان! آئون هڪ عام معمولي ماڻھو آھيان جنهن جو هن دنيا ۾ اچڻ شايد فضول هو. آئون ڇا ڪندو آھيان؟ لکڻ کانسواءِ ٻيو ڪجهه ڪندو آھيان ته گهڻي ۾ گهڻا چانور کائيندو آھيان! ريڊ اينڊ وائيٽ سگريٽ پيئندو آھيان، پيئڻ جي حساب سان ته ٺري تان به ڪونه گُسان، پنهنجي ٽن ٻڪرين لئه ڪنڊي مان پَن پاڻ لاهيندو آھيان، ڪونڀٽن مان پلڙا ڇاڻيندو آھيان، موسيقيءَ ۾ ڏورو ٻُڌندو آھيان، مطالعي ۾ سُٺا ڪتاب به پڙھندو آھيان، دردناڪ فلمون ڏسي روئندو آھيان، اخبارن ۾ نوڪرين جا اشتهار پڙھي درخواستون موڪليندو آھيان، ٻارن سان ٻار ٿي راند ڪندو آھيان، گهر ۾ ڀاڄي ڀُتي وڍڻ وارو ڪم به سرانجام ڏيندو آھيان، هيڏا سارا ڪم ڪيان پوءِ به ماڻھو مون کي واندو چون ٿا، الئه ڇو؟
    آئون هڪڙي رٽائرڊ پرائمري ماستر جو اُهو بيروزگار پُٽ آھيان جنهن وٽ قلم ۽ ڪاغذ کان سواءِ ٻيو ڪجهه آھي ته اُھي منهنجا ٽي پُٽ آھن، جن جو پيار مون کي زنده رکيو اچي نت آئون ڪڏھوڪو مري چُڪو هجان ها. منهنجا پُٽ منهنجي ڪُل ميراث آھن. انهن جي اُدرپالنا ڪرڻ منهنجي زندگيءَ جي وڏي ۾ وڏي ذميواري آھي. اُها ذميواري آئون ڪهڙين مُشڪلاتن سان نڀايان ٿو، اُن جو ادراڪ منهنجن اُنهن معصوم ٻچڙن کي ئي آھي، جيڪي مون سان گڏ کِلندا به آھن ته روئندا به آھن.
    آئون طبيعتن انتهائي سادڙو ماڻھو آھيان. اجائي ٺاھ ٺُوھ منهنجي مزاج ۾ ئي ناهي؛ مون ريڊي ميڊ ٿيڻ جي ڪڏھن به ڪوشش ناهي ڪئي؛ آئون اُن ماحول ۾ پنهنجو پاڻ کي مِس فِٽ محسوس ڪندو آھيان جنهن مان مصنوعيت جي بُوءِ اچي، جتي هر گُفتو ڳالهائڻ کان اڳ سؤ ڀيرا سوچڻو پوي، جتي ڪپڙن ۾ سيٽجي سيٽجي ماڻھو، ماڻھو مان بُت بڻجي وڃي، جتي ريڊي ميڊ جُملا ۽ اجائي تهذيب جي تجلن جو ڏيکاءُ ھجي، جتي چانور هٿ هوندي به چمچي سان کائڻا پون، جتي ٽُوال هوندي ٽِشُو پيپر سان هٿ اُگهڻا پون اهڙي ماحول ۾ منهنجو ساھُ مُنجهندو آھي، آئون اُتي پل به صدي جيڏي سڪرات ڀائيندو آھيان؛ آئون اُتي خوش هوندو آھيان جتي فطرت جي مهڪ هجي، جتي وڏا وڏا ٽھڪ ڏيئي تاڙي ملائي انجوائي ڪجي، جتي سگريٽ پيئندي اهو نه سوچڻون پوي ته ڦُلو هيٺ ڪريو ته ڪپڙن کان اڳ تهذيب خراب ٿي ويندي، جتي پئسي بدران پيار تي بحث ڪيو وڃي، جتي ھٿرادو تهذيب جا تجلا ڏيکارڻ بجاءِ ٽھڪن سان ڀرپُور زندگي جيئڻ جا جلوا هجن، جتي چانور کائڻ کان پوءِ ٻارن وانگي آڱريون چَٽي ڀڳوان جي ڀوجن جو صحيح سواد وٺي سگهجي! اهڙي دل کي وڻندڙ ماحول ۾ آئون نه رڳو خوش ھُوندو آھيان، پر جيئندو به آھيان. اهڙن دوستن جي ڪچهرين ۾ کِلندي، روئندي، پيئندي ۽ جيئندي صديون به پل اَپل ۾ بدلجي وينديون آھن!
    آئون حياتي جي ڏيئي کي روشن رکڻ لئه اَن جل جو تيل ڳوليندي ڳوليندي بنهه ٿڪي پيو آهيان. بيروزگاري جا هٿ هاڻي منهنجي حياتي جي ڳچي ۾ صفا سوڙها پئجي ويا آھن هن بي حس سماج جي سينوريل سسٽم ۾ ساھ منجهي ٿو. احساس جي آڪسيجن ڪٿان ملي ئي نه ٿي ڇا ڪجي؟ جيئڻ لئه جستجو ڪندي ڪندي هاڻي بيزار ٿي پيو آھيان بيروزگاري هٿان مليل مفلسي جي ڀيٽا هميشه هٿيڪي ڏسي منهنجي هارايل ريس جهڙي حياتي جي هٿ مان منهنجا دوست به نڪري ويا ۽ آئون اڪيلو رهجي ويس. ائين جئين ڀري آڪاس۾ دُرو اڪيلو هوندو آهي. گرو رنجنيش اوشو چوي ٿو ته”خلوت ۾ ماڻھو کي خدا به ملي ٿو“ پر مونکي ته اڪيلائي ۾ عذاب کانسواءِ ڪجهه به نه مليو!
    منهنجي وياڪل حياتي جي آڪاش مٿان سهارن جو اوزون ٽُٽي چڪو آهي ۽ ڪربن جي ڪينسر وڪوڙي وئي آهي.
    منهنجي دوستي جي نظام شمشي ۾ ڪجهه دوست پلوٽو ٿي ويا آھن ته ڪجهه دل جي ڌرتي تياڳي اميري جي خلا ۾ اڏامي ويا آهن. ڇاڪاڻ ته غربت ۾ ڪا به گريوٽي ناهي.
    آئون جنهن جُوءِ ۾ جيئان ٿو، اُن ۾ ماستر به آھن ته ڊاڪٽر به آھن، انجنيئر آهن، ڊسپينسر آھن، تپيدار آھن، سپاهي آھن، ڪلرڪ آھن، پٽيوالا آھن، چوڪيدار آھن، يهودين کان هوشيار واپاري آھن، شاگرد آھن پر ناهن ته ادب ذوق ناهن. منهنجي ڳوٺاڻن وٽ سڀ ڪجهه آھي سواءِ انساني ادراڪ جي! ادب کي واندي بڪواس سمجهندڙ ۽ پئسي کي ئي دنيا جو نوَ رتن مڃيندڙ ماحول ۾ هڪڙي فقير طبيعت ليکڪ جو جنم وٺڻ بدنصيبي ناهي ته ٻيو ڇاهي؟ ليکڪ جي لئه ادبي ماحول ۽ احساس آسڪيجن هوندو آھي، اُھو جتي نه هجي ۽ رڳو سنگدليءَ جي ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ وافر مقدار ۾ ميسر هجي ته اهڙي اڻ سُھائيندڙ وايو منڊل ۾ ڪو حساس دل ڪَوي ڀلا ڪيترو عرصو سروائيوَ ڪري سگهندو؟ جتي عدليه ته آھي، پر انصاف ناهي، جتي زميندار ته آھن، پر هاريءَ سان ڪيئن هلجي اهو اڄ ڏينهن تائين سمجهي ناهن سگهيا.
    هي ڪتاب منهنجي خطن جو مجموعو آھي، اُھي خط جيڪي مون کان پاڻ مُرادو لکجي ويا آھن، جن ۾ ڪا به مصنوعيت ناهي. انهن خطن کي مون روئندي لکيو آھي، جَهنگ مان ڪاٺيون ڪندي لکيو آھي، ڪَنڊيءَ مان پَن لاهيندي لکيو آھي، کپ جي تُڳين مان نوڙي وٽيندي لکيو آھي، مريڙو چونڊيندي لکيو آھي، بس ۾ سفر ڪندي لکيو آھي، جڏھن به ڪنهن هانوَ ڏاريندڙ حادثي ذھن جي زمين کي زلزلي وانگي لوڏيو ۽ ڌوڏيو آھي تڏھن مون لکيو آھي. لکڻ جي لئه مون ڪو به ماحول سليڪٽ ناهي ڪيو، ڪو به خط مون مُوڊ ٺاهي ناهي لکيو، جتي ۽ جيئن درد جي لهر رُوح کي لوڏيو آھي مون لکيو آھي. اُميد ته منهنجو هي قلمي پورهيو اوهان ديس واسين کي ضرور پسند ايندو!
    آئون اول ۾ ٿورا ڳائيندس اُن ڪُل قلندر ڇوڪرَي جا، جنهن جو وطن لطيف جي ڌرتي سنڌُ آهي! سنڌُ جنهن کي هُو پنهنجي نرالي ڪَويتا جي ڊڪشن ۾ درسي ڪتاب وانگي ڀانئي ٿو. جنهن جي محبُوبه هڪڙي مور جهڙي ڪونجل آھي ۽ ٻي ماڻينگر ماءُ ھُئي، جنهن جي وڇوڙي ۾ هن جي دل نيرو جي روم وانگي سڙي رهي آھي. آئون ٿورا ڳائيندس اُن محبُوب شاعر جا، جيڪو حَسن درس کان پوءِ سنڌ جو اجگر ڪوي ٿي اُڀريو آھي. پال گوگين جي ڪنهن خوبصورت پيٽنگ جهڙو اُهو ڇوڪرو آھي پراڻ جي ڪَپ جو رهواسي، جُهوني جاگرافي رکندڙ جُهڏي جي نگريءَ جي ڪَن ۾ جهومڪ وانگي لُڏندڙ عزيزِ مَن، عزيز گُل! هي ”گُلن ۾ ڳولڻ سان گُلاب“ ٿي ملندڙ گُل آھي. آئون هن جا ٿورا ان ڪري مڃان ٿو جو هُن نه رڳو دل سان هن ڪتاب جو مُهاڳ لکيو آھي، پر هُن منهنجي لکڻين جو قدر به ڪيو آھي. هُن مون کي احساس ڏياريو آھي ته آئون به ڪجهه لکي سگهان ٿو..لو يُو جگرا عزيز گُل…يُو لانگ لائيوَ…!
    هاڻي آئون گُڻ ڳائيندس اُن مهان ماڻھو جا جيڪو ڪامريڊُ آھي! ڪامريڊُ جنهن کي فلاسافيڪل ٻوليءَ ۾ ھمدرد چوندا آھن. هُو منهنجو همدرد آھي! هُن منهنجي دردن کي دل جي گهراين سان سمجهيو آھي. هُو اهو ڪامريڊ آھي جيڪو غريب شاگردن جي پيرن ۾ جُتي نه ڏسي ائين روئندو آھي جيئن مور پنهنجي پيرن کي ڏسي روئندو آھي. هُو هر اُن غريب جو ساٿي آھي جنهن جو هتي ڪير به نه آھي، هُو رهزن ۽ رهنما کي صحيح طريقي سان سُڃاڻي ٿو، هن وٽ پرک جي پنهنجي انوکي اک آهي؛ هُن سان منهنجي ڪڏھن به ملاقات ناهي. هُو منهنجو فيسبوڪ فرينڊ آھي، هُو منهنجي تخليق سان بي پناھ پيار ڪندو آهي ۽ هي ڪتاب ڇپرائي ڏيڻ ۾ به هن جو وڏو هٿ آهي، آئون هن مردم شناس ماڻهوءَ جا ٿر جيڏا ٿورا ڪڏھن به نه لاهي سگهندس، ان ڪري فقط ايترو ئي چوندس ته...... لو يُو ڪامريڊ اشرف ڪُنڀار! جيئو سال هزار.....!!
    آخر ۾ اُنهن سڀني دوستن جا لک قرب، جن منهنجي عرض کي حُڪم سمجهي هر وقت منهنجو ساٿ ڏنو…! هر ڏُک ۾ مون لئه ڇپر ڇانوَ بڻيا. انهن سڀني جو آئون سدائين ٿورائتو رهندس.

    آئون اوهان جو پنهنجو

    امر رائيسنگهه راجپوت
    Cell # 03463751610
    28 ڊسمبر 2018ع


    دانهون دردَ فراق جون، ڏيهَه ٻُجھي ٿو ڏور،

    دانهون دردَ فراق جون، ڏيهَه ٻُجھي ٿو ڏور،
    حمل هيءُ ڪهڙو ڪلور، جو ساجن سُڻي ڪينڪي.

    (حمل فقير)


    پنهنجي ڀيڻ کي الوداع چوڻ لئه آيل ڀاءُ جو ريلوي پليٽ فارم تان سندس ماءُ ڏي خط

    پيرن تي هٿ جيجل...!
    آئون ريلوي پليٽ فارم ميرپورخاص تي موجود آھيان. رات جا ڏھ ٿيا آھن. هن وقت جمعو آھي، ٻارنهن کان پوءِ ڇنڇر ٿي ويندو. اڄ اماوس جي ڪاري رات آھي، چنڊُ موڪل تي ويل آھي. جنڪشن تي لڳل بلبن جي پيليءَ روشني ۾ پليٽ فارم جرڪي پيو. اڄ کوکرا پار واري رستي راجا واري ريل (ٿر ايڪسپريس) هندستان ويندي. ريل جيڪا هر هفتي اچي ۽ وڃي ٿي. ملائي ۽ جُدا ڪري ٿي. هي پليٽ فارم به ڏُک ۽ سُک ٻنهي جو حسين سنگم آھي. هن وقت جيڪڏھن راجا سڌُو ڌن جو شھزادو سدارٿ هجي ها ۽ دنيا ڏسڻ جو اصرار ڪري ها ته، ان جو مهارٿي چانا کيس ڪنهن بازار گهمائڻ وٺي وڃڻ کان اڳ ميرپور خاص يا جوڌپور جو جنڪشن ضرور ڏيکاري ها، جتي زندگي ڏُک، سُک، وڇوڙي ۽ ميلاپ سان سرشار ڏيکاءُ ڏيندي آھي. بيمار، لاچار، صحتمند، شوقين، فنڪار، پينو فقير، نوجوان ڇوڪريون، ڇوڪرا، پوڙها پڪا ۽ ننڍا وڏا سڀ هتي موجود آھن. ڪجهه خوش آھن ته ڪجهه رنج و غم جي عالم ۾ ٻُڏل آھن. ٻارڙا گهورڙين کي ڏسي سندس مائرن کان خرچي گهري رهيا آھن. مهمانن کان موڪلائڻ لئه گڏ آيل عزيز قريب سندن خدمت ڪرڻ ۾ پورا آھن. ڪو جوس پيو وٺي اچي ته ڪنهن جي هٿ ۾ ڪوڪا ڪولا جي جمبُو بوتل آھي. ڪي سگريٽ پيا ڇڪن ته ڪي ٽھڪن ۾ ٽڙن پيا ۽ ڪي ڏُور اڪيلا وڻن جي اُداس پاڇن هيٺ مون وانگي اڪيلا روئن پيا.
    امان! هي خط لکندي منهنجا هٿ ڏڪي رهيا آھن. اُھي هٿ جن سان ڪجهه ئي ڪلاڪن ۾ پنهنجي سڳي ڀيڻ کي هميشه لئه الوداع ڪندس. جيجان! هن وقت آئون وڇوڙي جي مها ساگر جي ساحل تي بيهه ڏسان ٿو ته، دل ڀرجي اچي ٿي، پر اهو ساڳيو ساگر مون کي پار به ڪرڻو آھي. جن هٿن ۾ جنهن سدائين سِڪ مان راکيون ٻڌايون اُنهن ئي هٿن سان اُن کي الوداع ڪندس. منهنجي ڀيڻ هن وقت منهنجي سامهون آھي آئون جيءَ ڀري ڏسڻ چاهيان ٿو، پر هڪ ٻئي سان اکيون ملائي الوداع ڪرڻ جيتري سگهه ناهي رهي. اکين ۾ ايترو پاڻي آھي جو تصويرون ڌُنڌليون ڏسڻ ۾ اچن ٿيون.
    امان! ڀيڻ کي ڪجهه دير لئه بابا وارن وٽ ويٽنگ لائونج ۾ ڇڏي ٻاهر نڪتو آھيان. ٻاهر هڪڙي سيمينٽ جي دِڪيءَ تي ويهي توکي خط لکي رهيو آھيان. ان ڪري جو آئون هاڻ ڪجهه مهينن لئه گهر ڪون ايندس. اُن گهر ۾ ھاڻ اچڻ ئي ڪهڙو جيڪو ڀيڻ جي پويتر پيرن کان خالي هجي. جنهن گهر جي چونئرن ۽ چونڪين جا نيو به پنهنجي ڀاتي جي وڇوڙي ۾ ولکندا هجن، ان گهر ۾ ڪو ڀاءُ پنهنجي ڀيڻ جي مٺڙي ٻولي ٻُڌڻ کان سواءِ ڀلا ڪيئن رهي سگهندو؟ امان! ماڻھو کان پاليل پکيءَ به جلدي ناهي وسري سگهندو هي ته ڪونجل ڀيڻ آھي، جنهن جي هٿ جي پچايل ماني ياد ايندي ته ڀلا سُڏڪن ۾ ڪو گرھ نڙي مان هيٺ لهي سگهندو؟
    امان! ٻُڌاءِ ڀلا..جڏھن رڪشا ٻنڌن واري ڏينهن ٻين جي هٿ ڪراين ۾ راکيون ڏسي راکيءَ کان محروم بنجي ويل منهنجا هٿ ڪُٺل تتر وانگي ڦٿڪندا، تڏھن انهن هٿن جي ڪراين ۾ ڪير ڌاڳو ٻڌندو...؟
    امان! منهنجي دل ٽوڙ درد جي ڪربناڪ ڪيفيت کي ڪير سمجهي سگهندو...؟
    امان! جڏھن وسڪاري جو پاڻ چڀڙن جو ساڳ ڪنداسين، تڏھن ساڳ مان ٽُڪري ٻوڙڻ کان اڳ ۾ پاڻ امرتا جي سِڪ ۾ ٻُڏي وينداسين. هُن جي پسند جي هر پڌارٿ جڏھن پنهنجي اکين اڳيان ايندي تڏھن اکيون تڳوسر جي ترائي ٿي وينديون.
    امان! آئون گهر ايندس ته مُنهنجو ٻن سالن جو ننڍڙو پُٽ مون کان پُڇندو ته بابا! بُئا ڪٿي آھي؟ تڏھن آئون ڪهڙي ورندي ڏيندس؟ اُها دل ڪٿان آڻيان جنهن سان چوان ته پُٽ توکي سڄو ڏينهن ڪڇ ۾ ڪوٺي تو سان بي لوث محبت ڪندڙ تنهنجي بُئا کي بنا ڏوھ وطن جي وڻن کان جُدا ڪري اسين پنهنجي پرمپرا پاري آياسين. امرتا لئه هر وسڪاري جو پپون چونڊي ايندڙ ماسي پدمان ميگهواڙڻ کي ڪهڙي منهن سان جواب ڏيندس ته تنهنجي ڏڪري جهڙي امرتا هاڻ هن وطن جي سرحدن مان نڪري چُڪي آھي. ماسيءَ کي ائين چوندس ته هن جي پپن سان گڏ هن جو به ساھ نڪري ويندو، ڇاڪاڻ ته هُوءَ پاڻ کان مٿي احساس رکي ٿي.
    جيجل! ٻُڌاءِ اهڙي ڪيفيت ۾ ڪيئن جيءَ سگهنداسين…!؟
    دِڪي جي ڀرسان ڪاٺ جي اڌ ڀڳل بيئنچ تي هڪڙو اڌڙوٽ شخص ويٺل آھي. جنهن جي اکين ۾ عجيب خوشيءَ جهلڪي رهي آھي. هن سان گڏ هڪ نوجوان به ويٺو آھي جيڪو پوڙھي کي ڪجهه سمجهائي رهيو آھي. آئون انهن وٽ وڃي پُڇان ٿو ته، چاچا ڪٿان کان آيا آھيو.؟ تڏھن ڪُراڙي سان گڏ ويٺل نوجوان وراڻي ٿو ته، اسين پارڪر جا آھيون. هي منهنجو پيءُ آھي. اڄ هندستان وڃي ٿو. نوجوان جي واتان اهو ٻُڌي چاچي کان پڇيم چاچا هندستان ڇو ٿا وڃو؟ ڪُراڙي هڪڙو ٿڌو ساھ ڀري وراڻيو ته ”پُٽڙا! آئون پنهنجي ڀيڻَ کي ڏسڻ وڃان پيو. منهنجي ڀيڻ ڇاڇري جي ڀرسان هڪڙي ڳوٺ ۾ پرڻايل هُئي. اُن ڳوٺ وارا ايڪوتر (71) واري لڙائي ۾ لڏي ويا هئا. منهنجي ڀيڻَ به گڏ وٺي ويا ھئا. بابلا ڌيئرون هونديون ئي پرايو ڌڻ آھن. مون کي مهيني کان پوءِ پتو پيو ته هُوءَ لڏي ويئي آھي. بس منهن مٿو پٽي ويهي رهيس. اڄ ستيتاليهه سال ٿيا آھن. منهنجو به قبر ۾ پير آھي، پر ڀيڻ جو منهن ڏسڻ لئه ساھ کڻان پيو. هاڻ ھُوءَ به رڳو منهنجو منهن ڏسڻ لئه جيئري آھي. فون تي ڳالهائيندي آھي ته درد ۾ لُڙھي ويندي آھي. ڳالهائيندي ڪٿي آھي هُوءَ ته رڳو روئندي آھي. چوندي آھي” ڀايا هيڪي گهوئي جوئي جائي“ امان جو پڇندي آھي ڪئين آھي ته، چوندا آھيون چڱي ڀلي آھي پر ٻوڙي ٿي ويئي آھي ٻُڌي گهٽ ٿي. پُٽڙا ڪيئن ٻُڌايان ته امڙ ته تنهنجي جُدائي ۾ مهينو ئي مس ڪٽي سگهي.“ ايترو چئي پوڙھو سُڏڪن ۾ ٻُڏي ويو آھي. آئون کيس آتٿ ڏيندي چوان ٿو ته، چاچا ڏُک سُک زندگيءَ جو حصو آھن. حوصلو نه هارجو. منهنجي اهڙي ورندي تي خبر آھي هُو ڇا ٿو چوي؟ هُو وراڻي ٿو ته ”پُٽ حوصلو ئي ته بچيو آھي جنهن جي سهاري ستيتاليهه سال وڇوڙن جي پلصراط تي هلندي گُذاريا آھن. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڪڍيل سيمائن جو ريکائون اسان جي هٿن ۾ وڇوڙي جون لڪيرون بڻجي ويون آھن. اسين انهن لڪيرن کي تقدير جي تقاضا سمجهي ڀوڳي رهيا آھيون.“ پوڙھي جي واتان اهڙي غم ڀري گُفتگو ٻڌي منهنجو ته ساھ سڪتي ۾ اچي ويو آھي.
    جيجان! ٻه عورتون آھن. ٻنهي کي هِندوُ لُهارن وارو لُهارڪو لباس پاتل آھي. هڪڙي اڌڙوٽ عمر ۾ آھي ۽ هڪڙي عمر جي آخري ڏاڪي تي پهتل آھي. لڳي ٿو پاڻ ۾ ماءُ ۽ ڌي آھن. ڪُراڙيءَ ماءُ پنهنجي ڌيءَ کان موڪلائڻ لئه آئي آھي پر موڪلائي نه ٿي سگهي. پل پل ۾ ڀاڪر وجهي هڪ ٻئي سان ملي رهيون آھن. ملي ڪٿي رهيون آھن اُهي ته ائين سمجهه هڪ ٻئي ۾ مري رهيون آھن. ماءُ کي پڪ آھي ته هُوءَ هاڻي پنهنجي پرديسڻ ڌيءَ کي وري ڪڏھن به ڏسي نه سگهندي. ڪڏھن به نه ڏسي سگهڻ وارو ڏُک هن کي موڪلائڻ ئي نه ٿو ڏي. ڌيءَ پنهنجي مرڻ تي پُهتل ماءُ جي ڪنڌ مان ڀاڪُر ڪڍي ئي نه ٿي. اجهو امان! ريل جي چيخ ٻُڌڻ ۾ اچي پيئي، سمورو پليٽ فارم درد ۾ ٻُڏي ويو آھي. سڀ ڪو پنهنجن پيارن کي جيءَ ڀري ڏسڻ ۽ ملڻ جي ممتا ۾ تڙپي اُٿيو آھي. اُھي ٻئي عورتون هڪ ٻئي مان ٽُٽن ئي نه ٿيون. انهن کي پاڻ ۾ جُدا ڪرڻ لئه مون جهڙو ڪو پٿر دل هينئر آيو آھي. اُن داٻا دڙڪا ڏيئي ٻنهي کي الڳ ڪيو آھي. ڪُراڙي عورت جو سڏ رهجي ويو آھي ان جي نڙي مان دانهن نڪري ئي نٿي. رڳو خاموش لُڙڪن سان پنهنجي اوڇنگارون ڏيندڙ ڌيءَ کي آخري دفعو ڏسي رهي آھي.! الا…آخري دفعو .. ڇا آئون به پنهنجي ڀيڻ کي آخري دفعو ڏسي رهيو آھيان..؟
    امان! رات جا ٻارنهن ٿيا آھن. ريل پهچي چُڪي آھي. ريل ڇا پُھتي آھي ڄڻ دل جو آخري ڌڙڪڻ شروع ٿيو آھي. پليٽ فارم تي موجود ماڻھن جي چهرن تي عجيب نموني جي اُداسي ۽ خوشي ڇانيل آھي. خوش اهي آھن، جيڪي ورهيه پُڄاڻان پنهنجن سان ملڻ وڃن پيا ۽ ڏُکارا اهي آھن، جيڪي پنهنجن کي الوداع ڪري رهيا آھن. آئون هاڻي وڃان ٿو ويٽنگ لائونج ۾ پنهنجي پياري ڀيڻ سان موڪلائڻ....هاڻي ريل رواني ٿيڻ کان پوءِ وڌيڪ احوال لکندس.
    امان! آئون موڪلائڻ ڇا ويس....چري منهنجي ڪنڌ مان ٻانهون ڪڍي ئي نه.... جام آٿتون ڏنم ته بابا گڏ هلن ٿا. آئون به جلدي توکي ڏسڻ لئه ايندس. نيٺ مس مس پاڻ کان جدا ڪري پليٽ فارم نمبر ون تي وٺي وياسين جتي پوليس چيڪنگ واري ڪارروائي کان پوءِ هندستان ويندڙن کي اندر ڇڏيندا ويا، جتان ريل ۾ چڙھندا آھن. باقي ٻين کي گيٽ تان واپس ڪري ڇڏيائون. منهنجي مٺڙي ڀيڻ ايستائين مون کي پاڇل ڦوري ڏسندي رهي جيستائين سندس نظرن کان اوجهل ٿي ويس.
    امان! ماڻهو مئي جا ڪُلهي ڪانڌي ٿيندا آھن، پر آئون پنهنجي ننڍڙي ڀيڻ کي جيئري ئي ڪُلهو ڏيئي آيس. هُوءَ جيئري هُئي ڪٿي. هُوءَ ته ڳوٺ جي اجهور ۽ گهر جو جهانپو ڇڏيندي ئي مري ويئي هُئي. هُن جي پُرنم اکين ۾ فقط پنهنجو وطن زنده هو. هُوءَ پنهنجو وطن پاڻ سان گڏ کڻي ويئي آھي. امان! مون الودعي وقت هن جي اکين ۾ ڳوٺ جي ترائي کي هيلون هڻندي ڏٺو هو. هُن جي سُڏڪن ۾ پنهنجي گهر جي جهانپي واري ڪنڊيءَ ساھ کنيو پي ۽ اُن ڪنڊيءَ مٿي هن جو پاليل مور دانهون ڪري رهيو هو. اُھو مور هيستائين مري چُڪو هوندو. هُن جي آخري ڏنل اوڇنگار ۾ ائين لڳو پي ڄڻ هُن جون سڀئي سهيليون هڪ ئي وقت مري ويون هُجن ۽ ھُوءَ اڪيلي ماتم ڪندي هجي. هُوءَ اڪيلي ته تڏھن به ٿي ويئي هُوندي امان! جڏھن سنڌڙيءَ جي سرزمين تي آخري سج ڏسڻ مهل کوکرا پار جي ڳوٺ وٽ، ريل جي ڪمپارٽمينٽ واري کڙڪي مان وطن ڏي آخري نگاھ ڪندي اکيون پوري ڇڏيون هونديون…!
    قلم تازه: سوجهاڪو ٿيو آھي. جنڪشن خالي ٿي چُڪو آھي. آئون هاڻ خط پوسٽ ڪري ڪراچي وڃان ٿو. امڙ! پنهنجي گهر جي اڱڻ اڳيان بيٺل ڪنڊيءَ جي وڻ کي وڍائي ڇڏجانءِ ڇاڪاڻ ته، جيستائين ڪنڊي بيٺي هوندي تيستائين ان جي ٽار ۾ لوڏ ٻڌي لُڏندڙ امرتا جي ياد توکي برباد ڪندي رهندي. امرتا جي پاليل مور کي داڻا نه ڏجانءِ هُو پاڻھي دلشڪستو ٿي گهر ڇڏي ويندو. سوجهاڪي جو گهر جي صحن ۾ اچي پاڻ کي ننڊ مان اُٿاريندڙ پنهنجي وڍياري ڍڳي ڪنهن کي ڏوجهي ڏيئي ڇڏجانءِ.
    امان! هاڻي پنهنجو خيال پاڻ رکجانءِ ، ڇاڪاڻ ته تنهنجو خيال رکڻ واري توکان ڪوهين ڏُور وڃي چُڪي آهي.جنهن جي پاڇي لئه به سڪي ويندينءَ.

    پيرن تي هٿ امڙ
    فقط تنهنجو پُٽ ترويندر


    خودڪشي ڪندڙ عورت جي کيسي مان مليل خط

    اي منهنجا گهر ڌڻي...!
    اڌ رات لڙي آھي. چنڊُ آسمان جي وچ تي چمڪي رهيو آھي. توکي ننڊ ۾ سُتل ڇڏي وڃان ٿي. ڪيڏو نه سُڪون سان سُتو آھين. نه پيٽ جي ڳڻتي نه وياج جو ڊپ، نه مٿي تي تغاري نه ڪو ڪلهن تي بوجهه..صبح جو اُٿندين ته وري ساڳيا سُور هوندا جيڪي آئون هاڻ ڏسي نه ٿي سگهان. آئون توکي ائين ئي پُرسڪون ڏسي سڪون سان مري سگهان ٿي. ببلو پينگهي ۾ اڌ بُکايل ڇڏي وڃان ٿي. سنجهي مان سُڪل ڇاتيءَ ڌارائي هُئي. صغير ٻار کي يتيم ڇڏڻ زندگيءَ جو وڏي ۾ وڏو ڏُک آھي. اهو ڏُک ڀوڳي سگهان ٿي، پر روز بُک ۾ رڙيون ڪندي ڏسي نه ٿي سگهان. منهنجي هٿ جي پڪل ماني آخري ڀيرو ضرور کائجانءِ، جيڪا مون رات پچائي رلڪي ۾ ويڙھي ڇڪي ۾ ٽنگي رکي آھي. گيهه سان مکيل نه هوندي، پر منهنجي لُڙڪن جو ذائقو ضرور هوندو. آئون تنهنجي اجازت بنا اڄ پهريون ۽ آخري دفعو وڏو ڪم ڪرڻ وڃي رهي آھيان. تنهنجي اجازت بنا مون ڪڏھن ماني به نه کاڌي هئي پر اڄ ڦاهي کائڻ وڃي رهي آھيان. توکي خبر آھي غريبن جي ٻارن کي جڏھن بُک لڳندي آھي تڏھن ڦاهي کائيندا آھن. ڇاڪاڻ ته ماني مهانگي آھي ۽ ڦاهي سستي آھي. ان ڪري اڄ آئون به ڍؤ ڪرڻ وڃان پيئي.
    اي منهنجا واهيلا ور ڌڻي! منهنجي هن کنيل قدم تي روئجانءِ نه، تون روئندين ته منهنجو روح تڙپندو. جسم ته اڳي ئي گهڻو تڙپيو آھي هاڻي روح کي تڙپائڻ نه ٿي چاهيان. مون توکي اڳي ئي گهڻو روئاڙيو آھي. توکي ياد هوندو، جڏھن پنهنجي پاڙي ۾ شادي هُئي سڀني عورتن جي هٿن ۾ نيون چوڙيون ۽ نوان وڳا هُئا. هڪڙي آئون ئي هيس جنهن وٽ سڀ ڪجهه پُراڻو هو. تون مون کي ڏسي ڏاڍو رُنو هُئين. تڏھن مون تنهنجا لُڙڪ اُگهندي چيو هو ته ’’چريا ڪپڙا صرف امير پائيندا آھن غريب ته فقط اوگهڙ ڍڪيندا آھن.‘‘ اُن مهل توکي سموري ڪائنات اُگهاڙي لڳي هُئي. توکي ياد آھي جڏھن پنهنجو ببلو منهنجي پيٽ ۾ ھو مون کي مڇي کائڻ جي مور ٿي هُئي. تون سڄو ڏينهن ڳوٺ ۾ اُڌارن پئسن لئه اُڃايل هرڻ جيئن لُڇيو هُئين پر ڪنهن به توکي ٻه پئسه اُڌارا ڪون ڏنا هُئا. اُن ڏينهن ڳوٺ جي سيٺين جي پيتين ۾ پيل پئسا شرم ۾ ٻُڏي ويا هُئا. تون پنهنجي بيوسيءَ تي ٻارن جئن رُنو هُئين. تڏھن مون چيو هو ته چريا پاڻ غريب آھيون. غريب جن کي خيرات جو ڀت به عزت سان ناهي ملندو سو پئسو ڪٿان ملندو؟
    پاڻ وياج تي پئسا کڻي ڪو پنج ستارا هوٽل ۾ ويهي پيزا ڪونه کاڌا هُئاسين ۽ نه ئي وري ڪنهن ٽُوئريسٽ اسپاٽ تي وڃي شيمپيئن اُڏائي هُئي سين، پر پاڻ ته ٻني پوکڻ لئه ٻج ورتو هو. برسات جي بي وفائي سبب ٻج به واپس نه وريو ته اُن ۾ پانجو ڪهڙو ڏوھ؟ پاڻ ته سڄو ڏينهن ٻني کي واڙ ڪندي رات جو ٿڪي ٽُٽي ڪري پوندا هُئاسين. پاڻ کي ڪهڙي خبر ته وياج رات ڏينهن سمهندو ئي ناهي، اها خبر هجي ها ته پاڻ سمهون ئي ڪونه ها. وياج وڌندو ويو ۽ پاڻ قرضو ٿي وياسين. قرضو چُڪائڻ لئه ڪا شي نه هُئي، نيٺ تو منهنجي ڳچي جي هنسلي گهُري، جيڪا آئون جيئري نٿي ڏيئي سگهيس، ان ڪري مون کي مرڻو پيو. ماڻھو چوندا ته ڪا چري عورت هُئي جنهن معمولي هنسلي جي ڪري حياتي وڃائي ڇڏي.. پر پيارا…! احساس کان وانجهيل ماڻھن کي ڪهڙي ڪل ته ڪڏھن ڪا معمولي وَستُو به وڏي اهميت اختيار ڪري ويندي آھي. جيڪا حياتيءَ کان به وڌيڪ لڳڻ لڳندي آھي. آئون به اها هنسلي جيئري نه ٿي ڏيئي سگهان. اها هنسليءَ جيڪا منهنجي ماءُ جي هٿ جي ڏنل آخري نشاني هُئي. پنهنجي سهاڳ جي اڪيلي سُونهن هُئي. اُھا توکي ڏيان ها ته پاڙي واريون مايون مهڻا ڏين ها ته بُکين ٽول وڪڻي ڇڏيا. اُنهن کي ڪهڙي خبر ته مجبوري ماءُ تي گار جهڙي اذيتناڪ هوندي آھي. جيڪا زيور يا زمين ناهي ڏسندي. تنهنجي مجبوري ۽ بيوسي فقط آئون ئي سمجهي سگهان ٿي. آئون جيڪا تنهنجو اڌ آھيان. تنهنجي بدن تي وستر جيان ويڙھيل آھيان. تون وڻ آھين ته آئون ڇانوَ آھيان. تون ڪڪر آھين ته آئون ورشا آھيان. ان ڪري آئون تنهنجي مجبوريءَ کي سمجهي توکي هميشه لئه هنسلي ڏيئي وڃان ٿي. هن کي وڪڻي قرضو چُڪائجانءِ.
    توکي اهو ڏينهن ته چٽو ياد هوندو، جنهن ڏينهن پنهنجي گهر ۾ اٽو ڪونه هو. توکي پنڌرنهن ڏينهن کان ڪٿي ڪا مزوري ڪانه ملي هئي. آئون تسيو کڻي پاڙي مان اُڌارو اٽو وٺڻ ويئي هيس. نما شام جو ٽاڻو هو. پاڙي واري مائي اهو چئي اٽو نه ڏنو ته اوهين واپس ڪنهن مان ڏيندا..؟ خالي تسيو ۽ ڀريل نيڻ کڻي واپس آئي هيس. تو چيو هو اڄ ورت رکون ٿا مون چيو ورت ته ڏينهن جو رکندا آھن. تو سُڏڪندي وراڻيو هو پگلي! غريبن جون گهڻيون راتيون روزن ۾ گذرنديون آھن. اها سڄي رات پاڻ روئندي گُذاري هُئي سين. اهڙا ڪيئي واقعا آھن جن جي ڪري هاڻ جيئڻ تان ارواح ئي کڄي ويو آھي. پاڻ به انسان آھيون. هر انسان جون حسرتون هونديون آھن. زندگيءَ ۾ جيڪڏھن هڪڙي به حسرت پوري نه ٿئي، سڀئي ارمان اڌُورا رهجي وڃن ته پوءِ اهڙي زندگيءَ سان وفا ڪرڻ ۾ ڪهڙو فائدو؟ آئون جڏھن توکي تغاريون کڻندي ڏسندي هيس تڏھن پنهنجي منهن اڪيلي سڄو سڄو ڏينهن روئندي هيس، نيٺ سوچيم روئڻ سان ڇا ٿيندو ڪجهه ور سان هٿ ونڊايان. سو ان ڪري پاڙي وارن گهرن ۾ وڃي ڪنهن جا ويڙھا ٻهاريندي هيس ته ڪنهن جي اوٽن لئه ڇيڻو کڻندي هيس. ڪنهن جا ڪپڙا ڌُوئيندي هيس ته ڪنهن جو اٽو پيهندي هيس. بدلي ۾ ڪي مايون رکا ٽُڪر ڏينديون هُيون ته ڪي رحم کائي ٻه پئسا روڪڙا به ڏينديون هُيون. الا پيٽ لئه ڇا ڇا نه ڪيو. پراين گهرن ۾ پيٽ لئه پانپرا ڪرڻ پرايو گند ٻُھارڻ تمام ڪٺن ڪم هوندو آھي. اهو ڪم به ڪرڻو پيو.
    چوندا آھن ته ڏاهو ٿي ڪنهن ڪمايو ناهي ۽ چريو ٿي ڪنهن وڃايو ناهي. انساني زندگي ۾ قسمت جو وڏو عمل دخل هوندو آھي ۽ قسمت هميشه ڏٻرن کي ڏُک ڏيندي آھي. جسم جي هڏي اها ئي ٽُٽندي آھي جيڪا ڪمزور هوندي آھي. واڙ اُتان ئي جهرندي آھي جتان اڀري هوندي آھي. توکي دنيا ڀلي نڀاڳو، ڪم چور ۽ هڏ حرام چئي، پر تون مون لئه هيرو آھين. تو تتي ڏينهن جو تغاريون کڻي منهنجو پيٽ پاليو آھي. توکي ڪيئن چوان ڪم چور تون ته منهنجي مٿي جو موڙ آھين.
    پورو مهينو هٿ جون آڱريون رت ڪري نور نچوئي ڀرت ڀريم ته هن جي اجوري مان ڀاءُ جي شاديءَ تي ڀاڄائي لئه ڪپڙن جو جوڙو وٺي وينديس، پر جڏھن ڀرت ڀرائڻ وارو سيٺ واپس گادڪيون کڻڻ آيو تڏھن اٺ رپيا في گادي جي حساب سان ڏنائين. ڏھ گادين جا اسي روپيا. نه ڀاڄائي لئه جوڙو وٺي سگهيم نه قرضو چڪائي سگهيم. هاڻ انهن اسي روپين ۾ شايد منهنجو آخري سفيد جوڙو به مشڪل ٿي سگهي. اهڙين حالتن ۾ پاڻ غريبن جي جيئڻ جو ڀلا ڪهڙو جواز آھي؟ پورهئي جو صحيح اجورو نه مليو. وياج خور وياج لئه تنگ ڪيو. مالڪ مينهن نه وسايو. پيٽ جي بُک نه اُجهي. تڏھن سوچيم هاڻي حياتيءَ کي رڳو ساھ تي تڳائي واندي آڪسيجن وڃائڻ کان چڱو آھي موت سان ملاقات ڪجي شايد اُتي هي جنجهٽ نه هجن. ان ڪري اڄ خودڪشي ڪيان ٿي.
    چڱو مٺا…! وري اُن جنم ۾ ملنداسين جنهن ۾ انسانيت عروج تي هوندي. جنهن ۾ بُک ماڻهون نه کائيندي. جنهن ۾ رت ولوڙيل پورهئي جو اجورو صحيح ملندو. ها وري اُتي ملنداسين جتي وياج جو رواج نه هوندو. جتي ڍؤ تي ماني ملندي. جتي گرڀوتيءَ کي مور ۾ مڇي سولي ملي سگهندي. جتي قرض جهڙي مرض کان ڇوٽڪاري لئه ڪا به ڳچي هنسليءَ جي قرباني نه ڏيندي. جتي ٿڃ پياڪ ٻار جي کير لئه ڪا به ماءُ پنهنجي عصمت وڪڻڻ تي مجبور نه هوندي. جتي نما شام جو تسيا کڻي ڪنهن کان اٽو اُڌارو نه وٺڻو پوندو. جتي بدن تي اگڙيون نه، پر پوشاڪ پائي سگهنداسين. ها اُتي ملنداسين جتي انسان تسليم ڪيا وينداسين. ايستائين الوداع ڪيان ٿي منهنجا مٺا…! خط جي آخر ۾ تو لئه پنهنجن پياسن چپن جون ٻه چُميون رکي وڃان ٿي، جن کي پنهنجي اکين سان کڻي وصول ڪري وٺجانءِ..

    فقط تنهنجي ارڌانگي ارپتا


    هڪ حساس دل پُٽ جو پنهنجي ماءُ کي خط!

    امان! هِي ڏِياري منهنجي نڙي ۾ اٽڪي پيئي آھي...
    پيرن تي هٿ جيجان…! ڏياريءَ جا سمورا ڏُک پنهنجي اکين سان ميڙي هينئر ٿڪي ٽُٽي اچي ڇنل منجي تي سُتو آھيان. ننڊ لُڙڪن جي سيلاب ۾ لُڙھي ويئي آھي. اماوس جي ڪرس گيل جهڙي ڪاري رات جي اونڌاهي ڇانئجي چُڪي آھي. وشال آڪاش تي ديپڪا جهڙا ستارن جا ديپ ٻرن پيا جن کان منهنجو منجي تي پيل اڌ مئل وجود، ڏيجوانن جي مري ويل ڏياريءَ جي تعزيت وصول ڪري رهيو آھي. ڌنوانن جي زوردار ڦٽاڪن جي ڌماڪن سبب مور ماٺا ٿي ويا آھن. ٿڃ پياڪ ٻار ڇرڪون ڀري ڀري هاڻ پنهنجي مائرن جي ممتا ڀرين ڇاتين سان چهٽي سمهي پيا آھن. اميرن جي انجواءِ اڃان جاري آھي، جنهن ۾ ان ڳالهه تي بحث ٿي رهيو آھي ته ڦلاڻي جا ڦٽاڪا الاڻي کان گوءَ کڻي ويا آھن ۽ هي ستون پيگ آھي. لڪشميءَ جي پوڄا لڪشمي وارن ڪري ڇڏي آھي. سالن کان ٽجوڙين ۾ دم ٽوڙي ويل نوٽن کي به هاڻ پڪ سان گُلال جا تلڪ لڳي ويا هوندا. اُميد آھي ته نرڌنن کي سڀاڻي دان ڪرڻ لئه ڌنوانن اوبر جهڙي ”اُتم“ دان کي سنڀالي رکڻ نه وساريو هوندو. رکي رکي ڪو ڦٽاڪو اڃان به ٻري ٿو. سموري ڳوٺ جا ڏيئا ڏيجوانن جي ڏُک ۾ برابر جا شريڪ ٿيڻ لئه هوا سان هٿ ملائي ازخود گُل ٿي چُڪا آھن.
    امان! هي ڪهڙي دنيا جا ماڻھو آھن جيڪي فقط پنهنجو ئي سوچين ٿا؟ پنهنجو ٻار، ٻار لڳي ٿو باقي ٻار ڌرتيءَ تي بار لڳن ٿا. پنهنجو پيءُ مري ٿو ته يتيمي محسوس ٿئي ٿي ۽ ٻئي جو پيءُ مري ٿو ته چون ٿا منجو واندو ٿيو. خوشيءَ جا تهوار به هنن پاڻ تائين محدود ڪري ڇڏيا آھن. پاڻ اسٽرونگ بيئر جا ڏٻا پيئن ته انجواءِ آھي ۽ ڪو غريب ٺري جو ڍُڪ ڀري ته چون واهيات موالي آھي. ائين ڇو آھي؟ پنهنجي ڀيڻ ڀيڻ آھي باقي ٻين جون ڀيڻون سڀ جنسي عياشيءَ جو سامان آھن! پنهنجو ويجهو رشتيدار مري ته قدرت جو قهر باقي ٻين جا معصوم ٻار مرن ته لکئي جو ليک!
    امان…! هر ڪو پنهنجي دنيا ۾ گُم آھي، پر مون کي هي تصورن جا تير سمهڻ ئي نٿا ڏين.سوچيان ٿو ته اڄ الئه ته ڪيترا اڱڻ ميڻ بتيءَ کان محروم رهجي ويا هوندا. ڳڻڻ کان مٿي گهرن جا چُلهه مٺاڻ کان محروم رهجي ويا هوندا. نه ڄاڻ ته ڪيترن ٻارڙن جون حسرتون هولي ٿي ويون هونديون. خبر ناهي ته ڪيتريون اُهي سهاڳڻيون بنا سينگار جي ڏُک مان ڏيئا ٻاري پرمپرا پاري سُتيون هونديون، جن جا ور اهڙي ڏينهن به گهر موٽي نه سگهيا. جن جا ٻار گهر جي دئار ۾ اکيون اٽڪائي اڌ رات تائين سندن بابلن جي آجيان ڪرڻ لئه اُڀي پير بيٺا هوندا. انهن جي آس جڏھن نراس ٿي هوندي تڏھن انهن سندن مائرن جا آنچل جهلي اهو پڇيو هوندو ته امان بابو ڇو ڪونه آيو؟ ڪهڙو جواب ڏيئي سگهيون هونديون اُھي مجبور مائرون جن جا ور پيٽ خاطر پنهنجي گهر کان پري رهجي ويا. انهن بدنصيب بابلن کي اهڙي شُڀ ڏڻ تي به ستمگر سيٺين وٽان موڪل ملي نه سگهي. ابو ڇو ڪونه آيو؟ ڪيڏو نه ڀاري سوال آھي. ڪيڏي نه پيڙا سمايل آهي انهي هڪڙي سِٽ ۾! اهڙي قهري ڪيفيت ۾ انهن مائرن سندس ٻچڙن کي آٿت ڏيندي اهو ئي چيو هوندو ته هُن کي ڏياريءَ جي خبر ڪونه هوندي. تڏھن ڪونه آيو.
    امان! هن ڏياريءَ کان اڳ ۾ هڪڙو ڏينهن مون پنهنجي ديس جي پسمانده ماروئڙن جو مشاهدو ڪري ڏٺو آھي. اڌ کان وڌ ماڻھو ايذائن ۽ عقوبتن ۾ وڪوڙيل آھن. بُک ماڻھن کي ماڻھو ڇڏيو ئي ناهي. ڪالهه مٺي جي هڪڙي امير محلي ۾ غريبن کي سج لٿي مهل خالي هٿين لهندڙ سج سان گڏ جيئري لحد ۾ لهندي ڏٺو آھي. انهن کي ڪنهن ڪم ظرف ڪوڙي خبر ڏني ته مٺي ۾ هاتم طائي سان هوڏ ڪندي سيٺيا سخاوت پيا ڪن. بُکايل پيٽن کي ماني جي ڪشش ثقل بجلي جي رفتار سان اوڏانهن وٺي ويئي، پر هٿين خالي سندن گهرن ڏانهن ورڻ مهل انهن جي قدمن ۾ ڄڻ هزارين هاٿي وچڙي پيا هئا. امان! مون انهن جي چهرن جا ڪتاب روح جي ٻولي ۾ پڙھيا آھن. هاڻي آئون ڪڏھن به خوشيءَ جو تهوار ڪونه ملهائيندس. انسان جا هٿرادو مقرر ڪيل هي خوشين جا مخصوص ڏھاڙا به فقط هوند وارن لئه ئي هوندا آهن. اڻھوند وارن کي هي ڏڻ وڏا عذاب ڏيئي ويندا آھن. امان! مون اهڙن ڏڻن تي بي پهچ ماڻھن کي پهچ وارن جي اوبر کائيندي اکين ڏٺو آھي. ڌارين جي درن تي اوبر کائڻ دنيا ۾ وڏي ۾ وڏي بدنصيبي ۽ ڏُک واري ڳالهه آھي. اهڙيون ڳالهيون مون کي وقت کان اڳ ماري وينديون. دنيا جا دردناڪ منظر هاڻي ڏسي نه ٿو سگهان.
    امان! مون ان ماءُ جي اکين کي به اوڏي کان ڏٺو آھي، جنهن جو جوان پُٽ پيٽ خاطر اٺ مهينا ماءُ کان پري رهيو ۽ ڏياريءَ جي ڏينهن ڳوٺ ايندي روڊ حادثي ۾ مري ويو. اُها ماءُ ائين چاهيندي ته اهڙو ڏڻ هجي ئي نه ها ته گهٽ ۾ گهٽ هن جو پُٽ حياتيءَ ته هجي ها. ان بدنصيب ماءُ جي نٻل وجود مٿان ان وقت ڪهڙي ارگت وهي هوندي؟ جڏھن هن پنهنجي پُٽ کي گهوٽ جي جوڙي ۾ وڏي عمر لئه آشيرواد جي چمي ڏيڻ بدران ڪفن ۾ سرڳ لوڪ جي پرارٿنا ڪندي پنهنجا رڦندڙ چپ، ڦيٿن سان چچريل پُٽ جي پيشانيءَ تي رکيا هوندا. امان! هن دنيا ۾ ڪو ڪهڙو آلو هوندو جيڪو ان دل ڌوڏيندڙ درد جي ڪيفيت جي ڪيپسٽي معلوم ڪري سگهي. امان! مون اُن ڀيڻ جون اوڇنگارون ۽ آلاپ پنهنجي اڀاگن ڪنن سان ٻُڌا آھن، جنهن کي ڀاءُ اهو چئي ويو هو ته ڀيڻ ھاڻ جڏھن ايندس تڏھن تولئه شال وٺي ايندس. ٻئي ڏينهن سندس لاش وصول ڪندي ڀيڻ جڏھن ”مهانجا ڀايا ڙي تون ڪيڻ گيو“ وارن آلاپن سان آڌي رات جو اوڇنگارون ڏنيون، تڏھن سموري ڳوٺ کي ڏياري ڏنڀ جيان لڳي رهي هئي. هاڻ هن کي شال ته ملي ويندي، پر ڀاءُ جي هٿن جي نه. هُن کي راکيون ٻڌڻ لئه هٿ ته ملي ويندا، پر پنهنجي سڳي ڀاءُ جا شفقت ڀريا نه. جيجان! ھُن جون راکيون يتيم ٿي ويون آھن. جڏھن به ڪنهن ڀيڻ جون راکيون يتيم ٿينديون آھن تڏھن آسمان اوڇنگارون ڏيندو آھي.
    امان! آئون ته انهن معصوم ٻچن سان سان مليو آھيان جن جي امڙ کي ڪنهن قبيلائي تڪرار ۾ ڪهاڙين جو کاڄ بڻايو ويو هو. اُھي پنهنجي ماءُ جي قبر کي ڀاڪر وجهي هيئن چئي رهيا هئا ته:
    امان! انسان ايترو ظالم ٿي ويو آھي جو ڪنهن معصوم ٻار جي ماءُ کي به ماري ڇڏيندو آھي. جانور ته ڪنهن جي ماءُ ناهن ماريندا. ظلم ۾ انسان ايتري ترقي ڪئي آھي جو جانور کان گوءِ کڻي ويو آھي. امان! توکي اسان کان ائين ڇو الڳ ڪيو ويو آھي؟ ٻُڌاءِ امان! تنهنجو ۽ اسان معصومن جو ڏوھ ڪهڙو هو؟ پاڻ ته ڪنهن جي اچر پچر ۾ نه هئاسين. پوءِ توکي ڇو ماريو ويو امان…! امان! گناھ ڪرڻ لئه ڪيئي ڪم پيا آھن. دُنيا ۾ جو وڻي سو ڪن ها پر ڪنهن ٻار جي ماءُ ته نه مارين ها…! ماءُ جيڪا ٻار لئه ڍال هوندي آھي. اهڙي ڍال جيڪا هر تڪليف جي تلوار کان بچائيندي آھي. ماءُ هوندي آھي ته ٻار بُک ۾ به بادشاهي ڪندو آھي. ماءُ بنا ڍؤ تي به ڍاڍون ڪري روئندو آھي. ماءُ جيڪا پالڻھار هوندي آھي.ماءُ جيڪا پنهنجي ٻار لئه ٻاجهه هوندي آھي. ماءُ جيڪا پنهنجي ٻار کي ميهي کير کان به مٺڙي ٿڃ پياري حياتيءَ کي حرارت بخشيندي آھي. ماءُ رب جي رحمت هوندي آھي. ماءُ هوندي آھي تيستائين موت به ڊڄندو آھي. ماءُ هوندي آھي دعائن جا در کليل هوندا آھن. ماءُ هوندي آھي دل ڀريل هوندي آھي. ماءُ هوندي آھي ماڻھو يتيم ناهي هوندو.
    امان! اسان کي بُک لڳندي ته ماني ڪير ڏيندو؟ بُک اسان جا بدن ئي ڦِٽائي ڇڏيندي. اسان کي ڪير ڪپڙا ڌوئي ڏيندو؟ اسين ته مير ۾ اڌُوتا ٿي مري وينداسين. امڙ تون هُئين ته زندگي هُئي. تون اسر جو اُٿي اسان لئه کچڻي رڌندي هُئينءَ. تون روز وهنجاري ڌُوتل ڪپڙا پارائيندي هُئينءَ. تيل سرما ڪرائي اسان کي اسڪول موڪليندي هُئينءَ. سڄو ڏينهن سنهي سُئي سان ڀرت ڀريندي پنهنجا گُلابن جهڙا هٿ رتو رت ڪري اسان کي ڪتاب ۽ قلم وٺي ڏيندي هُئينءَ.
    اسين هاڻي ڪنهن کان خرچي گهرنداسين؟امان! اسين انگل ڪري هاڻي ڪنهن کي تنگ ڪنداسين؟ اسان جي پسند جو کاڌو اسان کي ڪير پچائي ڏيندو؟ جڏھن وڻي تڏھن اسان کي ماني ڪير ڏيندو؟ امان توکان جُدا ڪري اسان کي ظالمن نه رڳو دنيا ۾ دربدر ڪيو آھي پر اسان لئه جنت جا دروازا به بند ڪيا ويا آھن. هاڻي اُھي پير ئي ناهن رهيا جن جي هيٺيان جنت هوندي آھي.
    اي منهنجي جيجل! هنن معصومن جي ورلاپن منهنجي وجود کي وڍي ڇڏيو آھي!
    امان! آئون ته ان معصوم ٻار سان به مليو هئس جنهن جو پيءُ بيروزگاريءَ جي باھ ۾ سڙندي گمنامي جي سمنڊ ۾ غرق ٿي ويو آھي. ان معصوم کي سندس ماءُ هاڻي اسڪول به نه ٿي ڇڏي. هن جو گهر فاقاڪشيءَ ۾ بردباد ٿي ويو آھي، پر اڄ به ان آس تي جِيئِي ٿو ته ڪڏھن نه ڪڏھن هنن جو سهارو اچي ويندو. اُنهن هن ڏِياريءَ تي پنهنجي کُليل اکين جا ڏيئا ٻاري پنهنجي وڃايل سهاري جي واپس اچڻ جي آس ۾ اماوس رات ڪٽي آھي. امان! آئون ته ان خاوند سان به مليو آھيان جنهن جي خودڪشي ڪري ويل گهر ڌڃاڻيءَ جي کيسي مان خط مليو هو. هُو هاڻي سندس زال جي قبر تي هنسليءَ جو ڪتبو رکي روز اگربتي ڪري ٿو. پنهنجي پتنيءَ جي ڇڏيل آخري نشاني سندس صغير پُٽ جي پالنا خاطر روز ڏھاڙي مزدوري ڪري ٿو. هُو زال جي دردناڪ خط کي ڪنهن مقدس ڪتاب جيان اڄ به سنڀالي رکيو اچي. هن هيلوڪي ڏِياريءَ تي ڪو ڏيئو ٻارڻ بدران سُگار جي سيڙھي تي موجود هڪ مجبور عورت جي ٿڃ پياڪ ٻالڪ لاءِ ليڪٽوجن ون جا ٻه پاڪيٽ وٺي وڏي روحاني سڪون سان ڏياري ملهائي آھي. هُن پنهنجي مري ويل پتنيءَ جي آتما کي شانتي ارپي وڏي شانتي پراپت ڪئي آھي. اي امان! ڪاش سڄو سنسار ائين سوچي ها..هر ڪو ٻين لئه سوچي ها ته ڪا به عيد يا ڏِياري ڪنهن به حساس دل انسان جي نڙيءَ ۾ نه اٽڪي ها..

    فقط تنهنجو پُٽ
    پرڪاش


    اناٿ آشرم ۾ پليل هڪ ٻار جو پنهنجي اجنبي بابا کي لکيل خط

    اي منهنجا اجنبي بابا!
    منهنجي روح جا سلام قبول ڪجانءِ.
    بابا…! آئون اناٿ آشرم ۾ پليو آھيان. آئون اناٿ آھيان. منهنجو ڪير به نه آھي. مون کي اناٿ ڪرڻ ۾ تنهنجو ۽ امڙ جو هٿ آھي. آئون ته نيل ڪنول جي نرم پتن جيان معصوم ۽ نردوش ھئس. مون کي ڇو اناٿ ڪري ويا؟ بابا! آشرم وارا چون ٿا ته، تون اسان کي اسان جي رکيل چمڪ چوڪ واري پينگهي مان مليو هُئين. شايد امان مون کي ناجائز ڪري شھر جي اناٿ آشرم واري پينگهي ۾ اُڇلائي ويئي هُئي. ناڙي ڪپڻ مهل ڪيل منهنجي پهرين رڙ تي به هُن کي رحم نه آيو. ڪيڏو نه بد نصيب هئس جو ماءُ جي ٿڃ جو پهريون ڳُٽڪو به نصيب نه ٿيو. ڄمڻ جي پهرين رات بنا تنڃڻ جي سُتو هئس ان ڪري اڃان تائين ٽنگون سڌيون ناهن ٿيون. ماءُ بنا مٿو به ڪنهن نه ويهاريو. منهنجا ڀرون ڀُورڙا ئي رهجي ويا ڪنهن به سُرمي جي سرائي نه ڦيري. منهنجي جسم تي ڌڪن جا ايترا نشان آھن جيترا هڪ جنگي شھسوار يودي جي بُت تي زخمن جا هوندا آھن. آشرم وارن چيو اهي ڌڪ تنهنجي هلڻ دؤران ڌِڪا کائڻ جا آھن. اناٿن کي هلڻ ڪير سيکاريندو بابا..’’پنڌ ڪندي ڌڪو کائڻ سان ڇاتيءَ لائڻ واري منهنجي امڙ‘‘ ته مون سان شايد ناراض هئي جو ائين اڪيلو پرائي پينگهي ۾ بنا پوتڙن جي ڇڏي اهڙو ڌِڪو ڏيئي ويئي جو اڃان تائين سِڌو ناهيان ٿي سگهيو. ان جي ناراضگي جو سبب اڄ ڏينهن تائين معلوم ناهيان ڪري سگهيو. نه ته پرچائي وٺانس.
    آشرم وارا چون ٿا ته، تون ڏاڍو روئندو هُئين. توکي ننڊ نه ايندي هُئي. شايد پيٽ ۾ سور ٿيندو هو. اُنهن کي ڪير سمجهائي ته ماءُ جي ڇاتيءَ سان لڳڻ کان بنا ٻار روئندو نه ته ٻيو ڇا ڪندو. بابا منهنجي احتجاج کي آشرم وارا پيٽ جو سُور سمجهي فليجل پياري ڇڏيندا هئا. اها به انهن جي مهرباني جو هڪ پرائي ٻار جي پرورش ڪري وڏو ڪيائون. اڄ آئون محنت مزوري ڪري پنهنجو پيٽ پاليان ٿو. آشرم ۾ به ٻه پئسه ڏيان ٿو. ماڻھن جا ٻچا پنهنجي مائٽن کي ڪمائي کارائيندا آھن آئون ڪنهن کي کارايان. منهنجا مائٽ مون کان گُم ٿي ويا آھن. هيڏي دُنيا ۾ ڪٿي ڳوليان؟ آئون هر وقت ڌڻي در هٿ ٻڌي اهو چوندو آھيان ته، اي خدا! مون کي منهنجو بابا ڳولي ڏي. يا مون کي رڳو ايترو ٻُڌاءِ ته آئون ڪنهن جو تخم آھيان.
    ماءُ بنا ٻار ڀلا ڪئين گُذاريندو آھي. ان جو احساس مون کان سواءِ شايد ئي ڪنهن کي هُجي. ڳئون پنهنجي مُئل ڦر مٿان به پسوئجي پوندي آھي، پر امان مون کي سياري جي سرد رات جو بنا ڪپڙن جي پينگهي ۾ اڇلائي ويئي. مون کي ٻُڌاءِ بابا! ٻن انسانن جي بدنن جي فطرتي بُک جي غلطي مان پيدا ٿيل ابهم ٻار جو ڪهڙو ڏوھ هو، جو ائين ڍور وانگي اڇلائي ويا. شابس ته آشرم وارن کي هجي جن مون کي ٻچو ڪري پاليو.
    سڄي ڄمار ماءُ جي ساءُ کان محروم رهيس بابا! جئين سُرت سانڀائي آھي تيئن وڏي عذاب مان گُذريو آھيان. بُخار ۾ تڙپندو هئس پر ماءُ بنا ڪنهن کي سڏ ڪيان. ڪير درد کي سمجهندو پنهنجن بنا؟ مينهن وسندو هو ته گاج جي ڊپ ۾ سڄو ڏڪندو هئس، پر دلداري وارو ڪير نه هوندو هو. جڏھن به ڪنهن ٻار کي پنهنجي بابا جي آڱر پڪڙيل ڏسندو هئس. منهنجون آڱريون ڪنهن شفقت ڀرئي هٿ لئه تڙپنديون هيون. اکيون ڀرجي اينديون هيون. يتيم خاني ۾ مون سان ڪير ڪڏھن وڙھندو هو ته روئي ماٺ ڪري رهندو هئس. منهنجي شڪايت ٻُڌڻ واروڪير به نه هو. عيد ايندي هُئي ته خرچي لئه دل ۾ ھزارين حسرتون اُڀرنديون هيون، پر ڪنهن کان گهُران خرچي. هاڻ ته وڏو ٿي ويو آھيان. خرچي به پنهنجي هٿ وس آھي. پنهنجو گهر به آھي، پر نه آھن ته ابو ۽ امان جن جي جگر جو ٽُڪڙو آھيان. اُھي پئسن سان ملن ئي نه ٿا. هر شي پئسي سان مليو وڃي پر بابا تون ۽ امان نه ٿا ملو. سياري جو سيءَ ۾ سڄي رات هٿ گوڏن ۾ ڏيئي ماءُ کي ياد ڪندو هئس ته منهنجي به ڪا ته ماءُ هوندي، پر الئه ڪٿي هوندي. اُھا هجي ته مون کي پنهنجي سوڙھ ڏيئي ڇڏي. وري سوچيندو هئس ته اهڙي هجي ها ته ڇڏي به نه ها. ڪاش! هڪ دفعو ئي صحيح پر منهنجي امان مون سان ملي ته، سندس پير پڪڙي اهو پُڇان ته امان منهنجو ڏوھ ڪهڙو هو جو مون کي پرائي پينگهي ۾ ڇڏي وئينءَ؟ ۽ اهو به چوان ته اوهان جي ڪيل غلطي ۾ پيدا ٿيڻ ئي منهنجو ڏوھ آھي ته ان ڏوھ جي سزا مون کي پنهنجي هٿن سان ڏئين ها. اي امان مون کي سؤ ڪوڙا هڻي ڇڏين ها، پر پنهنجي آنچل کان ته پري نه ڪرين ها. توکي خبر آھي يتيمي هن دنيا جو وڏي ۾ وڏو الميو آھي. ماءُ بنا ٻار نڌڻڪو ٿي ويندو آھي. مون کي ته اها به خبر ناهي ته منهنجي ماءُ پرڻيل هُئي يا ڪنواري؟ آئون ڪنهن گهر ۾ ڄائو هئس يا ڪوٺي ۾؟ منهنجو ڪهڙو دين آھي؟ سڀ ڪجهه مون لئه اونهون اسرار آھي.
    بابا! منهنجي ڪا به سُڃاڻپ ناهي. آئون ته پنهنجو شناختي ڪارڊ به نه ٿو ٺھرائي سگهان. ڪارڊ ۾ خاندان نمبر کپي ٿو. منهنجو ته خاندان ئي ناهي ته نمبر ڪٿان آيو. ڪارڊ ۾ پيءُ جو نالو پڇن ٿا. ڇا ٻُڌايان ته منهنجو پيءُ مون کان لڪ لڪوٽيءَ راند ۾ گوهي هڻي وڃائجي ويو آھي. اي بابا! اهڙو ڪو فلسفو يا فارمولو ٻُڌائي وڃ، جنهن ۾ بنا پيءُ جي ماڻھو پيدا ٿيندا هجن ته جيئن اهو ٻُڌائي ماڻھن کي مطمئن ڪري منهن ڏيان ته آئون ناجائز نه پر جائز آھيان.
    بابا! ڪوٺن ۾ پيدا ٿيندڙ ٻارن کي حرامي چوندا آھن ته پوءِ ڪوٺن ۾ پنهنجو تخم اُڇلائي ويندڙن کي ڇا چوندا آهن؟ اڄ به جڏھن ٻڌندو آھيان ته ڪنهن ڪنواري پنهنجو ٻار ڪيرائي ڇڏيو آھي، ته ائين لڳندو آھي ڄڻ منهنجي وجود تي وار ٿيو آھي. ڪنهن ڪوٺي وٽان گُذرندو آھيان، ته ائين لڳندو آھي ڄڻ انهي ۾ ڪا منهنجي ماءُ هوندي. اي بابل!هن اڄاتي عذاب مان مون کي پار اُڪاري وڃ.
    آئون جتي ويندو آھيان ماڻھو مون کان پڇندا آھن ته، تون ڪير آھين؟ آئون چوندو آھيان انسان آھيان ته وري به چوندا آھن ته، انسان جي به ڪا ذات پات ڪو دين ڌرم ته هوندو؟ بابا! مون کي ٻُڌائي وڃ منهنجو ڪهڙو دين ڌرم آھي. منهنجي ڪھڙي ذات پات آھي. بابا مون کي پنهنجو نالو ڏيئي وڃ؟
    بابا! تون ڪٿي آھين؟ مون کان اڄ وري ڪنهن تنهنجو نالو پڇيو آھي. اڄ وري منهنجو اندر تڙپي اُٿيو آھي. ماءُ جي ممتا کان محروم ۽ پيءُ جي پرورش کان پري رهيل منهنجي ويڳاڻي وجود جو ڪو وارث ٿي وڃ. مون کي تنهنجو نالو ئي نه ٿو اچي. بابا مون کي ڪجهه به نه ٿو کپي، رڳو پنهنجو نالو ڏيئي وڃ. بابا مون کي حرامي مان حلالي ڪري وڃَ.
    بابا! مون کي پنهنجو ڪندي هن سماج ۾ ڪو شرم محسوس ڪرين ته مهرباني ڪري پنهنجي سماج کي اهو سبق سيکارجانءِ ته ڪڏھن به ڪنهن ڪنواري عورت جي قربت ۾ اچي بدن جي بُک مٽائڻ ۽ ڪنهن ڪوٺي ۾ وڃي پنهنجو تخم اڇلائڻ کان اڳ ۾ اهو سؤ ڀيرا سوچين ته، ان گناھ مان پيدا ٿيندڙ گُل جو ڇا ٿيندو؟ هن سينوريل سنسار جي ڍنڍ ۾ ٽڙندڙ ان معصوم ڪنول کي ڪو به پنهنجو نالو نه ڏيندو. ڪنهن معصوم گل کي يڪي يتيمي کان بچائجانءِ بابا...!!

    فقط تنهنجو جائز پُٽ
    جنهن کي دنيا ناجائز جو نالو ڏئي ٿي.
    دنيا جو هر يتيم خانو


    هڪ ٿرواسي جو کُليل خط

    ها آئون ٿريو آھيان....
    آئون ٿريو آھيان. اُهو ٿريو جنهن کي ڏُک ۽ ڏُڪار قدرت طرفان ڏاج ۾ مليل آھن. اُهو ٿريو جنهن جي بُک جي وندر لئه وڏا پارڪ ٺاهيا وڃن پيا. اُھو ٿريو جنهن وٽ دنيا جو ستون نمبر وڏو ڪوئلو موجود آھي، پر بدن تي پائڻ لئه ست وال ڪپڙو به ڪونهي. اُھو ٿريو جنهن جي جبل ۾ گرينائيٽ ۽ چائنا ڪلي جهڙيون قيمتي معدنيات موجود هئڻ باوجود پڪسرو چونئرو به ناهي. اُھو ٿريو جنهن جي بُک تي سوين خانگي ادارا عيش ڪري رهيا آھن، پر آئون اڄ به بُک ۾ کارو پاڻي پيئڻ تي مجبور آھيان. ها آئون اُهو ٿريو آھيان جنهن جو لوڻ سمورو ملڪ کائي ٿو، پر بدلي ۾ مرچن جي لپ به مون کي مشڪل سان ملي ٿي. آئون اُهو ٿريو آھيان جنهن جي سفري سهوليتن لئه سرڪار سڳوري هڪ خوبصورت هوائي اڏو به ٺاهي ڏنو آھي پر بدقسمتيءَ سان مون وٽ هوائي چپل به ناهي ته ان ۾ حُڪومت جو ڪهڙو ڏوھ؟ آئون اهو ٿريو آھيان جنهن جي ڪکاون گهرن ۾ اڄ به آسمان جو درشن آساني سان ڪري سگهجي ٿو. آئون اُهو ٿريو آھيان جيڪو اڄ به ماچيس جي بچت ڪندي ٽانڊي کي ڀاري ڇڏيندو آھيان. آئون اُهو ٿريو آھيان جنهن سان بارش اڪثر بي وفايون ڪري ويندي آھي.
    هيل به مون کي بارش يتيم ڪري وئي آھي. بارش جيڪا مون لئه ان داتا آھي. هن جي بوند بوند ۾ منهنجي ساھُن جي هچڪي سمايل آھي. آئون هن جي آسري تي ئي ڏُکن جا ڏونگر پار اُڪري سگهندو آھيان. ھُوءَ هيل ڏُڪار جي سوکڙي ڏيئي ويئي آھي. وسڪارو هوندو هو ته، ڳوٺ مان منڌيئڙي جي ماريل جهڻ لپ ملندي هُئي، پر هاڻ اها به ڀاڳين جي پيٽ تائين محدود ٿي ويئي آھي. غريبن لئه اڇا ڏند ڪرڻ به خواب بڻجي ويو آھي. وسڪارو هوندو هو ته، جهنگل ۾ منگل هوندو هو. جتي ڪنهن جي به جهل پل نه هوندي هُئي. مڙھن ۽ مٿارين مان مريڙو ۽ لُلر چونڊي ساڳ سان ماني کائيندا هُئاسين. پپن جي چٽڻي به مفت ۾ ملندي هئي، جيڪا غريبن لئه چڪن کان مٿي هوندي هئي. وسڪارو هوندو هو ته، هاريپ تي ڪنهن جي زمين پوکيندا هئاسين ته سال ۾ نوان وڳا ضرور وٺندا هئاسين، پر هيلوڪو ڏُڪار سڀ حسرتون هولي ڪري ويو. هاڻي حاتم طائي حڪمران ڪڻڪ جو ڪٽو ڏيئي سموري عالم آشڪار اڳيان ٿورا ڳڻائيندا ته، اسان ٿرين جي بُک جو بندوبست ڪري ڇڏيو آھي.
    آئون جڏھن ڪنهن ڪم سانگي شھر ويندو آھيان تڏھن منهنجو نون سالن جو ننڍڙو پُٽ مون کان اهڙي فرمائش ڪندو آھي جو دل ڀرجي ايندي آھي. هُو ڪو مون کان ٽچ اسڪرين موبائيل ناهي گهرندو ۽ نه ئي برگر جي فرمائش ڪندو آھي. هُو خبر آھي ڇا چوندو آھي؟ هُو چوندو آھي ته”بابا! شھر مان مون لئه ڪو راندڪو نه وٺي اچجانءِ پر منهنجي ننڍڙيءَ ڀيڻ لئه بسڪوٽ وٺي اچجانءِ. هُوءَ جڏھن پاڙي واري سيٺ جي ڌيءَ کي بسڪوٽ کائيندي ڏسندي آھي تڏھن هُن جي وات ۾ نه پر اکين ۾ پاڻي اچي ويندو آھي. ھُن جي اکين جو پاڻي مون کي پياسي صحرا ۾ به ٻوڙي ڇڏيندو آھي.“
    آئون بسڪيٽ وٺي ايندو آھيان پر ڪڏھن ڪڏھن بسڪيٽ جي پُڙي به بُرج خليفه جيان اوچي ٿي ويندي آھي، نه پُهچي سگهندو آھيان تڏھن واپسي ۾ گهر ڏانهن وک ناهي کڄندي. قدم قدم ۾ بُکايل نياڻيءَ جا نيساڪا وچڙي پوندا آھن. جڏھن ٿڪل ٽُٽل قدمن سان پنج رپين جا مرچ ۽ ڪلو اٽي جو وٺي واپس پنهنجي گهر پهچندو آھيان، تڏھن هُوءَ ننڍڙي ڊوڙي منهنجي چوليءَ سان چنبڙي پوندي آھي. ان مهل غُريبي گُناھ لڳندي آھي. ننڍڙي منهنجي اکين مان پرکي وٺندي آھي ته اڄ بسڪوٽ نه ملندا. تڏھن هُوءَ روئڻ بدران کلندي چوندي آھي، ’بابا! اڄ مون کي منهنجي سهيلي جام بسڪوٽ کارايا آھن.‘ آئون به هن جي اکين ۾ مري ويل معصوم حسرت کي سمجهي روح ۾ روئندو آھيان.
    سڄو ڏينهن جهنگ ۾ ڪاٺيون ڪري پرائي چُلهه ته ٻاريندو آھيان، پر ان مان مليل اجوري تي منهنجي چُلهه ٻري ناهي سگهندي. تڏھن پاڻ ٻري ويندو آھيان.
    ٻري ته آئون تڏھن به ويندو آھيان جڏھن هر ڏھين ڏينهن ڳاڙھا مرچ کُٽي ويندا آھن ۽ منهنجو پُٽ سندس امڙ جو پلئه پڪڙي هئين چوندو آھي ته، ”امان مون کي مرچ لساڙي ڏي ته ماني کاوان، رُکي نڙي مان هيٺ لهي ئي نه ٿي.“
    سندس امڙ پرنم اکين سان اشارو ڪري چوندي آھي ته
    ”پُٽ مرچ ختم ٿي ويا آھن پريان پيل ڇيپر تي پاڻي ڇنڊي ٻه ٽي گرھ ھڻي وٺ ڪالهه مرچ لساڙيا هئم انهن جي کارانس اڃان ضرور هوندي.“
    ”امان مرچ کُٽي ويا پر هي پهاڻ کُٽي ئي نه ٿو.“
    ”پُٽ اهو پهاڻ پنهنجو مقدر آھي ۽ مقدر سڄي حياتيءَ گڏ هلندو آھي.“
    اندر اڌ ڪري ڇڏيندڙ اهي ڳالهيون ٻُڌي آئون اڌ مئو ٿي پوندو آھيان. اڌ مئو ته ان ڏينهن به ٿيو هئس جنهن ڏينهن اسڪول مان واپس اچي مرچن سان ماني کائيندي منهنجي پُٽ مون کي چيو هو ته
    ”بابا! اڄ اسڪول ۾ ماستر چيو سُٺا کاڌا کائيندو وڃ جن ۾ وٽامن هجن. بابا! وٽامن ڇا کي چوندا آھن؟“
    وراڻيم پُٽ
    ”جيڪا شيءَ غريبن کي بُک مان ملي وڃي ۽ اميرن کي ڍؤ مان به نه ملي ان کي وٽامن چئبو آھي.“
    ”هائو بابا سچو آھين تڏھن ته، پاڻ صحتمند آھيون.“
    ها پُٽ! ”او هُو ڦلاڻو سيٺ شُگر، بلڊ پريشر ۽ گوڏن جي سُور ۾ جهليو پيو آھي. ڀاڄيون، ميوا، داليون، مکڻ ۽ گيهه ته ان جام کاڌو هو. پاڻ ته انهن شين جا رڳو نالا ٻُڌا آھن پوءِ به ڏٽا مٽا لڳا پيا آھيون رکن ٽُڪرن تي“
    ”بابا شايد خدا غريبن لئه رڳو ڳاڙھن مرچن ۾ ئي سڀ وٽامن رکي ڇڏيا هوندا.“
    ”ها بابلا خدا سڀني جو خيال رکندڙ آھي ان ائين ضرور ڪيو هوندو.“ ورندي ڏيندي اکيون ڀرجي آيون هيون.
    اي اسان جا حڪمرانؤ…! غريبن جي گهرن ۾ اها ئي گفتگو هوندي آھي. غريبن جي گهرن ۾ ايٽم بم تي ناهي ڳالهايو ويندو ۽ نه ئي هوائي سفر ۾ ٿيل ٿڪاوٽ تي بحث ڪيو ويندو آھي. غريبن جي گهرن ۾ مني لانڊرنگ جا مسئلا ناهن هوندا. غريبن کي نه ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ جو ڪوڏ ھوندو آھي ۽ نه ئي وري ڪنهن فلاپ ٿيل فلم جي ڳڻتي هوندي آھي. غريبن جي گهرن ۾ ان ڳالهه تي بحث ناهي ٿيندو ته ايشوريه راءِ سلمان خان کي ڇڏي اڀيشڪ سان ڇو شادي ڪئي. غريبن جي گهرن ۾ بُک تي وڏا بحث ٿيندا آھن. بُک جيڪا اوهان حُڪمرانن جو ڏنل تحفو هوندي آھي. فُوڊ پوائزن جو شڪار ٿيندڙؤ…! غريب ويچارا انڊر نيوٽريشن جي عذاب ۾ سڄي رات ستارا ڳڻيندي راتيون ڪٽيندا آھن. ڪڏھن غريبن لئه به سوچيو. اوور نيوٽريشن جي ڪري بيمارين ۾ وڪوڙجي وڃڻ کان بهتر آھي پنهنجي کاڌي جي ونڊ غريبن سان به ڪيو.

    فقط جهوپڙين ۾ رهندڙ غريب ٿاريلو


    نئين پرڻيل ناريءَ جو پنهنجي جيجل ڏي خط

    امان ڪالهه آئون پنهنجو گهر ڇڏي آيس...!
    اهو گهر جيڪو مون لئه آکيرو هيو. جهرڪي به پنهنجو آکيرو آساني سان ناهي ڇڏيندي. اها به احتجاج ڪندي آھي، پر مون کي ته احتجاج جو به حق نه مليو ۽ آئون پنهنجو گهر ڇڏي آيس. اُهو گهر جنهن ۾ منهنجي ڄائي جون ڄرون پوريل هيون. اُھو گهر جنهن ۾ مون پهرين جُدائي تي پهرين چيخ ڪئي هُئي، تڏھن جڏھن دائي ناڙو ڪپي توکان مون کي الڳ ڪيو هو. ٻي چيخ ڪالهه ڪيم، جڏھن تو کان هميشه لئه الڳ ڪيو ويو. ٻنهي دانهُن جو درد مون لئه ساڳيو هو. اُھو گهر جنهن کي مون ڪڏھن پنهنجو سمجهيو هو. مون اُن گهر جي وکارين جي پڇنڊين تي پنهنجي هٿن سان چُن وارا چِٽ ڪڍيا هُئا..اُھو گهر جنهن جي کُڏن جي ڪٻٽن جا ڪونگرا ٺاهيندي مون ڪيئي ڪوڏ ڪيا هئا. منهنجي هٿ جا ٺاهيل مور اڄ به گهر جي ديوارن تي ائين آويزان آھن جيئن منهنجي دل جي فريم ۾ تنهنجي تصوير فٽ ٿيل آھي. منهنجي هٿ جا ٺاهيل چٽ ڏسي تون هر پل ائين روئندين جيئن مور پنهنجي پيرن کي ڏسي روئندو آھي.
    امان.! جنهن مهل منهنجي سهلين مون کي ڏورو ڳايو هو ان مهل آئون ائين رُني هيس جيئن ميلي ۾ وڃائجي ويل ٻار سندس ماءُ لئه روئندو آھي. منهنجي لُڙڪن ۽ اوڇنگارن تي ڪنهن کي رحم نه آيو ڇاڪاڻ ته، آئون نياڻي هيس مون کي هر حال ۾ اباڻو گهر ڇڏڻون هو. ڏوري جو ڏنجهه ڳائڻ واريون ناهن سمجهنديون اهو ڏنجهه اُها نياڻي ئي سمجهي سگهندي آھي جيڪا پنهنجي ئي گهر مان جيئري جُدا ٿيندي آھي.
    امان توکي ته خبر هُئي هي گهر منهنجو ناهي ته پوءِ مون کي ڇو وڏي ڪيئي.؟ تون ته عورت هُئين ان ڪيفيت مان گُذري هوندينءَ.
    اڄ آئون مائٽاڻو گهر ڇڏي آيس. هاڻي ساهوراڻي گهر ۾ هونديس. اُتان به منهنجو ور ۽ ان جا ڀائر پاڻ ۾ الڳ ٿيندا، تڏھن اهو به منهنجو گهر نه رهندو ۽ پوءِ منهنجا پُٽ ٿيندا انهن جو گهر ٿيندو. منهنجو ڪو به گهر نه هوندو. اي امان! ٻُڌاءِ عورت جو ڪو پنهنجو گهر به هوندو آھي ڇا...؟ هاڻي ان گهر ۾ منهنجو ڪو به حصو پتي ناهي رهيو، جنهن گهر جي ديوارن جي هر سر ۾ منهنجو ساھُ آھي. جنهن گهر جي گهٽي ۾ بيٺل نم جي وڻ سان منهنجو ٻالاپڻ جو ناتو آھي. ان وڻ جي وجود سان منهنجو روح وچڙيل آھي. جنهن گهر جي هر در جي چانئٺ چانئٺ ۾ منهنجو چِت اٽڪيل آھي. عورت لئه جڏھن سندس اباڻو گهر هميشه لئه ڌاريو ٿي ويندو آھي تڏھن عورت جو پهريون موت ٿيندو آھي. ان موت تي سمورو گهر ماتم ڪندو آھي، پر ان جبري جدائي جو درد فقط عورت ئي سمجهي سگهندي آھي جيڪا ان پيڙا جي پلصراط پار ڪندي آھي. مڃان ٿي منهنجا ڀائر مون کي ڪڏھن ڪڏھن ڏسڻ به ايندا ته ڪنهن وار پرٻ تي، ڪنهن تٿ تهوار تي ڪوٺڻ به ايندا، پر منهنجو وڃايل گهر مون کي واپس ڪڏھن به نه ملندو. ائين جيئن ڪُنڀ جي ميلي ۾ وڃايل ٻار سندس مائٽن کي ڪڏھن به ناهي ملندو. ڪڏھن به نه ملڻ وارو ڪرب ماڻھو کي ڪڏھن به ماري سگهي ٿو.
    پنهنجو گهر هو ته سڀ ڪجهه پنهنجو هو. هر شي ھٿ تي ملندي ھُئي هاڻي هر شي ھٿ تي ڏيئڻي پوندي. تون ماني پچائڻ ۾ دير ڪندي هُئينءَ ته آئون وڙھندي هيس پر هاڻي آئون ماني پچائڻ ۾ دير ڪنديس ته مون کي ڌاريا دڙڪا ڏيندا. جيڪي آئون سهي نه سگهنديس پر سهڻا پوندا. سڀ ڪجهه بدلجي ويو. پنهنجي گهر ۾ هر شي مرضي مطابق ملندي هُئي، اُھا مرضي مائٽاڻي گهر ۾ ئي رهجي ويئي. ماڻھوءَ جي مرضي جڏھن ختم ڪئي ويندي آھي تڏھن زندگي زندان ۾ تبديل ٿي ويندي آھي. عورت پنهنجي گهر ۾ پکيءَ وانگي آزاد هوندي آھي. اُڏامندي آھي. گيت ڳائيندي آھي. راند ڪندي آھي. سائيڪل هلائيندي آھي. مائٽ ھُن جو هر ناز خوشيءَ سان کڻندا آھن، پر پرڻجڻ بعد هُن جي آزادي ختم ٿي ويندي آھي. بقولِ شاعر:

    بهت ناز سي پالا ٿا جس ڪو مان باپ ني،
    بعدِ شادي ڪي وه بيٽيان جل گئي.

    عورت لئه پنهنجو اباڻو گهر پنهنجو وطن هوندو آھي. هُوءَ ٻئي جي گهر جلاوطن ٿي ويندي آھي. امان! ڪالهه آئون به جلاوطن ٿي ويس.
    امان! آئون پنهنجا سمورا انگل ان گهر جي ديوارن ۾ ڇڏي آيس جنهن گهر کي مون پاڻ کان وڌ سينگاريو هو. جنهن گهر جي ڀتين کي پنهنجي هٿن سان راڳا ڏنا هئا. امان! منهنجون سموريون رانديون ڳوٺ جي اُن ريل ۾ رهجي ويون جنهن جي ريت تي منهنجي پيرن جا پدم اڄ به پونم چنڊُ جيئن چِٽا هوندا. هاڻي آئون پنهنجي پسند جون چوڙيون، پسند جا ڪپڙا، پسند جا جهومڪ ۽ جهيلا شايد ئي پائي سگهان. هاڻي سڀ ڪجهه پرائي پسند تي هوندو. آئون پرائي ٿي ويس امان! هاڻي پرائي رحم ڪرم تي جيئڻو پوندو. هاڻي پرائي منشا تي مشين وانگي ڪم ڪرڻو پوندو. هاڻي پنهنجي مرضي تي ماني به مُشڪل ملي. هاڻي تنهنجو بُخار ۾ مٿو چانپي نه سگهنديس. هاڻي بابل کي فُوٽن واري چانهه شايد ئي ملي. امان تون سدائين چوندي هئينءَ ته ڌيءَ پرايو ڌڻ آھي. واقعي ڌيءَ پرايو ڌڻ آھي، پر مائٽن لئه ڌيءَ جو جيترو پيٽ ٻرندو آھي ايترو پُٽن جو به ناهي ٻرندو. پُٽ ته پنهنجو ڌڻ هوندي به پرايا ٿي ويندا آھن. ڌيئرون ته پرايون هوندي به سموري عمر مائٽن کي ساري مري وينديون آھن.
    امان! جنهن پينگهي ۾ تو مون کي لوڏيو هو اُن جون پاکريون اڃان سلامت آھن. جنهن سپلي ۾ مون کي سُتي پياري هُئي اها به اڃان جهُري ڪونه هُئي. جهُريو ته اهو ٻيسڻيو به نه هو جنهن ۾ تو مون کي ويهڻ سيکاريو هو. منهنجي ڇپئسي واري ڇير جا گُهنگهرُو به اڃان ڇڻيا نه هئا. اڃان ته منهنجون رول گول واريون واليون به منهنجي ڪنن لئه واجهائن پيون. مون ته گُڏين کي ئي مس پرڻايو هو تيسين تو مون کي پرڻائي پاڻ تان بار لاهي ڇڏيو. ڇا نياڻي ايتري ڀاري هوندي آھي جو گهر تي بوج ٿي ويندي آھي. نه امان! ٻُڌو هئم ته نياڻي رحمت هوندي آھي. پوءِ ان رحمت کي بار ڇو ٿو سمجهيو وڃي. نياڻي لڪشمي هوندي آھي. نياڻي ته گهر جي سُونهن هوندي آھي. نياڻي ته گهر ڀاتين لئه وڏيون عمرون گهرندي آھي.
    اي امان! تو کان وڇڙندي آئون ايترو رُني آھيان جو ايترو ٿڃ پياڪ ٻار به ناهي روئندو جڏھن سندس ماءُ ٿڻ ڇڏائيندي آھي. خبر اٿئي امان! جڏھن ڪنهن نياڻي جون نظرون پنهنجي اباڻي ڳوٺ جي وڻن کان موڪلائينديون آھن تڏھن وڻ اوڇنگارون ڏيئي روئندا آھن، پر انهن جون رڙيون ان نياڻي کان سواءِ ڪير به ٻُڌي ناهي سگهندو.
    هاڻي آئون سورهي هونديس يا ڏورهي تون ڏسي ڪونه سگهندينءَ. منهنجا ڀائر تنهنجي اکين اڳيان هوندا انهن جي ڏُک سُک کي اکين سان ڏسي سگهندينءَ، پر مون اڀاڳڻ جي اکين مان ڪريل هر ڳوڙھو بنا تدارڪ جي ئي گُم ٿي ويندو. هاڻي منهنجي بُک کي چهري مان ڪير به چتائي نه سگهندو. هاڻي منهنجي تپ تي ڪير به تحرڪ ۾ نه ايندو. هاڻي آئون پنهنجون هڙئي حسرتون ۽ ھُجتون لُڙڪن ۾ وهائي ڇڏيان ٿي. هاڻي منهنجا ڏُک لاوارث ٿي ويا آھن. ڀلا ماءُ کان سواءِ ڌيءَ جي سُور کي ڪو سمجهي سگهيو آھي؟
    امان! مون کي هاڻ ڪجهه نه ٿو کپي. منهنجو هاڻي ان گهر ۾ ڪو حق رهيو ئي ناهي، پر پوءِ به سمجهان ٿي ته ڪجهه باقي رهجي ويو آھي. اهو مون کي موڪلي ڏجانءِ. مون کي اُھا ٻُهاري موڪلي ڏجانءِ جنهن سان آئون گهر جا اوٽا ۽ اڱڻ ٻُهاريندي هيس. ان ۾ لڳل اباڻي اوٽي جي مٽيءَ جي مهڪ ڪجهه سالن لئه سڪون ڏيئي ڇڏيندي. اُھا سُئي به موڪلي ڏجانءِ جنهن سان مون ننڍپڻ ۾ پنهنجي سهلين جي گُڏين جا ڪپڙا سبيا هُئا. امان! اها ٺينٻر به موڪلي ڏجانءِ جنهن ۾ آئون پکين لئه پاڻي رکندي هيس ۽ ها گهٽي واري نم جي ڪا نموري موڪلي ڏجانءِ ته ان کي پوکي آئون به پنهنجي اباڻي گهر واري نم جي نسل مان ڪڏھن ڪا ڇانوَ ماڻي سگهان. تنهنجي هٿ جي سبيل ڪا رِلي موڪلجانءِ ته ڏُکن ۾ ان ۾ منهن لڪائي ڪجهه پل روئي لُڙڪ لُڙڪ جو درد اُگهي سگهان. اُن رلي جي ٽانڪن ۾ تنهنجو رُوپ پسي تو سان دل جا درد ونڊي ۽ ورڇي سگهان.

    فقط تنهنجي نياڻي نمرتا


    هڪ دراوڙ ماءُ جي دانهن

    بُک منهنجو پُٽ کائي ويئي...!

    آئون اُن ديس جي هڪ دراوڙ ماءُ آھيان، جنهن ديس جي ڌرتي سان جڏھن بارشون رُسي وينديون آھن تڏھن نه رڳو مور پٿر کائي پيٽ ڀريندا آھن، پر ماڻھو به مٽي کائڻ تي مجبور ٿي ويندا آھن! اُهو ديس جتي کوھ ته آھن، پر پاڻي کارو آھي، جتي وڻ ته آھن، پر انهن جا پَن سُڪي ويا آھن، جتي عورتون ٻار ته ڄڻن ٿيون، پر ڇاتين جا سنڌُو سُڪل ئي رهن ٿا! جتي بُک چُلهه جو چوٿون مارينگ ٿي ويهي رهي آھي. بُک جيڪا اسان جهڙن اڀرن ماڻهن جي سُڃاڻپ بڻجي چُڪي آھي! اسان کي بُک جي علامت بڻائڻ ۾ نام نهاد سول سوسائٽي ۽ اين جي اوز وارن جو وڏو هٿ آھي؛ اين جي اوز وارا جيڪي پاڻ ته ٽُو پيس ۽ ٿري پيس پائي هلندا آھن، پر اسان جي انگن تي ليڙون ڏسڻ پسند ڪندا آھن. اسان جا اڌ ٽُٽل لٽن ۽ ڦٽل چهرن وارا فُوٽو فلمائي عالمي سخين کي ڏيکاري انهن کان"عزت" سان "پن پراجيڪٽ" وٺندا آھن ۽ اسان کي پوءِ ذليل ۽ خوار ڪري ڪڏھن ڪڏھن ڪجهه ڏيندا آھن.
    آئون اُها بدنصيب ماءُ آھيان، جنهن جي گود ڪنهن داداگير سيٺ جي هٿان اُجڙي چُڪي آھي، منهنجي اُجڙيل گود جو احساس ڪا ڏُکايل ماءُ ئي ڪري سگهي ٿي. ماءُ جيڪا اولاد کان سواء اڌُوري هوندي آھي. اولاد جيڪو سيني سان لڳي سُتل هوندي به سپنن ۾ روئاري ۽ کلائي ويندو آھي. منهنجو اولاد اڄ مون کان رُسي ويو آھي. آئون به اڄ اڌُوري ٿي چُڪي آھيان، منهنجي اُميدن جي آرسي ٽُٽي چُڪي آھي. پنهنجي ٻانڌيلي ٻار جي جند ٽوڙ جدائي ۾ ڏينهن رات روئندڙ منهنجي نگاهن جا نوحا الئه ڪير پڙهندو؟ آئون انصاف جي اوسيئڙي ۾ آس نراس واري پلصراط تي اُداس بيٺي آھيان. خبر ناهي هن پيڙا مان پار لنگهي سگهنديس يا نه....! منهنجي جهُور پوڙھي وجود جي هٿ مان سهاري جو لڪڻ ٽُٽي چُڪو آھي. منهنجي سيني جي سُور جي شدت ۽ جگر جي تڙپ جو درد ماپڻ کان مٿي آھي.
    منهنجو پُٽ اسان جو اڪيلو سهارو هو. هُو اسان جو پيٽ ڀرڻ لئه پاڻ لنگهڻ سمهي رهندو هو. منهنجو پُٽ ملڪ جي وڏي شهر جي هڪ وڏي سيٺ جي وڏي بنگلي تي رهندو هو. ھُو اسان وٽان تڏھن ويو هو جڏھن اڃان ٻار هو؛ ٻار جيڪو گهر جي سونهن هوندو آھي. ٻار کي مزوري تي موڪلڻ دنيا جي وڏي ۾ وڏي بيوسي هوندي آھي؛ بيوسي جيڪا ماڻهون کي مرڻ تي مجبور ڪندي آھي. هُو سيٺ جي ٻارن کي کيڏائيندو هو. هُن پاڻ کيڏڻ واري وهي ۾ پئسو ڪمائڻ چاهيو ٿي پنهنجي پريوار لئه. هُن جا پنهنجا رانديڪا ڳوٺ جي ريل ۾ سندس راهون تڪي تڪي نيٺ ٽُٽي پيا، پر هُو واپس نه موٽيو هو. جڏھن موٽيو هو تڏھن هُو پاڻ رانديڪن کان رُٺل هو. هُن جي ماٺ سندس ننڍڙي ڀيڻ جي اوگ ئي ماري ڇڏي آھي. الا! منهنجي اڪيلي ڌي وائڙي ٿي ويئي آھي. منهنجي اڪيلي پُٽ جي ننڍڙي ڀيڻ جون ٺهيل راکيون گهر جي ٽرنڪ پيتيءَ ۾ ڦٿڪن پيون. انهن جي تڙپ جو اندازو ڪير لڳائيندو. هُو جنهن بنگلي تي رهندو هو اُتي وڏا وڏا نرم گداز ملٽي فوم وارا صوفا سيٽ به هئا، پر انهن تي هن جو ڀلجي ويهڻ به ممنوع هو. هُو سيٺياڻين جون ڇڙٻون قسمت سمجهي سهي ويندو هو. هُو آڌي رات تائين سيٺن جي ٽپال ڪندو هو. ڪڏھن ڪڏھن جُوٺا ٿانو ٿپا ماڃيندي بنا بستري جي ئي سُمهي رهندو هو. هُو روز ڪيئي طعام تريل ڏسي اکين جو ڍوءُ ڪندو هو. ڪڏھن ڪڏهن سُٺي ماني ملندي هُئي، ته کائي اوڳرائي ڏيندو هو ته منهنجي بُک هن جي نڙيءَ ۾ اٽڪي پوندي هئي ۽ سندس اکيون ڀرجي اينديون هيون. ان مهل فون ڪري مون کان پڇندو هو ته، امان تو ماني کاڌي آھي. اڄ مون سُٺي ماني کائيندي توکي ڏاڍو ياد ڪيو هو جيجل! هن کي جواب ڏيندي هيس ته پُٽڙا تون خوش ته اسين اڳي ئي خوش…! هن سان سندس ننڍڙي ڀيڻ ڳالهائيندي هُئي ته هُو ڳالهائي نه سگهندو. پتڪڙي ڀيڻ جي سڪ جي ڏنجهه ۾ ٻُڏي ويندو هو. هُو پنهنجي ڀيڻ سان بي حد پيار ڪندو هو.
    هُن گُذريل ڏياريءَ تي گهر اچڻ لئه سيٺ کان موڪل گهري هُئي، پر سيٺ اهو چئي موڪل نه ڏني ته "تون گهر وڃي ڪهڙا طعام کائيندين. اتي ئي ويٺو رھ. توکي اسين سُٺا طعام کارائينداسين." سيٺ جي اهڙي انسانيت سوز عمل تي هُو بنهه ڏُکارو ٿيو هو. هُو جڏھن به اُداس ٿيندو هو تڏھن مون کي فون ڪندو هو. اُن ڏينهن به فون ڪيائين ۽ چيائين ته"امان! هي امير ماڻهون ڇو نه ٿا سمجهن ته غريبن جي اندر به دل گوشت جي ٺهيل آھي. پٿر ۽ رُڪ جي ناهي. رُڪ مان روبوٽ ۽ پٿر مان بُت ٺهندا آھن. اسين غريب به ته انسان آهيون نه." هن جي ڏُکايل دل جو احساس مون کان مٿي ڪير سمجهي سگهيو هوندو. مون هن کي آٿت ڏيندي وراڻيو هو ته" پُٽ! پاڻ اُهي اختر سوخته انسان آهيون، جن کي بُک ۽ غُربت جناور بڻائي ڇڏيو آھي. امير سمجهن ٿا ته پاڻ غريبن لئه پيٽ کان مٿي ڪجهه به ڪونهي. انهن کي ڪير سمجهائي ته رڳو طعام ئي عيدون ناهن هوندا. عيدون ته هڪڙو احساس هونديون آھن. اهڙو احساس جنهن ۾ ماڻهون پنهنجن سان ملي بُک ۾ به ڍوءُ تي کلندو ۽ خوش ٿيندو آھي." منهنجي اهڙي ورندي تي هُو مطمئن ٿي ويو هو. هُن پنهنجي ڀيڻ لئه ڏياريءَ جو تارن جو پيڪيٽ موڪلي ڏنو هو. اُن کي ٻاريندي ڏياريءَ جي ڏينهن ننڍڙي تارن وانگي ٽڙي هئي، جيڪا ڪالهه ڀاءُ جي موت جو ٻُڌي مُرجهائجي ويئي.
    چون ٿا ته منهنجي پُٽ خودڪشي ڪئي آھي. هُو خودڪشي ڪري ها ته پڙھڻ ڇڏي پيٽ لئه نه ڀٽڪي ها. هُو ته خوددار هو. هُو خودڪشي ڪري ئي نه ٿو سگهي. هُو منهنجي ڪُک مان ليٽي نڪتو هو. مون کي پنهنجي ڪُک تي يقين آھي. منهنجي ڪُک ڪڏھن به اهڙي بُزدل کي جنم نه ٿي ڏيئي سگهي جيڪو حالتن کي منهن نه ڏيندي مرڻ کي ترجيح ڏي. هُو ٿر ۾ ٿيندڙ خودڪشين تي سدائين ڳڻتي جو اظهار ڪندو هو. چوندو هو ته "امان! ماڻهون خوڪشي ڪري پنهنجي پوري پريوار کي ڇو ٿا ماري وڃن." منهنجو مور جهڙو معصوم ٻچڙو پنهنجي پريوار کي ماري نه ٿي سگهيو. منهنجي معصوم پُٽ جو قتل ٿيو آھي جنهن جي ايف آءِ آر آئون فطرت وٽ درج ڪرايان ٿي. اها ئي مون سان انصاف ڪندي.
    اڙي ظالمو! منهنجي پُٽ جو ڪو ڏوھ هو، ته مون کي ته ٻُڌايو ها. هن جو جيڪڏھن ڪو ڪبير گناھ ثابت ٿئي ها ته آئون پاڻ پنهنجي هٿن سان سزا ڏيئي " مڌر پاڪستان" ٿيان ها. منهنجي بي گناھ پُٽڙي جو لاش وصول ڪندي مون جيڪا تڪليف ڀوڳي آھي ان جي چوٿون حصو دانهن اگر ڌڻي در پهتي ته به اوهان جو نالو نشان نه رهندو. اهو هڪ ڏُکايل ماءُ جو سراپ آھي. ٻُڌو اٿم ته ماءُ ۽ مظلوم جي رڙ سڌو ستين آسمان جي سرتاج وٽ پهچي ٿي. سو منهنجي رڙ به دير سوير ضرور پهچندي ڇاڪاڻ ته، آئون ماءُ به آھيان ته مظلوم به....!!
    اي مُنهنجا لاڏڪا پُٽڙا! منهنجي بدنصيب پيٽ جي بي رحم بُک توکي کائي ويئي. مالڪ ايترو ڏي ها جو پيٽ ڀري کائون ها ته اڄ تون مون وٽ ھُجين ها. منهنجي دعا آھي ته شل اندر لوڪ جون اپڇرائون توکي هندورن ۾ لوڏين. هڪ مجبور ۽ بيوس ماءُ سواءِ دُعا جي ٻيو ڏيئي به ڇا ٿي سگهي.

    قلم تازه: جهامنيا ڏڪرا جيجل نان جهوري گيو رو

    فقط
    هڪ نردوش مارجي ويل ٻچڙي جي ماءُ


    پنهنجي ديس واسين ڏي ليکڪ جو خط

    پيارا ديس واسيو.!
    اڄ عيد آھي…!
    عيد جيڪا سال جي ڊگهي سفر پُڄاڻان حياتيءَ وارن لئه هڪ ڀيرو وري به وطن ۾ موٽي آئي آھي. ڪنهن ٻهگڻ ڪُنوار جي هار سينگار جهڙي هي عيد جتي ٻارن لئه هڪ معصوم حسرت هوندي آھي اُتي ٻُڍن لئه به هڪ ياد تازي جو روپ هوندي آھي. جتي وڇڙيلن لئه وصال جو بهانو بڻجندي آھي اُتي رٺلن لئه پرچڻ جو پروانو به کڻي ايندي آھي.
    عيد، جنهن جو تصور ئي سورج مکي جي گُل جهڙو سندر آھي. عيد، جنهن جو نالو وٺڻ سان ماڻهون جي وات ۾ مڻين مصري اوتجيو وڃي..اهڙي ڏڻ تي اسان کي به خوش رهڻ کپجي…!
    هڪڙو ڏينهن ئي سهي پر خوش رهڻو آھي!
    عيد رڳو امير ڇوڪريءَ جي ڪنچن ورنين ڪراين ۾ پاتل ڪانچ جي چوڙين جو کجڪو ناهي، پر عيد اُن غريب نينگريءَ جي مک تي ٽڙندڙ ابهم مُرڪ جو به نالو آھي جيڪا ٻين جي تن تي نوان ڪپڙا ڏسي ٻالڪ هٺ ڪرڻ بدران پنهنجي پورهيت پيءُ جي پونجيءَ جو ڀرم رکندي پُراڻن لٽن ۾ به موناليزا وانگي مُرڪي ٿي....!!
    عيد رڳو ڊرائجن جا ڍَڪ کولي پيگ تي پيگ پيئڻ جو نالو ناهي، پر رُکي روٽي کائي مٿان پاڻي جو ڍُڪ پي سڪون جو ساھ کڻي نه چاهيندي به مُرڪڻ جو نالو عيد آھي.
    عيد رڳو شاهوڪارن جي شاهي رڌڻن ۾ پچندڙ پنج پڪوانن جو نالو ناهي، پر عيد اُنهن نرڌنن جي نجهرن ۾ نما شام ويلي اڌ مِريئي وگهار ۾ رڌل ڀت جي پليٽ ۾ به سڳند بنجي سمايل هوندي آھي.
    عيد رڳو اڇن ڪپڙن جي نون وڳن ۾ لوڏ ڪندڙ سفيد ڪالر سماج جي سرهائي جو ڏڻ ناهي، پر عيد ته ميرن لٽن ۾ سڄو ڏينهن پاپي پيٽ لاءِ پانپرا ڪندڙ انهن مزدورن جي منو ڪامنا به آھي، جن کي سڄي سال جي همالي کان پوءِ به هڪ وڳو مس ملندو آھي. اُهي پنهنجن معصوم ٻارڙن کي عيدي بدران آٿت ڏيندا آھن ۽ انهن جا سمجهو ٻارڙا اُميدن جا وستر پائي اُداس عيدون ملهائيندا آھن.
    ها دوستو! پاڻ اُن صحرا جا رهواسي آھيون جتي پاڻي بقول اعجاز منگي جي ته”صرف ماڻھن جي اکين ۾ موجود آھي.“ جتي بي تحاشا بک ۽ ڏُک پڙ ڪڍي ويهي رهيا آھن. جتي بارشون به محبوب وانگي ماڻا ڪري وسن. جتي حياتيءَ جو ھرڻ ڏُکن جي رڻ ڪڇ ۾ روز تڙپي تڙپي مرڻ پنهنجو مقدر سمجهي ماٺ ماٺ ۾ سور سهندو رهي. اُتي اهڙي ڏھاڙي جي خوشي ڪجهه ڏڍ ڏيئي ويندي آھي.
    مڃون ٿا ته خوشيون اسان لئه خواب بڻجي ويون آھن ۽ ڏُک اسان جي مقدر جا مهمان بڻجي حياتيءَ جي دئاري ۾ اڻ دعوتيا ويهي رهيا آھن، پر ڇا ڪجي...!؟
    ڪنهن وينگس جي ڊگهن وارن جهڙي هن وڏي زندگيءَ ۾ ڪڏھن ڪڏھن نه چاهيندي به مُرڪڻو پوي ٿو ته، ڪڏھن ڪڏھن اُداس هوندي به بي تحاشا ٽھڪ ڏيئي کلڻو پوي ٿو. ڇاڪاڻ ته هي حياتي هڪ رنگ منچ آھي. جنهن تي جيئڻ لاءِ اداڪاري ڪرڻي پوي ٿي. حياتي جيڪا ڪڏھن صحرا جي سُڃ ۾ مور جي سُڏڪي جهڙي اُداس لڳندي آھي ته ڪڏھن ڪينجهر ۾ ٽڙيل تازي ڪنول جهڙي حسين لڳندي آھي. ڪڏھن وشال نيڻن واري مرگهه لوچني وينگس جي نڪ ڦُلي جهڙي خوبصورت لڳندي آھي ته ڪڏھن سسئي جي سراپ کان پوءِ سُڃ ٿي ويل ڀنڀور جي شهر جهڙي ڀينڪر لڳندي آھي. هن دو رنگي دُنيا ۾ هميشه ٻه رنگ رچيل نظر ايندا آھن. فرد واحد کان وٺي سموري سماج تائين هر هند ٻه رنگائي نظر ايندي آھي. اميري، غريبي، سردي، گرمي، پنهنجا پراوا، ڏُک، سُک مطلب هر هند ٻه رنگ آھن. هي ڪبير واري اُها ”دنيا بڙي بانوري“ آھي جنهن ۾ ڪي اڌ ڍاوا رات جا تارا ڳڻي سڪون سان سُمهندا آھن ته ڪي وڌ ڍاوا پيٽ وڪار ۾ سڄي رات اُلٽيون ڪندي ورچي جاڳندا آھن.
    اسين اڌ ڍاوا، اوهين وڌ ڍاوا،
    اسين ڦٿڪون ٿا، اوهين ڦاٽو ٿا!

    (اُستاد بُخاري)
    ڪي جُوس پي پي اوڪڻجي ويندا آھن ته ڪي پاڻي جي لپ لئه پونئرن وانگي تڙپندا آھن.ڪن کي جهوپن ۽ جهُڳين ۾ غريباڻي چُلهه تي آونگ چاڙھڻ لئه لپ ان جي به ناهي ملندي ته، ڪي محلاتن اڳيان قسم قسم جا طعام اوبر ڪري اُروڙين تي اُڇلائي ڇڏيندا آھن، جن کي ڏسي حساس دل ماڻھوءَ جو من مُرجهائجي ويندو آھي ۽ خوشي ملهائڻ تان ارواح ئي کڄي ويندو آھي.
    تنهنجي ميز تي طرحين طعام اچن،
    کائين ڪانگ ڪُتا جوٺا جام بچن،
    آئون ڪئين لوڻ چکيان،
    منهنجا ماروئڙا روز روزا رکن.
    استاد بخاري
    اڄوڪي هن عيد تي سموري ديس لئه ايشور در اها پرارٿنا آھي، ته شل هي عيد هر منش لئه ھزارين خوشين جا سنديسا ساڻ کڻي اچي.ڪا به چلهه چڻنگ سواءِ نه هجي. هر گهر ۾ اڀرا سڀرا طعام ترجن. ڪو به تن لٽي لئه نه لُڇي، شل ڪنهن به من ۾ مايوسي نه هُجي…!!
    ڪنهن به جيجل جي جهولي مٽيءَ جي سير لئه نه سڪي، ڪنهن تان به ممتا جي ڇانوَ پل به پري نه ٿئي. ڪنهن به ڀيڻ جو ڀرم نه ٽُٽي. ڪا به ٻانهن چوڙين کان خالي نه هجي، ڪا به سينڌ سندوُر لئه نه سڪي. هر ڳچي ۾ هار سينگار بڻجن. هر نرڙ تي بنديا چنڊُ بڻجي چمڪي.
    اي منهنجا پيارا مُسلم ڀائرو…!
    اڄوڪي هن عيد تي عيد نماز کان پوءِ دعا لاءِ ٻئي هٿ مٿي کڻو تڏھن ڏُڪاريل ڏيهه لئه بارش گهُرڻ سان گڏ منهنجي ٿر جي هندو مسلم ايڪتا لاءِ رب کان دعا ضرور گُهرجو

    اي ڪاش هماري وطن ۾ ايسي فضا بني
    ڪ مندر جلي تو رنج مسلمان ڪو ڀي هو
    پائمال هو نه پائي مسجد ڪي آبروُ
    يي فڪر مندرون ڪي نگهبان ڪو ڀي هو
    لتا حيا
    اي منهنجا محبوب ديس واسيو…!! اڄوڪي هن عيد تي پنهنجي کوڙ خوشين ۾ انهن کي به ضرور شامل ڪجو جن جو ڪير به ناهي! عيد جي تريل طعام جو پهريون گرھ وات ۾ وجهڻ کان اڳ ۾ اهو ضرور خيال ڪجو ته، توهان جي پاڙي يا ڳوٺ ۾ ڪو بُکايل ۽ ڏُکايل ته ناهي.!هن عيد تي اُنهن ٻارڙن جي آسمان وانگي کُليل هٿ ترين تي سخا جا ٻه سڪا ضرور رکجو جن جا سهارا وقت جي ستم ظريفين جو شڪار ٿي ويا آهن يا مقدر ۾ مليل مفلسيءَ جي ڪري مجبوريءَ جي جهان ۾ گمنام آھن. اوهان جي ڏنل سڪن تي اُڪريل چنڊُ جو عڪس انهن معصومن جي اکين جي ڪينجهر ۾ ڪيئي سرهائيءَ جا رقص ڪرائي ويندو.
    هن عيد تي اُن جيجل کي به آٿت جا ٻه ٻول ٻولائجو، جنهن جو لخت جگر هن محبوب وطن جي سرحدن تان وارجي شهيد ٿي ويو. ها اُن پتيءَ ورتا پتنيءَ کان به عيد تي احوال وٺجو، جنهن جو ور عيد تي پنهنجي گهر موٽڻ کان اڳ ۾ ئي ھڪ لاري حادثي ۾ ايشور کي پيارو ٿي ويو. اُن نردوش ناريءَ جي وڌوا اکين ۾ مري ويل اڻ سمهويل وارن جهڙي عيد جي درد جو ڪاٿو ڀلا ڪير ڪندو؟
    ڪير ان جي ٻارن جي سوالن جا جواب ڏيندو؟ جيڪي اڄ به اها آس رکي در ۾ اکيون اٽڪائي ويٺا آھن ته اجهو ابو ايندو ۽ اسين به عيد ڪنداسين...!

    فقط اوهان جو پنهنجو امر


    هوليءَ تي نه پهچي سگهندڙ هڪ پورهيت جو پنهنجي پُٽ ڏانهن کُليل خط

    روشنين جي شھر مان پورهيت پيءُ جا پرڻام شل قبول پون!
    وشال آڪاش ۾ چمڪندڙ دُرو تاري جهڙا منهنجا دلبر پُٽ! اُميد ته تون پنهنجي مومل ماءُ جي آنچل جي ڇانوَ ۾ ائين سرهو هوندين جئين ڀونئر نيل ڪنول جي گُل ۾ خوش هوندو آھي. دعا آھي شل تو تان ڪڏھن به اهو آنچل پري نه ٿئي. تو لئه دعائن جا در هميشه کُليل رهن!
    پيارا…! سُڀاڻي هولي آھي. هولي جيڪا حياتين کي حُلواڻ جهڙن رنگن ۾ رڱي ڇڏي ٿي. هولي جيڪا وڻ ڦُوٽ واري وڻندڙ رُت بهار کي ڀليڪار چوڻ لئه ملهائي ويندي آھي. جيڪا بديءَ جي هار ۽ نيڪيءَ جي جيت جو جلترنگي ڏڻ آھي. ان ڏڻ تي پنهنجي گهر ڀاتين جي سڪ ۾ دلين جا درياءَ اوسام ۾ اچي تارون تار وهندا آھن. پنهنجن جي ياد هوليءَ جي آگ وانگي اندر دکائي ويندي آھي. پنهنجن کان پري رهڻ قسمت جو ڪيل وڏو ويڌن هوندو آھي. چوڻي آھي ته ” ڏاهو ٿي ڪنهن ڪمايو ناهي، چريو ٿي ڪنهن وڃايو ناهي.“ سڀ مقدر جا کيل آھن. سو آئون به هيل اهڙين حالتن جي شينهن جو شڪار آھيان.
    اهو لکندي مون کي انتهائي ڏُک ٿي رهيو آھي، ته آئون هن هوليءَ تي نه ايندس. اُهو پڙھي توکي مون کان به گهڻو ڏُک ٿيندو، ڇاڪاڻ ته منهنجي اچڻ جو تو ڇهه مهينا انتظار ڪيو آھي. انتظار ماڻھو جو رت سڪائي ڇڏيندو آھي پر ڇا ڪجي پُٽ؟ وقت ۽ حالتون اجازت نه ٿيون ڏين. منهنجا خيسا خلا وانگي خالي آهن. منهنجي هٿن ۾ سواءِ لڪيرن جي ٻيو ڪجهه به ناهي. منهنجي پيرن ۾ مجبورين جا پنجوڙ آھن. اندر جي سمندر ۾ اوهان سان ملڻ جي وير ڀاٽا اُٿلي پيئي آھي. درد جي برف باري جي ڪري اکين ۾ لُڙڪ ڄمي ويا آھن. مون کي ڏونگر جيڏو ڏُک اهو آھي ته آئون تولئه نيلامي وڳو به نه وٺي سگهيس. مون کي ته پتڪڙي پوپٽ جهڙي پنڪي لئه پنج روپئي جون ڪانچ جون چوڙيون خريدڻ جي به خوشي نصيب نه ٿي.. اُها پنڪي جنهن جي ياقوتي چهري تي ٽڙندڙ ٽھڪن جا گُلاب منهنجي حياتيءَ جي کيتر ۾ سوين سُڳنڌون وکيريندا آھن، جنهن جي ميرن وارن جي خوشبوءَ مون کي کٿوريءَ کان وڌ وڻندي آھي، جيڪا جڏھن منهنجي گدلي چوليءَ سان چنبڙي ڪو انگل ڪندي آھي، تڏھن مون کي خُدا سان پيار ٿي ويندو آھي. منهنجي ساھ جي تار ۾ هر ويل وائلن وانگي وڄندڙ منهنجي اُن ستي ساوتري جهڙي سُگُڻي پتنيءَ لئه شُڀ ڏڻ تي هڪ ساڙھي وٺڻ به منهنجي مقدر ۾ لکيل نه هو. جنهن مون کان اڳ ۾ ڪڏھن ماني به نه کاڌي، جنهن سدائين مون کي ڀڳوان سمجهي پوڄيو، جنهن جي چپن جي چاشني مون کي ڀڳوان جي ڇٽيهه ڀوڄن کان مٿي ڀلي لڳندي آھي، جنهن جو ڀاڪر مون لئه دنيا جو سڀ کان بهترين پناھ گاھ آھي. آئون ڪيڏو نه اڀاڳو آھيان جو عمر جي آخري ڏاڪي تي پهتل پنهنجي اُن مڙھيءَ ماءُ لئه پاءُ مٺائي جو به آڻي نه سگهيس، جيڪا سڄو ڏينهن مالها ڦيري منهنجي ججهي ڄمار لئه پُڪار ڪري ٿي. آئون ته پنهنجي اُن پوڙھي پيءُ لئه چائنا جي چپل به نه وٺي سگهيس جيڪو منهنجا جڏھن به پير ٻرندا هئا مون کي پنهنجي ڪُلهن تي چاڙهيندو هو. پاريٻي جهڙي منهنجي پورهيت ڏيل کي ڏينڀوئن جي ڏنگ جهڙو ڏنڀ اهو آھي جو آئون پنهنجي اُن پرديسڻ ڀيڻ کي رول گول جي جهومڪ جي هڪ جوڙي به ڏيئي نه سگهيس، جيڪا منهنجي هٿ ڪراين ۾ راکي ٻڌندي دنيا جي وڏي ۾ وڏي خوشي محسوس ڪندي هئي. جنهن جي هاتڪ هٿن جا ٺاهيل موڙ اڄ به مون لئه وڏي ميراث آھن. جنهن جي ڪوئل جهڙي ڪنٺ مان نڪتل دعائن جا ڌڌڪا اڄ به منهنجي ڪنن ۾ ڪِنجهي جئين ٻُرن پيا. هاڻي تون ئي ٻُڌاءِ پُٽ آئون ڪئين اچان؟ ڪئين اچان اُن ڪيفيت ۾ جنهن ۾ ساھ کڻڻ به مُشڪل هجي. اهڙن اذيتناڪ لمحن ۾ پنهنجن کان پري رهڻ ئي چڱو آھي. هٿين خالي حالتن جي هٿوڙن جو ماريل ماڻهون ڀلا ڪهڙي خوشي ڏيئي سگهندو؟ ڪهڙي منهن سان اوهان کي منهن ڏيکاريان؟ آئون اوهان جو ڏوهاري آھيان. پنهنجي پريوار جي معمولي سپنن کي ساڀيائن جا ويس نه پارائڻ جي پيڙا ڇا ٿيندي آھي؟ ان جو احساس اڄ ٿي رهيو آھي. ڏيڍ سوءَ ڏھاڙي تي ڪم ڪندڙ هڪ مزودر ماڻھو هن ڳاٽي ٽوڙ مهانگائيءَ جي منحوس دور ۾ ڀلا ڇا ٿو ڪري سگهي؟ پنهنجو پيٽ ڀري ته پريوار جو ڪئين ڀري؟ پريوار جو پيٽ ڀري ته لٽا ڪٿان آڻي؟ لٽا وٺي ته اجهي جو اونو ننڊون اُڏائي ڇڏي ٿو. ان ڪري مون ڇهه مهينا ليڙون لٽن سان، هڪ ويلو ماني کائي، بنا اجهي جي ڦُٽ پاٿن تي راتيون گُذاري روپيو روپيو بچائڻ جي ڪوشش ڪئي. بچايا به سهي پر جهموريت ۾ اوج تي پهتل غنڊه گردي منهنجي خوابن کي هوليءَ کان اڳ خاڪ ڪري ويئي.. پيٽ تي پٿر ٻڌي جيڪي ٻه پئسه ڪمايا هئا اُھي ڪالهه بشني ڪنڌ تي پستول رکي مون کان ڦُري ويا پُٽ! اُنهن کي ڪهڙي خبر ته انهن پئسن ۾ منهنجو جهان هو، منهنجي سموري گهر ڀاتين جا کُڙکُٻيتي جهڙا خواب هئا. اُنهن ظالمن اڳيان مون جام ايلاز ڪيا پر پُٽ هنن منهنجي هڪ به نه ٻُڌي ۽ فرار ٿي ويا. منهنجي رت ولوڙي ڪمايل پئسن مان اُھي شايد شراب پيئندا ۽ ڪنهن مجبور عورت جي عصمت خريد ڪندا، تڏھن منهنجا پئسه ڪُٺل پکي وانگي مون لئه ڦٿڪندا، پر اُنهن وحشين کي ڪو به احساس نه ٿيندو ڇاڪاڻ ته مون ڌيان سان انهن جي اکين کي ڏٺو هو ۽ محسوس ڪيو هو ته انهن جي اندر دل نه، پر جگر هو جنهن سان اُهي ڪنهن کي ماري ته سگهيا ٿي پر جياري نه ٿي سگهيا.
    مڃان ٿو منهنجي نه اچڻ سان دنيا ائين جي ائين هلندي رهندي ڪنهن تي ڪو فرق نه پوندو پر جگر! منهنجي ڪل ڪائنات منهنجو ننڍڙو پريوار جهُري پوندو. اهڙو پريوار جيڪو پکين جي پريت سان پنهنجي ڪکائن جهوپڙن ۾ ائين سرهو رهي ٿو جئين ٻاٻهيا ٿر جي ريگزارن ۾ اُڃ مرندي به آسودا هوندا آھن. اهڙو پريوار جنهن جا سپنا به مارئي جي مُرڪ جهڙا سادا، جنهن جون خوشيون به ٿڃ پياڪ ٻارن جي خوابن جهڙيون کلمک، جنهن جون آسون به فقيرن جي دل جهڙيون درويش، جنهن جون نيتون به ماڪ جهڙيون پاڪ.! اُن ڪُٽنب جا سڀئي ڪوڏ منهنجي وجود سان وابسته هئا ۽ منهنجو وجود مُلڪ جي وڏي شهر جي وڏن وحشين هٿان ڌونئري ڏينهن جو لُٽجي ويو. ان کان مٿي ٻيو ڪهڙو الميو هوندو.
    ڌوڙيلي جي ڏينهن جڏھن سڄو ڳوٺ رنگ ۾ رڱجي هڪ ٻئي تي گير ڪندو تڏھن اوهان جي اکين ۾ اُدسي جو رنگ اُڀري ايندو. جنهن کي ڳوٺ جو ڪو به ماڻھو محسوس ڪري نه سگهندو، پر منهنجو روح اوهان جي هر المئي تي اوڇنگارون ڏيئي روئيندو.
    مون کي اهو احساس آھي ته جڏھن تنهنجي ڀيڻ توتان ڀارڻي اُتاريندي پنهنجي بُکايل پيٽ سان توتان هارولن جا هار گهوريندي تڏھن تون موٽ ۾ اُن کي ڳُڙ جي ڳڙي به نه ڏيئي سگهڻ جي ڏُک ۾ جهُرئي جبل وانگي جهُري پوندين. تون ته تڏھن به جهُري پوندين جڏھن ڳوٺ جا سمورا ٻار پنهنجن بابلن جون آڱريون پڪڙي انهن کان خرچي گهرندا. تنهنجي روح ۾ اُداسي جو ريلو تڏھن به روان هوندو جڏھن سموري ڳوٺ جون پونم چنڊُ جهڙيون پريون ست ست سينگار ڪري، هوليءَ جون لارون ڏسي پنهنجي وشال اکين ۾ سُرمي جون سرايون ڦيري سرهيون ٿينديون، تڏھن تنهنجي سورج سريکي ماءُ جون ساحر اکيون گهر جي اُجهاميل چُلهه کي ڏسي سمندر بڻجي پونديون ۽ ھُوءَ چاهيندي به هولي ڏسي نه سگهندي. اُن مهل اوهان کان پري آئون ڪهڙي ڪيفيت مان گُذرندس؟ ان جو اوهين سوچي به نه ٿا سگهو. آسمان تي چنڊُ مڪمل هوندو پر منهنجي اندر جو چنڊُ اڌورو هوندو. روشنين جي شھر ۾ هوندي به آئون گُگهه اوندهه ۾ هوندس. منهنجي سرير ۾ ساھ ته هوندو، پر آئون زنده نه هوندس. منهنجي اکين ۾ پاڻي ته هوندو پر روئي نه سگهندس. منهنجي پيٽ ۾ بُک جي باھ ٻريل هوندي پر ماني کائي نه سگهندس. اُڃ ۾ بُڪيون سمنڊ ڪناري ڦٿڪندڙ مڇين وانگي تڙپنديون رهنديون پر پاڻي جو ڍُڪ نڙي مان هيٺ لاهي نه سگهندس. اهڙي بيوسي واري حالت ۾ آئون بار بار مرڻ چاهيندس، پر اوهان جي اوسيئڙي ۾ مري نه سگهندس.
    پُٽ! اهو ڪڏھن به نه سمجهجانءِ ته هن سنسار ۾ رڳو پاڻ ئي دُکي آھيون. هن دنيا ۾ اڌ کان وڌ آبادي اهڙن ئي عذابن جو شڪار آھي. آئون جنهن ميگا سٽي ۾ رهان پيو ان جي رونقين ۾ مون جهڙن لکين مزدورن جو رت ۽ ست سمايل آھي، پر اميري جا چشما چاڙھي هلندڙ ماڻھن کي اهو ڏسڻ ۾ نه ٿو اچي. اهي وڏا شھر وڏيون اجگر بلائون آھن، جن جي زهر سان هر روز الئه ڪيتريون حياتيون ڏنگجن ٿيون. هتي جي راتين ۾ جتي پنج ستارا هوٽلن جي ڊبل بيڊ رومن ۾ فرينچ شراب جي نشي ۾ ٻُڏل ڪيئي حسين جوڙا هني مون ملهائن ٿا اُتي هن ئي شھر جي جهوپڙ پٽين ۾ غريب مڇرن جي موسيقي ۾ ننڍ ڪرڻ جا عادي ٿي وڃن ٿا. هن ئي شھر ۾ ڪي پيزا ۽ چڪن بريانيون کائي کائي بيزار ٿي ويا آھن ته ڪي بُک جي باھ اُجهائڻ لئه اروڙين تي اُڇلاين گند مان اوبر ڳولين ٿا. ڪن کي پارڪن جي پينگهن ۾ لُڏندي به بوريت محسوس ٿئي ٿي ته ڪن جي ٻارن کي کٽ جي ايس ۾ ٻڌل جهولي به نصيب نه ٿي ٿئي.
    پاڻ وٽ ماڻهون سوپاريون کائيندا آھن هتي سوپاريون ماڻھو کائينديون آھن. پاڻ کليل اڱڻ تي بنا کُٽڪي جي آنند ڀري اونگهه ڪندا آھيون هتي بند ڪمرن جي ايسين ۾ به ماڻھن جا پگهر نڪري وڃن ٿا پر ننڊ نه ٿي اچي.
    منهنجا ماڻينگر پُٽ! آئون دُنيا جو هر عذاب سر تي سهي سگهان ٿو، پر اوهان کي اُداس ڏسي نه ٿو سگهان. اوهان جي اکين ۾ لُڙڪ ڏسي سگهڻ جيتري سگهه مون ۾ ناهي رهي. موت سان مقابلو ڪري سگهان ٿو پر ٻچن جي مُک تي مايوسي نه ٿو ڏسي سگهان. بقول ڪوي:
    موت سي جو نه ڊرتا ٿا وه بچون سي ڊر گيا
    اڪ رات جب مزدور خالي هاٿ گهر گيا

    منهنجا نورچشم! جڏھن ماڻهوءَ جون مور جي دل جهڙيون منون ڪامنائون ۽ ڪونجن جهڙيون ڪلپنائون مايوسيءَ ۾ مري وينديون آھن، تڏھن هي دُنيا دوزخ جهڙي لڳندي آھي. دل دانهون ڪندي آھي، پر اُھي دانهون دنيا جو ڪو به ڪن سُڻڻ جي سگهه ناهي ساريندو. وقت ۽ حالتن هٿان مري ويل من ڀاونائن جو درد دنيا جو ڪو به قلم صحيح نموني لکي ناهي سگهندو. حياتيءَ جي ٻُڪ مان هارجي ويل حسرتن جي موتين کي ڪو به جواهري ميڙي ناهي سگهندو. بس ڪجهه گهرا زخم دل جي بدن تي امٽ نشان بڻجي رهجي ويندا آھن، جن جي سُور ۾ روح سدائين ميلي ۾ وڃائجي ويل ٻار جي ماءُ وانگي روئندو رهندو آھي...!
    مون کي اهو ڏينهن تا قيامت نه وسرندو، جنهن ڏينهن مُفت جي بس ۾ چڙھي هڪ ميلي ۾ پهتا هئاسين. ميلي جي بازار ۾ رنگ برنگي رانديڪن جا سوين دڪان ڏسي تو به آڙو ڪيو هو ته، بابا مون کي به هڪ رانديڪو وٺي ڏي. تنهنجي اصرار تي مون پنهنجي کيسي ۾ هٿ وڌو ته مون کي غُربت جي زهريلي وڇون ڏنگي وڌو هو. کيسي ۾ موجود چند سڪا ساريندي ساريندي شام ٿي ويئي هئي پر رانديڪو نه ملي سگهيو هو. اُنهن چند سڪن مان مون توکي ڦُلا وٺي ڏنا هئا، جيڪي تنهنجي نڙيءَ ۾ ڀُرٽ وانگي چُڀي ويا هئا. تون رانديڪن کي ڏسندو رهين ۽ آئون پيڙائن جي پلصراط تان گُذرندو رهيس. ان ڏينهن کان پوءِ آئون ڪڏھن به ڪنهن ميلي تي ناهيان ويو. رانديڪا مون کي غريبن جي ٻارن جا لاش لڳندا آھن.
    پُٽ اُهو ڏينهن توکي چڱي طرح ياد هوندو جنهن ڏينهن آئون توکي زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو شھر گهمائڻ وٺي ويو هئس. جولاءِ جو مهينو هو. شھر ۾ موجود گاڏن تي انب، ڪنهن سونارڪي دڪان جي شوڪيس ۾ پيل سونن زيورن وانگي چمڪي رهيا هئا. پاڻ ٻنهي گاڏي تي وڃي اگهه پُڇيو هو. اگهه ايترو هو جو ڀاڙي لئه پئسا نه ٿي بچيا، تڏھن تو چيو هو بابا مون کي انب جُلاب ڪندا آھن. مون تنهنجي ابهم اکين ۾ مري ويل مٺاڻ جو درد چڱي ريت محسوس ڪيو هو، پر ڪجهه به ڪري نه ٿي سگهيس. واپس گهر به هلڻو هو. اُن ڏينهن کان پوءِ مون کي انب غريبن کي ڏنل ڏاتار جو ڏنڀ لڳندا آھن.
    قلم تازه: پُٽ منهنجو ڪو به اونو نه ڪجانءِ. نه ئي پنڪيءَ ۽ ٻين گهر وارن کي چئجانءِ ته بابا ڪو نه ايندو. ڪنهن جي به آس نراس ٿيڻ نه ڏجانءِ. تون منهنجو ڍول پُٽ آھين پنهنجو ۽ پنهنجي پريوار جو خيال رکجانءِ.! آتما سان لکيل هي خط اڪيلائي ۾ پڙھي پوءِ هوليءَ جي دکندڙ باھ حوالي ڪري ڇڏجانءِ! ۽ ياد رکجانءِ ته هن هوليءَ تي تنهنجي جهوليءَ ۾ تڪ جو ڪو به ايم پي اي يا ايم اين اي آٿت جي عيدي وجهڻ نه ايندو. پوءِ به حوصلو نه هارجانءِ. تنهنجو رب خير ڪندو!

    فقط تنهنجو پورهيت پيءُ
    ملوڪ
    ڪچرا منڊي ڪراچي


    قصور ۾ بي درديءَ سان ماريل زينب جو پنهنجي پيءُ ڏانهن خط

    جل ٿل بادل جي ڇايا جهڙا منهنجا بابل…!
    منهنجي هم وطنن کي چئجانءِ ته آئون ايراني غاليچي ۾ روپيل گُل جهڙي اوهان جي وطن جي ڌيءَ زينب آھيان. اُها زينب جيڪا بابا بلهي شاھ جي بي داد نگري قصور ۾ بي قصور مارجي ويئي هُيس. جنهن سان انسانن جانور بڻجي زنا ڪيو هو. اُها زينب جنهن کي طبي موت مرڻ کان اڳ ۾ تڙپائي ماريو ويو ھو. ها! آئون اُها ئي زينب آھيان جنهن جي هر چيخ پُڪار بڻجڻ کان اڳ ۾ بي رحم وقت چورائي ويو هو. ها! آئون اُها اختر سوخته زينب آھيان جنهن جي ڳلي اڃان ڳالهائڻ ئي مس سکيو هو ته ان کي گهُٽي، اُن جي پکين جهڙي گُگدام زبان کي ڏندن ۾ دٻايو ويو هو. اُها زينب جيڪا اڄ ڪلهه عالمي ميڊيا جو موضوع بڻيل آھي، جنهن کي چند ڏينهَن کانپوءِ مائٽن کانسواءِ هر ماڻھو وساري ڇڏيندو، جنهن جا سرد سُڏڪا انصاف لئه التجائون ڪندي ڪندي آڪاش جي پولارن ۾ پرواز ڪري ويندا.
    ٻُڌاءِ بابا! مون کان انهن کي ڪهڙو خوف هو جو مون کي بنهه بي دردي سان چٿڙي ماريو ويو. مون کان ته انهن ماڪوڙين کي به ڪو ڊپ نه هو جيڪي منهنجي چپن تي چهٽل کٽمٺڙن جي مٺاڻ جي رهجي ويل رس کي بي تڪلف ٿي ننڊ ۾ چوسي وينديون هيون. مون کان ته اُنهن تتلين کي به ڪو خوف نه هوندو هو جيڪي منهنجي هٿيلي تي ويهي مون سان ڪچهريون ڪنديون هيون. مون کان ته پکين کي به ڪو جوکو نه هو جيڪي منهنجي بار بار اُڏائڻ باوجود منهنجي اڱڻ تي اچي ٽلورا ڏيندا هئا. پوءِ مون کي ڇو ماريو ويو…؟؟
    بڙ جي گهاٽي ڇانوَ جهڙا بابل...!
    ماڻھو چون ٿا ته هُنن وحشي درندن مون مان جسم جي بُک مٽائي آھي، پر بابا آئون ته سيڪس لفظ کان ئي اڻواقف هئس. آئون ته اڃان ٻار هئس. ٻار جيڪي خدا جو ٻيو روپ هوندا آھن.! ٻار جن جي مُرڪ پسي پيٽ بُکايل جي بُک مٽيو وڃي. ٻار جن جا ٽھڪ ڪروڌ کي تڙي ڪڍي ڇڏيندا آھن. ٻار جن جي چپن کي پوپٽ گُل سمجهي چوپيندا آھن. ٻار جن سان رانديڪا رهاڻيون ڪندا آھن. ٻار جن جي اصرار تي وشال آڪاش پنهنجا شاور کولي رحمتون وسائيندو آھي. ٻار جن سان جانور به پيار ڪندا آهن. ٻار جن کان سواءِ اڱڻ سڃو تصور ڪيو ويندو آھي. ٻار جن کي پاليو ويندو آھي پر ماريو ناهي ويندو پوءِ مون کي ڇو ماريو ويو بابا…؟
    آئون ته ماڪوڙي جيان معصوم هئس. مون مان ڪهڙي جنسي بُک مٽي هوندي؟ ماڪوڙي کي نپوڙڻ سان رت نه پر پاڻي نڪرندو آھي.! منهنجا بابا…! مون کي ڪنهن به نه بچايو. مون سان ٿيل وحشيتناڪ ويدنا کي ڏسي وڻ ڏار لوڏي ڏُک ونڊيندا رهيا، پر بيوس بچائي نه سگهيا. منهنجون معصوم چيخون ٻُڌي پکي ڪوڪيندا رهيا، پر بي هٿ هئڻ ڪري مون کي بچائي نه سگهيا. مون کي وحشين جي عُقابي چنبن ۾ بي هوش ڏسي هوا هوش وڃائي سوسٽ ڪندي رهي، پر هٿن واري انسان اڳيان بيوس هوندي مون کي بچائي نه سگهي. آئون باھ ۾ ڪريل پرواني وانگي پچندي رهيس ۽ ڏونگر ڏسندا رهيا.
    منهنجا بابل! منهنجي جيجل کي چئجانءِ مون وحشين جا وار سهندي توکي ڏاڍو ياد ڪيو هو. هن کي چئجانءِ تو پاڻ کي بُکايل رکي مون کي جيڪي گراھ ڏنا هئا، اُهي نڙي ۾ اٽڪي پيا هُئا، مون تو کي ڏاڍو ياد ڪيو هو. تو سياري جي سردي ۾ سيءَ مرندي مون کي جيڪي ڪمبل اوڍايا هئا انهن جي گرمائش ۾ منهنجا انگ ٻري رهيا هئا. مون توکي ڏاڍو ياد ڪيو هو. تون مون تي مکي به ويهڻ نه ڏيندي هئينءَ پر امڙ گڏھن جهڙا ماڻھو منهنجي گُلن جهڙي وجود تي ويهي رهيا، جن کي ڪنهن به نه هٽايو. مون توکي ڏاڍو ياد ڪيو. مون کي زندگي ۾ ذرو ٻرو ايندو هو ته تون پاڻ ٻري پوندي هئينءَ، پر هتي ته سورن ۾ منهنجي نس نس ڦاٽي پيئي هئي. پيشاب بدران رت هليو هو. مون توکي ڏاڍو ياد ڪيو هو.
    منهنجا بابل…! منهنجي گهر ۾ پيل منهنجا رانديڪا روئن ته چئجانءِ اوهان جي گگدام مالڪه کي اشرف المخلوق پنهنجي جنسي بُک جي ڀينٽ چاڙھي ڇڏيو. منهنجو پوکيل وڻ منهنجو پُڇي ته چئجانءِ هُوءَ آسمان جي وسعتن ۾ گُم ٿي ويئي آھي. منهنجو پاليل ڪُتو مون کي نه ڏسي گهر ۾ پُڇ لوڏي اُداس ڪوڪون ڪري ته، چئجانءِ، ماڻهو ڪُتا بڻجي کيس کائي ويا. گهر جي ڪُنڊ ۾ پيل منهنجن گڏين کي چئجانءِ اوهان کي پرڻائڻ کان اڳ ۾ ئي آئون پنهنجي ڪنوارپ وڃائي ويٺي آھيان، سو هاڻ اوهان کي ڪهڙو منهن ڏيکاريان، ان ڪري منهنجو انتظار نه ڪن!
    بابل! ماڻھو سمجهندا مون مزاحمت ڪونه ڪئي هوندي، پر بابل مون پنهنجي عصمت بچائڻ لئه ننڍي هوندي به وڏا وس ڪيا هئا، پر بچائي نه سگهيس ڇاڪاڻ ته هٿ مون وٽ به هئا، پر صفا نازڪ هئا جيڪي ڪڏھن گُل به نه پٽي سگهيا، سي گڏھن کي ڪئين هٽائي سگهندا. آئون چڪ به نه هڻي سگهيس، ڇاڪاڻ ته ، منهنجا ڏند اڃا ويشنو هئا. آئون لت به نه هڻي سگهيس، ڇاڪاڻ ته، منهنجون ڄنگهون جانورن وٽ قابو هيون. آئون فقط رڙيون ڪندي رهيس. اهڙيون رڙيون جن ۾ هڪ ست قرآن نياڻي جي نرمل ڪايا سان ٿيل قهر جي صدا سمايل هئي. جنهن کي مهذب سماج ٻُڌي نه سگهيو.
    ڪنن ۾ ڪميڻپ جو ڪپهه وجهي هلندڙ هن بي رحم سماج منهنجا سرد سڏ منهنجي جيجل تائين به نه پهچايا. جيجل جيڪا اولاد جي اک مان ڪريل هر لُڙڪ کي روح جي رومال سان اُگهندي آھي. اُن عظيم رشتي تائين ڪير منهنجي رڙ پهچائي ها ته ڪر امڙ دنيا جو هر درد اورانگهي، هر مصيبت کي منهن ڏيئي مون کي بچائڻ اچي ها. مون کي مرڻ وقت پنهنجي هنج ۾ کڻي لوريءَ ٻُڌائي ها ته، منهنجي تڙپندڙ روح کي ڪجهه سڪون ملي ها پر، مون اڀاڳڻ کي اها به نصيب نه ٿي.
    مون سر ٽوڙ سُورن جي شدت ۾ جيڪي سڏ ڪيا، اُهي سڏ ڏينهن قيام جي هر انسان کي وڏي واڪي چوندا ته اسان کي ڇو ڪونه ٻڌو ويو؟ اسين جيڪي هڪ ابهم روح جي پُڪار هئاسين. اسين جيڪي هڪ معصوم ڇوڪريءَ جا سڏ هياسين. اها ڇوڪري جيڪا اڃا عورت به نه بڻي هئي. ان سان بنهه بي حيائي وارو سلوڪ ڪيو ويو. اهڙو سلوڪ پيشه ور وئشيائن سان ريگيولر گراھڪ به ناهن ڪندا.
    منهنجا بابل! مون کي معاف ڪجانءِ. آئون توکي پيري ۾ پاڻي لپ پيارڻ کان اڳ ۾ خود اُڃ مري، مري ويئي آھيان. منهنجا سڀئي سپنا ويرين جي ور چڙھي ساڀيائن جي رڃ ۾ سڙي ويا. آئون ڀاءُ جي سِر تي سهرا به نه ڏسي سگهيس، نه ئي وري پنهنجي هٿ تي مينديءَ جا گُل مورجي سگهيا.
    بابا! مون سان انصاف مشڪل ٿئي. حاتم طائي حُڪومت منھنجي عصمت ۽ زندگيءَ جي قيمت ٽيهه لک روپيه ڪَٿي آھي. اُهي ٽيهه لک توکي روز ٽيهه ڀيرا ماريندا ۽ جيئاريندا. تون مون کي فطرت ۾ ڪٿي به ڳولجان نه..آئون توکي ڪٿي به نه ملنديس. نه سانجهه جي ستارن ۾ نه چوڏھين جي چنڊُ ۾. نه خار ۾ نه گُلن ۾. نه عرض و سمان ۾. نه وڻن ۾ نه پکين ۾. مون کي فقط ماءُ جي اکين جي ماڻڪين ۾ ڳولجانءِ، جتي آئون لُڙڪ جي صورت ۾ هر وقت رمندي رهنديس! مون کي پنهنجي دل ۾ ڳولجانءِ، جتي آئون هر ڌڙڪن ۾ ڦٿڪندي رهنديس. هاڻ بابا جنت ۾ ملنداسين. جتي منهنجي اکين ۾ لُڙڪ نه هوندا، ڇاڪاڻ ته منهنجا سڀئي لُڙڪ قصور جي ڌرتي جذب ڪري ڇڏيا آھن. اُتي آئون توسان اکيون پوري ملنديس، ڇاڪاڻ ته منهنجي عصمت لُٽيل آھي، آئون توسان اکيون ملائي نه سگهنديس..

    فقط تنهنجي
    نردوش مارجي ويل نياڻي
    زينب


    نثار بلوچ جي خط جي جواب ۾ لکيل خط

    پيارا نثُو!
    حق موجود...!
    ادل نثار…! تنهنجي نثر تان نثار وڃان. تنهنجو خط جيڪو تو پنهنجي ٿر کي لکيو آھي، اهو خط مون روح سان پڙھيو آھي.
    پيارا… جون جي هن گرمي ۾ تنهنجي ٿر جا رڳو شھر تغارين جئين ناهن تپيا، پر ٻھراڙين ۾ به ٻاٻرن ٽانڊن جئين واريءَ تپي آھي. اُن تپيل واريءَ مٿي اُگهاڙن پيرن سان اُسڙڪندڙ انهن ماروئڙن کان پُڇجي ته ڄيٺ جي جلن ڇا ٿيندي آھي؟ جن کان ساندارين جا پاڻي به سپنا ٿي ويا آھن ته ڪانڪھا ۽ روهيڙا به انفرادي مفادن جي ناپاڪ ارادن ڪهاڙين سان کسي ورتا آھن. مٺا قهر جي ڪاڙھن کان وڌ ته اُهي هوائون هانوَ کائين ٿيون، جن جي زوم تي هلڪڙي واري اُڏامي اکين ۾ پوي ٿي. ان اُڏامندڙ واريءَ جي وار تي مال مڙھن ۾ وائڙو ٿي لُڇي ٿو. بکن ۾ بيحال مال ڏسي ڌنارن جي اکين مان لُڙڪن جون پِڇون ٽُٽي پونديون آھن.
    ڪنهن جوڳي جي ويس جهڙا ڪڪر پسڻ لئه آسائتا نيڻ نڀ ۾ ڌري برسات جي اڳڪٿي ڪندڙ تنهنجو جهونو ٿر ٿڪو پيو آھي ۽ نوجوان ٿر هاڻي جديد موسمي اڳڪٿين جي آسري سمورا گُر وساري ويٺو آھي. نه موڳن جي سُڌ آھي نه اُٻ جو پتو، نه تتر کرڙي جي خبر آھي، نه نرمري چنڊُ جي پروڙ آھي. نه آکا ٻيج جي چمڪي جو پتو!

    پيارا…! تنهنجي ٿر جو تعارف هاڻي تبديل ٿي چُڪو آھي!
    ويساک جي لُڪن ۾ موجڪي جُتي پائي، ڪُلهي تي سانداري کڻي ڀٽن تي بانسُري وڄائي وڙولن تي مال واريندڙ ٿر هاڻي نواڻ جا نوان دڳ ورتا آھن. هاڻي چائنا جون رٻڙ واريون چپلون پيرن ۾ پائي، پيپسيءَ جي جمبو بوتل ۾ گرم پاڻي کڻي، موبائيلن تي ”مُني بدنام“ جهڙا بدنام گانا وڄائي فون ڪالز تي وڃايل مال جي ڳولا جا نوان گس ورتا آھن. وڳن ۾ پير سُڃاڻي پنهنجا وهٽ ڳولي لڀندڙ ”ناسيٽو“ ٿر ماضي جو قصو ٿي ويو آھي. تنهنجو ٿر هاڻي جديديت جي جنون ۾ ايترو ته اڳتي نڪري چُڪو آھي جو هُن کان هاڻي” همرچي“ ۽ ”راڻليئي“ جا هڙئي سُر وسري ويا آھن..
    همرچو ۽ جانڀيو هاڻي فقط حيدر رند جي ڪيسٽن ۾ باقي بچيا آھن، جن کي وڄائڻ لئه وقت وٽ ڪو به ٽيپ ناهي.
    پيارا …!
    تنهنجو ٿر پاڻھي تبديل ناهي ٿيو پر اُن کي هٿ سان بدلايو ويو آھي.
    تنهنجي معصوم ٿر جو مزاج مٽائڻ ۾ اُنهن غير سرڪاري ادارن جو به وڏو هٿ آھي، جن باٿروم ڪرڻ لئه صحيح جڳهه جي سُجاڳي ڏيندي ٿر جي نالي پنهنجا وارا نيارا ڪيا آھن. اُنهن کي ڪنهن به ڪجهه نه چيو، جن سُڪار جي نالي وڏا ڏُڪار ڏيندي، اهو چيو ته ماني کائڻ وقت هٿ صابڻ سان ڌوئجو، هاڻي ڪير ٻُڌائي انهن کي ته ماني ئي ناهي ته هٿ ڌوئڻ مان فائدو؟ ڇني ۽ ڇپني ۾ وڻن جا ڇوڏا کائي پنهنجي ڀوميءَ جو ڀرم بچائيندڙ تنهنجي ٿر کي عالمِ آشڪار ۾ ”پروفيشنل پينو“ طور سُڃاڻپ ڪرائيندڙ اڄ ٿر جي ثقافت ۽ ڪلچر جا ڪرتا ڌرتا بڻيل آھن. هاڻي تون ئي ٻُڌاءَ ته ”ڀڪشڪ“ جيڪڏھن ”رکشڪ“ بڻجي ته ڇا ڪجي…؟
    ٿر جي ڏٻرن ڏيلن جا فلمايل فوٽو مغربي ملڪن کي ڏيکاري انهن کان همدري حاصل ڪندڙ هڪ اين جي او جو اڳواڻ ته انفرادي فائدي لاءِ ايتري قدر ويو، جو هن اُن ڪميونٽي کي ”نيچ“ ڏيکارڻ ٿي چاهيو، جيڪا تعليم جي وسيلي صدين جي سفر پڄاڻان مس مس اوچي پد تي پهتي آھي.
    انفرادي فائدي لاءِ اجتمائي قتل ڪندڙ اسان وٽ هيروز ٿيل آھن.
    پيارا نثار…!
    ٿر ۾ هر سال پوندڙ ڏُڪار جي ڪري وڌندڙ بُک، بيروزگاريءَ ۽ بد حالي جي سبب رڳو ٿر جا کوھ ڳڀروئن جون قبرون ناهن، پر وڻن جا ڪلها به نوجوانن جا لاش کڻي کڻي ٿڪجي پيا آھن. بيروزگاري ايتري وڌيل آھي جو ماڻھو نس بنديون ڪرائڻ تي مجبور آھن. هاڻي هر سال ”ٻاگهل“ ميٽ نه پر مٽي کائي ٿي، اُها به ”مَور“َ ۾ نه پر بُک ۾، پوءِ به چيٽ هر سال ليٽ رهي ٿو الئه ڇو…؟؟
    ائين به ناهي ته تنهنجي ٿر ۾ روزگار ناهي. ٿر ۾ سوين اين -جي-اوز آھن، انهن ۾ روزگار به آھي، پر اهو انهن مخصوص ماڻھن لئه آھي جن جي ”پُٺ سٻڙ“ آھي. باقي مون پاري ڪنهن غريب قلمڪار لئه اُنهن وٽ پٽيوالي به ناهي.
    سرڪار به ڪهڙيون ٿوڻيون ڏنيون آھن؟
    روزگار ڏنو آھي پر انهن کي جيڪي روزگار ”وٺي“ سگهيا ٿي. هاڻي تون ئي ٻُڌاءِ، مون پارا مسڪين ٿاريچا ڪال پول جي گوري مس وٺي سگهن اُهي نوڪري ڪئين وٺي سگهندا…! اُلٽي گنگا آھي يار...
    پيارا…! تون ته پِيرن جي نذراني تي پريشان آھين، پر هتي ته ماڻھو سياسي ڀوتارن جا پير ڌوئي پيئڻ ۾ وڏو ثواب سمجهندا آھن. تنهنجي ٿر ۾ اڳي صرف سياست برادري واري هوندي هئي پر هاڻ هر ڳالهه ۾ برادري جي پُٺ ڀرائي ڪئي وڃي ٿي..چند ڏينهن اڳ ۾ حڪومت ڊاڪٽر ڀرتي ڪيا ته ٿر جي هر برادري جي پڙھيل لکيل ماڻھن ايستائين جو اديبن به الڳ الڳ پوسٽون رکي، اهو چيو ته اسان جي برادري ۾ هيترا ڊاڪٽر ٿيا.. ڪنهن به ائين نه چيو ته اسان جي غريب ٿر جي پورهيت پيئرن جا هيترا پُٽ اڄ ڊاڪٽر ٿيا آھن. اسين ڇو الڳ ٿي رهيا آھيون…؟
    تنهنجو ٿر اڳ اهڙو نه هو، پر اُن کي زوري بڻايو وڃي پيو. ٿر ۾ انتها پسنديءَ جا ڍنڍورا پٽيندڙن کي شايد اها خبر به ناهي ته ٿر جي نوي سيڪڙو ٻھراڙي جي ماڻھن کي انتها پسندي لفظ جي معنيٰ به نه ٿي اچي. اهي تعصب ڪئين ڪندا…؟
    پيارا نثار…! تنهنجو هڪڙو غريب ٿر هاڻي ٿر ديپ وٽ قرضُو ٿي چُڪو آھي ٻيو اجگر اينگرو وٽ گروي آھي.. هڪڙو ٿر ”ڪيفي ٿر“ تي سيلفي ڪڍائڻ ۾ پورو آھي ته، ٻيو ايس زيڊ ايس تي اعليٰ کاڌن جا مينيو پڙھي ويٺو. هڪڙو ٿر هڪڙي ويلي لاءِ وجهڪي پيو ته، هڪڙو ٿر اوور نيوٽريشن سبب پرڀاتي واڪ لئه پريشان آھي. هڪڙو ٿر امداد جي آسري ڪم چور ٿي چڪو آھي ته، ٻيو ٿر اڇا ڏند ڪرڻ لئه ڏُڪار جي انتظار ۾ آھي.
    ٿر : وڏو وستار هاڻي ناهي رهيو...!
    امراڻي کان وٺي رڻ ڪڇ تائين ۽ ٻُھراڻي کان وٺي بڙ جي ڍوري تائين ڪنهن قدآور وينگس جي جسم جهڙي ويڪري جاڳرافي رکندڙ تنهنجي محبوب ٿر کي ڪن مفاد پرستن فقط مٺي تائين محدود ڪري ڇڏيو آھي..اُنهن مٺي کان سوين ڪوھ پري ٻانڌي جي گوگٽي ڀٽ تي بُک مري ويل ڀيمي ڪولهي کي ڪڏھن ڀُلجي به ياد ناهي ڪيو. ياد ته انهن کان اُها ننڍي نياڻي به ناهي ٿي جيڪا سُگار جي سيمن ۾ اُتت ڪاڙھي جو ننگي پير اٽي جي لپ لئه ڪاٺيون ڪري ٿي، جنهن جو پيءُ ڪالرا جي قهر ۾ اُن ساڳي اسپتال ۾ مري ويو، جنهن جي بجيٽ وڌائڻ سان سرڪار ٿر تي ٿر جيڏو ٿورو ڪيو هو. تنهنجي ٿر جي سموري ٿڪاوٽ مٺي جي ايئرڪنڊيشنڊ آرام گهر ۾ آرام سان ويهي دُور ڪرڻ جو نئون دستور تنهنجي چونڊيل نمائيندن وڌو آھي. تنهنجي ٿر جو سڄو ڏُڪار سول اسپتال مٺي جي عاليشان عمارت تائين محدود ٿي ويو آھي. جتي ٻار مرن ٿا يا ماريا وڃن ٿا اُهو ته مالڪ ٿو ڄاڻي. مٺي ۾ ايشيا جو وڏي ۾ وڏو آرو پلانٽ لڳائي ”حاتم طائي“ حڪومت سموري ٿر جي اُڃ اُجهائي ڇڏي آھي. هاڻي مٺي جي ٽينڪر مافيا حڪومت جي وڏي عمر لئه روز ”نگرا پوڄي“ ٿي.
    رڳو ايترو به نه پيارا تنهنجي ٿر جو ادب به مٺي جي چند ماڻھن وٽ محفوظ آھي اُهي جن کي ادب جي پٽڪي ٻڌائين اهو ئي ثقافتي اديب ٿي سگهي ٿو. باقي پاڻ جهڙن لئه انهن وٽ ڪا به گنجائش ناهي. ڇاڪاڻ ته پاڻ نه ڪنهن ويڳو کي ويجها آھيو ۽ نه ڪنهن جي جيءَ حُضوري جا جتن ڪري سگهون ٿا. پاڻ جيڪي دشتِ پيما به آهيون ته دشتِ نورد به. پاڻ جيڪي پنهنجي دنيا جا ڪُندار ڪلاڪار آهيون، تن لئه مٺي جو ادبي ماحول هاڻي ممنوع ٿي چُڪو آھي. پنهنجا نواز واري اُن ماحول ۾ حاصل جي پاڙيسري کاکڻھيار رحم جي نثار لئه ڪا به جاءِ ناهي، پوءِ ڀلي هُو گيتا انجلي جهڙي گيان سان ڀريل خط لکي. ٿر جي اُن ساهتيه سنگت ۾،”ڀٽن جي ڀُڻ ڀُڻ“ کان وٺي ٻن خوبصورت ناولن تائين سنڌي ادب کي بيش بها قيمتي تحفا ارپيندڙ ناشاد رحم علي جي لئه به ڪا جوڳي جاءِ ناهي…! جاءِ ته ان ٿاڌات جي ٿرئي امر ساهڙ لئه به ناهي جنهن سنڌي ادب کي ”اکين ۾ اُلڪا“ ۽ ”خيال ڪڙو کڙڪائين ٿا“ کان وٺي ”صحرا مون ۾ ساھ کڻي ٿو“ تائين ساھ ۾ سانڍڻ جهڙيون ساهتيه سوکڙيون ڏنيون. ڏيپلو ته هونئن وسريل وکر آھي. سو نه سومجي مل ڌاراڻي ڪا ميار ڪري ٿو نه احمد کٽي ۽ نه ئي وري راقم الحروف…!! پر چيلهار جي چهيتي منٺار نهڙيئي جي من ساگر ۾ ملندڙ سُگهڙائپ جا موتي کوٽا ٿي ويا آھن ڇا؟ جو هن کي به وساريو ويو آ. يا پاٻوهر جي پروهت هيميڏان چارڻ جي هردي مان چتور ٻولي جو چتون اُڏامي ويو آھي..؟
    اهو به گهوريو پر يار مٺي ۾ ھر سال ٿيندڙ ڏھ ڏھ پروگرامن ۾ ڪڏھن اُن شخص کي شرڌانجلي ڏني وئي آھي…؟ جنهن شخص ٿر جي وڻ وڻ جي وارتا لکي. جنهن شخص ٿر جي جيتن کي صدين لئه اتهاسڪ جيئدان ڏنو. جنهن شخص واريءَ جي ڪڻ ڪڻ جي ڪهاڻي تاريخ جي ورقن ۾ سدا امر ڪري ڇڏي. اُن رائچند راٺوڙ کي وسارڻ وڏي ادبي منافقي آھي. اهو منافقي تنهنجو نئون ٿر ڪري رهيو آھي.
    تنهنجي نئين ٿر ۾ سرڪاري طور ملهائجندڙ ثقافتي پروگرامن ۾ ٿر جي ڪهڙي ثقافت متعارف ڪرائي وڃي پيئي…؟ اهو تون به ڀلي ڀت ڄاڻين ٿو.! صحرا جي ثقافتي سوکڙي لويون ۽ کٿا ٺاهيندڙ ويڙھيجهپ جي ڪهڙن ميگهواڙن کي مڃتا ايوارڊ ڏنا ويا / ويندا؟
    مور جي کنڀن مان ويڃڻا ٺاهيندڙ ڪاريتل ۽ ويئل جي ڪيترين سُگهڙين جو سممانَ ڪيو ويو/ ويندو...؟
    اُٺن جا پاکڙا، گهوڙن جا هنا ۽ ڪاٺ جي شاھ ڪاريگر اُن ڪونڀي سوٽھڙ کي ڪهڙو سرٽيفڪيٽ مليو يا ملندو جنهن کي ارباب غُلام رحيم رحل ٺاهي ڏيڻ تي لک رپين جو چيڪ ڏنو هو...!
    پيارا…! ٿر جي ثقافت راجپوتن جي رهاڻ ۽ ميگهواڙن جي ڀرت کانسواءِ ڪئين مڪمل ٿي سگهي ٿي…؟
    اهي چند پر تلخ حقيقتون آھن جن تي سوچڻ گهرجي.!
    اڄ سڄو ڏينهن ’’جوڳيءَ‘‘ جو ڪتاب ’’جهنگ جا ماڻھو‘‘ پڙھيو اٿم ان ۾ تنهنجو جهونو ٿر نظر آيو، جيڪو پائولا پائي بلائن کان بچڻ جا پانپرا ڪندو هو...!
    ادل!
    اڃان ته گهڻو لکڻ لئه دل چوي ٿي پر تو وٽ پڙھڻ لئه وقت به گهٽ ھوندو، ان ڪري هاڻي بس ڪيان ٿو..سگريٽ سستا ٿيڻ ڪري هي خط لکندي پنجون سگريٽ پيتو اٿم، رات جا ٻارنهن ٿيا آھن. اها به سورج ديوتا جي مهرباني جو توانائي ڏي ٿو ۽ چائنا جا وڙ جنهن شمسي پليٽون سستيون ڪيون جو مون جهڙو غريب ٻھراڙي ۾ چاندڻو ڪري سگهي ٿو. هاڻي چنڊُ به اُڀرڻ وارو آھي. ننڊ جا پکي هونئن به اکين جي سانگا تي سوجهاڪي تائين نه لهندا، ان ڪري هاڻي چنڊ سان ڳالهيون ڪندي. چنڊُ تي نظم لکان ٿو. خط سڀاڻي پوسٽ ڪندس.

    دعائن ۾ ياد
    تنهنجو پنهنجو امر


    هڪ معصوم پُٽ جو پنهنجي بيروزگار پيءُ ڏانهن اُداس خط

    بابا ڪٿي آھين...؟
    الئه ڪيترا ڏينهن ٿيا آھن تون لاپته آھين. مون کي تو سواءِ سُک نه ٿو اچي. منهنجا پيارا بابل! آئون تنهنجي آڱرين جي ڇُھاءَ لاءِ سڪي ويو آھيان. آئون تو سواءِ اُداس آھيان، هتي منهنجي اُداسي ڪير به نٿو سمجهي سگهي. سواءِ جيجل جي ۽ اُها مون کي خوش رکڻ خاطر پاڻ ڪيترو ڀوڳي ٿي، اهو اُن جون خاموش اکيون ئي ٻُڌائي سگهن ٿيون، جن ۾ ڳوڙھن جي برف ڄمي ويئي آھي…! امان جي چهري جي ريکائن جو ڪتاب چوي پيو هُوءَ چکيا تي چڙهيل شَب وانگي سڙي رهي آھي. تنهنجي سماچار ملڻ جي اوسيئڙي ۾ اسان ماني به ناهي کاڌي. ننڍڙو ادڙو ذر ذر امان کان تنهنجي اچڻ جو پُڇي ٿو ۽ ھُوءَ ڏُکايل دل تي پٿر رکي مُرڪندي چوي ٿي بس ٻن ڏينهن ۾ اچي ويندو.
    بابا! اسان کي تنهنجي بيروزگاري ئي قبول آھي بس تون موٽي اچ…! تون موٽي اچ ته اسان ۾ ساھُ موٽي اچي. اسين جيئرا لاش ٿي ويا آھيون. بابا! اسان کي جيئاري وڃ..!
    مونکي خبر آھي توکي هن بي حس سماج ٽوڪيو آھي. تو جهڙي حساس ماڻھو کي ”واندي“ جو لقب ڏيندڙ هن سماج کي ڪهڙي خبر ته تون فطرت جي مظھر ۾ ڪيترو مشغُول هُئين. تنهنجي مصروفيت جا شاهد آھن تنهنجا اُهي شعر، جن کي پڙھي پٿر دل به ميڻ بڻجي وڃي. تون وڻن سان ويدنا اوريندو هئين. تون گگدام جانورن سان گُفتگو ڪندو هئين. تون جبلن جي جاگرافيءَ کي دل سان سمجهڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪندو هئين. تون ڀٽن سان ڀُڻڪا ڪري ڪچهريون ڪندو هئين. تون پکين کان فطرت جا نغما ٻُڌندو هئين. تون غريبن جي ٻارن کي آٿت جي خرچي ڏيندو هُئين. تون پرديس پرڻايل نياڻين جي نردوش اکين مان وهندڙ لُڙڪن کي ڏڍ جي رومال سان اُگهندو ھُئين. تون وڌوائن جي ورلاپن ۾ آلاپ بڻجي اوڇينگارون ڏيندو هئين. تون فقيرن جا خالي ڪشڪول ڏسي انهن ۾ آس جا سڪا وجهندو ھئين.
    منهنجا قابلِ فخر بابل! تو هيترا ڪم ڪيا پوءِ به سماج توکي نڪمو چئي ننديو ۽ تون ناراض ٿي الئه ڪيڏانهن هليو وئين…؟ تو اُن سماج جي پرواھ ڪئي جنهن سماج کي سواءِ پئسي ميڙڻ جي، ٻيو فن اچي ئي ڪونه بابل…! مڃان ٿو توکي زماني وڏا وڍ ڏنا آھن. مون کي اهو ڏينهن اڄ به چٽي طرح ياد آھي جنهن ڏينهن تنهنجي سڳي سيڻ توکي وڏو ويڻ چوندي توکي ائين چيو هو ته، هاڻ وڃي چپڙا ڇاڻ توکان نوڪري ڪون ٿيندي ۽ تون سڄو ڏينهن رُنو هئين. تون ته تڏھن به رُنو هُئين، جڏھن ڊڊي وانگي ڊوڙڻ کان پوءِ به توکي روزگار نه مليو هو. تون ان ڏينهن به جهوناڳڙھَ وانگي جهُري پيو هئين، جنهن ڏينهن امان کي عيد جو نئون وڳو به وٺي نه ڏيئي سگهيو هئين.
    هاڻي موٽي آءُ. موٽي آءُ انهن ماڳن تي جتي پاڻ گڏجي مريڙو چونڊيو هو. جتي پاڻ تراين ۾ تڙڳي وسڪاري جون آرتيون اُتاريون هيون.
    جتي پاڻ پنهنجي ننڍڙي ٻنيءَ ۾ پوکيل ٻاجهر مان چپٽين سان چيهو چونڊي صدين جا ٿڪ ڀڃيا هئاسين. جتي پاڻ کنڀيون ڳوليندي ايترا خوش ٿي کليا هئاسين جو وڻن کي به وڻيا هئاسين. بابا…! تو سواءِ مون کي سيمون کائڻ اچن ٿيون. وسڪارو وھَ لڳي ٿو.
    بابا! مون کي يتيم لفظ کان ئي ڊپ ٿئي ٿو. مون لئه تنهنجا خالي هٿ ئي وڏي شفقت آھن. تنهنجون چُميون مون لئه مکڻ باداميون آھن. تنهنجي مُرڪ مون لئه سنسار ۾ سڀ ڪجهه آھي. تنهنجو پيار منهنجي ڪُل پُونجي آھي.
    توکي خبر آھي آئون توسان ڪيترو پيار ڪيان ٿو. آئون توسان ايترو پيار ڪيان ٿو جيترو منهنجي ماءُ مون سان ڪري ٿي. آئون ڄاڻي واڻي چوندو آھيان مون کي پيٽ سُور آھي ته هُوءَ ايترو روئندي آهي جو هُن جي پيٽ ۾ سُور پئجي ويندو آھي.
    بابا…! تون منهنجي ڪا به ڳڻتي نه ڪر. آئون توکان ڪڏھن به اهڙي گهُر نه ڪندس جو تو لئه باعثِ درد بڻجي. آئون پنهنجي غُربت جي دُنيا ۾ سموريون خواهشون تياڳي جيئڻ جي ڀرپُور ڪوشش ڪندس. بس رڳو تون موٽي آءُ!
    توکي لڳي ٿو ته مون کي اسڪول ۾ بُک لڳندي هوندي نه منهنجا بابل...! مون کي بُک ناهي لڳندي. ڇاڪاڻ ته آئون صبح سوير امان جي چُمين جو نيرڻ ڪري ويندو آھيان. تنهنجي آشيرواد جي لسيءَ پي ايترو ڍوءَ ڪندو آھيان جيترو هڪ امير جو ٻار ست رڇيون طعام کائي به نه ڪري سگهندو آھي. اسڪول ۾ ٻين جا ٻار رسيس جو فاسٽ ڦُوڊ کائيندا آھن آئون فاسٽ ڊوڙڻ جي پريڪٽس ڪندو آھيان. ٻين جا ٻار سائيڪل هلائيندا آھن آئون وڻ تي ويهي اُن جي ٽارن تي پير رکي ائين هلندو آھيان، جئين اُهي سائيڪل جا پيڊل هلائيندا آھن.
    منهنجا اڻڀا وار ڏسي ڪلاسي ٻار کلندا آھن، تڏھن آئون مُرڪندو آھيان پنهنجي مقدر تي. منهنجي ٽُٽل چپل جي آڱوٺي کي ديويءَ جي ڪنڊي سان قابُو ٿيل ڏسي ماڻھو مون کي ماڻھو به نه ٿا سمجهن پوءِ به جيئان ٿو. منهنجي چوليءَ تي لڳل چَتيون ڏسي مون تي اڪثر ڇوڪرا ٽوڪون ڪندا آھن. انهن کي ڪهڙي خبر ته منهنجي ڦاٽل چوليءَ تي چَتيون ڏيندي منهنجي جيجل جي دل ۾ جيڪي چَتيون لڳيون آھن انهن تي مرهم دُنيا جو ڪو به معالج نٿو رکي سگهي. محبت واري حس کان بي حس معاشري ۾ مري به جيئڻو پوي ٿو منهنجا بابل...!
    بابل…! توکي نوڪري نه به ملي ۽ سماج تنهنجي قدرشناسي نه به ڪري، تڏھن به مايوس نه ٿجانءِ. بابا تون علي بابا وانگي ڏُکن کي زندگي جا زيور سمجهي جيئڻ جو هُنر هٿ ڪجان. ڀٽائيءَ جي اُن ڀيد کي پنهنجو منشور بڻائجانءِ، جنهن ۾ سُکائون ڪري سُور سانڍڻ جو سبق سمايل آھي.
    تون ايڏو مايوس نه ٿي. ٻُڌو اٿم سنڌ جي ”حاتم طائي حُڪومت“ هڪ لک نوڪريون ڏيڻ جو پڙو گهمايو آھي. لک مان هڪ توکي به ملندي. آئون پنهنجا ٻئي هٿ آڪاش ڏي اُڀا کڻي تو لئه ڌڻي در دعا منگان ٿو. منهنجي دعا ضرور اگهبي، ڇاڪاڻ ته، آئون معصوم ٻار آھيان. منهنجا پتڪڙا هٿ انجيل مقدس جي حرفن جيان پويتر آھن. منهنجا هٿ گناهن کان پاڪ آھن. انهن هٿن جي لڄ مالڪ ضرور رکندو...!
    بابل…! تنهنجي جُدائي ۾ وهايل منهنجي لُڙڪ لُڙڪ جو قسم تون آتم هتيا نه ڪجانءِ. آتم هتيا ڪندين ته اسين يتيميءَ جي دوزخ ۾ ٻري وينداسين. اسان کي بُک ڪونه ماريندي، پر نڌڻڪائي وڻ ئي وڄائي ڇڏيندي....!
    بابل…! تون وري آءُ. آئون ڏُکن ۽ بُکن سان مقابلا ڪري پڙھندس ۽ نيٺ تنهنجا سڀئي لُڙ لاهيندس، پر تون جي ويندين هليو ته آئون ٽُٽي ويندس. ننڍپڻ ۾ ٽُٽل وري مشڪل سان جُڙي سگهندو. ان ڪري تون وري آءُ …آئون اکيون ڏيئا ڪري تنهنجي واٽ ڏسان پيو..

    فقط تنهنجو معصوم پُٽ
    پريتم


    ڪينسر جي مريض جو پنهنجي محبُوبه ڏي وارڊ مان لکيل اُداس خط

    پئبلو نيرودا جي نظمن جهڙي ڇوڪري تون ڪٿي آھين…؟ آئون توکي پنهنجي اوسيئڙي مند اکين جا ڏيئا ٻاري ڳولي رهيو آھيان. عُمر خيام جي رباعي جهڙين تنهنجين خماريل اکين ۾ اکيون وجهي توکي ڏسڻ جي تمنا ۾ اڃان جيان پيو.
    آئون توکي آخري ڀيرو ڏسڻ چاهيان ٿو. توکي خبر آھي پنهنجي وڃايل شيءَ کي آخري ڀيرو ڏسڻ ڪيترو نه اذيتناڪ هوندو آھي، پر ڇا ڪجي…؟ مالڪ کي شايد ائين ئي منظور هو.
    توکي خبر آھي مون کي رت جي سُرطان ٿي ويئي آھي. منهنجي حياتيءَ جا ڏينهن معالجن ڳڻي ڇڏيا آھن. هنن جي چوڻ مطابق وڌ ۾ وڌ هڪڙو هفتو ئي زنده رهي سگهندس. منهنجو رت سڪي ويو آھي. آئون مري ويندس. توکي ڏسڻ کان اڳ ۾ آئون مرڻ نٿو چاهيان…!
    ميران جي واڻي جهڙي محبوبه! منهنجو آخري عرض قبول ڪري هڪ پل ئي سهي پر اچ… منهنجون اُڃاريون اکيون تولئه سڪن ٿيون. ائين جيئن ندي سمنڊُ لئه سڪندي آھي. جيئن چڪور چنڊُ لئه سڪندو آھي، جيئن پپيهو سواتي بوند لئه سڪندو آھي، جيئن مور مينهن لئه ۽ سورج مُکي ڏينهن لئه سڪندو آھي. منهنجون اکيون توکي ڏسڻ لئه اوڄاڳن سان پرڻجي ويون آھن. انهن ۾ جاڳ جي آڳ ڏيئن جيان ٻري رهي آھي. اچ توکي دل جي دريچن ۾ ويهاري پنهنجي آتما سان آرتي اُتاريان. روح جي رام مندر ۾ ويهاري ساهُن جي اگربتي ٻاري تنهنجي پوڄا ڪيان…! اچ ته آئون تنهنجو ٿيان تون منهنجي ٿي ۽ منهنجي روم روم ۾ پيوند ٿي وڃ…!
    اڄ توکي ساريندي دل جو درياءُ اوسام ۾ اچي ويو آھي. اکين جا بند ٽُٽي چُڪا آھن. ڳلن جا ڳوٺ ٻُڏي چُڪا آھن. سج به اولهه جي ديسن ڏانهن روانو ٿي چُڪو آھي.اُداس شام جي پهر اڪيلائي جو قهر ڀوڳيندي روئي رهيو آھيان.
    سڀ مريض ماٺ ٿي مون کي ڏسي رهيا آھن. منهنجا ڳوڙھا اُگهڻ وارو به ڪير ناهي. اهڙو ڪُلهو به ناهي جنهن تي ڪنڌ لاڙي ايڏو روئان جو سڄو وارڊ ڌوپجي وڃي.الا…! اها رات ياد اچي ٿي، جنهن رات وچڙندي تنهنجي ڪُلهي تي ڪنڌ رکي رُنو هئس. منهنجي اکين جو پلر تنهنجي چپن پيتو هو..اڄ منهنجا لُڙڪ مکيون چوسي رهيون آھن. قسمت ايڏا به ڪلور ڪندي آھي. اُف الا! منهنجو ساھُ گهُٽجي ٿو...!
    آئون هن وارڊ ۾ بيماريءَ جي بدبوُءَ مان بيزار ٿي پيو آھيان، منهنجي راڻي! تون سگهو اچ مون کي پنهنجن چنبيلي گُل جهڙن وارن جي سُڳنڌ سان واسي وڃ…! آئون تنهنجي زُلفن جو واس وٺڻ چاهيان ٿو. اُنهن زُلفن جو جن ۾ مَروُوي جي سوين کيٽن جي خوشبوُ سمايل آھي. جن ۾ کٿوريءَ جي هانوَ ٺاريندڙ هُٻڪار هٿيڪي آھي. جن ۾ موجود مرُووي جي مهڪ ماڻڻ لئه من جل پياسيءَ مڇيءَ وانگي ڦٿڪي ٿو.
    مون کي گهڻن ڏينهن کان ننڊ به ناهي آئي سو تنهنجي هنج ۾ ابدي ننڊ ڪرڻ چاهيان ٿو. اهو منهنجو حق آھي مون کان اهو حق نه کسجانءِ.
    آئون سُورن جي اُس ۾ ايترو سڙيو آھيان جو مون کي چنڊُ جي روشني به سج جي تپش وانگي ساڙي ٿي. تون اچ مون کي پنهنجي آنند ننگر آغوش ۾ لڪائي ڇڏ. آئون تنهنجي ڇَتن جي ڇاتلي ڇانوَ ۾ مرڻ جي منشا رکان ٿو. منهنجي اها آخري تمنا پوري ڪجانءِ...!
    مون کي بُک به ڏاڍي لڳندي آھي، پر ماني هتي اهڙي ملي ٿي جو ماني کائڻ تان ارواح ئي کڄيو وڃي. هاڻي بس جڏھن به بک لڳندي آھي تڏھن تصورن ۾ تنهنجي هٿ جي تريل روٽي کائي هڪ اوڳرائي ڏيندو آھيان دل کي ڪجهه ڏڍ اچي ويندو آھي. توکي خبر آھي منهنجي ماءُ به ننڍپڻ ۾ مون کي ڇورو ڇنو ڪري ويئي هُئي. پيءُ ويچارو پوڙھاپڻ ۾ منجي تي پيل آھي سو مون سان گڏ منهنجو ڀاءُ آيل آھي، پر هُو هر وقت وارڊ کان ٻاهر اخبار پڙھڻ ۽ ٽي وي ڏسڻ ۾ مشغول هوندو آھي. چوي ٿو تو مان بور ٿي ويو آهيان! ڇا واقعي ايترو اڻ وڻندڙ ٿي ڌپ ڪري ويو آھيان؟ اچ منهنجي جان هڪ وار منهنجي حالت ڏسي وڃ…صفا اڪيلو ٿي پيو آھيان..
    هينئر هڪڙي نرس آئي هُئي انجيڪشن ھڻڻ، مرڪندي چيائين هن حالت ۾ ڇا پيا لکو، وراڻيم ماضيءَ کي ميڙيان پيو..چيائين ماضي وڏو بي رحم آھي وساري ڇڏيو هُن کي. ائين چئي ٽھڪ ڏيئي هلي ويئي، شايد مون کي چريو سمجهي ويئي آھي.
    وارڊ ۾ موت جهڙي ماٺ ڇانيل آھي. شيشي مان ٻاهر ڏسان ٿو تنهنجي ٽھڪن جهڙي، زندگي پنهنجي اوج تي روان دوان آھي. مون کي ڏاڍي اُڃ لڳي آھي، پر بستري تان اُٿيڻ جيتري سگهه ناهي جو پاڻي پيئان. ڪو وقت هوندو هو مون کي اُڃ لڳندي هئي تون ڪوري گگر مان گلاس ڀري مون کي هٿن سان پياريندي هُئين.الا…! نڙي سُڪي رهي آھي مون کي پاڻي پياري وڃ…!
    آئون توکان هاڻي وڌيڪ ڪا به گهرج نه ٿو ڪيان بس تنهنجا پير چُمڻ چاهيان ٿو. اُھي پير جن سان چانڊوڪين ۾ مون سان ملڻ لئه پنڌ ڪندي هُئين، جن جي وک وک ۾ ڇير نئين وڄت سان دل جي ڌڙڪن وانگي وڄندي هُئي. اُھي پير جيڪي مون کي پاريهر جي پيرن کان وڌ وڻندا آھن. اُهي پير جن جي پٻن تي بيهي تون مون کي گهر جي ڏيڍي تان ڏسندي هُئين. اُهي پير جن جا پدم پسڻ لئه آئون سرطان واري سڪرات ۾ هوندي به ساھ کڻان پيو. اُهي پير جن جا مور ڪلنگي جهڙا نشان روح جي ريٽ تي رهجي ويا آھن، جن کي مون دل جي تغاري هيٺ ليڪي ڇڏيا آھن.
    جوار ڀاٽا جهڙي ڇوڪري! مون کي پنهنجا ٽھڪ ٻُڌائي وڃ…! منهنجا ڪَن تنهنجي ڪنٺ رس لئه تڙپي رهيا آھن. اچ ڪجهه لمحن لئه ئي سهي مون کي ٽھڪ ٻُڌائي وڃ… اُهي ٽھڪ جن کي ٻُڌي مون کان آبشارن جي موسيقي وسري ويئي هئي. اُھي ٽهڪ جن ۾ ندين جو نادُ سمايل هو. اُھي ٽھڪ جن کي ٻُڌي پکي چوڻ چُڳڻ وساري ويهندا هُئا. اُهي ٽھڪ جن ۾ مندرن جي گهنڊين جهڙي مٺڙي آواز جا آلاپ هئا. اُھي ٽھڪ جن جا پڙاڏا اڄ به منهنجن ڪنن ۾ رڌم سان ٻُرن ٿا. مون کي اُهي ٽھڪ ڏيئي وڃ جيڪي تون پاڻ سان گڏ تڏھن کڻي ويئي هُئين جڏھن مون آخري ڀيرو الوداعي هٿ لوڏيو هو.
    گيتا جي شلوڪن جهڙي ڇوڪري! آئون تنهنجا هٿ چمڻ چاهيان ٿو. اُهي هٿ جيڪي مون کي مور کيڙي جهڙا من موهيندڙ لڳندا هئا. جن ۾ هٿ ڏيئي ڪن ريٽن تي رين بسيرا ڪيا هئاسين. اُهي هٿ جن مون لئه هُرمچ جا رومال ڀريا هئا. اُهي هٿ جن منهنجي اکين ۾ سُرمو وجهندي جڳ سرهائي محسوس ڪئي هئي. اُهي هٿ جن جون ڪانگسئي جهڙيون آڱريون منهنجن وارن ۾ ڦرنديون هيون ته مون کي ننڊ نهوڙي ويندي هئي. اُهي هٿ جن سڪ مان سگريٽ دُکائي منهنجن چپن تي رکيا هئا. اڄ آئون انتم ڀيرو انهن هٿن کي اکين سان چمڻ چاهيان ٿو، جن هٿن سان هٿڙيو جوڙي چار ڦيرا ڦرڻ ته هُئين مقدر کي منظور ڪو نه هو، پر اُنهن هٿن ۾ هاڻي دم ڏيڻ به شايد منهنجي قسمت ۾ ناهي....ان کان مٿي ٻيو ڪهڙو الميو هوندو…!؟
    سرطان مون کي پيلو پن بڻائي ڇڏيو آھي. منهنجي جسم جا وار به ڇڻي ويا آھن. ڏاڍو بد زيبو ٿي ويو آھيان. منهنجو چهرو ڦٽي ويو آھي. اُهو چهرو جنهن کي تون سڻيءَ جي ڦُل سان ڀيٽيندي هئين. اُهو چهرو جنهن تي ڪنهن وقت تون اکين مان ڪريل ڪجل جا داغ به اُگهي ڇڏيندي هُئين. اڄ ان تي مکيون وٺيون لاهي وڃن ٿيون. ڪير ڏسي به نه ٿو..بس وقت وقت جي ڳالهه آھي. تون اچ منهنجي هن حال تي ٺٺولي ڪري وڃ…! منهنجو سرير سُڪي لنپ ٿي ويو آھي تون اچ ٽھڪ جي تيلي ڏيئي وڃ ته سڪون سان جلي هوا ۾ هوا ٿي وڃان ۽ تنهنجي چڳ چڳ ۾ چُھٽي پوان.. اچ مون وٽ ڪجهه تنهنجو رهجي ويو آهي اُهو کڻي وڃ…اُھا ڊائري کڻي وڃ جنهن ۾ تنهنجي لپ اسٽڪ لڳل چپن جو آٽوگراف ڏنل آھي ان ۾ مون توتي نظم لکيا آھن، جيڪي فقط تون ئي سمجهي سگهين ٿي، ڇاڪاڻ ته مون کي سڀ کان وڌيڪ تو ئي پڙھيو آھي. اُهو رومال کڻي وڃ جيڪو تو اُن ڏياري رات سوکڙي طور ڏنو هو، جنهن ڏياريءَ جو پاڻ ڏھ ڪوھ ڏُور وڇڙي ويا هئا سين. هن رومال کي ڏسي آئون ايترو رُنو آھيان جيترو سنڌ لئه موهن ڪلپنا رُنو هو. هن رومال منهنجا ايترا لُڙڪ پيتا آھن جيترو تو زندگيءَ ۾ پاڻي به نه پيتو هوندو. اُهو ڀرت ڀريل پاڪيٽ به کڻي وڃ، جنهن ۾ انهن سگريٽن جا ٽوٽا سنڀالي رکيا اٿم، جيڪي پاڻ گڏجي انهن ماڳن تي پيتا هئاسين جن کي ڏسي هاڻ سرير سگريٽ جيان سڙي ٿو. ڀرت ڀريل اُها اڳٺ به کڻي وڃ جنهن کي مون خودڪشي ڪرڻ لئه سنڀالي رکي هُئي، پر خودڪشي نه ڪيم ڇاڪاڻ ته، هي سرير تنهنجو نه ٿي سگهيو پر آتما ته تنهنجي آھي. سو اي پريتم اچ پرائي سرير مان پنهنجي آتما پاڻ ڪڍي وڃ..اُها آتما جنهن جو پريتڻو آدجگاد کان توسان ٿيل آھي. اُها آتما جيڪا شبنم جي پاڻي وانگي پويتر آھي. جيڪا ميران وانگي پرڻيل هوندي به اڪن ڪُنواري آھي. اها فقط تنهنجي آھي.
    منهنجي پياري! توکي ياد ڪندي ڪندي رات جا ٻه ٿيا آھن. يڪي ويهڪ جي ڪري سرير سگري جهڙي سيڪ ۾ دُکي رهيو آھي. دريءَ مان ٻاهر نگاھ ڪيان ٿو. آسمان صاف نظر اچي رهيو آھي. ستارا به مون وانگي ڪنهن لئه جاڳي رهيا آھن، انهن کي چوان پيو بقول شاعر:


    ستارو تم تو سو جائو هم هي مجبور بيٺي هين،
    انهين هم ياد ڪرتي هين جو هم سي دُور بيٺي هين.


    ماڻڪين اکين جي مالڪه...!
    آئون به ڪيڏو نه چريو آھيان جو توکي ڏٺي ڏھ ورهيه ٿيا آھن پوءِ به هيڏيون هُجتون ڪري ويو آھيان. منهنجي سُھڻي تون به وقت جي ڪنهن ڏم وٽ مجبُور هوندينءَ. مون سان ملڻ به مشڪل اچين. پر دل کي ڪير سمجهائي. سمورو ماضي هن خط ۾ ميڙي ناهيان سگهيو بس جيڪي به بي ترتيب يادون ذهن تي آيون لکي ڇڏيم. هي يادون سنڀالي رکجانءِ بقولِ ڪويءَ
    ان لمحون ڪي يادين سنڀال ڪر رکنا
    هم ياد تو آئين گي،ليڪن لوٽ ڪي نهين

    منهنجو هي خط توکي ملندو، ان کان اڳم شايد آئون مري ويندس. جي مري وڃان ته منهنجي قبر تي اچي روئجانءِ نه، بس منهنجا ٻه نظم پڙھجانءِ، جيڪي مون توتي لکيا آھن. تنهنجو آواز ٻُڌي مون کي ابدي سڪون اچي ويندو…! منهنجي مومل! منهنجي دعا آھي تون هميشه هشاش بشاش ھُجين. زندگيءَ جي ميلي ۾ مون کي ڪڏھن به وسارجانءِ نه..آئون تنهنجي ساهُن جي ستار ۾ تو سان گڏ هوندس..

    مور ٽھُوڪا ڪن جتي،مان اُتي هوندو سانءِ،
    مون کي ياد ڪجانءِ، جڏھن وسن مينهڙا.

    شيخ اياز

    فقط تنهنجو
    امرت لعل


    ثقافت جي ڏھاڙي سنڌ امڙ ڏي خط

    اي نفرت ۽ تعصب کان بالاتر سنڌ
    تون اسان جي عظيم سُڃاڻپ آهين…!
    تون جيڪا صدين جي صدا آهين. تون هن ديدآور دنيا جي وشال نقشي تي بادل جيان بانوري آهين، تون موهن ڪلپنا جي خواب ۾ ايندڙ اها مبهم ۽ ڌنڌلي سنڌ آهين، جنهن جي گهٽين کي ٻهارڻ لاءِ هن ڀنگي ٿيڻ چاهيو هو. تون حسن درس جي خيالن ۾ ايندڙ ”پرين جي پاڇي“ جهڙي اها حسين نگري آهين، جنهن جي لاجواب لينڊ اسڪيپ تان لهندڙ سج هن کي مهاڻي ٻار وانگي موهي ماريندو هو. تون عرفان لنڊ جي نئين ڪويتا ۾ گُد ڏيندڙ اها سنڌ آهين جنهن جي مٽي اڃا مڪمل طور ڪلمو ناهي ڀريو. جنهن جون سمبارائون اڄ به محو رقص آهن. تون مصري شاھ جي اها شاعري آهين، جنهن ۾ هن عشق کي امام بڻائيندي محبت کي ئي مذهب ڪوٺيو آهي. تون قدم کان عدم تائين پهتل روبينه ابڙو جو اهو فلسفو آهين، جنهن ۾ مذهب کان انسان وڏو آهي. تون دوستي جو ڌرم نڀائي ڀومي جو ڀرم رکندڙ ، هانسي سوڍي جي اها حب الوطني آهين، جنهن جا ڳيچ ڳائي ننگر جون ناريون پنهنجن پتي پرميشورن کي محاذ تي موڪلينديون آهن. تون شيخ اياز جي شاعري ۾ شوخ ڇوليون بڻجي ڇلڪندڙ اها ڪينجهر آهين، جنهن ۾ ڪيئي نماڻيون نوريون لهرون لهرون بڻجي نچن ٿيون. تون سرمد ۽ صادق جو اهو آواز آهين، جيڪو ڳڀروئن جي روح کي گرمائي تو سان عشق ڪرڻ تي اُڪساهي ٿو. تون باغي جو اهو گيت آهين، جنهن کي ٻڌي اسين تنهنجو نصيب ٺاهڻ ۽ پنهنجو قرض لاهڻ لاءِ سندرا ٻڌي بيٺل آهيون.
    اي تعصب کان مٿاهين سنڌ! توکي مذهبي ماڻھو ڀلي کڻي انتهاپسندي جي ”ابوڇڻي“ اوڍائڻ جي ڪوشش ڪن پر تنهنجي ملوڪ مک تان صوفي ازم جا موڙ ڪڏهن به لاهي نه سگهندا، ڇاڪاڻ ته اهي موڙ انهن مڻهيارن جا مڙهيل آهن، جن جي درويش دلين جي ديبلن ۾ انسانيت جا ديپ سدا جڳ مڳائيندا هئا. تون تعصب ۽ نفرت جهڙن ناپاڪ نظرين کان مٿاهين آهين. تون اڄ به ان ابهم ٻار جيان ڀولي ڀولي آهين، جيڪو دنيا جي ڪنهن به قيمتي راندڪي تي راضي ناهي ٿيندو، پر پيار جا ٻه ٻول هن کي پاڻي ڪري ڇڏيندا آهن. تو ۾ اڄ به هوليون ڏياريون عيدون گڏجي ملهايون وڃن ٿيون. تون مذهبي ايڪتا جو دنيا لاءِ مثال آهين. تو ۾ رام، رحيم عيسيٰ، موسيٰ، نانڪ ۽ گوتم سڀ ميٺ محبت سان رهن ٿا. تو مذهبي متڀيد کان مٿاهين آهين. تنهنجي صوفياڻي سر زمين ۾ اڄ به رام جي گام ۾ ملهائجندڙ هولي جا هڙئي رنگ رحيم جي اڱڻ تي به هارجن ٿا ته ڏونگر مل جي گهر ۾ ٻرندڙ ڏياري جي ڏيئن جي روشني تريل طعامن جي روپ ۾ گل محمد جي گهر به پهچي ٿي. عيدالفطر جو فطرو گهنشام کي به ملي ٿو ته ٻاڪري عيد وارو ”تيوڻ “ تنو مل به ڍؤ تي کائي ٿو. پير پٿوري جي ماڙي تي سردار شاھ سر جُهڪائي ٿو ته لجپال لطيف جي درگاھ تي موهن لعل به مٿو ٽيڪي ٿو.
    اي جيجل! تنهنجي ثقافتي رنگن ۾ به محبت جو سڏ سمايل آهي اهو سڏ ورنائڻ لئه اسين هر سال ڊسمبر ۾ تو سان اظهار محبت جو وچن ورجائيدا آهيون. هن مابعد جديديت واري دور ۾ دنيا ڀلي کڻي نوان نوان ثقافتي رنگ ۽ ڍنگ اپنائي ۽ چنڊ کي چُهنڊڙي هڻڻ جي ڪوشش ڪري پر اسين اڄ به تنهنجي اجرڪ ڦلن جي ڪهڪشان ۾ پنهنجي شان جا ستارا جگ مڳائيندي ڏسو ٿا. اسين سنڌي ٽوپي جي جرڪندڙ ڪاون ۾ سڀيتا جي سونهن سمجهي سِر تي سَجايون ٿا. اسين ڪکاون گهرن ۽ پٽڪي جي ورن ۾ تنهنجي عزت محفوظ سمجهون ٿا. اسين ڇيڻي سان ليپيل اوٽلن ۽ جهوپڙا هوٽلن تي، ڪانب ڪڍي ويهي کيرپتي چانهه پيئندي تنهنجي ساراھ جون سرڪيون ڀريون ٿا. نئين دور جي هي دنيا ترقي جي ڊوڙ ۾ ڀلي کڻي پنهنجي ماضي کي وساري پر اسين تنهنجي قديم سونهن کي ڪڏهن به نه وساريندا سين. اسين تنهنجي دل ۾ دفن ٿيل درويشن جي درگاهن تي ميلا مچائي، تنهنجي مور کيڙي جهڙي ثقافت کي جئدان ڏيندا رهينداسين. اسين اُٺن ۽ گهوڙن کي ڪنوار جيان سينگاري تنهنجي.سرزمين تي سدا ڊوڙايندا رهنداسين.
    اي جيجل! اسين تنهنجا سٻاجهڙا مارُو اڄ به صحرا کي ستر سمجهون ٿا. اسان پاٻوڙا پائڻ ناهي وساريو. اسين ڪرڙن جا ڏينا کائي ڏُلي ۽ رُلي به ٻاٻاڻي وطن سان ٻٽيهه دليون لڳائي ويٺا آهيون. اسين تنهنجي صدين پراڻي ثقافت مهمان نوازي جو مان رکي مهمانن کي مهان سمجهون ٿا. چانورن جي ماني ڪڪڙ جو ٻوڙ، مکڻ ماکي ۽ گهاٽي لسي اڄ به مهمان نوازي جي دسترخوان جو دستور بڻيل آهي.
    اي سنڌ! تنهنجي سيني تي حرس مان هلندڙ سادڙيون سنڌياڻيون اڃان جديد دور جون ”ڪسيون ڪُڙيون“ ناهن ٿيون ۽ نه ئي وري لالي يا بالي ووڊ جي ڪنهن واهيات گاني تي ڊسڪو ڊانس ڪن ٿيون. اڄ سنڌ! تنهنجون سادڙيون سنڌياڻيون وڏي کڙيءَ واري جُتي پائڻ ۾ به صفا شرم ٻُوٽڙيون آهن. جينس پينٽ وارا ريڊي ميڊ ڪپڙا پائڻ ته پري جي ڳالهه آهي، پر اُهي ته وارن ۾ شيمپو لڳائيندي به شرم محسوس ڪن ٿيون. سٻاجهڙيون سنڌ ناريون گج پڙا ۽ ڪنجرا پائي، وارن ۾ مروو (نازبوءَ) لڳائي، ڏندن کي مساڪ هڻي پنهنجي محبوبن سان ملن ٿيون. هنسلي هار ڪندڙ سنڌ ناريون نڪلس جي نالي کان به واقف ناهن. اهي ميڪ اپ واري مصنوعي فيشن کان وڌيڪ فطرت تي ويساھ رکنديون آهن. پنهنجي ثقافتي سونهن دهريءَ کي دل تي سجائي هلن ٿيون. جهانجهر ،جهومڪ ۽ جهيلن سان پيار ڪندڙ سنڌياڻين جا هٿ اڄ به ٽُڪ تي رليون ٺاهڻ ۽ چادرن تي ٽونئر ٽانڪڻ ناهن وساري سگهيا. اُهي هنر مند هٿ مور کنڀن مان وينڃڻا ٺاهي، هر مچ ڪچو ۽ پڪو ڀرت ڀري تنهنجي ثقافتي قدرن ۽ معيارن کي زنده رکندا اچن.
    اي جيجل! جاگرافيائي حدن، ثقافتي اهڃاڻن ۽ صوفي ازم واري نظريي جي حفاظت ڪرڻ اسان جو اولين فرض آهي، ڇاڪاڻ ته اسان ” الست به ربڪُم “ واري ازلي ڏينهن تو سان ويڙهيچاڻو وچن ڪيو هو. تنهنجي خوبصورت کيٽن ۽ دلربا ٻيٽن جو قسم تنهنجي نانءَ تان نثار ٿيڻ جو جنون اڄ به اسان جي رت ۾ ست بڻجي ساھ کڻي ٿو. تنهنجي سرير جي سر زمين ۾ جيستائين سنڌو جهڙو شهنشاھ ۽ ديومالائي درياءِ روان ۽ دوان آهي. ايستائين تنهنجي وجود جي وڻ کي وقت جو ڪو به واءَ لوڏي نه ٿو سگهي. ڪُنڍي مينهن جي سڱن جهڙا ڏانٽا جيستائين هنر مند هارين جي محنت ڪش هٿن ۾ موجود آهن. ايستائين تنهنجي زمين کي زرخيز ٿيڻ کان ڪير به روڪي نه ٿو سگهي. ڀلاري ڀٽ ڌڻيءَ جو هي بابرڪت بيت جيستائين سينڍن ۾ مارئي ڳائي سگهندڙ ديس جي ڌراڙن جي دلين ۾ محبوب جي ياد وانگي گونجي پيو ايستائين تنهنجي ٻهگڻ ٻولي کي ڪوبه وساري نٿو سگهي.
    سائينم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار
    دوست مٺا دلدار عالم سڀ آباد ڪرين

    فقط ڀومي پُتر


    ايڪهتر ۾ ڌرتيءَ مان دربدر ٿيل هڪ ڀيڻ جو ’’رکشا ٻنڌن “ تي ڀاءُ ڏانهن خط

    منهنجا ماڻينگر ويرا! اڄ شفيع فقير جي آواز ۾ هي ڪلام ٻُڌي اکين جي وطن ۾ بي قراري لهي پيئي آھي. ”عُمر اباڻي پار ڏي اڄ جهُڙ ٿو جهُمريون پائي.‘‘ ملير وڃڻ لئه دل تاڙي جي تڙپ وانگي لوچ پوچ ۾ آھي. نيڻ ابر جي ڇمر وانگي ڇڻي رهيا آھن. ڏورا، همرچا ۽ راڻليا سڀ سُر سارنگ ۾ ملهاري بڻجي من جي محفل ۾ وڄي رهيا آھن. ڇا ڪيان ۽ ڪئين پسان پنهنجي ڀوميءَ جي اُنهن ڀٽن کي، جن جي پاساڙن ۾ پِپون چونڊي ڪونڍير ڪڍيا هئا. ڪئين پُڄان انهن ساڏوهين جي ڏنگن ڏارن تائين جن لئه سڌ مريندي ساھُ مُٺ ۾ اچي وڃي ٿو.الا…! اُن چانوري ڍڳي لئه چِت چتا تي چڙھي رهيو آھي، جنهن مان ڇاڻونئي کير جي چونئري ڀري ڏُهندي هيس. ڪئين پلن ۾ پڄان اُن ترائيءَ تي جنهن جي شفاف پاڻي ۾ منهنجو روح اڄ به تصورن ۾ تڙڳي ٿو.! سڀ ڪجهه هڪ رات ۾ سماپت ٿي ويو. ڄڻ هڪ سپنو هيو جيڪو اک کلڻ سان ئي ختم ٿي ويو. سپنو هجي ها ته ماڻھو مُرڪي وساري ڇڏي ها، پر هي ته ڏينهن ڌونئري جهڙي حقيقت هُئي، جيڪا ٻن مُلڪن جي انارڪيءَ جي ڀينٽ چڙھي ويئي. مُلڪ ٻيئي وري ٺھي ويا پر اسان جا گهر جئين اُجڙيا ته وري آباد نه ٿيا. بس ساھ کڻان پيئي، پر زنده ناهيان.! وسڪارا هتي به ٿين ٿا، پر اها ساوڪ انهن مڙھن جي ماٿارين ۾ رهجي ويئي، جن تي سنجها صبح مور مالڪ جا ترانا ڳائين ٿا. ڀاڄيون هتي به رڌجنديون آھن، پر جيجان جي هٿ جي رڌيل پِپن جي رائتي جهڙو سواد رتي برابر نٿو ملي. ترايون ته هتي به تار ٿين ٿيون، پر هن ڇَر ۾ اُها ڇاڪَ ناهي جنهن جي هاڪ هُتي جي هر ترائيءَ جي هوندي هُئي. ڏُونگر هتي به آھن، پر ڪارونجهر ڪير سڏائي، سرامڻ جا ورتولا هتي به وينگسون رکنديون آھن، پر ٿاريلين جي مَٽِڪُو واري نرت ۽ چَرُوڙيءَ واري چال جي ڳالهه ئي ٻي هُئي.
    آئون به هاڻ پُٽن پوٽن واري ٿي ويئي آھيان. منهنجو پَتي رٽائرڊ ماستر آھي. منهنجو پُٽ ڊاڪٽر آھي. ماني مڇيءَ واري ٿي ويئي آھيان. هڪ ڌيءَ آھي جيڪا ميٽرڪ ۾ پڙھي ٿي. روز اسڪُوٽيءَ هلائي اسڪول ويندي آھي. توکي کِل ايندي پر ويرل! هيءَ سنڌ نه پر هِند آھي. پنهنجي راجپوتي پرمپرا وارو ڀرم ڀٽن ۾ رهجي ويو.
    منهنجو پُٽ به سپوٽ آھي. مون کي ڏاڍو ڀائيندو آھي. ڏُڌ پُٽ سڀ ڪجهه آھن. بس هڪڙي ڪمي آھي اوهين ناهيو. ڪڏھن ڪڏھن اڪيلي سوچيندي آھيان ته ائين لڳندو آھي مون وٽ ڪجهه به ناهي منهنجا ڀاءُ ڪجهه به نه…! بقولِ ڪوي ته:

    لڪڙي جل ڪر ڪوئلا ڀئي، ڪوئلا جل ڀيا راک
    مين اڀاگن ايسي جلي، نه ڪوئلا ڀئي نه راک

    (ڪاٺي ٻرڻ کانپوءِ ڪوئلو ٿيندي آھي ۽ ڪوئلو ٻري رک ٿيندو آھي. آئون اڀاڳڻ اهڙي ٻري آھيان جو نه ڪوئلو بڻي آھيان نه رک.)

    منهنجا مٺا ڀاءُ! ٻُڌو اٿم هيل ٿر ۾ برسات صفا هڻي هَند ڪيو آھي. ترايون ڪُتي جي اک ٿي پيون آھن. الاهي ورهين پُڄاڻان اهڙو ڀلو ورس ٿيو آھي. گاھ به گوڏي تي آهي. فصل به اصل ڪم ڪڍي بيٺا آھن. مريڙو ۽ کُنڀيون به کائي ماروئڙا اوڪڻجي پيا آھن. کير ڀٽارو گهڙن جي مونهين آھي مطلب ٿر هينئر ڏسڻ جهڙو آھي پر آئون ڏسي نٿي سگهان بس تصور جي تُرهي تي چڙھي پل اپل ۾ اچان ٿي ته، ڪڏھن ڪڏھن رات جو خوابن جي اُڏند کٽولي تي چڙھي پنهنجي ماتر ڀوميءَ جي وڻ وڻ کي ڀاڪر وجهي روئان ٿي. ڳوٺ جي وڏي ڊُوهي تي آنٻليو کيڏان ٿي. اجهور واري جهوني کوھ تي اواڙا اُميهران ٿي. اک کُلڻ تي کِل به ٿئي ٿي پر اکين جون پنبڻيون پُسيو وڃن ٿيون.
    پيارا ويرل…! مونکي ايڪوتر (1971ع) واري اها بلئڪ آئوٽ رات اڄ به ياد آھي. جنهن رات اسان جا توا چڙھيل ئي رهجي ويا. ڀريا تُريا گهر، مال متاع ڍور ڍڳا سڀ ڪجهه ڇڏي بس ساھ مُٺ ۾ ڪري رڻ ڪڇ ڏي ڀڳا هئاسين. ننڌڻيڪا ٿي پرائي ديس ۾ دربدر ٿي وياسين. جتي اڄ به اسان کي شرنارٿي چيو وڃي ٿو. اسين هن ڌرتيءَ تي هوندي به هن ڌرتيءَ جا نه ٿي سگهياسين. هينئر خبر پوي ٿي ته ماڻھو پنهنجي ڌرتي کان سواءِ بي پاڙي ول جيان ڪئين هوندو آھي...!؟
    مونکي مائٽن ٻارنهن ورهين جي ڄمار ۾ سياءَ جي پلي لڳايو هو. ٻالاتڻ ۾ روئندي روئندي گهر کان رُخصتي ڪئي هئم. کيڏڻ جي وهي ۾ ذميواريون مليون هيون تڏھن به ايترو ڏُک نه ٿيو هو جيترو اچانڪ هڪڙي رات ۾ ڌرتي ڇڏڻ تي ٿيو هو. ڀنل اکين سان پنهنجا ڀونگا ڇڏڻ مهل ڏاڍو ڏُک ٿيو هو. جانور به پنهنجي جُوءِ ڇڏڻ ناهي چاهيندو، اسين ته پوءِ به انسان هئاسين، پر ڇا ٿي ڪري سگهياسين؟ اسان سوچيو هو ته اوهين به سِگهو اوڏانهن ايندا، پر اوهان هڪ نامدار نهُڙئي سردار جي ڏڍ تي انچ به نه چُريا ۽ ھُن واقعي اوهان جو وار به ونگو ٿيڻ نه ڏنو، پر اسان کي ڪو به اهڙو نيڪ دل نهڙيو نه مليو جيڪو دل کي دلاسو ڏي ها ۽ اسين هئين دربدر نه ٿيون ها.
    ڪجهه ڏينهن اڳ وير پُسلي جو وِرت رکيو هئم.(هي ورت سانوڻ مهيني ۾ ايندو آھي جيڪو سانوڻ جي پهرين آچر تي ملهايو ويندو آھي. ڀيڻون پنهنجي ڀائرن لاءِ رکنديون آھن.) سوپاري کي ست ٽُڪر ڪرڻ لئه جئين ئي هٿ ۾ موهري کنيم. اکيون ڀرجي آيون. سوپاري ته نه ٽُٽي پر منهنجو اندر اٺ ٽُڪر ٿي پيو. سوچيم سوپاري جا ڳترا ته ڀائرن کي ڏيڻا آھي سو منهنجو ڀاءُ ته سرحد جي هُن پار آھي. آئون سوپاري ڪنهن کي ڏينديس؟ ان ڏينهن سڄو ڏينهن رُني هيس. تون ڏاڍو ياد پيو هُئين. سڀ سهيليون ياد جي ترائي ۾ تري آيون هيون. ڳوٺ جو چپو چپو دل جي درپن ۾ چٽو ٿي پيو هو...!
    سٺ سالن جي عمر ۾ هوندي به سانوڻ وارن ورتولن ۾ صفا ٻارڙي ٿي وطن کي ياد ڪندي آھيان. پل به وساري نٿي سگهان. ڪئين وساريان اهو جهونو کوھ جنهن جو ٻاڙو پاڻي منهنجي سُتيءَ ۾ سمايل هو. جنهن کوھ تي مون ڦُوھ جواني جون کينچلون ڪندي جيڏين سان گڏ ٽھڪ ڏنا هئا. اهي ٽھڪ اڄ به منهنجي ڪنن ۾ ٻُرن پيا. ڪئين وساريان سرامڻ جي پهرين ٽيج جا اُهي پرينت ڀريا گيت جن جي سنگيت ۾ ملڪ جي مٽيءَ جي مهڪ سمايل هُئي. وساري ته اها ترائي به نه ٿي سگهان، جنهن جي اوٺي ٻُوڙ پاڻيءَ ۾ ٽيج جا گجُوئا تاريا هئا.
    مونکي اها ڊُوهي ڄار ڏاڍو ياد اچي ٿي، جنهن ۾ لوڏ ٻَڌي آئون اڪثر لُڏندي هيس. پيارا ويرا…! مونکي ان ڄار جي ٽار جو ڪو ڇوڏو اُماڻي ڏي ته تعويذ ڪري تَن تي ٻَڌي ڇڏيان. ڪجهه ڏيل کي ڏڍ اچي ويندو يا اُن جهوني کوھر جو کارو پاڻي ڍُڪ موڪلي ڏي ته جيڪر مري وڃان ته به آتما کي شانتيءَ ملي. منهنجا ويرا…! مون کي اُن واريءَ جي چپٽي موڪلي ڏجانءِ. جنهن مان مون ڀيڄ ڀنيءَ جو ڀونگلا ٺاهيا هئا. هن رُت ۾ ڀوميءَ جي هر پڌارٿ چِت ۾ چهنڊڙيون هڻي ٿي.
    اڄ رکڙي پونم آھي. جنهن کي رِکشا بندن چوندا آھن. (هن ڏڻ تي ڀينرون پنهنجي ڀائرن جي هٿن ۾ راکڙيون ٻڌنديون آھن.)
    اڄ آئون صفا جهُري پيئي آھيان. اڄ روئڻ چاهيان ٿي پر لُڙڪ اکين جي نڙي ۾ اٽڪي پيا آھن. خاموش اکين ۾ سُڏڪا سمائي هي رت سان خط لکي رهي آھيان. اڄوڪو چنڊُ به ڳرهڻجي چُڪو آھي پر منهنجي حياتيءَ جو چنڊُ ته ان رات ڳرهڻجي چُڪو هو جنهن رات مون پنهنجي گهر جو در کليل ڇڏي ان کي هميشه لاءِ الوداع ڪيو هو.
    ويرا…! اڄ مون به ريشم جي ڌاڳن مان هڪ راکي ٺاهي آھي. جنهن ۾ سڪ جا ڪيئي ٽونئر ٽانڪيا آھن، پر اُها ڪنهن کي ٻَڌرايان؟ تون مون کان ڪوهين ڏُور پري آھين. خدا پَر به ناهن ڏنا جو اُڏامي اچان. مٺا ڀاءُ هڪ مجبور ۽ بيوس عورت سواءِ ماتم جي ٻيو ڪري به ڇا ٿي سگهي…!؟ وطن کان پري عمر جا پنجيتاليهه ورهيه مون جنهن پيڙا ۾ ڪٽيا آھن اها اذيت شل مالڪ دُشمن کي به نه ڏي. ماڻھو بُک وگهي ڪو نه مرندو آھي. پر وطن جو وڇوڙو ماڻھو جي عمر گهٽائي ڇڏيندو آھي. منهنجي عمر به هاڻي پوري ٿيڻ واري آھي پر ان آس تي ساھ کڻان پيئي ته هڪ ڏينهن وري پنهنجو وطن ڏسنديس...!!
    مون توکي آخري ڀيرو تڏھن ڏٺو هو، جڏھن تون پنج ورهين جو هئين، اڄ پنجيتاليهه ورهيه وهامي ويا آھن. هاڻي تون الائجي ڪهڙي شڪل ۾ هوندين، جئين به هجين پر منهنجي تصور ۾ تنهنجي اها ئي تصوير تري ٿي جيڪا هڪ ٻار جي ھُئي. مون لئه تون اڄ به اهو ئي پنجن سالن جو ٻالڪ آھين، جنهن کي آئون ڪڇ ۾ کڻي ريل ۾ راند ڪرائيندي هيس. منهنجو ساھ تنهنجي پيٽ ۾ هو. توکي بابا وڏيون باسون باسي پير پٿوري کان پني ورتو هو. تون سڄي گهر ۾ لاڏلو هئين. مون تنهنجي لاءِ وڏي لاڏ ڪوڏ مان مور جي پَرن مان موڙ ٺاهيا هئا. اُنهن موڙن ۾ هڪ ڀيڻ جي حسرت سمايل هُئي پنهنجي ڀاءُ جي سر تي سهرا ڏسڻ جي.. هڪ آشيرواد سمايل هو امڙ جو ڇاڪاڻ ته، تون امان جو صفا اکين جو تارو هئين. امان ته اسان نياڻين کي به پُٽ سمجهندي هئي وڏو پيار ڏيندي هئي.الا…! منهنجي جيجل…!
    هاڻي جيئري به آھي يا نه.. ڪو به سماچار نه ٿو ملي. آئون ته بس دل کي آٿت ڏيڻ خاطر هر ويل پنهنجي مُنهن چوندي وتان ته، هڪ ڏينهن امان مون سان ملڻ لئه مون وٽ ضرور ايندي…! نه امان ٿي اچي ۽ نه ئي آئون شانتيءَ سان مري سگهان ٿي. منهنجي ماءُ جهڙي مٺڙي پنهنجي ڳوٺ واريءَ جيجي ميگهواڙڻ به الئه ڪهڙن حالن ۾ هوندي؟ جيئري به آھي يا نه..الا…! هُوءَ مون لئه وڏي ڪوڏ مان پِپون چونڊي ايندي هُئي. ان جو پِپن جهڙو پيار سنڀاري اکين جا بند اُٿلي پون ٿا..مٺا هاڻي بس وڌيڪ نٿي لکي سگهان. چنڊ به ڳرهڻ جي گرفت مان آجو ٿي ويو آھي، پر منهنجي جيون مان ڳڻتين جو ڳرهڻ الئه ڪڏھن ويندو…؟
    پيارا ويرا…! هڪ ڀيرو جيجل کي مون ڏي وٺي اچجانءِ. هاڻي ته کوکرو به کُلي ويو آھي. هر هفتي راجا واري ريل ورهين جا وڇڙيل پاڻ ۾ ملائي ٿي. مون به اوهان ڏانهن اچڻ لئه عرضي ڏني هئي پر سرڪار در اگهاڻي نه چيائون تنهنجي ڪاغذن ۾ غلطي آھي. مُرڪي وراڻيم غلطي ڪاغذن ۾ نه پر منهنجي مقدر ۾ آھي جنهن مونکي ڌرتي بدر ڪيو آھي.
    آخر ۾ هڪ عرض ته منهنجو هي خط اگر ڪنهن به نئين دور جي ”احمد“ کي ملي ته مهرباني ڪري مونکي پوپٽي واريون پَٽيون نه پڙھائي، ڇاڪاڻ ته آئون هيرا آباد واري پٻي نه پر ٿر ڀٽن جي اها ڀيڻ آھيان، جنهن جو دامن ڀاروڙين جي اُن جهڙو اڇو آھي. جنهن جي سڪ واريءَ جي ڪڻ ڪڻ سان وابسته آھي. مون گهڻو ڪجهه ڀوڳيو آھي مون کي هاڻي بس شانتيءَ سان مرڻ جي ضرورت آھي.! پر اُها شانتي وطن جي مٽيءَ کان سواءِ ڪٿي ملندي…؟ ۽ وطن جي مٽي مون کي هاڻي مئي پُڄاڻان به پڪ سان نه ملندي.!

    لکيو منجهه نراڙ سو قلم ڪئين وهي ڪياڙي
    ڀٽائي“

    فقط تنهنجي اڀاڳڻ ڀيڻ
    امرتا


    سنڌ ڇڏي ويندڙ سوڍن کي سٻاجهڙي سنڌي جو مياري خط

    سوڍا! تون به سنڌ ڇڏي وئين!؟
    تون جيڪو پنهنجي ڌرتي ماءُ جو دادلو پُٽ هُئين.! تنهنجي وڏڙن جنهن سنڌ وطن کي پنهنجا پراڻ ارپيا هئا تون اڄ پنهنجن معاشي مفادن لاءِ اها جنم ڀومي ڇڏي رهيو آهين؟ حقيقت ۾ تون کي ائين جڳائي نٿو. توکي ته وطن لاءِ وڙهي وڙهي رڙهي رڙهي به جيئڻو هو. شايد توکي تنهنجي جرڻي لوليءَ ۾ اها لوڪ ڪٿا نه ٻڌائي هئي، جنهن ۾ ڌرتي خاطر سرتي کي سهاڳ رات جو ڇڏي، محاذ تي مرڻ قبولي، پنهنجو ڪنڌ ڪپائيندڙ ڪونڌر تنهنجي ئي ڪُل مان هو ۽ اڄ تون پنهنجن وڏڙن جون وسيع وارتائون ۽ قربانيون وساري حب الوطنيءَ کي ڪارو ڪلنڪ ڏيئي، خاردار تارن جي هن پار وڃين پيو. جتي توکي شرڻارٿي جهڙن شبدن سان سڏيو ويندو. جڏهن تو ڏانهن حقارت ڀرين نگاهن سان نهاريو ويندو تڏهن توکي سنڌ امڙ جو بي بها پيار ياد ايندو، پر ان وقت تون سواءِ روئڻ جي ٻيو ڪجهه به ڪري نه سگهندين. ڇو ته تون سڀئي واسطا وطن سان ٽوڙي وڃي رهيو آهين!
    جنهن ڌرتيءَ توکي پالي پوشي وڏو ڪيو. جنهن درياءُ توکي جل پياريو، ان کي تياڳڻ وقت توکي تر جيترو به درد محسوس نه ٿيو. جنهن ڌرتي پنهنجي پاڪ سيني تي تنهنجا پير برداشت ڪيا، ان پرٿوي ماتا کي ترڪ ڪندي توکي رتيءَ جيترو به رحم نه آيو.
    جڏهن مشرف جي مهربانين ۽ واجپائي جي وڙن سان کوکرو کليو هو، تڏهن ڪڇ ڪنار کان وٺي مارئيءَ جي ديس ملير تائين مڙني ماروئڙن جي مهانڊن تي خوشي جا کيٽ کڙي پيا هئا. وڇوڙن جو درد دل سان محسوس ڪندڙ مٺي جي مقيم ڪنڀر جي اداس اکڙين ۾ به سرهائي جو سرمو اوتجي ويو هو. کوکرو کلڻ سان، جتي تون سرهو ٿيو هئين اتي تو کان وڌيڪ تنهنجي اها جيجل سرهي ٿي هئي، جنهن جي ڌيءَ کي وقت جي ڪوڙي انا خاطر ديس جي دل تان اکوڙي پرديس ۾ پرڻايو ويو هو. ان اداس ڌيءَ سان ملڻ لاءِ تنهنجي جيجل روئي روئي نيڻن مان نير کٽائي ڇڏيو هو.
    کوکرو کلڻ سان وڇڙيل جندڙين ۾ وري ملڻ جي آس ڪر موڙي جاڳي هئي، پر ان مهل ڪنهن جيجل سنڌ جي ويراڳي روح کان نه پڇيو ته اي سنڌ امڙ! تون ڇا ٿي سوچين؟ سنڌ ته کوکرو کلندي ئي اداسي جي عالم ۾ ٻڏي ويئي هئي، ڇاڪاڻ جو هن کي پڪ هئي ته هن جا بي وفا پٽ وري به کيس اڳ وانگر ڇڏي ويندا.
    کوکرا پار کلڻ سان وڇوڙن ۾ وقفا ٿيا آهن. مڃون ٿا ته سيڻن سان سيڻ ملڻ به سٺو سنئوڻ آهي. واپارين به ڪمايو آهي، پر دوستو! منهنجي سنڌ ته رڳو وڃايو آهي. پنهنجي بدن جي بٽواري کان وٺي اڄ تائين سنڌ پنهنجن ٻچن کي پاڻ کان جدا ٿيندي ئي ڏٺو آهي.جداين جا جهنم ڀوڳيندڙ سنڌ هاڻي ساڻي ٿي پيئي آھي.
    اي سوڍا! تنهنجي سوڍن ۾ سنڌ ڇڏڻ وارو سلسلو جئين جو تيئن جاري آهي. هر هفتي ريل ۾ هڪ نه هڪ تو جهڙو بي وفا سوڍو سنڌ ڇڏي هند وڃي ٿو. هر هفتي تو جهڙا ڪيئي سوڍا پنهنجي سنڌ امڙ جي ممتا ڀري ڇاتيءَ تي پٿر دليءَ وارو پير رکي ان پرائي ملڪ وڃن ٿا، جتي هر پاڪستاني کي شڪ جي نگاھ سان ڏٺو وڃي ٿو ۽ جنهن سان حد کان وڌيڪ نفرت ڪئي وڃي ٿي، پوءِ به تو جهڙا سوين ان حوالي سان سنڌ ڇڏين ٿا ته هتي سڪون ناهي، هنن جو ڌرمي ديس هندستان آهي، اهڙو ڌرمي ديس، جتي وڏڙن کي ”ورد آشرم“ ۾ ڇڏيو وڃي. جتي ملڪ جي ميٽرو پوليٽن شهر ۾ ڏينهن ڏٺي جو نياڻين سان ڏاڍايون ٿين. ڀلا جنهن ديس جي غريب جنتا ڪوئا کائي پيٽ ڀري ۽ جتي عورتون وڌ ۾ وڌ خودڪشي ڪن! جتي ماڻهوءَ جو ماس وکر جيئن ملي، جتي وڏا وڏا پنڊت مندرن ۾ ويهي نياڻين سان نت روز نئين طريقي سيڪس ڪرڻ جو شوق پورو ڪن! اهڙي ديس ۾ تو جهڙا ان حوالي سان ٿا وڃن، ته انهن جو ڌرم ”برهشٽ“ ٿيڻ کان بچي پوندو. اها وڏي بيوقوفي آھي. عزت ۽ ذلت مالڪ جي هٿ ۾ آھي.
    اي سوڍا! تون سهڻي سنڌ ڇڏي پرائي ديس ۾ قطعي سُکي نه رهندين، ڇاڪاڻ جو تون پنهنجي امڙ کي ڇڏي رهيو آهين. سنڌ ماءُ جي قلب ۾ تون وڇوڙي جا ڪلا هڻي ويو آهين. جيڪي صدين جي صدا بڻجي سنڌ ماءُ جي ڏيل کي ڏنگيندا رهندا. تون تڙپندو رهندين پرائي وطن ۾! توکي ڪهڙي ڪل ته سنڌ تنهنجي جدائي ۾ ڪيتري رُني آهي؟ تنهنجي وڇوڙي ۾ سنڌ سورن جي شدت ۾ ائين تڙپي آهي، جئين تنهنجي ماءُ توکي جنم ڏيڻ وقت تڙپي هوندي!!
    اي سوڍا! مڃان ٿو ته، تون سمجهندو هوندين ته تو سنڌ ڇڏي سٺو ڪيو آهي، پر تو ته اها عظيم غلطي ڪئي آهي. جنهن جو نتيجو ايندڙ نسل ڀوڳيندو. تو نه رڳو سوڍن جي صدين پراڻي حب الوطني جي نڙي تي ننهن ڏنو آهي، پر تو نسلن جا نسل يتيم ۽ لاوارث ڪيا آھن. تو فقط انفرادي فائدي لئه اجتمائي قتل ڪيو آھي. تون هڪڙي قسم جو خاموش قاتل به آھين. تو پنهنجي پير تي پاڻ ڪهاڙو هنيو آهي ۽ پنهنجي وڍيءَ جو نه ويڄ نه طبيب…!
    سوڍا! آئون تو کان ڪجهه سوال ڪندس، جن جا جواب نه تون ڏيئي سگهندين ۽ نه ئي تنهنجو ضمير .....!! سوڍا سنڌ ڇڏيندي تنهنجي جيءُ کي جهوٻو ڇو ڪونه آيو؟ ريل جي ڪمپارٽمينٽ واري کڙڪيءَ مان جهاتي پائيندي توکي سنڌ جي مايوسي ڇو ڪونه نظر آئي؟ پنهنجن عزيزن سڳن ڀائرن کان موڪلائيندي تنهنجي اک ۾ ڇو هڪ لڙڪ به نه آيو؟ ڪينجهر جا ڪنارا، ڪاسٻي جا مور ڪارونجھر جا هرڻ، لاڙ جا پلا ۽ مهاڙيئي جا ڪورا دِلا تو کان ائين جلدي ڇو وسري ويا؟ تو پنهنجن رڳن ۾ رت وانگي ڊوڙندڙ سنڌوءُ جي پاڻي جي پت ڇو ڪونه رکي؟ ڀلاري ڀٽ تي مينهوڳيءَ ۾ طائوس جي تنوار ۽ ڌنار جي ديڪار به تو کان جلدي وسري ويئي.
    ڇا تو ڪڏهن اهو سوچيو آھي ته، تون جيڪي پنهنجا غريب ڀائر هتي ڇڏي وڃين ٿو انهن جو ڀويش ڇا ٿيندو؟ انهن کي اقليت ۾ ڇو ٿو تبديل ڪرائين؟ تون انهن چند پر تلخ سوالن جا جواب قطعي ڪونه ڏيئي سگهندين، ڇو ته تون ذاتي ۽ معاشي مفادن ۾ غرق ٿي چڪو آهين، تون پنهنجي تاريخ وساري چڪو آهين، اُها تاريخ جنهن ۾ رڻمل سوڍي جي رت جا ريلا ٽلٽيءَ جي ميدان ۾ ٽليا هئا، اُها تاريخ جنهن ۾ هانسي سوڍي پنهنجي سجني ميگهاوتيءَ جو منهن ڏسڻ بنا ڌرتي مٿان سر صدقي ڪيو هو. پنهنجي ڀرم کي ڀلائي ويندڙ اي سنڌ جا سوڍا! تون ڏيهه جو ڏوهاري آهين، تون سنڌ جو مياري آهين، تون ڀٽائي، سچل ۽ ساميءَ اڳيان جوابدار آهين..!

    فقط
    سٻاجهڙو سنڌي


    پياري شواڻي کي لکيل خط...! پيارا! تو لاءِ ٿر روئي ٿو

    تون جيڪو مور ڪلنگي جهڙو ماڻهون هئين! اسحاق سميجي ڪيڏو نه سچ چيو هو ته، ”تون ڪنهن مور جو رهجي ويل کنڀ آهين“. اسحاق جي چيل انهن لفظن جو لباس پائي تون الئه ڪهڙي ڊيل جي ڳولا ۾ نڪتين جو سنڌ کان سدائين لاءِ وڇڙي وئين. تنهنجي شاعراڻي مزاج ۾ انسانيت سان محبت سمايل هئي. تنهنجي شيرين زبان جو ماکي لار جهڙو مٺو سواد اڄ به مون کي ياد آهي. تون جڏهن رنگ منچ تي چڙهي ميزباني وارا فرض سر انجام ڏيندو هئين. تڏهن سڄي پنڊال تي ”ووڊڪا“ جا نشا ڇانئجي ويندا هئا. تون جيڪو اٿندي ويهندي سنڌ شٻد جو جاپ ڪندو هُئين. تنهنجي پوڄا ۾ پرٿوي ديوي سڀ کان اچت هئي. پوءِ تون ڇا لاءِ ايڏي بيوفائي ڪري وئين هليو ”هُن“ پار ...! پنهنجي ماتر ڀومي کي ٽڙڻ جي مند ۾ پن ڇڻ جهڙي ويري وڇوڙي جو وڍ ڏيئي وئين. خاردار تارن جي هن پار ويندي تنهنجي آتما دل چوي ٿي ڳوٺ وڃان ” جي لفظن ۾ به ڪو نه وچڙي؟ تنهنجي دلربا ڳوٺ جي ڳلين ۾ وڄندڙ ڇيرن جا ڇمڪاٽ تنهنجي روح کي ريجهائي نه سگهيا؟ تنهنجي اباڻي اجهور جي وک وک تي انڊلٺ اڀاريو بيٺل مورن جا ٽهوڪا ۽ پاڻيارين جي پيرن جا کڄڪا به تنهنجي رانديڪي جهڙي روح کي راس نه آيا، جو تون ڇڏي وئين ڄائي جي ڄرن ۽ اباڻن گهرن کي. تو ”ديسي سيڻ ڪجن، پرديسي ڪهڙا پرين“ واري سٽ پڙهي ضرور هئي پر پرجهي ڪونه هُئي، نه ته ڪر ايڏو وڏو قدم نه کڻين ها. تو شايد موهن ڪلپنا جي تڙپنا ”بک عشق ادب“ به ڪو نه پڙهي هئي ۽ نه ئي وري آڪاش واڻي جي ڪوئل وينا شرنگي جي آوز جي لهرن ۾ لڇندڙ وطن جي سڪ کي اوگنايو هو، تڏهن ته بنا جواز جي ڇڏي وئين پنهنجي جنم جاءِ ....! جنم جاءِ ترت تياگڻ کان ٿورڙو اڳ ڪيرت ٻاٻاڻي جي ڪٿائن کي ته پڙهين ها يار…! وطن جي وڇوڙي واري وهلور ۾ ساري عمر سڏڪندڙ کيئل داس فاني جا نظم به شايد تنهنجي نظرن مان ڪو نه گذريا، جو تو وڃڻ ۾ ايڏي تڪڙ ڪئي. ”عمر وڙي ورساڙو آيو ڏيس ڏاڏاڻو ڦولڙي ڇايو “ وارين سدا ملوڪ سٽن جا سرجيندڙ تون وسڪارو اچڻ کان اڳ هليو وئين. ٿورو ته ترسين ها يار! ڪي ڀورڙا بادل جل پياسين ڀٽن جا بدن ڀڄائين ها ۽ آڏن دوڙن تي گاوڙليون گهامڻيون چرن ها پوءِ ڀلي تو پنهنجي منشا پوري ڪرين ها..
    پيارا! تنهنجي پرار پڌارڻ کان پوءِ تنهنجي گهريلي ڳوٺ مالڻهور ويڻه ۾ وڏي مايوسي ڇانيل آهي. تنهنجي سرتين کان ٽهڪ ائين رسي ويا آهن جئين سري شهر کان سندر شامون موڪلائي ويون آهن. تنهنجي وڃڻ کان پوءِ مرشد ”ڇٽي فقير“ واري درگاھ جي سائي ڏيري تي ويٺل مجاور مورن ۾ مڪلي جهڙي ماٺ ڇانيل آهي. تنهنجي جدائيءَ جي جهوري ۾ جهريل تنهنجي ڳوٺ جي جهونڙين کان هيماريون، ڪجليو ۽ راسوڙا به وسري ويا آهن. ست رنگلين پٽڪن ۾ ملبوس تنهنجي ڳڀرو ڳوٺاڻن تو پڄاڻان ڪوڏي ڪوڏي ۽ ونجهه وٽي وارا ”وٽ“ به ڀلائي ڇڏيا آھن. تنهنجي ائين اچانڪ پرديس پڌارڻ تي تنهنجي پوڄارڻين پپون چونڊڻ ۽ ڪونڍير ڪڍڻ ڇڏي ڏنا آهن. انهن جا من ملول آهن. آتمائون اداس ۽ سرير وياڪل ٿي ويا آھن. پيارا! تنهنجي وڇوڙي ۾ جتي صادق فقير کان سُر وسري ويا آهن اُتي ارباب نيڪ محمد جون به اکيون آگميون آهن! تو لاءِ ٻانهون هار ڪندڙ ”مٺاڻو“ اداسيءَ جي عالم ۾ ٻڏل آهي. ڪاڪي جهامن مالهي واري ”ايور گرين هوٽل“ جيڪا تنهنجي لاءِ 17 جو درجو رکندي هئي. ان ۾ به تو وئي پڄاڻان ويرانين واڪا ڪيا آهن. اڄ به هر سانجهه جو سنگت ان هوٽل ۾ پيرن جي خاڪ ڇاڻي ٿي، پر انهن جي اداس قلب کي اهو قرار نه ٿو ملي جيڪو تنهنجي سجيلي ساٿ ۾ هو! ٿر ڪتاب گهر تي شام ويلي ايندڙ شاعر ۽ اديب تنهنجو ڪتابڙو ”ٻاٻهيو تو ٻولي“ ( شيخ اياز جي شاعريءَ جو ڍاٽڪي ترجمو ) ڏسي ٿڌا ساھ ڀري تو کي سارين ٿا. انهن جي اندر جو ٻاٻهيو تو لاءِ تڙپي ٿو. شايد تنهنجي من جو مور به انهن لاءِ لڇندو هجي.
    پيارا! تو سنڌ ڇڏي سٺو ڪونه ڪيو. تون ته ساڃاهه وند شاعر هئين پوءِ تنهنجي دل مان ديش ڀڳتي ڪئين ختم ٿي؟ آخر توکي ڇا ٿيو جو تون ”سڪار“ کي ”ڏڪار“ ڏيئي هميشه لاءِ هليو وئين. پر ياد رکج اتي توکي سنڌ امڙ جي بي بها ياد سڪون سان سڪونت پذير ٿيڻ نه ڏيندي! مڃون ٿا ته ضروريات زندگي جي هر شيءِ توکي اتي ملندي پر پيارا! دردمندانه دلين وارن جي ديس جي مٽيءَ جو ساءُ نه ملندو. اتي توکي بيئر بارن ۾ ڪانچ جي ڪٽورن ۾ رنگ برنگي مڌ اوتي ڏيندڙ اڌ اگهاڙن لڱن واريون بار گرل ته جام ملنديون، پر چوماسي واري پهرين بارش جي پلر جا پُر ٿيل پيالا پياريندڙ، پٺيا پاتل وينڍليهاڻيون پدمڻيون نه ملنديون. اتي توکي تاڙي متر يار ته انيڪ ملندا، پر ساھُ پساھُ ڏيندڙ صادق ۽ سائينداد جهڙا دلي دوست نه ملندا. توکي چوسا ۽ لنگڙا ته اتي به ملندا، پر سنڌڙي جي مٺاڻ لاءِ سڪي ويندين.! اتي جينس کان وٺي شرٽ تائين هر جديد پوشاڪ ۽ پهراڻ ملندي، پر ٽوپي جي ڪاون ۽ اجرڪ جي اجمل رنگن لاءِ تنهنجو روح سٽون ڏيندو پر تون ڪجهه به نه ڪري سگهندين. سواءِ لڙڪ لاڙڻ جي. پيارا! توکي پنهنجي ماتر ڀومي ٿر جا ٿوڪ ۽ ٿاريلا جڏهن ياد ايندا تڏهن تنهنجي آتما اوڇنگارون ڏيندي. ڪچي مٽيءَ مان ڪپوريا ٺاهي اواڙا اميهرڻ ۽ اڪ جي پڙي ۾ چانهه پيئڻ وارا چس ۽ گوهر جا گس توکي پل پل ياد پوندا. ها پيارا! وساري ته همرچي جي گونج ۽ سنڌ جي آڪاش تي اُڏامندڙ ڪونج به ڪونه سگهندين. مٽيءَ جي ڪُنن ۾ رڌل مريڙو ۽ ڄانڀو توکي راتين جون راتيون سمھڻ نه ڏيندو!
    جڏهن ”ٻڍا ٿيا ٻڙ هٽيا نيڻي نير جهرنت“ واري وهي پور چڙهندي تڏهن تنهنجي حياتي جو هرڻ پنهنجي واري ڏي ورڻ لئه واجهائيندو پر نه تون هرڻ جي چئي تي هلي سگهندين ۽ نه وري آتما کي ڪا آٿت ڏيئي سگهندين بس تڙپندو رهندين پرائي وطن ۾ ......!!
    اڄ تو لاءِ ٿر تڙپي ٿو، ڪڏهن تون هن لاءِ سڪندين. پاڻهي وقت ٻڌائيندو! تنهنجي روح جي راڌا تنهنجي ڳوٺاڻي محبوبا اڄ به مٽي جي اوٽلي تي ويهي تو لاءِ ڀرت سان رومال ڀري ٿي. رومال ڀريندي هن جا ناسي امبر جهڙا نيڻ ائين ٽمن ٿا جيئن آکاڙ جي اوهيرن ۾ ڪکاون نجهرن جا نيو ٽمندا آهن، پر ان جو توکي ڪهڙو احساس؟ توکي ته اها به ڪل ناهي ته تو لاءِ سموري ماتر ڀومي روئي ٿي . اڄ تنهنجو شعر جيڪو تو موهن ڀڳت لاءِ چيو هو. توتي ڪيڏو نه ٺهڪي ٿو ته........
    ڪارونجهر جو ڪَر روئي ٿو،
    پيارا! تو لاءِ ٿر روئي ٿــو.

    فقط
    تنهنجو دوست
    امر


    هڪ ٿر واسيءَ جو پنهنجي پرديسي پريميڪا ڏي خط

    ها منهنجي پرديسي پريتما تون ڪٿي آھين…!؟
    گهڻا ڏينهن ٿيا تنهنجو ڪو پتو نٿو ملي. هاڻ ته هچڪي به نه ٿي ٿئي، شايد تو صفا وساري ڇڏيو آھي. الئه ڪهڙن ڪمن ۾ قابو آھين..جتي به هجين شل جُڙي هُجين.!
    مون اڄ سڄو ڏينهن اُتت ڪاڙھي ۾ کيت لُڻيو آھي. ٻاجهر جي ٻُري جي سُڳنڌ دماغ کي معطر ڪري ڇڏيو آھي. منجهند جو ڪير ڀتو کڻي نه آيو ان ڪري بُک جي باھ وسائڻ لئه ٻاجهر جا ڪچا آنڀو ڪِر تي پچائي کاڌم، ڀڳوان جي ڇٽيهه ڀوڄن کان به ڀلا لڳا..شايد بُک جي ڪري. پانجي سنڌي ٻولي ۾ هئين چوڻي به آھي بُک ۾ اَڪ به گجر…پر هيءَ ته ڀٽارو اَن هو مٺو اَن.. پاءُ جيترا آنڀو کائي مٿان پاڻي جا ٻه گلاس پي ڇڏيم. ايڏو سڪون آيو ڄڻ ڪنهن پنج ستارا هوٽل ۾ ڪنهن ست ستارا ڇوڪريءَ سان گڏ سيون اپ جي جمبو بوتل پيتي هجي. شام تائين ست ڪانبا لُڻي ورتم. ڏاڍو ٿڪو ٿيو هئس. لٿي سج ٻنيءَ جي پاساڙي تي ٻڪرين جا ولر آيا. ڌنار سُڃاڻون هو، سو هڪل ڪيم يار کير جي لپ ڏُھي اچ ته ڪا چانهه ڍُڪ پيئون. ڌنار ٻڪرين کي سُبتي ڦيري ڪري کير جو ڏاٻر ڀري آيو. چانهه پيتي سين صفا لش.. ائين سڄو ڏينهن گرمي ۾ گُذاري تارن جو واپس موٽيس گهر. تو لئه مٺا چڀڙ ۽ پپون چونڊي رکيون اٿم. خبر اٿم تون ڪون ايندينءَ پر دل کي ڪير سمجهائي؟ سڄي ڏينهن جي ٿڪاوٽ ۾ لڱ چور چور ٿي پيا آھن. گرمي ۾ پگهر ٿيڻ کان پوءِ چچڙ وانگي چهٽيل ٻُري ڏاڍي چڙ ڏياريندڙ ھوندي آھي، پر يار ڇا ڪجي پيٽ لئه پانپرا ڪرڻا پون ٿا. سو ان ٻُري کي لاهڻ لئه وهنتس. وهنجي سهنجي، چڀڙن جي چٽڻي سان ماني کائي هينئر دڙي تي اچي ويٺو آھيان. دڙو ڳوٺ کان ٿورو پرتي آھي. صفا سناٽو لڳو پيو آھي. چنڊُ ڪنهن نوآميز ناريءَ جي نرڙ تي بنديا وانگي چمڪي رهيو آھي. واهوندو پنهنجي موج ۾ آھي. هوا جي نشي ۾ هوش وڃائي ويٺل وڻ ڪنهن شرابي وانگي جهومي رهيا آھن. ڳوٺ سڄو ماٺ جي گرفت آھي، ڪُتا سڀ ڇِتا ٿي مري ويا آھن. ڪٿي کنگهه به ٻُڌڻ ۾ نه ٿي اچي، شايد پوڙها امل ڪنسوٻا ڪري سُتا آھن يا ماروين سستا ٿيڻ کانپوءِ سڀني سستا سگريٽ پيئڻ ڇڏي ڏنا آھن ۽ ٻار به ڌاوڻ لئه ڪٿي دانهن نه ٿا ڪن، سنجهي مان شايد مائرن سڍوئا ڪري سمهاريا آھن. مور راڻي کيت جو کاڄ بڻجي ويا آھن.
    سموري ڳوٺ تي موت جهڙي ماٺ ڇانيل ڏسي آئون تارن ڀري رات جو هن تنهائي ۾ تو سان گُفتگُو ڪرڻ آيو آھيان. تون جيڪا منهنجي حال محرم به آھين ته همدرد به. تون جيڪا مون لئه آب زم زم به آھين ته گنگا جل به. تون هن رات وانگي اتيت سُندر آھين. تون سنڌ وطن جي اُها لال پري آھين جنهن کي ڏسڻ لئه چنڊُ چڪور کان نيڻ اُڌارا کڻندو آھي. تون سمبارا جي ديس جي اها نازبوُءَ جهڙي نرتڪي آھين جنهن جي نرت ڪلا سان بارش به ريس ڪندي آھي. تون منهنجي ديس ٿر جي فطرتي حُسن مور جو اهو کنڀ آھين جنهن کي ڏسي انڊلٺ پنهنجي سونهن تي نظر وجهندو آھي. توکي مون ڪڏھن به خارجي اکين سان ناهي ڏٺو ڇاڪاڻ ته تون منهنجو اندر آھين. مون تو کي هميشه روح جي اکين سان ڏٺو آھي ۽ ساھ جي پلڪن تي رکيو آھي. تون اُن جهرڪي جهڙي جهلمل آھين جيڪا پلر ۾ پر کنکيري قدرت کي به وڻندي آھي.! تون راڻاسر جي اُن ترائي وانگي تار آھين جنهن ۾ ترندي ماڻھو ڪجهه پلن لئه هنج ٿيو پوي.! تون مور جي کيڙي ۾ لڪيل ڊيل جي اُها ڊانس آھين جنهن کي ڏسڻ لئه سجُ بادلن جا برج چيري، ڪنهن سُورمي جي اکين جيان تپي ويندو آھي.! تون نيروڌا جو اهو نظم آھين جنهن کي چليءَ جي چارن تي ٻارن به ڳاتو آھي. تون ويسونيءَ جي ٻُوٽي ۾ لڳل اهو گُلابي گُل آھين جنهن کي پٽڻ کان پهرين پوپٽن سان وڙھڻو پوي ٿو. تون ڀٽياڻي نديءَ جي اها ڇولي آھين جنهن جي ڏوليءَ تي چڙھي مور رقص ڪندا آھن. تون سانوڻيءَ جي اها بارش آھين، جنهن جي وسڻ سان ڪلر ۾ به سلا ڦُٽي پوندا آھن.! تون رسُول حمزھ توف جي شهر آفاق تصنيف ”ميرا داغستان“ ۾ لُڇندڙ اُها حُب الوطني آھين جنهن کي محمُود درويش جهڙو ڪو فلسطيني شاعر ئي سمجهي سگهي ٿو.! مارئل جهڙي وفادار وينگس! تون راجسٿان جي اُن رنگا ديوي جو ڪو روُپ آھين جنهن هڪڙي وڻ هيٺ ويهي پنهنجي پريمي جي انتظار ۾ سموري عمر گُذاري ڇڏي.! رسيدي ٽڪيٽ جهڙي رس ڀري ڇوڪري! تون ساحر لُڌيانوي جو اهو گيت آھين جنهن کي ڳائيندي امرتا پريتم جو ڪنٺ ڪوڪون ڪري رُنو هو. سج لٿي جو ٻيڙيءَ تي چڙھي ڪينجهر ۾ ترندڙ ڪنهن وينگس جي نڪ ڦُلي جهڙي ڀلي محبُوبه تون سونيليءَ جو اهو گُل آھين جنهن تي سُورج مُکي به رشڪ ڪندو آھي.! سفاري جي پهرين پيگ جهڙي وڻندڙ ڇوڪري! تون حَسن درس جو اهو نظم آھين جنهن ۾ هُن عورتن جا سڀئي ساز وڄائي گهڻن جا وڻ وڄايا هئا.! تون ايوب کوسي جو اهو نثر آھين جنهن کي پڙھندي بارش به سوچي ٿي ۽ ڌوٻا ڌوٻا روئي ٿي.! چتون جي چهنب جهڙا چپ ڌاريندڙ منهنجي چاڳلي! تون عزيز گُل جي اها شاعري آھين جيڪا پنهنجي انوکي ڊڪشن ۾ ڊانس ڪري گهڻن تي سحر طاري ڪري ٿي. علي بابا جي اُداس ڪهاڻين جهڙي ڇوڪري! تون سراپا شاعري آھين.
    توکي ٻُڌائڻ ٿو چاهيان ته ٿر جي رات ڇا ٿيندي آھي…؟ ڇاڪاڻ ته تو ٿر ناهي ڏٺو. اڄ توکي ٿر جي رات بابت ٻُڌايان ٿو پوءِ شام بابت ٻُڌائيندس.
    منهنجي ساهُن جي هر هچڪيءَ ۾ سرگم سان سمايل منهنجي جانم..! ٻُڌو هئم ته بڊي ۽ ڪتيءَ ۾ قهر جا ڪاڙھا ٿيندا آھن. ڪانوَ جي اک پيئي نڪرندي آھي پر هيل ته اسُو به ڪم ڪڍي ڇڏيا آھن. اَسو جنهن جي سُواتي بوند ۾ وڏا گُڻ سمايل هوندا آھن. اُهي بوندون ڪن خوش نصيبن جي کيٽن تي هيل به ور ور ڏيئي وٺيون آھن.
    منهنجو کيت به مون وانگي اسُو جي اوهيرن کان محروم ٿي، رڻ ۾ ڦُٽل اڪن وانگي اُڃارو رهجي ويو آھي. پرين توکي خبر آھي…! اسو جي اُلاو ٿيل سج جي تيز اُس ۾ اسان جا نفيس بدن ڪاراٽجي ويندا آھن. ٻهراڙين ۾ پيئڻ خاطر ٿڌو پاڻي به نصيب ناهي ٿيندو پر پوءِ به ٿر اسان کي واديِ ناران کان وڌ وڻندو آھي.
    مڃون ٿا ته ٿر جا ڏينهن چُلهه تي چڙھيل تئي جئين تپن ٿا ۽ لَڪ دوڌي وانگي دُکن ٿا. هوائون سگري جهڙا سيڪ ڏين ٿيون، پر رات ته ٿڌڙي ٿئي ٿي..ٿر جي رات، ماءُ جي آنچل ۾ ملندڙ سڪون جهڙي رات، سرتيءَ جي ڇتن جي ڇانوري جهڙي بانوري رات، معصوم ٻار جي مسڪراهٽ جهڙي رات، مور جي پُڪار جهڙي رات، سانوڻي جي سُڪار جهڙي رات. اهڙي پُرسُڪون رات جو جڏھن ٿڌو چنڊُ پنهنجي چاندنيءَ جو منڊُ منڊيندو آھي، تڏھن سڄي ڏينهن جو ٿڪ لحضي ۾ لهي ويندو آھي. ٿر جي ٿڌڙي رات جنهن جو لمحو لمحو صدين جيڏو سڪون ڏيئي ويندو آھي. وياڪل دلين کي سڪون ته تڏھن به ملندو آھي جڏھن ڪنهن وينڍلين واري وينگس جا آبشارن جهڙا ٽھڪ سانتيڪي رات جي سيني ۾ خنجر وانگي کُپندا آھن.
    محوب سان ملڻ خاطر سفيد ڪبوتر جهڙي ڪنهن دڙي تي بيٺل اڪيلي ٿوهر جي اوٽ ۾، چٻري جي چُرپُر تي ڇرڪ ڀري ٿڌا ساھُ کڻندڙ ڪنهن ٿر واسيءَ کان ئي پُڇجي ته ٿر جي ٿڌڙي رات روح کي ڪهڙي راحت بخشي ٿي…؟ يا ڌرتيءَ جي اُن عاشق کان پتو ڪجي جنهن کي خلوت ۾ محبوب جي خيال کان مٿي ڪارونجهر جي ڪونگرن جا عڪس تصورن ۾ تري اچن. جنهن کي ديدآور دلبر جي درشن کان مٿي مورن جي مُسڪراهٽ تي نفاست نصيب ٿئي. ٿر جي ٿڌڙي رات جي روح پرور سُڪون جو ساکي اهو ڪوي به هوندو جنهن جي ڪويتا ڪٿنيءَ ۾ پريتم جي رسيلن چپن جي ذڪر کان وڌ ڌرتيءَ جي ڌُوڙ جا قصا قلمبند ٿيل هوندا. ان کي ئي صحيح ريت سُڌ هوندي ته ٿر ۾ ٿڌڙي رات جي لڳندڙ واهوندي ۾ روهيڙا ايئن ڇو جهومندا آھن؟ مور پُڪارون ڇو ڪندا آھن؟ بُکايل ٻارن کي ننڊ ڪيئن ايندي آھي؟
    ٿر جي ٿڌڙي رات جي بي پناھ سُڪون جي پوري ريت پروڙ ته انهن ڌنارن، ڳنوارن ۽ اوٺارين کي ئي هوندي آھي، جيڪي بنا ڪنهن اوڇڻ جي ريٽ کي رلي ڪري واريءَ مان وهاڻا ٺاهي سُمهندا آھن. جن کي فطرت پنهنجي ڀاڪر ۾ ڀري، ٿڌين هوائن جون ٿڦڪيون هڻي اهڙي ننڊ سمهاريندي آھي جو انهن جي خوابن ۾ گلاب جامن کان مٿي سيڙڪا پيرون ۽ ڪرڙن جا ڏينا ايندا آھن. جن جي معصوم من ڀاونائن ۾ موٽرن جي منوڪامنا بدران ڪنواٽن جا ڪوڏ تصور بڻجي تري ايندا آھن. جن جي خوابن کان وٺي خيالن تائين پکين سان پيار، وڻن سان ويجهڙائپ، چڙن سان چاهت، پڙن سان پريم، دڙن سان دل لڳيءَ ۽ گهڙن سان گهڻو هيت هٿيڪو هوندو آھي.
    رات جي سناٽي ۾ مور جي دانهن ٿاريلن جي دلين ۾ فطرتي حُسن جا ديپ ٻاري ٿي. تنهائي ۾ سورن جون سُرڪيون ڀريندڙ وجود چنڊُ جي چاندنيءَ ۾ ويتر وياڪل ٿي ويندا آھن. پُرنم نيڻ پريتم سنڀاري آڪاش ڏي اُڏندا آھن، هانءُ ٻُڏندا آھن، ٿڌا ساھ کڄندا آھن. دلين ۾ وڇوڙن جا ساز وڄندا آھن. ڀٽن واري ديس ريگستان جي رات واقعي فطرتي ڪمال رکي ٿي. ٿڌي ريٽ تي چاندنيءَ جي ٿڌي لهر ۽ مٿان اسو جي واهوندي جون هيرون بنا ڪنهن بيڊ جي به ڪمال جي ننڊ جو ڪارڻ بڻجن ٿيون. اڪيلائي ۾ ٿر جي ڪنهن دڙي تي ريٽ جي پيٽ تي ويهي چانڊوڪي پسڻ جو لطف ئي پنهنجو آھي.
    ٿر ۾ رات جو ڳنوار، ڌنار ۽ ميهار چم جا پائولا پائي مال چاريندي وڏي آواز ۾ نالون ڪندا آھن. انهن نالن کي ٻُڌي ماڻھو جو مال سان اڪيچار پيار ٿي ويندو آھي. اهُي پنهنجي مال سان ايئن محبت ڪندا آھن ڄڻ سندن اولاد هُجي. مال به انهن جو چوڻ ڪندي نال تي ڇال ڏيئي ايندو آھي.
    نيري امبر تي نروار ٿيل اڄوڪي پونم جهڙي محبوبا...!
    آڌي رات جو امبر تڪيندي ڪنهن کي سارڻ جو سوز ئي پنهنجو هوندو آھي. اکيون اُن کي ڏسڻ لئه اُڻ تُڻ ۾ تڙپي اُٿنديون آھن. پڪ سان هن وقت هي واهوندي جي لُري تنهنجي وارن کي وکيري، ڳلن تي ٿڌڙا ڪڍي اڌ ننڊ ۾ سُتل تنهنجي شيتل سرير کي جاڳائي چنڊُ چتائڻ تي مجبور ڪري رهي هوندي. تون مون کي چنڊُ ۾ پسڻ لئه هڙئي حيلا ڪيا هوندا پر مون کي ڪون ڏٺو هوندو. ڇاڪاڻ ته، چري جيڪي قلب ۾ قابو ٿيل هوندا آھن اهي فطرت ۾ ڪٿي به ڳوليا ناهن ملندا. تڏھن ته ڀٽائي به چيو آھي ته”نائي نيڻ نهار تو ۾ ديرو دوست جو.“ سو منهنجا پرين ايتري لوچ پوچ نه ڪر ۽ مون کي پنهنجي جيءَ ۾ جهانڪي ڏس آئون تنهنجي رڳ رڳ ۾ پيوند ٿيو پيو آھيان. پنهنجي سيني ۾ سمايل اُن دل کان منهنجو پتو پُڇ جنهن جي ڌڙڪن جي وڄت ۾ منهنجي ساھُ جا ساز سمايل آھن. پنهنجي پير ۾ پاتل اُن ڇير کان منهنجو پُڇ جنهن جي هر گهونگهري ۾ منهنجون مُرڪون پيوند ٿيل آھن. هٿ ڪراين ۾ پيل چوڙين کي چوري ڏس هر کن کن ۽ ڇن ڇن ۾ منهنجي موجودگي هوندي. بدن تي پاتل وڳي کي غور سان ڏس ان جي سَر سَر ۾ منهنجي سنگ سنگ هُجڻ جا اهڃاڻ ملندا. تون مُرڪي سُمهي پئو جلد ملنداسين.
    مٺا هاڻ گهر موٽان ٿو..جونجهڪڙو ٿيو آھي. ڌنارن جا ديڪارا ٻُڌڻ ۾ اچن پيا. ولوڻن جون وايون ڪنن ۾ ٻُرن پيون، ٻارڙا به ڪٿي ڪٿي روئن پيا، ڀٽارين وڍيارين جا رانڀاٽ ڏوجهارڻين کي سوجهاڪي ٿيڻ جي سُڌ ڏيئي رهيا آھن. پکي به آرسون موڙي اُٿيا آھن. منهنجي ڳوٺ ۾ زندگي موٽي آئي آھي، جنهن جي اکين سان آرتيءَ اُتارڻ لئه واپس وڃان ٿو. آئون زندگيءَ جي آجيان ڪرڻ وڃان ٿو.

    فقط تنهنجو خادم
    امرت


    مغرور محبُوبه ڏي شاعر جو اُداس خط

    چتون جي چُنهنب جهڙي لالائي ۾ لپٽيل، چوٿ جي چنڊُ جهڙن چپن جي مالڪه…! تنهنجي سورج مُکي جهڙي مُک تي شل ڪڏھن به اُداسي جو سج نه اُڀري! ويسونيءَ جي گُل جهڙا ڳَل شل هر گهُنج کان بچيل رهن. تنهنجي الوڪڪ اکين جا اوجيس ٻڪرال وڄ جي تجلن وانگي شل ويرا وير وڌن. تون جتي به هجين شل سُکن جي ريڊ ڪارپيٽ تي جواني جا جلوا ڏيکاريندي، ٽھڪن جي هجومن ۾ ٽڙندي رهين.! تنهنجي روم روم جو رب خير ڪري…!
    اڄ گهڻن ڏينهن کان پوءِ وري تنهنجو خط مليو آھي جنهن ۾ تو بار بار اهو ذڪر ڪيو آھي ته آئون اُداس آھيان. مون کي تنهنجي اُداسي سمجهه ۾ نه ٿي اچي. تون الئه ڇو اُداس آھين؟ تو وٽ دنيا جي هر آسائش موجود آھي. تو وٽ ڪو به احساس ناهي. تون اميري جي اهڙي نشي ۾ ٽُٻ آھين جنهن جي خُمارن ۾ توکي غريبي گٽر جي ڪيڙي جيان لڳي ٿي.
    تو ڪڏھن به ڪنهن بُکايل جي بُک ناهي مٽائي، تو ته اُڃايل پکين جي اُداس ڪوڪن تي ٺٺوليون ڪيون آھن. تو وڌوائن جي اڻ سمهويل سينڌن تي وڏا مذاق ڪيا آھن. تو غريبن جي ٻارن جي ميرن وڳن کان ائين نفرت ڪئي آھي جيئن ڪو مُردار جانور جي ڍونڍ کان به ناهي ڪندو. تو غريب نينگرين جي ھٿن ۾ پيل هلڪين چوڙين تي به چرچا ڪيا آھن. اڄ اچانڪ توکي اھو احساس ڪيئن ٿيو ته توکي به اُداسي جڪڙيو آھي.؟
    گُلن جي سيج تي شهزادين وانگي سُتل جانم…! اُداسي تنهنجي ڀر مان به ناهي لنگهي ۽ دعا آھي ته ان جو پاڇو به توتي نه پوي. ڇاڪاڻ ته اُداسي انتهائي اذيتناڪ هوندي آھي. اُداسي ماڻھو جو ماس ڳاري ڇڏيندي آھي. اُداسي نيڻن جو نير سُڪائي ڇڏيندي آھي.
    بادشاھ جي تاج ۾ جَڙيل ياقوت جي چمڪ جهڙي چاڳلي! تون اُداس ناهين. اُداس اُهي وڻ آھن جن جا پوکيندڙ انهن جي ڇانوَ ۾ ويهي نه سگهيا. اُداس اُھي گهر آھن جن جا مالڪ در بند ڪري پرڏيهه پلاڻي ويا هليا. اُداس اُنهن گهرن ۾ اُهي آکيرا به آھن جن جا پکي گهر ڌڻين سان گڏ پرواز ڪري ويا. اُداس اُهي پکي آھن جيڪي پرديسان پنڌ ڪري سنڌ وطن ۾ پناھ لئه آيا پر پناھ بدران انهن کي گولين جا گفٽ مليا. اُداس اُهي نديون آھن جن جي نير کي سمنڊُن ۾ سمائجڻ کان اڳ ۾ انسان پنهنجي مفادن خاطر وڏن بندن ۾ بند ڪري وڏا ڊيم ٺاهي ڇڏيا. اُداس اُهي مائرون آھن جن جو اولاد پيريءَ ۾ سهارو بڻجڻ بدران نخريلين زالن جي ظالم چنبن ۾ اچي بي وفا بڻجي ويو. اُداس اُهي پيئر آھن، جن جون ڌيئرون جوانيءَ جي جڙي گهوڙي تي سوار ٿي ڏينهن ڌونئري جو رت جي رشتي کي ٿڏي پراون سان گڏ ڀڄي ويون. جن جي پرورش تي پڇتائي پوڙھا پيءُ رت جا ڳوڙھا روئن ٿا.
    ڏونگر تي ڏيئي جهڙي پريتما! تون اُداس ناهين. اُداس اُهو مٺي جو مدبر وڪيل ڀيرولال هيراڻي آھي، جنهن جو هيرو پُٽ ڦوھ جواني ۾ ھٿن مان هليو ويو. جنهن جي ارٿي کي ڪُلهو ڏيندي اُن هن دنيا جو وڏي ۾ وڏو وزن کڻي پنهنجي بدنصيبي جو نوحو ڳايو آھي. اُداس مٺي جو اهو پيتامبر پيءُ به آھي جنهن جا جاڙا پُٽ ڏينهن ڌونئري جو مٺي جهڙي سانتيڪي شھر ۾ گولين جو کاڄ بڻجي ويا جن جي خون سان انصاف وقت جو ڪو به واڳ ڌڻي ڪري نه سگهيو. اُداس اُهي قصور جا بي قصور مائٽ به آھن جن جي ابهم ٻارڙيءَ زينب سان هڪ ظالم نه رڳو زنا ڪيو پر ان کي ماري اروڙي تي اڇلائي ڇڏيو. اُداس اڌ سال کان پنهنجن حقن جي حاصلات لئه احتجاج ڪندڙ اُهي گوڙاڻي واسي به آھن جن جي پيرن هيٺان موجود دنيا جو ستون نمبر ڪوئلو انهن جي اُگهاڙن پيرن ۾ چائنا جي چپل به پارائي نه سگهندو.
    ست رنگي راجستاني ڦينٽي ۾ روپيل گُل جهڙي جانم! تون اُداس ناهين. اُداس اُهي ڀوريون ڀٽون آھن جن جا وارث ست راجيا سوڍا ازخود جلاوطن ٿي انهن کي لاورثي جو لقب ڏيئي صفا سُڃو ڪري ويا آھن. اُداس اُهي شاعر آھن جن جي ڪويتائن ۾ ڪٿيل دل ٽوڙ درد کي وقت جو ڪو به ساڃانهه وند سنجيدگيءَ سان سمجهي ناهي سگهيو. اُداس اُهي ڀائر آھن جن جون ڀيڻون سرحد جي هُن پار سڄي ڄمار سنڌن ڀائرن جي هڪڙي درشن لئه سڪي سڪي مري ويون. جن جا جنازا پنهنجي سرزمين سنڌ ۾ دفن ٿيڻ لئه وقت اڳيان واجهائيندا ئي رهجي ويا.
    اُداس اُهي هاري آھن، جن کان موروثي هاريپ جا حق کسيا ويا. اروڙين تي اُڇلايل اُهي ابهم ٻار به اُداس آھن، جن کي اڻ پرڻيل مائٽن ناجائز جو لقب ڏيئي هن دنيا ۾ ڄمندي ئي يتيم ڪري ڇڏيو. جن جي معصوم درد کي وقت جو ڪو به پينگهو لوڏي نه سگهيو. اُداس اُهي راتيون به آھن، جن ۾ عاشق محبوبائن سان ملڻ لئه ويندا آھن پر وڇوڙا ماڻي ورندا آھن. اُداس اُهي محبوبائون آھن جن جي الستي عاشقن کي هن سفيد ڪالر سماج پنهنجي ڪوڙي انا خاطر ڪارو ڪري ماري ڇڏيو. اُداس اُھي بيروزگار نوجوان به آھن جيڪي ڳڻتين ۾ ڪچو شراب پي وقت اڳيان وڦليندا رهيا ۽ انهن جا جيرا ائين جلندا رهيا جيئن جوهر ۾ راجپوتاڻين جا سرير جلندا آھن.
    توکي اُداسي پرکڻي آھي ته اول دل جي ڏيهه مان اميري وارو تصور تڙي ڇڏ.! ۽ پوءِ ڪنهن سانجهه جو غريبن جي گهرن ۾ سانڃڻ ويلي اُجهاميل چلهن جي ڀر ۾ اُداس ويٺل مائرن جي چهرن کي چتائي ڏسي اچ توکي اُداسي چڱي ريت سمجهه ۾ اچي ويندي. توکي اُداسي جو انتهائي ڀيانڪر عڪس پسڻو هجي ته هر هفتي ميرپورخاص ريلوي پليٽ فارم تي وڃي انهن ماڻھن جا چهرا ڏس جيڪي هڪ ٻئي کان ورهين لئه وڇڙي راجا واري ريل ۾ چڙھندي الوداعي هٿ لوڏيندا آھن. جن جي اکين مان لُڙڪ ائين ڇڻندا آھن جيئن سُڪل ترن جي سونگين مان تر ڇڻندا آھن. ڏهين ڏينهن ڏُھاڳڻ ٿي ويل اُن نو ورني ناريءَ جي نگاهن ۾ نوحا ڳائيندڙ اُداسي جو ڀينڪر عڪس ڏسي اچ جنهن جي هٿن تي لڳل ميندي به ماتم ڪده آھي.
    پنهنجي اباڻن گهرن جي درن کان ورهين کان وڇڙي ويل ڪنهن ڌرتيءَ جي ڌيءَ جي دل ۾ ڌڙڪن وانگي وڄندڙ اُداسي به ڏسجانءِ. اُداسي رڳو اکين ۾ ناهي هوندي ۽ نه ئي وري چهرن تي چٽ بڻجي پاڻ پسائيندي آھي پر اُداسي آتمائن ۾ به هوندي آھي. اُداسي دلين جا ديبل لوڏيندي آھي. اُدسي ساهَن ۾ سٽ وجهندي آھي. اُداسي عقلمندن کي چريائپ جي چوپڙي پڙھائي ڇڏيندي آھي. اُداسي جنت جهڙي جهان کي دوزخ بڻائڻ ۾ دير ئي ناهي ڪندي. اُداسي جيئڻ تان ارواح کڻائي ڇڏيندي آھي. اُداسي اُڻ تُڻ واري اهڙي ڪيفيت جو نڀاڳو نالو آھي جنهن ۾ ماڻھو جو من آتم هتيا ڪرڻ جا ججها جتن ڪندو آھي.
    پنهنجي پر ۾ حساس دل پرين…! تو سدائين پوپٽن کي جهٽي ماريا آھن توکي گُلن تي ڀيرا ڏيندڙ ڀونئرن جي ڪهڙي خبر؟ تون ڇا ڄاڻين اُنهن مورن جون مستيون جيڪي پٿر کائي به وطن جا ترانا ڳائيندا آھن.
    توکي ڪهڙي ڪل ته اُداسي ڇا ٿيندي آھي. ڇاڪاڻ ته تو سدائين سُکن جي ڇانوَ ۾ ويهي ڏُکن جو مشاهدو ڪرڻ جي اجائي ڪوشش ڪئي آھي. تو شڪاريءَ جي اکين ۾ لڇندڙ بُک ۽ بيوسيءَ ناهي پرکي. تو تتر کي ڀڳونئي کان ڀڄندي ناهي ڏٺو. تو حياتي لئه حيلو ڪندڙ اُن ڳيري کي به ناهي ڏٺو، جيڪو باز کان گهُتون هڻندي ڪيئي ڀيرا اُداس ڪوڪون ڪندو آھي. تو پارڪر جي پهاڙن تي اونهاري جو اُگهاڙي پير هلندڙ ھرڻن جي اُداس پيرن کي ناهي پڙھيو توکي سامروٽي جي سيمن ۾ مري ويل رڍن لئه ماتم ڪندڙ ڌنارن جي درد جو ڪهڙو پتو؟
    تون جيڪا هالا جي هندورن ۾ لُڏي آھين. توکي ڪهڙي ڪل اُن جهولي جي جيڪو کٽ جي ايس ۾ ٻڌل هوندو آھي، جنهن ۾ غريبن جا ٻار ٽيڙا ٿي سمهندا آھن. اُن جهولي جي اهميت ڪا جوڳياڻي ئي ڄاڻي سگهي ٿي جيڪا پنهنجي پُٺارڪ ۾ ٿڃ پياڪ ٻالڪ کڻي بازارن ۾ بکيا گهرندي آھي. تتي ڏينهن جو روڊ تي روڙا وڇائيندڙ مزدورن جي هٿن ۾ ڊهي ويل ريکائن جي توکي ڪهڙي ڪل، ڇاڪاڻ ته تو سدائين ايئرڪنڊيشنڊ ڪار جي ڪارن شيشن مان هنن جي هٿن ۾ کنيل تغارين کي ڏٺو آھي. تو کي انهن جي تپش جي ڪهڙي خبر؟ انهن جا سور اها واريءَ ئي سمجهي سگهي ٿي جنهن تي انهن جا پير ڪُٺل پکي وانگي ڦٿڪندا آھن.
    تو کي ڪهڙي خبر غريبن جا ٻار ڪيئن جيئندا آھن؟ غريبن جا ٻار آسمان کي اوڇڻ ۽ ڌرتيءَ کي وڇاڻ ڪري سمهندا آھن. وڻن جون آڱريون جهلي وڏا ٿيندا آھن ۽ هوا انهن کي هلڻ سيکاريندي آھي ۽ وقت انهن کي واٽ ڏسيندو آھي.
    سو اي منهنجي ساهن کان ويجهي سجني! هي اُداسيون ۽ احساس تنهنجي وس کان وڏيون ڳالهيون آھن! ان ڪري انهن تي سوچي پنهنجي سون جهڙي جواني کي ڳڻتين جو زنگ نه لڳائي.
    قلم تازه : لاڙ جي شامن جهڙي لاڏلي! منهنجي دعا آھي ته شل ڪڏهن به اُداس نه ٿئين، جتي به هجين خوشين جي هندورن ۾ لُڏندي رهين!

    فقط تنهنجو پريتم
    جئه پرڪاش


    دسرت ٿريءَ کي لکيل خط

    ماٿاريءَ تي ٻوليندڙ مور، جي سيني ۾ ڌڙڪندڙ دل جهڙا دسرت...!
    تُنهنجي جنم ڏِڻ تي توکي لفظن جا ٻه گُل ارپي نه سگھڻ جي ڏُک جتي تنهنجي دل کي رنج رسايو هوندو، اُتي منهنجي روح کي به روئاڙيو آھي. يار ڪڏھن ڪڏھن چاهيندي به ماڻھون ڪجهه لکي ناهي سگهندو. لفظ رُسي ويندا آھن. لفظ تڏھن رُسي ويندا آھن، جڏھن سماجي ذميوارين جي زنجيرن ۾ جڪڙيل ذهن کي ڳڻتين جو ڳرهڻ لڳي ويندو آھي. اڌ ورهايل انسان اُن قيدي وانگر هوندو آھي، جنهن کي پنهنجي منشا مطابق مانيءَ به ناهي ملندي. ڪڏھن ڪڏھن ڏات به اُن رات جهڙي لڳندي آھي، جنهن ۾ چنڊُ هوندي به انڌوڪار هوندي آھي. ڪڏھن ڪڏھن ماڻھو چاهيندي به روئي ناهي سگهندو، لُڙڪ اکين جي سمنڊُ ۾ ٻُڏي ويندا آھن!
    پيارا…! تُون امبر جي اکين مان ڪريل اُهو لُڙڪ آهين جنهن کي ھن صحرا پنهنجي اکين ۾ سُرمو ڪري پاتو آھي!
    تون رڻ ڪڇ جي رُڃ ۾ اُڃ مري ويل اُن هرڻ جو همزاد آھين، جيڪو پنهنجي پريتم جي اکين کي چُمڻ لئه هُن پار ويندي ويرگتي کي رسيو هو. تُون اُداس ڪوئل جي آڪاش پولارن ۾ رهجي ويل اُها ڪوڪ آھين، جنهن کي ٻُڌي هوائون هوش وڃائي ويهنديون آھن. تون تاڙي جي اک ۾ ڦٿڪندڙ اهو ٿر آھين، جنهن جي سُورن کي سمجهڻ لئه صدين جا سفر ڪرڻا پوندا. سڄي عمر سُورن جي حُورن کي اکين جي پالڪي ۾ سمائي هلندڙ منهنجا دلبر دوست تنهنجي لبن تي ترندڙ تبسم جو قسم تون اُهو سانتيڪو سمندر آھين، جنهن جي اندر ۾ لڪيل دردن جي طوفان کي وقت جو ڪو به پکي اڳواٽ پروڙي نه ٿو سگهي…! تون موهن ڪلپنا جي آتم ڪٿا بُک، عشق، ادب جو اهو باب آھين، جنهن ۾ هڪ ڌرتيءَ جو پُٽ پنهنجي ماءُ لاءَ سڪي سڪي مري ويو. نردوش هوندي به زندان جي زيارت ڪري آيل منهنجا يار! تو پنهنجي حياتيءَ ۾ جيترا ڏُک ڏٺا آھن، ايترا تنهنجي مٿي تي وار به ناهن پوءَ به ڪڏھن مايوس ناهين ٿيو ڇاڪاڻ ته، تون مري به جيئڻ ڄاڻين ٿو. تو وٽ حالتن کي مُڙس ٿي منهن ڏيڻ وارو هُنر هٿيڪو آھي. ڏُکايل دل کي ڏڍ ڏيڻ وارو ڏانءُ به ڪو تو کان سکي..! تون پنهنجو غُربت جو گاڏو (رڪشو) سڄو ڏينهن مٺي جي روڊن تي ڊوڙائيندي زندگيءَ کي رَسڻ جي ڪوشش ڪندي ڪڏھن به ناهين ٿڪو. اِن هڻ هڻان واري حياتيءَ ۾ به توکي جڏھن به ڪنهن دوست سڏ ڪيو آھي تو جيءَ جيءَ چئي ورنايو آھي. پنهنجن ڏُکن، پيڙائن ۽ ڀوڳنائن کي هڪ پاسي رکي دوستيءَ جو ڀرم ڀلي ريت نڀايو آھي.
    چڀڙيال جي چنچل چارن کي ڇڏي مٺي جي موڪري گهٽيءَ ۾ ڪنهن جي واسينگ وارن جو اسير ٿيڻ تائين واري ننڍڙي سفر ۾ تو جيڪا حياتي گُذاري اها ئي تنهنجي زندگي هُئي، باقي هاڻي ته بس مون وانگي ساھ کڻي لوڪا لڄ جيئين پيو.
    ڊيئر دسرت …!
    اڪ جي جهوني وڻ جي نيرن ڦُلين هيٺ ڪنهن جي پن پاتلين اکين تي فدا ٿي تو گهڻو ڪجهه ڀوڳيو به آھي. جنهن جا شاهد اُهي درديلا خط هئا، جن کي ريڍيو پاڪستان مٺي جي اسٽوڊيو ۾” آن ايئر“ پڙھندي، آئون ڪيئي ڀيرا رُنو هئس. رُنا ته اُهي ريگيولر لسنرز به هئا، جن جي دلين ۾ تنهنجا لفظ آرو پار مٽيا هئا، پر احساس نه ٿيو هو ته هڪ اُن بي وفا وجود کي جنهن کي تو صحرا جو سُڏڪو سان گڏ وفا ڊي ايم جو نالو ڏنو هو.
    سدائين مرڪن جا گُل ورهائيندڙ دسرت…!
    تون جيون ۾ هر ڏُک مقدر جو تحفو سمجهي قبول ڪندو رهين، پر توکي صحرا جي سُڏڪي جي بي وفائي واري سوکڙيءَ جي صدمي جيئري ماري ڇڏيو. هاڻ تنهنجي مرڪ ۾ به لُڙڪ لڇن ٿا. تنهنجي ٽھڪن ۾ اوڇنگارن جهڙي اذيت محسوس ٿئي ٿي. تنهنجي ماٺ ۾ زندگي خودڪشي ڪري چُڪي آھي، پر يار توکي همٿ ۽ حوصلي سان جيئڻو پوندو. ان لاءِ مايوس ٿي مرڻ اجايو آھي، جنهن لئه شيڪسپيئر گهڻو وقت اڳ چئي ويو آھي ته، ’’اي عورت! تنهنجو ٻيو نالو بي وفائي آھي…! ‘‘
    تنهنجي هيلوڪي جنم ڏڻ تي آئون توکي فقط هي لفظن جي اجرڪ اوڍائي، هڪ فلائنگ ڪِس جو ڪيڪ ڏيئي سگهان ٿو..اُميد ته منهنجو احساسن سان ڀريل تحفو قبول ڪندين...!

    فقط تنهنجو پنهنجو امر


    خودڪشي ڪري ويل ونيءَ جي وڇوڙي ۾ ولکندڙ وَر جو لکيل خط

    امرتا!
    تون اوچتو الئه ڪيڏانهن هلي وئينءَ…؟ ٻُڌائي به ڪونه وئين؟ پاڻ ته ست ست جنم گڏ رهڻ جا وچن ڪيا هُئاسين، پوءِ ائين هڪڙي جيون جي سفر ۾ اڌ ۾ هٿ ڪڍي وڃڻ واجب ته نه هو! منهنجي راڻي! مون معصوم سان ايڏي وڏي ويساھ گهاتي ڪري وئينءَ…توکي ڪو ڏونگر جيڏو ڏُک هو ته مون کي ته ٻُڌائين ها! پوءِ آئون جيڪڏھن تنهنجي تڪليفن جو تدارڪ نه ڪيان ها ته، پوءِ تنهنجو مياري هُجان ها. ايڏي مُنهن جي مَوري هُئينءَ جو جبل جيڏيون جاڙون سهندي به ڪو ڏُک پنهنجي وَر سان ونڊي نه سگهينءَ. بنان ڪجهه چوڻ جي ماٺ ماٺ ۾ وڇوڙي جي رومال ۾ ويڙھيل صغير ٻار، منهنجي جهوليءَ ۾ اُڇلائي پاڻ الئه ڪيڏانهن گُم ٿي وئينءَ؟ آئون توکي ڪٿي ڳوليان؟ ڪو مارگ، ڪو ڏَس پَتو، ڪا منزل ھُجي ته، آئون ٿڃ پياڪ ٻالڪ پُٺارڪ ۾ کڻي سموري پرٿميءَ جو چڪر پورو ڪري توکي ڳولڻ جي ڪوشش ڪيان ها، توکي پاڻ وڃائي پرچايان ها! تنهنجو هر ڏُک، هر غم پنهنجي حصي ۾ کڻان ها، پر تون خودڪشي ڪري الئه ڪيڏانهن وئينءَ! مذھبي ٿيوري مُطابق ڪي چون ٿا ته، جهنم واصل ٿي هوندينءَ ته ڪي چون ٿا اَوِگَتي ٿي نَرڪ لوڪ ۾ وئي هوندينءَ. اي منهنجي زندگي! آئون اهو ڪئين تسليم ڪيان ته، تون جهنم ۽ نَرڪ لوڪ ۾ هوندين؟ ڇا ماڻھو پنهنجو پاڻ دوزخ يا نَرڪ ۾ وڃڻ پسند ڪندو؟ تون ته منهنجي وجود جو اڌ ھُئينءَ. تنهنجي روح جي راحت ۽ آتما جي شانتي لئه آئون قُدرت کان دعا گهُرندس ته، تنهنجي لئه نيم ۾ نرمائي ڪندي، ڪا ترميم ڪري توکي سرگ لوڪ جي هندورن ۾ لوڏي! آئون ٻيو ڇا ٿو ڪري سگهان ڀلا؟ هڪ بيوس انسان جنهن جي ڦاٽل جهوليءَ ۾، ماءُ لئه روئندڙ صغير ٻار کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ناهي! الا…پنهنجي ڪونج ڳچيءَ ۾ رسو ٻَڌڻ مهل اهو سوچين ها ته، تنهنجي ۽ منهنجي اُن ٻالڪ جو ڇا ٿيندو؟ جنهن کي تون ٿڃ ڌارائي پينگهي ۾ آخري لوڏو ڏيئي رواني ٿي وئينءَ. هُن کي کير ته نپل مان به ملي ويندو، پر ماءُ جي ممتا سان لبريز ڇاتيءَ جو پريم ساگر نه ملندو! اي منهنجي مينڪا! تون وڻ جي ٽار ۾ رسو ٻَڌڻ مهل اهو ته سوچين ها ته، آئون تو سواءِ اڪيلو ڪئين زندگي بسر ڪري سگهندس؟ تو سواءِ مون کي تڏھن آٿت ڪير ڏيندو جڏھن مزوري نه ملڻ ڪري شام جو خالي هٿن ۽ جهُڪيل اکين سان گهر ۾ موٽي ايندس؟ تڏھن منهنجي چهري جي آپ بيتي پڙھي ڄاڻي واڻي ٽھڪ ڏيئي مون کي ڏڍ ڪير ڏيندو، ڪير چوندو ته، شنان ڪري اچو پاڻي رکي آئي آھيان، اڄ مون کي ڀراڻيءَ جا پنج سؤ مليا هئا، انهن مان پاڙي واري هٽ تان وکر وٺي آئي آھيان توهان بي فڪر ٿيو، توهان مايوس نه ٿيو. منهنجي اکين کي سدائين لُڙڪن کان لڪائي رکندڙ منهنجي مومل! هيڏي وڏي مايوسيءَ جي درياءِ ۾ لوڙھي ۽ اکين کي آنسوڙن ۾ ٻُوڙي وئينءَ. توکي ته خبر هُئي ته، آئون تو سواءِ پل به صدين جيڏو ڀائيندو هئس! هاڻي سالن جو سفر ڪئين ڪندس؟ پنهنجو پاڻ کي ڪئين پرچائيندس؟ تڏھن، جڏھن چپڙا ڇاڻي ۽ پَن لاهي سيم مان واپس گهر موٽي ايندس! اُن مهل منهنجون پُرنم اکيون توکي سڀ کان پهرين اُن گهٽيءَ ۾ نلڪي وٽ ڳولينديون، جتي تون منهنجي انتظار ۾ بيٺي هوندي هُئينءَ. ٿڌي ٿڌي مشڪري جو معجون ڏيئي منهنجي ٿڪاوٽ دُور ڪندي هُئينءَ، اُتي نه هوندينءَ ته پوءِ روح اوڇنگارون ڏيئي رڌڻي ۾ ڳوليندو، جتي تون پنهنجي حَسين ھٿن سان تازي چانهه پياريندي هُئينءَ، اُتي به نه هوندينءَ پوءِ ويڙھن ۾ بيٺل وڻن ۾ وچڙندو، اُتي به نه ملندينءَ پوءِ ته منهنجا وڻ ئي وڄي ويندا جانم! وڻ ته تڏھن به وڄي ويندا، جڏھن تنهنجي عدم موجودگيءَ ۾ پنهنجي پَٺُوڙي پُنهن رڳندي، لُڇندي توکي ڳوليندي. اُھا پَٺوڙي جيڪا تو وٽ بنان ڦر جي پَسوئجي پوندي هُئي. اُھا تنهنجي وڇوڙي کان پوءِ پنهنجي ٻار کان وڌيڪ تولئه رُني آھي. هُن جي گُگدام اکين جا لُڙڪ مون اوڏي کان ڏٺا آھن، هُن چارو ته پري جي ڳالهه، پر پاڻي به ناهي پيتو.
    منهنجي پياري! منهنجون اکيون توکي ڳولينديون تڏھن جڏھن وسڪارن جي ورتولن ۾ تو جيڏيون ۽ تو جهڙيون، سؤ سؤ سينگار ڪري ٽيج رمنديون. انهن جي ٽولن ۾ تنهنجي غير موجودگيءَ جو احساس ساھُ نپُوڙي ڇڏيندو! جڏھن ”ڳالهيون پيٽ ورن ۾ وڌي وڻ ٿينديون“ تڏھن آئون ڪنهن سان اوريندس؟ ڪنهن کي چوندس ته، اڄ ھُوءَ به مون کي وڻي هُئي. پاڙي يا ڳوٺ ۾ ٿيل ڪنهن زناني جهيڙي جون جهرڪين جهڙيون وڻندڙ خبرون مون کي ڪير ٻُڌائيندو؟ ڪير ٻُڌائيندو ته، هُن ۽ ھِن جي چال ۾ ڦيرو لڳي ٿو. آئون ڪنهن کي ٻُڌائيندس ته، مون پهرين چُميءَ ۾ ڪنهن جا ڳل چکيا هُئا اي منهنجي حال محرم! منهنجي همراز! منهنجا سڀئي راز دل ۾ دفن ٿي ويندا. گونگي جي خواب جهڙي هي حياتي هاڻي دار تي لٽڪيل لاش وانگي لڳندي.
    دل چئي ٿي ته، هاڻي آئون به زندگيءَ جي زنجير ٽُوڙي ڇڏيان، ھيڏي وڏي غم جي مها ساگر ۾ زندگيءَ جو غوراب تاري نه ٿو سگهان ڇاڪاڻ ته، هن دنيا ۾ هاڻي ڪا به مانگ منهنجي نالي جو سندُور نه ڀريندي، هاڻي ڪو به وجود منهنجي وڏي عُمر لئه ڪڙوا چوٿ رکي، ڇاڻڻيءَ مان چوٿ جي چنڊُ سان گڏ منهنجو ڌُنڌلو ديدار ڪرڻ لئه انتظار نه ڪندو، هاڻي هن دنيا ۾ اهڙي ڪا به ٻانهن ناهي رهي جيڪا منهنجي لئه چُوڙيون ڇڻڪاڻي، هاڻي منهنجي پسند تي ڪو به پيلو جوڙو نه پائيندو، اهو آسمان ئي ختم ٿي ويو جنهن تي منهنجي نالي جي ڳاڙھي بنديا جو سج چمڪندو هو، اُها زمين ئي ختم ٿي ويئي جنهن جي ناڀيءَ کان مٿين نريڙيءَ تي منهنجي چُميءَ جا نيل ڪنول ٽڙندا هئا. منهنجي ته دنيا ئي اُجڙي چُڪي آھي! اهڙي برباد دنيا ۾ ڀلا ڪئين جئجي؟ پر آئون جيئندس...آئون جيئندس تنهنجي اُن معصوم ٻار لئه، جيڪو تون منهنجي جهوليءَ ۾ سُتل ڇڏي پاڻ ڏورانهين پنڌ ڏي راهي ٿي وئينءَ. تو وٽ شايد رُڪ جي دل هُئي، جيڪا ٻالڪ جي ننڍاکي مُرڪ کان موڪلائي سگهي پي. آئون ائين نه ٿو ڪري سگهان، اُھو ٻار يتيم ڪئين ڪيان؟، جنهن جون معصوم اکيون منهنجي وجود ۾ پنهنجي ماءُ ڳولين ٿيون! جنهن جون ٻاراڻيون ادائون مون کي تنهنجي آسمان جيڏي اولاڪي ۾ جيئڻ تي مجبور ڪن ٿيون. تنهنجي جُدائي جي جهنم ۾ ٻَرندي به آئون هن ٻار لئه جيئندس. هن جي هر تمنا پوري ڪرڻ لئه پنهنجو پاڻ کي پورو ڪندس. هن کي پڙهائيندس، سُٺي حجام کان وار ٺاهرائڻ لئه شھر وٺي ويندس، سُٺا ڪپڙا وٺي ڏيندس، سائيڪل وٺي ڏيندس، منهن منگي خرچي ڏيندس. هن کي ڪڏھن به اهو احساس ٿيڻ نه ڏيندس ته، هُو ماءُ کان محروم آھي. چپڙا ڇاڻڻ، ڪاٺيون ڪرڻ ۽ ڪنڊين مان پن لاهڻ نه ڏيندس. آئون نه ٿو چاهيان ته، منهنجو پُٽ به مون وانگي اڌ پڙھيو رهي زندگيءَ کي دوزخ بڻائي. آئون نه ٿو چاهيان ته، منهنجي نُنهن جي ڪا تمنا اڌوري رهجي وڃي ۽ ھُوءَ به تنهنجو تسلسل بڻجي. مون کي لڳي ٿو ته مون کان ڪا ڪمي رهجي ويئي هُئي جو تون بي وفائي ڪري وئينءَ! ڀري دُنيا ۾ اڄ اڪيلو ٿي ويو آھيان. پنهنجو پاڻ تي سواءِ ملامت جي ٻيو ڇا ڪيان؟ هاڻ ملامت به ڪهڙي ڪم جي؟ جيئري هُئينءَ تڏھن اهو احساس ئي نه ٿيو ته، گهر ۾ توتي ڪير ڪُر ڪُر ڪري ٿو، ڪير توکي ماڻھو ئي نه ٿو سمجهي. تون مشين وانگي سڄو ڏينهن گهر جي ڪم ۾ هوندي هُئينءَ، پر ڪڏھن اهو نه سوچيم ته توکي به ٿڪاوٽ ٿي هوندي. اسين مرد به ڪيڏا نه مُنافق هوندا آھيون! پنهنجي ڀيڻ ۽ ڌيءَ کي ڪير طعنو طُنڪو ڏيندو آھي ته اسان کي ڪيڏو ڏُک ٿيندو آھي، اکيون ڀرجي اينديون آھن، پر پنهنجي گهر ۾ موجود زال جو خيال ئي ناهي رهندو ته اُھا به ڪنهن جي ڀيڻ، ڪنهن جي ڌيءَ هوندي آھي! اُن جو به خيال رکڻ گهرجي، اُن کي وقت ڏجي، اُن جون ننڍيون ننڍيون شڪايتون ڌيان سان ٻُڌجن، ان کي اڪيلائي جو احساس ٿيڻ ئي نه ڏجي ته، ڪر ڪو به گهر ائين اُجڙي نه…! منهنجي پياري! آئون توکي وقت نه ڏيئي سگهيس. گهڻو وقت گڏيل ڪُٽنب ۾ ”تو لِکيا لوڙھيا“ ۽ جڏھن جُدا ٿياسين تڏھن بُک ڀيلي ويئي…! الا! آئون تنهنجو ڏھ جنمن تائين ڏوهاري رهندس.
    اي منهنجي روح ۾ رمندڙ راڻي! هن وقت رات جا ٻه ٿيا آھن. تنهنجو ۽ منهنجو معصوم ٻار منهنجي مرداڻي سيني کي، سندس ماءُ جي کيردار ڇاتي سمجهي چُھٽي سُتو آھي! دل چوي ٿي منهنجي سيني مان ٿڃ جون سيڙهون نڪري اچن ۽ آئون پنهنجي ٻار کي پياري ڍؤ ڪرايان، پر ڇا ڪيان قدرت جي اڳيان فطرت مجبور آھي؟ اسمڀوَ کي ڪئين سمڀوَ ڪجي؟ توکي ياد ڪندي ڪندي، هي خط دل جي پين سان ذھن جي پَني تي لکجي ويو آھي. وهاڻو لُڙڪن سان وهنجي چُڪو آھي! منهنجو ۽ تنهنجو ٻار، پنهنجي مُستقبل کان اڻواف، ڀري ننڊ سُتو آھي؛ ڄڻ منهنجي ڪڇ ۾ پونم چنڊُ سُتو آھي! جنهن جي ڳلن جي پنکڙين تي پنهنجا رڦندڙ چپ رکي تنهنجي نالي جي هڪڙي چُمي ڏيئي، هاڻي سُمهڻ جي ڪوشش ڪيان ٿو…!، پر منهنجي ننڊ ته تون پنهنجي اکين ۾ کڻي وئينءَ…!

    تنهنجي وڇوڙي ۾
    دن رين روئندڙ
    فقط تنهنجو ور ويرڌمل


    مصطفي اياز مهيري کي لکيل خط

    پيرن تي هٿ پيارا...!
    تون جيڪڏهن پنهنجي اباڻي روايت تي هلين ها ته اڄ تنهنجي سر تي وڏائي جي وڏي پاگ ٻڌل هجي ها ۽ توکي وڏيري جو وڏو لقب مليل هجي ها. اهڙو لقب جنهن جي رعب ۾ تون سموري سنڌ پنهنجي پيرن هيٺان سمجهين ها، پر تو ائين نه ڪيو ڇاڪاڻ ته توکي پنهنجي ٺٺ کان وڌ سنڌ جا سور پيارا هئا. تو انهن ماڻھن جي دلين ۾ جيئڻ چاهيو ٿي جن کي هن معاشري اڃا تائين انسان تسليم ئي ناهي ڪيو. تو نه رڳو ڪڙيي جي ڪولهين جي واهر ڪئي، پر ان ڪنري جي معذور نياڻي جي به مدد ڪئي. سنڌ شاهد آھي جيڪا اوباما سان ملڻ کانپوءِ ايتري خوش نه ٿي هئي جيتري تڏهن خوش ٿي هئي، جڏهن تو سندس مٿي تي شفقت ڀريو هٿ رکيو هو. هي ڌرتي تنهنجي ان بي لوث پيار کي صدين تائين تاريخ جي سيني ۾ سنڀاري رکندي. توکي خبر آ جڏھن تون لاڙڪاڻي جي لال نثار کوکر جي نونهتري تي لبيڪ چئي ڪلهي ۾ گيڙو رنگ جو ٽوال وجهي جهومي سنڌ جمالا ڳائين ٿو، تڏهن نه رڳو ڪانگل هٿ ريما کي خط لکندڙ حفيظ ڪنڀر جي چهري تي خوشين جا پوپٽ پرواز ڪن ٿا پر تنهنجو الستي عاشق صفدر پنهور به سرهائي ۾ سرشار ٿئي ٿو. تون جڏهن به سنڌ جي واهر لئه ڪنهن يتيم ٻار جيان دانهن ڪرين ٿو، تڏهن نه رڳو احمد سومرو جيءَ جيءَ ڪري وراڻي ڏي ٿو، پر مسڪينن جو مسيحا مولابخش ٿيٻو ۽ سندس پتيورتا پتني زبيده جوڻيجو به تنهنجي سڏ کي سڪ مان سوئيڪار ڪندي هر ممڪن مدد ڪرڻ خاطر حال سارون هٿ ونڊائي ٿي.
    تون جيڪو روز ڪڙي ۽ قاتل جا ڪٽورا ڀري پيئڻ کان پوءِ جيئڻ جي اداڪاري ڪندي روز اڌ مئي سنڌ سان گڏ مرين ٿو. سنڌ جيڪا دردن جو سلو پوائزن کائي کائي هاڻ ساڻي ٿي پيئي آھي. تون به ان بيمار امڙ جي سورن ۾ ڏينهن رات سڙين ٿو. ڪڏھن ڳوٺ ورجانگ ڪولهي جي دُکندڙ ڀونگين سان گڏ دکين ٿو ته، ڪڏھن ڏور اُڏاڻي ۾ ٻري ويل ٻارڙين جي گُڏين جي رک سان گڏ اڏين ٿو. ڪڏهن سنڱ چٽي ۾ ڏنل ڪنهن معصوم نياڻي جي سڙندڙ حسرتن سان گڏ آلي ڪاٺي جيان سڙين ٿو ته، ڪڏهن ڏيپلائي جي شهر ۾ ڏينهن ڌونئري جو ٻري ويل معذور نياڻي سان گڏ مرين ٿو. ڪڏهن سانگهڙ ۾ سفاڪ سياستدانن جي مغروري جو شڪار ٿي وڏن ڦيٿن هيٺيان آيل دراوڙ سنڌ جي لت پت لاشي کي ڀاڪر پائي ڍاڍون ڪرين ٿو ته، ڪڏھن وقت کان اگنور ٿيل اڇڙي ٿر جي بُکايل ٻارن جو ڀرجهلو ٿئين ٿو. يار ڪيڏو نه حساس دل آھين. ڪاش! سڄي سنڌ تو وانگي ٿي پئي ته ڪجهه سور ورهائجي سگهن. تون جنهن جي خُماريل نيڻن جي آرسي ۾ اُن ڏُتڙيل سنڌ جا عڪس ڏسجن ٿا جيڪا آرين جي لوڌ کان پوءِ اڄ ڏينهن تائين سوڳ ورتل آھي ۽ عدت ۾ ويٺل وڌوا وانگي نه سکن جي نير ۾ وهنتي آھي نه ئي سينڌ سموهي اٿس، تون جيڪو سگريٽ جو ڊگهو ڪش ھڻي ڌونهي کي هوا ۾ تحليل ڪري هڪ ٿڌو ساھ کڻين ٿو ۽ هوا ۾ اڏامندڙ نيرڙي دونهي ۾ ان سنڌ جو ڌنڌلو عڪس ڏسڻ جي ڪوشش ڪرين ٿو، جيڪا راجا ڏاهر جي مارجڻ کانپوءِ وري ڪڏهن به خوشحال ناهي ٿي. تون جيڪو سراپا درد سنڌ جو هڪ وڏي پيٽ وارو پُٽ آھين پر تون انهن وڏي پيٽ وارن مان ناهين جن جي ڦاٽڻ لاءِ اياز اڳڪٿي ڪئي هئي ته اهي نيٺ ڦاٽندا، پر اڃا تائين ناهن ڦاٽا شايد ابا جو ڇُرو وڏو ناهي يا مفاهمتن ۾ زنگجي ويو آھي..بهرحال تون اهو وڏي پيٽ وارو آهين جيڪو سنڌ لئه پيٽ ٻارين ٿو ۽ سنڌ تولئه پيٽ ٻاري ٿي.. توکي ساڙولي دنيا تنهنجي پيئڻ ۽ جيئڻ تي ڀلي ڀت کائو ۽ ٺرائي جهڙا هلڪڙا لقب ڏي. تنهنجو عزت نفس مجروح ڪري، پر تون دل متان لاهين..تون پيئندو ۽ جيئندو رھ..توسان سموري سنڌ گڏ آھي..اها سنڌ جيڪا خانه بندوشن جي خيمي ۾ چاندي جهڙا چم غليظ هٿن ۾ ڦٿڪندا ڏسي ڪٺل وجود وانگي تڙپي ٿي. ان سنڌ کي تنهنجي سخت ضرورت آهي، جيڪا کيتي کيڙڻ باوجود اناج جي هڪ داڻي لاءِ پکين وانگي سڪي ٿي. اُها سنڌ جنهن جون ٻاگهل ٻايون ڏاج نه هئڻ ڪري اباڻن اجهن ۾ مائٽن تي بار بڻجي، وار چاندي ڪري ڪنوارپڻ جي اڇي ڪفن ۾ دفن ٿيو وڃن..امير هوندي به غربت جي ٻري ۾ ٻرندڙ هن ديس جي دڳ دڳ جي توکي پارت اٿئي.
    آخر ۾ تولئه وديسيءَ مڌ جهڙا مارواڙي جا ٻه دوها :

    دارون پيئو درپڻ ڪرو رتا راکو نيڻ
    دوکي ٿانرا جل مري سوک پاويلا سيڻ

    دارون رو درياءَ ٿي ڪيون نهين ڪيتو ڪلتار
    ناکي بيچ ناوَ ڀر ڀر ڌوٻا پيوتا

    فقط تنهنجو پنهنجو
    امر


    مٺي شھر جي نالي کُليل خط

    مٺي تون هاڻي مٺي ناهين رهي…!
    تنهنجي گل لالا جهڙين گهٽين ۾ جتي گلابن جي واسنا ايندي هُئي. اُتي اڄ معصوم رت جي بوءَ اچي ٿي. جتي تنهنجي اگربتين جي سُڳند سان سرشار هر سانجهه ڏيئن جي سهائي ۾ دُوارڪا جي ديد پسائيندي هُئي. اُتي اڄ اُماوس جهڙي اونڌاهي ماڻهن جو ساھ مُنجهائي ڇڏي ٿي. تنهنجي گود ۾ گُد ڏيندڙ تنهنجا معصوم ٻار موت جي راڪاس کان ائين ڊنل آھن جيئن ھرڻ شينهن کان ڊنل هوندو آھي. تنهنجون سُوم رس جي سُرهاڻ جهڙيون سڀئي گليون ماتم ڪڌه آھن. انهن گلين جي مور کيڙي نما منگهن تي بيهه مينڍا سُڪائيندڙ وينگسن جا هرڻن جهڙا هانوَ ڊيلن وانگي ڊنل آھن.
    تنهنجي نگري جي نياڻين نگرا پوڄڻ ڇڏي ڏنا آھن. مندرن ۾ مڪلي جهڙي ماٺ ڇانيل آھي. ڍڳين کي ڍوءَ تي کارائيندڙ مهيشورين پاڻ ماني کائڻ ڇڏي ڏني آھي. موهن ڀڳت جي سمادي کان وٺي هرداس ڀڳت جي سائي ڏھري تائين سڄي شھر کي سائي وڪوڙي ڇڏيو آھي. ڪريم فقير کان ڪجليو ڳائڻ وسري ويو آھي. صادق جي قبر تي لکيل ڪتبي جون اکيون آليون آھن. تنهنجي محل نما گهرن جي ويڪرن ٿَلهن تي ويهي اڌ رات تائين ڪچهريون ڪري پنهنجي اندر جا آروڳ اوريندڙ جهونن جا نيڻ بڊي جي ڪڪرن وانگي وٺا آھن. ٿلها اُداس آھن.
    مٺي تنهنجي معصوم نگري ۾ ٻه نردوش ڳڀرو سفاڪ قاتلن جي بي رحم ڳولين جو شڪار ٿي ويا آھن. جن جي ايف آءِ آر ڪنهن تي داخل ڪجي؟ انهن بي ضمير هندو سياستدانن تي ڪجي جيڪي زرداري جي ڪامداري ڪندي رڳو گُتن جا لائسنس وٺڻ ۾ پورا آھن، جن لئه انساني جان ڪا به معنيٰ نٿي رکي، جن جي زنگ لڳل ذھنن تي ڪُرسي جو نشو ايترو حاوي آھي جو عزت ۽ غيرت سڀ داو تي لڳائي ڏينهن رات چمچاگيري ۾ رُڌل آھن. يا انهن اجگر اين جي اوزن تي، جيڪي امداد جي آڙ ۾ ڌارين کان ڌرتي ڀيلائي هتان جي امن کي آخري تيلي ڏيڻ جي ڪرت ۾ ڏينهن رات ڪوشان آهن.
    اي ماءُ جي آنچل جهڙا شھر…!
    اسين هاڻي توکان ڊڄون ٿا. تنهنجي پاڪ رستن تي هلندڙ ناپاڪ رهزنن جي هر روپ کان ڊڄون ٿا. اسين جيڪي سَهي جي کَل جهڙا اڀرا آھيون اُهي هر اُن چهري کان ڇرڪايل آھيون جنهن ۾ ڌاريائپ جي ڌپ اچي ٿي. اسين اُداس آھيون. اي اسان جا محبوب شھر! اسان کي پنهنجو اهو من موهيندڙ ماضي موٽائي ڏي جنهن ۾ اسين تنهنجي ويڪرن رستن تي آڌي رات تائين اُسڙڪندي ڪيئي سرگوشيون ڪندا هئاسين.
    جاڙن پُٽن جي اچانڪ اولاڪي واري دل ٽوڙ درد جو ڪاٿو اُن ماءُ جي ممتا کان ئي پُڇجي جنهن جي اندر جو مندر ميسارجي ويو آھي. جنهن جي ڇاتي ڇلني ٿي ويئي آھي. سُرطان جهڙي هن سُور جي پرک اُن پيتامبر پيءُ کي ئي هوندي جنهن جي اندر جو جهونا گڙھ جهُري چُڪو آھي. جنهن جا جاڙا پُٽ ڏينهن ڌونئري جو سفيد ڪبوترن جهڙي امن پسند شھر ۾ شھيد ٿي ويا، جن کي اگني سنسڪار ڪندي هندو مسلم هر اک آلي هُئي. هن هانوَ ڏاريندڙ حادثي جي ڏُک جو ڏيک اُنهن سهاڳڻين جي اُجڙيل سندورن ۾ ڏسي سگهجي ٿو جن جا معصوم ٻار بابا بابا چئي انهن جي لُڙڪن سان پُسيل چُنين سان چنبڙي پون ٿا. جن کي آٿت ڏيڻ لئه به ڪو پنهنجو هٿ سالم ناهي رهيو.
    هي قتل صرف ٻن بي ڏوھ ھندو ڀائرن جو قتل ناهي، پر هي قتل انهن هزارين مسلمانن جو به قتل آھي، جيڪي صدين کان هندوئن جي حفاظت ڪندا اچن. هي قتل انهن ڇهن ڀينرن جو به قتل آھي، جن لئه هن دُنيا ۾ ھاڻي ڀائر نالي رشتو ئي ناهي رهيو. هي قتل ڪينسر جي مريضه اُن ماءُ جو به قتل آھي، جيڪا هاڻي هن دنيا ۾ ڪنهن کي به ڏڪرا چئي سڏ نٿي ڪري سگهي. هي قتل اُنهن ٻن پتيورتا نارين جو به قتل آھي، جيڪي هاڻي ٻُٽين ٻانهن ۽ ٿڌين آنهن ۾ حياتيءَ جا ڏورها ڏينهن گهاريندي اُجڙيل سينڌن سان هر روز مرنديون رهنديون. اُهي اڀاڳڻيون هاڻي ڪڏھن به ڪڙوا چوٿ جو ورت رکي چنڊُ جو درشن ڪري نه سگهنديون. هي قتل اُنهن معصوم ٻارن جو قتل آھي، جن لئه رانديڪا ننڍپڻ ۾ ئي رُسي ويا آھن، جن جي اکين اڃان صحيح نموني روئڻ ئي ناهي سکيو. انهن اڀم ٻارڙن جي پويتر لبڙن جي پُڪار ۾ اُٿندڙ لرزش کي دُنيا جو ڪهڙو پيمانو ماپي سگهي ٿو؟ هي قتل ان امن جو قتل آھي، جنهن تي دنيا جون نظرون آھن.
    مٺي! تنهنجي آغوش ۾ تڙپندي مري ويل تنهنجي معصوم ٻچڙن سان انصاف ڪير ڪندو.؟ اسان جون اُداس اکيون انصاف جي اوسيئڙي ۾ اٽڪيل آھن، اسين جهولي جهلي چيف جسٽس آف پاڪستان ۽ چيف آف آرمي اسٽاف پاڪستان کان انصاف جي بيک گهرون ٿا...

    فقط مٺي جو شھر واسي


    سينيٽر ڪِرشنا ڪُماري ڪولهي کي لکيل خط

    ڪِرشنا....! توکي ٿر جي پارت آھي...!!
    تون جيڪا روپلي جي وارث آھين. تنهنجي رڳ رڳ ۾ پارڪر جو اهو پاڻي رت بڻجي ڊوڙي رهيو آھي، جنهن سوڍن سان گڏجي انگريزن کي ڪابلي چڻا ڪچا چٻڻ تي مجبور ڪيو هو. تنهنجي ٻاجهه ڀري ٻوليءَ هن وطن جو اهو اهڃاڻ آھي، جنهن کي ڪير به مٽائي نه ٿو سگهي. تنهنجي ڪارڙي رنگ ۾ هن وطن جي اُها سُڃاڻپ سمايل آھي، جيڪا ڪارونجهر جيان ڪنڌ مٿي کڻي اڄ به ائين چوي ٿي ته ”اي ڌرتي مانري سي“ ۽ اها ڌرتي ئي آھي، جنهن اوهان کي وقت جي ڪنهن به ڀوڪنمپ ۾ ڀُرڻ ناهي ڏنو. ان ڌرتيءَ جي هر دنگ ۽ ننگ کي تون پنهنجو سمجهي ان جي رکشا ڪجانءِ.
    ڪرشنا! توکي پارت آھي، اُن ٿر جي جيڪو صدين کان ڪنهن مسيحا جو منتظر آھي. اُھو ٿر جنهن کي اڄ ڏينهن تائين ”وڏن“ ماڻھن ماڻھو ڪري ئي ناهي مڃيو. اُھو ٿر جيڪو نه رڳو گُگرال جو رت چوسي گُگر تي گُذارو ڪري ٿو، پر پاپي پيٽ خاطر پانپرا ڪندي وڻ به وڍي ٿو. هن ڌرتيءَ کي اُگهاڙو ڪري ٿو. اهو ڪو شوق سان نه ٿو ڪري، پر هن کي ڪا مجبوري ڪرائي ٿي. اهو ٿر جنهن جا ٻچا تعليم نه پرائي سگهڻ ڪري جهالت جي تاريڪ راهن ۾ رُلن ٿا. اُھو ٿر جيڪو اڄ به نه رڳو اڪ جي پُڙي ۽ ٻُڪ ۾ پاڻي پيئڻ لئه مجبور آھي، پر کٽ هوندي به پٽ تي ويهي پنهنجي پرمپرا پاري ٿو. توکي پارت آھي اُن ٿر جي جنهن کي نه رڳو ڪارن ڏُڪارن جي ڪاريهرن ڏنگيو آھي، پر وقت جي ٿاڦيل سياستدان جي نابين نظرين به وڏا ويل وهايا آھن. توکي پارت آھي اُن خوددار ٿر جي جنهن کي اين جي اوزن امداد جي آڙ ۾ عالمي پينو بڻائي ڇڏيو آھي. ٿر جو تعارف تبديل ڪرڻ ۾ نه رڳو اين جي اوزن جا هٿ شامل آھن، پر هتي جي نامي گرامي نيتائن جون نيتون به شامل آھن. جن پنهنجا ڀڀ ڀرڻ خاطر ڀوميءَ جو به ڀرم ڀيلائي ڇڏيو آھي. توکي پارت آھي، ان بيروزگار ٿر جي، جيڪو سرعام سرڪاري نوڪرين جي ٿيل نيلامي کان پوءِ انتهائي مايوس آھي. اُن نوجوان ٿر جون اُميدون هاڻي تو ۾ آھن. تون جيڪا هڪ غريب خاندان سان تعلق رکين ٿي. توکي غُربت ۽ بيروزگاري جو احساس چڱي ريت هوندو ، ڇاڪاڻ ته تون به پيٽ تي پٿر ٻڌي پڙھي آھين. توکي پارت آھي اُن بيوس ٿر جي جيڪو پنهنجي بُخاريل ٻچڙن کي پيراسٽامول جي گوري وٺي ڏيڻ جيتري به سگهه نه ٿو ساري. جنهن لئه سُپرٻو پروَ به سواءِ احساس ڪمتري جي ٻيو ڪجهه به ناهي هوندو. ڪنهن وار پروَ تي پائڻ لئه نئون پڙو ۽ پولڪو به وٺي نه سگهندڙ ٿر جي حالتن تي رتيءَ جيترو به ڪنهن رحم نه ڪيو. ڪنهن ڪيا آھن ته رڳا مذاق. ڪڏھن امداد جي نالي مذاق، ڪڏھن پاڻي جي نالي مذاق، ڪڏھن ڪوئلي جي نالي مذاق، ڪڏھن صحت جي نالي مذاق. ڪڏھن سياست جي نالي مذاق ته ڪڏھن تعليم جي نالي مذاق. سنجيدگي سان ويهي ٿر جي بنيادي مسئلن جي ڪنهن به مستقل حل لئه ڪڏھن به ناهي سوچيو.
    تنهنجي سينيٽر ٿيڻ تي وڌ ۾ وڌ سرهو ٿيو آهي. اُھو ٿر جنهن جي گهر ۾ لپ اٽي جي به وڏي پيڙا سان پهچي ٿي. تنهنجي راهن ۾ گُل وڇايا آھن اُن ٿر جنهن جي پيرن ۾ پاتل چپل ۾ ايتريون ته چتيون لڳل آهن جو واريءَ تي چٽ ٺهي وڃن ٿا. تنهنجي ماڻينگر مٿي تي شفقت ڀريو هٿ رکيو آھي اُن ٿر جنهن کي اُس ۾ مٿي ڍڪڻ لئه چار وال چُني به مشڪل سان ملي ٿي. تنهنجي سينيٽر ٿيڻ تي جهمريون پائي مٺايون ورهايون آھن اُن معصوم ٿر جيڪو مٺائي جي ذائقي کان ئي اڻواقف آھي. ڳلن تي هٿ رکي تولئه راسوڙا ۽ راڻليا به اُن ٿر ڳايا آھن جنهن کان بُکن ۽ ڏُکن ۾ سُر ۽ تال به وسري ويا ھُئا، پر تنهنجي ڪاميابي تي هُو ايترو سرهو هو جيترو هوليءَ جي ڏينهن هوندو آھي. ڌناگام جي ڌِيئاريءَ تنهنجي سينيٽر ٿيڻ تي نه رڳو پارڪر ۾ راسوڙا رچيا آھن، پر سامروٽي کان وٺي ساماري تائين سموري ڌرتي گونجي اُٿي آھي. ان گونج ۾ رڳو رقص ناهي، پر ان ۾ پيڙھيل طبقي جون پُڪارون به آھن ته سسٽم مان نراس ٿيل ڌرتي ڌڻين جون دانهون به آھن. اُھي دانهون جن کي وقت جي ڪنهن به ڪَن ڪَنائڻ جي زحمت نه ڪئي. تنهنجي فارم بحال ٿيڻ لئه ٻئي هٿ ٻڌي دعائون ڪيون هيون، اُن بي يارو مددگار ٿر جنهن کي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام وارا فارم به نه مليا هئا. تنهنجي سينيٽر نامزد ٿيڻ تي نثار ٿيو هو، تنهنجو اهو ٿر جنهن کي نادرا مان پنهنجي نالي وارو سڃاڻپ ڪارڊ به عزت سان ٺھي نه ٿو ملي. جائز مسئلي لئه ناجائز پئسه ڀرڻ کان پوءِ به ڪاڙھي ۾ قطار ٺاهي ڪيئي ڏينهن ڪڙھڻو پوي ٿو. توکي پارت آھي ان ٿڪايل ٿر جي جيڪو اڄ به تو ۾ اها آشا رکي جيئي ٿو ته ڌرتيءَ جي ڌيئڙي اسان جي ڏُکن کي لحضي ۾ لاهي ڇڏيندي، سڀ لُڙ لهي ويندا.
    پنهنجي انوکي ڇاپ ڇڏڻ لئه سينيٽ جي اجلاس ۾، هڪڙو ڏينهن ئي سهي، تو پنهنجو ثقافتي ويس پائي ٿر تي ٿر جيڏو ٿورو ڪيو آھي. تنهنجو اهو گُڻ صديون ڳائينديون رهنديون. ھڪ ٿاريليءَ ڳوٺاڻيءَ جي اهڙي اعليٰ گُڻ جي تاريخ گواهي ڏيندي ته ماروئڙن جي مُلڪ ۾ ولر واريندڙ چوڙيلين مان هڪ چوڙيلي هن ملڪ جي ايوان بالا جي ڪُرسي تائين ڪانچُوئي ۽ پَڙي ۾ پهتي هُئي. جنهن جي هڪڙي جهلڪ ڏسي هن ڌرتيءَ جي اُنهن لکين دراوڙ عورتن جي مهانڊن تي مُرڪون موٽي آيون هيون، جن کي سرهائي ملي ڪي ورهيه وهامي ويا هئا. ائين لڳي رهيو هو ڄڻ ست ڏُڪاري کان پوءِ مس وڃي وسڪارو وريو آھي.
    ڪرشنا تون ڀلي پاڻ کي اُتم پد وارن جي قطار ۾ بيهارڻ جي ڪوشش ڪر پر اُھي توکي ڪڏھن به پنهنجو تسليم نه ڪندا.
    ڪرشنا تون پنهنجو پاڻ کي دلت ڀلي نه سڏرائي پر ڪولهي کان ته انڪار نه ڪجانءِ. پنهنجي وير ويرجي کي اهو ڀيد ڀڻائج ته اوهين ڪوهلي نه پر ڪولهي آھيو. ڌاڙيءَ ۽ ڏڙي جي رانديگر کان اوهين جان جي بازي لڳائيندڙ بازيگر مٿي آھيو. اوهين تاريخ جا وارث آھيو. اوهان وٽ اتهاس ۾ روپلي ڪولهي جهڙو ڪردار موجود آھي جيڪو ڪڏھن به اوهان جو ڪنڌ جهُڪڻ نه ڏيندو. اوهين اُن وريام جي وارثي ڪيو جنهن پنهنجي وطن مالُوف جي مالڪي ڪندڙن سان پرڻ پاريندي پنهنجا پراڻ ارپڻ ڪري ڇڏيا، پر انگريز اڳيان آڻ نه مڃي. اُن ارڏي جي الوڪڪ اتهاس تي مَرڪ ڪرڻ اوهان جو شان آھي. باقي ڪنهن ڌارئي جي ڌڻيپ ڪرڻ نه رڳو اوهان جي ڪردار ڪشي ڪندي، پر هن مٽيءَ جي مان ۽ مريادا کي به ڇيهو رسائيندي. هن ڏيهه کي اهڙو ڏام ڏيڻ کان اڳ ۾ ڏھ ڀيرا سوچجو. هي روپلي جو راڄ آھي. هي مسڪين جهان خان کوسي جو ماڳ آھي. هي ڪيسوڀاءُ سوڍي جو ساڻيهه آھي.
    ڪرشنا…! توکي ان جيتو ڪولهڻ لئه به جتن ڪرڻو پوندو جيڪا منهنجي ڳوٺ جي ڀرسان موجود ٻني سگار جي سيڙھي تي ويهي تولئه وڏيون دعائون ڪري ٿي. جنهن جي پيرن هيٺان موجود زمين به پرائي آھي، جنهن جو پتي ڪينسر ۾ مري ويو. هاڻي سندس سهارو سندس نياڻي آھي جيڪا سڄو ڏينهن ڪاڙھي ۾ ڪاٺيون ڪري پنهنجي مڙھي ماءُ جو پيٽ پالي ٿي. توکي انهن جو ڀرجهلو ٿيڻو پوندو جن جو هن جهان ۾ ڪو به جهلو ناهي. توکي انهن جو سهارو بڻجڻو پوندو جن جا سهارا ڌڻي کي پيارا ٿي ويا آھن. توکي اُنهن جي بُک جو بندوبست ڪرڻو پوندو جن کي بُک آپگهات ڪرڻ تي مجبور ڪري ٿي. توکي اُنهن بيروزگارن لاءِ روزگار جو سعيو ڪرڻو پوندو جن جو ڪو به سياسي سورس ناهي. توکي انهن يتيم ٻارن کي آٿت ڏيئڻي پوندي جن جي مائٽن کي وحشين بنا ڏوھ ماري ڇڏيا. توکي مينهن جي مامي جهڙين اُنهن دراوڙ عورتن جي لُٽيل عصمتن جي تعزيت سنڌ امڙ سان ڪرڻي پوندي جن کي ٻه ايڪڙ ٻنيءَ جي هاريپ ڏيئي سرعام رُسوا ڪيو ويو هو.
    ميڊم ڪرشنا! سرڪاري خرچ تي ڪو مندر تعمير ڪرائڻ کان اڳ ۾ انهن هزارين خانه بندوش ٿر واسين تي هڪڙي نگاھ ضرور وجهج، جيڪي ڀٽن تي ڀونگيون ٺاهي ويٺا آھن، انهن کي سردين گرمين کان بچڻ لئه ڪنهن مستقل گهر جي ضرورت آھي. اُنهن جا ٻچا به تو وانگي پڙھي ڪنهن منزل تي پهچڻ چاهين ٿا. ڪرشي! ايوان بالا جي تختِ طائوس تي ويهي جڏھن ايئرڪنڊيشنڊ جي ٿڌاڻ محسوس ڪرين تڏھن پارڪرن جي پهاڙن جي اُھا ڪوساڻ متان وسارين، جنهن تي تنهنجا ماروئڙا پيرين اُڀراڻا پنڌ ڪن ٿا. جڏھن به تنهنجي ميز تي طرحين طرحين طعام اچن تڏھن جوٺا ڇڏڻ کان اڳ ۾ انهن پيٽ بکايل ٿاريلن جي باري ۾ به ضرور ويچار ڪجانءِ جن کي تارا ڳڻيندي ڪيئي ويلا ٽري ويندا آھن..!!

    فقط ٿر جي معصوم جنتا


    لاڙڪاڻي جي هڪ ڳوٺ ۾ ڀري محفل ۾ گولي لڳڻ سبب مارجي ويل فنڪاره سان مخاطب

    ثمينه تون نردوش آھين…!
    تو سان ناحق ٿيو آھي. تنهنجي خاندان جي هر تمنا جو خون ٿيو آھي. تون بي گناھ هُوندي به بي موت ماري وئينءَ. تون جيڪا ڪَن رس جو چس چکائيندڙ سنڌ جي اُھا سوکڙي ھُئينءَ جنهن جي پرک ڪرڻ وارو هتي ڪير به نه هو. تون جڏھن ٻٽيهه راڳڻين جو رياض ڪري هارمونيم تي هٿ رکندي هُئين تڏھن هر تند ۾ الئه ته ڪيترن سارسن جا ڪنٺ سمائجي ويندا هُئا. هارمونيم جي رڌم تي تنهنجو هر آلاپ هزارين ڪويلين جي ڪنٺ رس جهڙو دلپذير هوندو هو. تون ٻٽيهه سُرن جي ساڌنا ڪري جڏھن رنگ منچ کي سيس نمائي پرڻام ڪندي هُئينءَ، تڏھن سرسوتيءَ ماتا پنهنجا سڀئي گُڻ تنهنجي ڳلي ۾ اوتي ڇڏيندي هُئي، ڇاڪاڻ ته تون سچي پريم ڀاونا سان پُڪار ڪندي هُئينءَ. اهڙي پُڪار جنهن ۾ ان جَل جي آجيڪار لئه هڪ آس سمايل هوندي هُئي.
    تون جيڪا سُرن جي سفير هُئينءَ. سُر، جن جي سماع ۾ صوفي پنهنجا پراڻ پرميشور کي سونپيندا آھن. سُر جيڪي سرسوتيءَ جي دين هوندا آھن. سُر، جن کي سُڻي آتمائون آنند پائينديون آھن. سرير سڪون سان سرشار ٿيندا آھن. سُر، جن تي ماڻھو سِر ڏيندا هئا وٺندا ڪون هئا. سُر جيڪي جل ۾ آڳ لڳائي ڇڏيندا آھن. سُرن تي ڌاوڻ لئه روئندڙ ٻار به ماٺ ٿي ويندا آھن. سُرن تي آڪاس ۾ اُڏامندڙ پکي ڌرتيءَ تي ڪري پوندا آھن. سُرن تي ماڻھو نرت ڪلا جا نمونا پيش ڪندا آھن، پر توکي ته سرزمين سنڌ جي سُريلي شھر لاڙڪاڻي ساھ سيباڻي جي لاکيڻي ڌرتيءَ تي سُرن عيوض گوليون مليون. ثمينه تنهنجو ڏوھ ڪهڙو هو؟
    تون سنڌ جي اُھا چَترڻي ڪوئل هُئينءَ جنهن جي قسمت ۾ ڪا اهڙي محفل شايد لکيل ئي نه هُئي جنهن ۾ تنهنجي ڪلا جي جلا جو قدر ڪندي ڪو هٿ تنهنجي مٿي تي شفقت جي اجرڪ وجهي توکي اون ڪري ها. ائين چئي ها پُٽ پيٽ حمل ۾ ڳائڻ صحت لئه سڀاويڪ ناهي هوندو. ڪاش! ڪو ته اهڙو به هٿ ملي ها جيڪو اسٽيج تي اچي توکي چئي ها ڀيڻ هن ڪرائي ۾ راکي ٻڌ ته آئون تنهنجي رکشا ڪري سگهان. ثمينه! هتي جسم جي دُرڳند ۾ روح جي سڳند ختم ٿيو وڃي ٿي.
    تون هن ديس جي اُها دلفگار ڪوئل هُئينءَ جيڪا مُورکن جي محفلن ۾ ڪُوڪون ڪري مري وئينءَ. گرڀوتي هوندي به پيٽ گُذران لئه شرابين جي شوق جو پورائو ڪندي هن جهان مان هلي وئينءَ. تون هن غريب سنڌ جي اُها گُلوڪاره هُئين، جنهن جي رسيلي راڳ ۾ ئي پنهنجي پريوار جو ڀاڳ سمايل هو. تون غمن ۾ ٻُڏل ماڻھن جي اُداس روحن کي راڳ سان ريجهائي پنهنجو پيٽ پاليندي هُئينءَ. تو ڀلا ڪنهن خان جي خزاني مان کاٽ ته ڪونه ٿي هنيو جو توکي ايڏي وڏي سزا ڏنائون. تون انهن پکين وانگي دل جي پويتر هُئينءَ جيڪي هميشه وڳر ڪيو وتن. جن جي من ۾ مير ۽ وجود ۾ وير رتيءَ جيترو به ناهي هوندو. پکي جيڪي سدائين توڪل جي تُرهي تي هوندا آھن. تون به ته ائين توڪل تي حياتيءَ جا ٻيڙا پار لنگهايا هئا. هڪڙي محفل ۾ ڪجهه نه مليو ته ٻئي ۾ ڪجهه ملندو واري توڪل تي دل جي ٻار کي پرچائيندي مُرڪندي هُئينءَ.
    ثمينه تنهنجي اڻ ڄاول ٻار جو قصور به ڪهڙو هو جو اُن کي به وحشين گولين جا گهاوَ ڏيئي ڇڏيا. ھُن ته اڃان هن دُنيا جو درشن به ڪونه ڪيو هو. هُن ته املتاس جي ڪاٺيءَ ۽ پنير مان تنهنجي هٿ جي ٺاهيل سُتيءَ جي به سُرڪ ڪونه ڀري هُئي. هن تنهنجي هنج ۾ ويهي ڌاوڻ پيئندي تنهنجي ممتا ڀري ڇاتيءَ جي مهراڻ کي به ڪونه ڇُھيو هو. هُن ته تنهنجي پيار جي پاني مان هڪ سُرڪ به ڪونه ڀري هئي. هن ته لاڏ مان لوري ڳائڻ مهل تنهنجي دل جي ڌڙڪن به ڪونه ٻُڌي هُئي. ثمينه! تو اڃان هن جي ڀورڙن ڀروئن تي سُرمي جي سرائي ڦيري ڪُل ڪائنات جي عظيم مصوري به ته ڪونه ڪئي هُئي. موئن جي دڙي جي اصلي ريت نڀائيندي ٻالڪ جو مٿو ويهارڻ لئه تو جيڪي ڳوٿريون ٺاهيون هُيون، اُھي اڄ پنهنجو مٿو پٽي تنهنجي ٻالڪ کي سڏي رهيون آھن. رلڪا، پوتڙا ۽ تنڃڻ سڀ سوڳ ۾ سُڏڪي رهيا آھن.
    تُنهنجي ڪملهي موت تي رڳو ڀٽائي جا ٽيهه سُر ناهن رُنا پر ميران جي سُرندي جون تارون به اوڇنگارون ڏيئي رُنيون آھن. تنهنجي هانوَ ڏاريندڙ ھتيا تي رڳو ٻيجل جو سُرندو سوڳوار ناهي، پر جهوناڳڙھ جي سخي راءِ ڏياچ جو روح، ستي سورٺ جي آتما سميت سنڌ جي هر اُن دل سان تعزيت ڪري رهيو آھي، جنهن ۾ تنهنجي موت جو تڏو وڇايل آھي. تنهنجي ناگهاني وڇوڙي تي نه رڳو موهن جي دڙي جي ناچڻي ڇيرون ڇوڙي سوڳ ۾ سُتي آھي پر، بندرا جي بن ۾ راڌا کي پُڪاريندڙ ڪرشن جي مُرلي به ماٺ آھي. تنهنجو موت ٻٽيهه راڳڻين جو موت آھي. تنهنجو قتل ساري گا ما پا دا ني سا جي هر سرگم جو قتل آھي. هن گولي رُڳو تنهنجي ڇاتيءَ کي ڇلني ناهي ڪيو، پر هر اُن سُرن جي سودائي کي گهايو آھي، جنهن جي من ۾ هر وقت صوفين جي سماگم سُرودُ سان لبريز آھي.

    فقط تنهنجو سنڌي ڀائر


    سُنيتا راٺوڙ ڏانهن لکيل خط

    سُنيتا تون اُداس ڇو آھين…؟
    تون جيڪا باغي به آھين ته انقلابي به آھين!
    تنهنجي بادام چشم بينيءَ جي نيرڙي نڀ ۾ بي خوفي جا بادل هر وقت ڇانيل آھن. تون وقت جي ڪنهن به دِلوراءِ جي ڊپ ۾ دَلخيم ناهين ٿي ڇاڪاڻ ته تون دلهِير نه پر دلباز آھين.
    تون جيڪا راٺوڙ آھين. راٺوڙ جن کي رڻ بانڪا چوندا آھن. اُھي حياتيءَ جي ڪنهن به ھاڃي کان هٻڪائيندا ناهن. اُھي پنهنجي اڌيڪارن لئه رت جي آخري ڦُڙي تائين رڻ ڀوميءَ ۾ پنهنجي ڀوميڪا نڀائيندي، تاريخ جي ڪنوار جي ڪن ۾ طومان جا انوکا تُگل وجهي ڇڏيندا آھن. ڌرتي انهن جي اڊمبر ڪردارن کي ڪڏھن به وساريندي ناهي. تون جيڪا سنڌ جي اصلي وارث راءِ گهراڻي جي رت جي رهجي ويل نشاني آھين. توکي جيون جي سفر ۾ ڪڏھن به ستيا هاري اُداس ٿيڻ نه کپي.
    اُداس اُھي هوندا آھن جيڪي بنهه بُزدل هوندا آھن. جن لئه حياتيءَ جي هر مصيبت کي منهن ڏيڻ ڏُکيو هوندو آھي. اُھي صرف سُکن جا ساٿي هوندا آھن ڏُکن سان انهن جو ڏُور کان به رشتو ناهي هوندو. اُهي گلابن جا راهي ڪنڊاون پيچرن تي هلي ناهن سگهندا.
    سُنيتا! تون ته دلير آھين.! تون عورتاڻي اتهاس ۾ دليريءَ جو اهڙو سبق آموز داستان آھين، جنهن کي پڙھي ڪيئي پيڙھيون ڪربن جا ڪارا پاڻي پار لنگهي سگهن ٿيون. تنهنجي همت واري نقش ِ قدم تي هلي هن سنڌ جي هر اُها نردوش نياڻي پنهنجا ڇنل هڙئي حق واپس وٺي سگهي ٿي، جنهن سان وقت وڏا ناحق ڪيا آھن. توکي مايوس نه ٿيڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته تنهنجي وسيع سيني جي سمنڊ ۾ دڙڪندڙ دل ڪنهن هرڻيءَ جو هانوَ ناهي، نه ئي ڪنهن ڊڄندڙ ڊيل جو هردو آھي. تنهنجي سيني ۾ ساھ کڻندڙ دل ڪنهن شينهڻ جي گونج آھي. اهڙي گونج جنهن جا پڙاڏا سمورو ڏيهه سُڻي ٿو. عرض و سمان لوڏي ڇڏيندڙ تنهنجي للڪار جو هر وار ويرين لئه ترڌاري تلوار جي ڌار آھي. تڏھن ته تو مقدر ۾ مليل هر مصيبت کي کلي کيڪاريو آھي. تون ته سسئي جو ٻيو روپ سروپ آھين. تون جهانسيءَ جي راڻيءَ وانگي اٽل ارادو رکندڙ سنڌڙي جي اُھا سورٺ آھين جيڪا پنهنجي سهاڳ لئه ڏُکن جي ڏاگهه تي چڙھي به پنهنجي عزت جو جهوناڳڙھ جهَڪو ٿيڻ نه ڏيندي. تون روپا جي رڻ ڀوميءَ ۾ ٻاگهل جي چيلهه تي سندرو ٻَڌل اُها چُنري آھين جنهن کي وقت جو ڪو به خلجي ڪنهن به فريب سان ڦاڙي نه ٿو سگهي. تون ته ڪنهن سارس جو پنهنجي سرتيءَ لئه سڪندي رڻن ۾ رهجي ويل اھڙو روح آھين جنهن لئه پريتم جي جسم جو پڃرو ئي سموري جهان جي سرهائي هوندو آھي. تڏھن ته تو پنهنجي محبت سان محبت ٿي نڀايو آھي. پنهنجي پيار جي هر پيڙا کي ونڊي ورڇيو آھي. تو پنهنجي سچي محبت لئه سڀ ڪجهه قربان ڪري هڪ نئون اتهاس رچيو آھي.
    تنهنجي شاديءَ تي سڀئي ريتون هن ديس مان رُسي ويون هيون. تنهنجي ڀاڳ ۾ هٿن تي لپ ميندي به لکيل ڪونه هُئي. تو ته اباڻي اجهي مان دعائن جي ابوڇڻي اوڍي الوداعي ڪرڻ بدران روئندي رُخصتي به ڏُکن جي ڏوليءَ تي چڙھي ڪئي هُئي. تنهنجي پويان ڪنهن به ڏنجهه ۾ ڏورو نه ڳايو هو. پنهنجي پريه سجن سان پيار جا پلا ٻڌي چونئريءَ جا چار ڦيرا ڦرڻ وارو حق به مالڪ کي منظور ڪونه هو. تنهنجو ڏوھ صرف اهو هو ته تو پنهنجي رت جي رشتي سان اٽوٽ پريم ڪيو هو جيڪو پنهنجي ڌرم ۾ جائز ناهي. اِها الڳ ڳالهه آھي ته پنهنجي ڌرم کي وڏو ڪتاب ڏيندڙ ڪرشن سندس ڀيڻ رت جي رشتي ۾ ڏني هئي. هُو ڀڳوان هو تون انسان آھين.
    ٽنڊي غلام علي کان سنجر چانگ ويندي تو جيڪي لُڙڪ وهايا هئا، اُهي اڄ به هن ڌرتيءَ جي دل تي دردن جو بوجهه بڻيل آھن. پنهنجي اباڻي اجهي کان سُڏڪندي الوداعي جا هٿ لوڏڻ مهل تو به موهن ڪلپنا وانگي ڪا ڪلپنا ڪئي هوندي، ته هڪ وار ئي سهي منهنجا مارو مون سان پرچي پون، پر قسمت جي ريک ۾ ڪو اهڙو ليک لکيل ئي نه هو، جو تو لئه ڪو پل سکن جو ڇانورو ٿئي ها. تون نه ڄاڻ ته ڪهڙي ڪيفيت مان گُذري هوندينءَ تڏھن، جڏھن وداعي مهل تنهنجي مٿي تي مائٽن شفقت وارو هٿ به نه رکيو هوندو.الا..اُن ڏنجهه ۾ تنهنجو ڏيل ڪُٺل پکيءَ وانگي ڦٿڪيو هوندو. تو روئڻ چاهيو هوندو، پر روئي نه سگهي هوندينءَ. تنهنجي وڇوڙي جي وِماس ۾ وِماسجڻ کان پوءِ تنهنجين سرتين ۽ سهيلين سڀئي سينگار ڇڏي ڏنا ھُئا. تنهنجي جدائي ۾ جلندڙ تنهنجي ڪنهن به جيڏي پنهنجي وَلڀ سان ولا ۾ اچي ولاس نه ڪيو هو. توکي خبر آھي اُن ڏينهن تو لئه تنهنجي ڳوٺ جي گهاٽ مٿي بيٺل وڻ پار ڪڍي رُنا هئا. پکي احتجاجن ڳوٺ خالي ڪري ويا هُئا. چوپائي مال چارو چرڻ ڇڏي ڏنو هو. تنهنجي چهري تي چنتائن جي ريک ڏسي فطرت چتا تي چڙھي ويئي هُئي ۽ ٽنڊي غلام علي جي ڊيل سنجر چانگ جي مور وٽ پنهنجي جيون جا هڙئي حق واسطا محفوظ ڪرائي ڇڏيا هئا. بغاوت بُلند آواز سان ڌرم جا ديبل لوڏي رهي هئي. ڌرم سنڪنٽ ۾ اچي ويو هو. محبت انقلاب جي فتح تي ننڊاکي ٻار وانگي مُرڪي رهي هُئي. ملول من سان تون ۽ تنهنجو ديپڪ موريڙي مير بحر جي شھر ڪراچي ڏي هميشه لئه هليا ويا هئا. سمنڊ جيڏي هن اجگر شھر جي ڪنهن ڪنڊ ۾ پکين وانگي اڀري سڀري آکيري ۾ سڪون سان سڪونت پذير ٿي پيا هئا. ماڻھن جي جهنگ ۾ اڪيلا اويلا پنهنجي ننڍڙي دُنيا ۾ بنهه سک سان زندگي گُذاري رهيا هئا. اهو شايد وقت کي مناسب نه پئي لڳو يا الئه ڪنهن ناظرو جي نظر لڳي ويئي، جو هڪ ئي جهٽڪي ۾ اوهان جي ڪُل ڪائنات ئي اُجڙي ويئي. ٽانڊاڻن جهڙا ٽھڪ چهڪ بنجي اُماس جهڙي انڌيري ۾ مبتلا ٿي ويا. پنکڙين تي پرھ ويلي ماڪ جهڙيون مُرڪون، لٿي سج سورج مُکي جهڙن سُڏڪن ۾ سمائجي ويون ۽ اُداس اکين جي ماڻڪين ۾ رهجي ويا بس ايذائن ۽ عقوبتن جي المين جا اُلڪا..ڳوڙھا غمن جي طوفان ۾ اُڏامي ويا. خوشين جا سڀئي پل موڪلائي ويا ۽ ڏُک اڻ چيا اٿتي ٿي ويهي رهيا. اسپتال ۾ ماڻھو هڪ پل به مشڪل سان گُذاري سگهندو آھي، پر تو ته سال گُذاريا آھن. تنهنجي حوصلي کي سلام آھي. تنهنجو طور سينه جيڏو سُور اهو ئي ڄاڻي سگهي ٿو، جنهن اسپتالن جي بدبوءَ ۽ مکين جي گندگيءَ ۾ پريشان حال ڪي سال گُذاريا هوندا. چوندا آهن ته ” گهايل ڪي گتي گهايل جاني“ سو تنهنجي ڳڻتين ۾ گهاريل اذيتناڪ ڏينهَن جو ڏُک گهڻن جي محسوس ڪرڻ کان مٿي آھي. سالن جا سال اسپتالن جا عذاب سهندي پنهنجي پتيءَ جي شيوا ڪندي رهينءَ ان آس تي ته ڪڏھن هُو پنهنجي پيرن تي هلي تنهنجا ھڙئي دُک دُور ڪندو. آشا تي هي جڳ جهان قائم آھي، پر تنهنجي ته آس به نراس ئي رهجي ويئي. ديپڪ جي هڪ ٽنگ هميشه لئه هلي ويئي آھي. باقي هڪ ٽنگ جو به ڪو آسرو اسمڀوَ ٿو لڳي، پر تون همت نه هارجانءِ. ڪڏھن مالڪ تنهنجي دردن جو به درمان ڪندو. مڃون ٿا ته هي ڏُک ڀوڳڻ کان ڏاڍو ڪٺن آھي. هن ناگهاني ناحق تي نه رڳو تون رُني آھين، پر سموري سنڌ جون اکيون آليون آھن. بنا ڪنهن ڏوھ جي، بنا ڪنهن ڪن جن جي اچانڪ ڏُکن جا ڏونگر اچي ڪڙڪن ته ماڻھو جا حواس ئي خطا ٿي وڃن ٿا. توسان به سڀ ڪجهه ائين ئي ته ٿيو هو. تنهنجو محبوب پتي جيڪو مسيحا هو.
    جنهن جو نالو ئي ديپڪ هو. ديپڪ جيڪي روشني جي علامت هوندا آھن. اُھي ڀلا ڏوهن جي اونڌاهي جو ڪارڻ ڪئين ٿا ٿي سگهن؟
    هلندڙ ڦرندڙ ديپڪ هڪ بهادر ايس پي جي غلطي جو ٻليدان ٿيندي پٿر بڻجي بستري تي بيوسي جو عالم ٿي ويو ۽ تون يڪ ٽڪ ڏسندي ئي رهجي وئينءَ. چاهيندي به ڪجهه ڪري نه سگهينءَ، سواءِ روئڻ جي. هوائن جي شھر جون ٿڌيون هوائون تو لئه دوزخ جو دئار بڻجي ويون. سنڌو جي ساحل تي بيهه تون سنڌ کي سُڏڪندي سَڏ ڪندي رهينءَ…!!
    سُنيتا تون مايوس نه ٿي…!
    سنڌ اڃان بگهڙن ناهي کاڌي. هيڏي وڏي وطن مان ڪو ته اهڙو مسيحا هوندو جيڪو اچي تنهنجي در تي دستڪ ڏيندو ۽ مٿي تي هٿ رکي چوندو، پُتري! تنهنجا سڀئي لُڙ لاهيون ٿا. هٿ ناٽ ڪري هاف فرائي ڪيل تنهنجي ور ديپڪ جو علاج ڪرايون ٿا. تنهنجون سڀئي ڇنل خوشيون وياج سميت واپس وٺي ڏيون ٿا ۽ اهو به چوندو ته سموري سنڌ توسان گڏ آھي.! اُھا سنڌ جيڪا نياز همايوني جي ٻولي ۾ ڪنهن ڪنوار جي من ۾ مچڪندڙ پرولي جهڙي روح پرور آھي. اُها سنڌ جنهن جي، بقول حيلم باغي جي سينڌ لُٽيل ئي رهي ٿي. جنهن جي ڪمزور ڪُلهن تي آميءَ ۽ ڦاپيءَ جا لاش اڄ به سورن جو بار بڻيل آھن. اُها سنڌ جيڪا ڀٽائيءَ جي بيت ۾ پوري عالم لئه دعاڳو آھي. اُها سنڌ جيڪا ذوالفقار قادريءَ جي ذھن ۾ هڪ انسانيت ڀريو احساس ٿي جاڳي ٿي. اُها سنڌ جيڪا ابراهيم ڪنڀار جي قلم ڪُميت ۾ سراڙا ڏي ٿي. اُها سنڌ جيڪا نٻڪيءَ جي ننگ حاجي محمد ڪنڀر جي ڪالمن ۾ چرمي وانگي ڳاڙھي ڪنوار آھي. اُھا سنڌ جيڪا امر ساھڙ جي نظمن تي نرت ڪري ٿي. اُھا سنڌ جيڪا شيخ اياز جي تراني ۾ مٽي جو تلڪ لڳائي امرتا پائي ٿي. اُھا سنڌ جيڪا حسن درس جي تمنائن ۾ ڪولهين سان گڏ ڪولهي ٿي هوليءَ جا رنگ هاري ٿي. اُھا سنڌ جيڪا عمر تيوڻي جي شاعري ۾ دراوڙن جي دردن تي اوڇنگارون ڏيئي روز جيئي ۽ روز مري ٿي. اُھا سنڌ جيڪا دسرت ٿري جي تحرين ۾ غُربت جا گاڏا ڌڪيندي آھيڙي هٿان اُڏايل تترن وانگي تڙپي ٿي. اُها سنڌ جيڪا سارنگ جويي جي سوچ ۾ لوچ پوچ ڪندي تو سان ٿيل ناحق تي نوحاگري ڪري ٿي. اُها سنڌ جيڪا نواز شاھ ڀاڏائي ۽ امير آزاد پنهنور جي تقريرن ۾ تنهنجي انصاف لئه تڙپي ٿي. تو سان هر پل گڏ آھي اُھا سنڌ جنهن جي سنڌُو ۾ پاڻي بدران واري اُڏي پيئي. تو سان گڏ آھي اُها هارياڻيءَ سنڌ جنهن جي حقن کي زميندارن ائين چٻاڙيا آھن جيئن ڪپڙ چٻو گابو ڪپڙي کي چٻاڙيندو آھي. اُها سنڌ جيڪا خانه بندوشن جي خيمن ۾ ٻار ڄمڻ تي ٻھڪي پوندي آھي. تو تان هر درد دور ڪرڻ لئه دعاگو آھي اُها سنڌ جيڪا لاهيارن جي روپ ۾ ڪاڙھن ۾ ڪڙھي هن ديس جي اڪانامي وڌائڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪري ٿي. تو لئه هر ويل سوچي ۽ لوچي ٿي اُھا مزدور سنڌ جنهن کي شام جو ڏھاڙي ملڻ کان پوءِ ڏھ ڀيرا سوچڻو پوي ٿو ته اٽو وٺي يا لٽو وٺي يا ڀاڄي وٺي يا ٻارن جي من ڀاونا جو ڪو بلو ڪري. مري جيئڻ واري ان ڪيفيت ۾ ڪاري چانهه وانگي ڪڙھندڙ اُھا معصوم ۽ مجبور سنڌ تو سان هر گهڙي گڏ آھي. اُھا سنڌ جيڪا ٻنن تان گاھ جون ڀريون ڪري پنهنجو ۽ پنهنجي مال جو پيٽ پاري ٿي. تنهنجي درد تي ڊيل وانگي دانهون ڪري ٿي اُها سنڌ جنهن جي هنج مورن کان محروم ٿي ويئي آھي. تو سان ٿيل هن ڪٺور ڪلور تي پل پل پڄري ٿي اُھا جيجل سنڌ جنهن جي اکين اڳيان سندس لخت جگر باھ ۾ سڙي ڪوئلو ٿي ويو. جنهن کي بچائڻ لئه ڪا به فائر برگيڊ گاڏي نه پهتي. اُن بد نصيب ماءُ جي مري ويل دنيا جي ارٿيءَ کي ڪنهن به آٿت جو ڪُلهو نصيب نه ٿيو. اُھا سنڌ جيڪا ٻه ويلا ماني نه ملڻ جي ڏيل ڏاريندڙ ڏُک تي پنهنجا پيٽ ڄايا ٻچا وڪڻي وڏو پاپ ڪري ٿي. اُھا سنڌ جيڪا پيئڻ جي پاڻي لئه تتي ٿڌي ترسي ٿي. اُھا سنڌ جنهن جا ٻار پڙھڻ جي عمر ۾ پورهيو ڪرڻ تي مجبور آھن. اُھا سنڌ جنهن جون نيلم جهڙيون ناريون ڪوئلي وانگي ڪاريون ڪري ڪارو ڪاريءَ جي ڀينٽ چاڙھيون وڃن ٿيون. اُها سنڌ جنهن جا ڳاڙھا ڳڀرو بيروزگاري جو بوج نه سهندي وڻن جي ڪلهن تي زندگي جو بار اڇليو اچن ٿا. تنهنجي سورن ۾ ڀاڱي ڀائيوار آھي اڇي ڪبوتر جهڙي اُھا امن پسند سنڌ جيڪا سارا شگفته جي لفظن ۾ ”ٻُڪ مان ڪريل دُعا“ وانگي اُٻاڻڪي آھي. جيڪا تو وانگي مجبور، مايوس ۽ جهُورين جي جهوريل آھي. اُھا سنڌ جيڪا امير هوندي به غريب ۽ بيوس آھي.
    اُھا سنڌ توکي فقط دعا ڪري سگهي ٿي. اهڙي دعا جنهن جي هر پُڪار ۾ هڪڙي ماءُ جهڙي ممتا ملندي، هڪڙو پيءُ جهڙو پيار محسوس ٿيندو، هڪڙو ڀاءُ جهڙو ڀرم لڀندو. اهڙي دعا جنهن کي پڙھي ڏُکايل دل کي ڪجهه پل لئه ڏڍ اچي ويندو.
    سُنيتا اُھا سنڌ هر پل توکي هيئن چوي ٿي…!!
    تنهنجي مانگ جو موتي ڪڏھن به ميرو نه ٿئي. تنهنجي نرڙ جي نيري آڪاش تي چمڪندڙ بنديا جو ڳاڙھو چنڊُ ڪڏھن به نه ڳرهڻجي. تنهنجي ٻاجهر ڪانن جهڙين ٻانهن ۾ چوڙين جا چنگ ڪڏھن به ماٺا نه ٿين. تنهنجي ڪنن جي مندر ۾ جهومڪن جا گهنڊ سدائين شل وڄندا ئي رهن. تنهنجي ڪينجهر نيڻن ۾ ٽڙيل سُرمي جا ڪارا ڪنول ڪڏھن به نه مرجهائجن. تنهنجي پيرن ۾ جهلملائيندڙ جهانجهر جي جمنا جي ڇولين کي ڪڏھن به ڇاٻ نه اچي. تنهنجي ڳچيءَ جو گورک سدائين شل اوچو رهي. تنهنجي ڪارونجهر جيڏي ڪنڌ ۾ تنهنجي محبت جي نالي جي منگل سُوتر جو هر مڻيو با سلامت رهي. تنهنجي گود ۾ کيڏندڙ تنهنجا گُلن جهڙا ٻارڙا سدائين تولئه باعث مسرت بڻجن. تنهنجي ننڍڙي دُنيا جي مندر ۾ تو لئه ڪُل ڪائنات جو درجو رکندڙ تنهنجو پريه پتي ديپڪ شل سدائين جڳمڳائيندو رهي....!!
    قلم تازه:
    سُنيتا تون دُکيارڻ آھين.! تنهنجو گهرائتو گهر اُجڙي چڪو آھي. تنهنجي گهر جي چشم چراگ ديپڪ جو مستقبل سواليه نشان بڻيل آھي. تنهنجي اولاد جون هڙئي حسرتون حياتيءَ جي هٿيليءَ مان ڪرڪ واري جيان هارجي ويون آھن. اُهو جيون جيڪو ڪڏھن تولئه جبل تي جهوپڙي ٻاهران وڄندڙ جهانجهر جهڙو جهرڻو هو اُهو اڄ ڏُھاڳڻ جي سينڌ جهڙو اجاڙ لڳي رهيو آھي. مور ٽھوڪي جهڙي زندگي تولئه بوج بڻجي ويئي آھي. ديپڪ جو درد هاڻي توکان ڏسڻ نه ٿو ٿئي. پل پل پيڙا ۾ ڪٽندڙ ديپڪ جي دُک جي اگني توکي جيئري جلائي ڇڏيو آھي. پنهنجي ٻار جي اکين واتان پڇيل سوالن اڳيان تون لاجواب آھين. تنهنجي اکين مان ڳوڙھا گُم ٿي ويا آھن. بنا ڪنهن ڏوھ جي مليل سزا واري ڀوڳنا جا ڀُرٽ هر پل تنهنجي روح کي چُڀن ٿا. ”جي ڏاتار ڏنا سي مون جهولي پائي جهليا“ واري سٽ تي سهمت ٿيندي تو جيڪا صبر ڪئي آھي سا واقعي قابل تعريف آھي، پر چوندا آھن ته ”ڌونيا ڌونيا لوھ به تپن“ سو هاڻ تون به سورن مان تنگ ٿي، مايوس ٿي چُڪي آھين، پر زندگي کان ناراض قطعي ناهين. بقول ڪوي:

    تُجهه سي ناراض نهين زندگيءَ حيران هون مين،
    تيري معصوم سوالون سي پريشان هون مين.

    فقط سنڌ جو شعور


    دلبر دوست نوجوان ليکڪ سليم راهمون کي لکيل خط

    پيارا سليم
    حق موجود....!
    اُميد ته خوش هوندين!
    پيارا! مان توڏي خط لکڻ لئه ڪنهن به مغربي ڏاهي جي قول سان شروعات ڪري توتي مطالعي جو رعب ڄمائڻ جي ڪوشش نه ڪندس، جئين اڄلڪهه اسان جا گهڻا تڻا دوست ڪري رهيا آھن شايد اهي گهڻ پڙھيا آھن. آئون گهڻ پڙھيو ناهيان مون فقط وڏن ليکڪن جا نالا ٻُڌا آھن انهن کي پڙھڻ لئه پئسو کپي سو پاڻ جهڙن وٽ ڪڏھن جمعي چنڊاڻي اچي ان مان پيٽ جو دوزخ مس ڀرجي سو ذهن جي زمين کي ڪئين ذرخيز ڪجي؟
    پيارا! ادل...!
    تون انتهائي ننڍڙي وهي ۾ ادب جي پر پيچ مارڳ جو راهي ٿيو آھين. اهو تمام سُٺو سنئوڻ آھي جو دنيا پئسي پويان ڀڄي رهي آھي تڏھن به ڪي آھن تو جهڙا جيڪي ٻين جا سُور پنهنجا سمجهي تڙپن ٿا. پيارا ادب جي دنيا کي ڪڏھن به گلن جي راھ نه سمجهجانءِ ڇاڪاڻ ته هي رستو اندر ايذائندڙ آھي. پراون دُکن ۾ پاڻ کي جلائڻو پوندو. ڪنڊاون پيچرن تي هلندي تنهنجو روح به رتو ڇاڻ ٿيندو ڇاڪاڻ ته هتي حوصلا افزائي بدران حوصلا شڪني ڪئي ويندي. ڪيئي تنهنجا پير ڪڍڻ لئه پنهنجا هٿ هلائيندا، پر ڪڏھن به مايوس ٿي نه موٽجانءِ. لکندو رهجانءِ. ڪڏھن به مڙي نه نهارجانءِ ته مون ڇا لکيو آهي يا منهنجي لکڻي تي ڪنهن ڪهڙي راءَ ڏني آھي. توکي بس لکڻو آھي.
    ادل...!
    ھن طبقاتي نظام ۾ پاڻ جنهن ڪلاس سان تعلق رکون ٿا، ان کي وچٿرو چون ٿا، ان ڪري پاڻ سدائين وچٿرا ئي رهنداسين، نه مزي سان مري سگهون ٿا، نه ئي مرضي سان جيئڻ جي ڪا وک وڌائي سگهون ٿا. نه تَن تي اعليٰ ڪپڙا پائي سگهون ٿا، نه ئي ليڙون لٽن سان لوڪ ۾ لُڇي سگهون ٿا، نه ڪو نئون هيئر اسٽائل رکي سگهون ٿا، نه وکريل وارن سان ڪنهن ڪارج ۾ ڪو پير کڻي سگهون ٿا. نه پيزا جي پڇا ڪري سگهون ٿا، نه ڪيسينو جي ڪنهن ڪنڊ ۾ شيمپئن جو ڍڪ کولي داءُ تي داءُ لڳائي سگهون ٿا. نه ڪنهن ميڪڊونلڊ تي ويهي شيشي جا سرور ماڻي سگهون ٿا ۽ نه ئي وري ڪا ٺري جي ٻاٽلي ڏوڪي ڪجهه پلن لئه ڳڻتين کي دور ڪري سگهون ٿا. نه ڪنهن ڪچهري ۾ ڪو عقل، فهم وارو ڪو گفتو ڳالهائي سگهون ٿا. پاڻ ته بس سستا سگريٽ پيئندي سڄو ڏينهن سورن ۾ سگري جئن سڙون ٿا. ڇاڪاڻ ته پاڻ غريب آھيون ۽ غريبن لئه اهي سڀ شيون ائين ممنوع بڻيل آھن، جئين نابالغ ٻار لئه سگريٽ وڪرو ڪرڻ ممنوع هوندو آھي..ڇاڪاڻ ته هي اهو سماج آهي، جتي ماڻھو جو قد اُن جي ڪنڌ ۾ پيل ٽاءِ مان ماپيو وڃي ٿو، جتي ماڻھو جي منهن ۾ نهارڻ کان اڳ ان جي اوقات پير ۾ پيل جوتن ۾ جانچي وڃي ٿي.
    ”جنهن جي گندي ۾ داڻا تنهن جا چريا به سياڻا“ واري هن سماج ۾ پاڻ اُھي بنهه اڻ ٺھڪندڙ انسان آھيون جن کي هي معاشرو حيوان کان به هيٺئن درجي جا سمجهي ٿو، ڇاڪاڻ ته پاڻ ”ريڊي ميڊ“ تهذيب مان سمجهون ئي ڪونه. پاڻ جيئرا جاڳندا انسان ٿي جيئڻ جا شوقين آھيون بلڪه پابند به آھيون. پاڻ ته سگريٽ جو ٻورو ڪالين تي ڇا پنهنجي ڪپڙن تي به ڇنڊي ڇڏيندا آھيون. پاڻ هن سو ڪالڊ سماج ۾ مس فٽ آھيون. پاڻ جيڪڏھن هن معاشري سان منهن موڙي بغاوت جو الم بلند ڪندي ڪڏھن قلم کڻي ڪجهه لکون ٿا ته لوڪ وڏا ويڻ آڇيندي، ڏڌ اکرن سان ڏنجهه رسائي ٿو. چوي ٿو ته تنهنجو پيءُ به ليکڪ هو جو هليو آ اديب ٿيڻ..هاڻي بي سمجهه سمجهو کي ڪير سمجھائي ته هر اديب جو پيءُ اديب ناهي هوندو. هر سائنسدان جو پيءُ سائنسدان ناهي هوندو. هر دائيءَ جي ماءُ دائيءَ به ناهي هوندي. اُن لئه هر ڪنهن کي پنهنجي حصي جو ڪجهه نه ڪجهه ڪرڻو پوندو آھي.
    ها پيارا…! توتي به لوڪ ٽوڪ ڪئي هوندي پر لوڪ منهن موڪ آھي. چوڻي آھي ته ماڻھن ۽ کوهن جا وات ڪيترا بند ڪبا؟ سو ڪنهن جي به ڳالهه دل تي متان رکين..جنهن کي جئين وڻي پيو اوٻر ڪڍي توکي بس لکڻو آھي.اي منهنجا همعصر دوست…!
    توکي نادرا جي نا انصافين تي به لکڻو آھي جتي غريب بازيگر جيتري ٻاري ۾ اکيون اڙائي بانبڙا ٿي سڄو ڏينهن پنهنجي واري جو انتظار ڪندا رهن ٿا ان وچ ۾ الئه ڪيترا ”ڌڻيڪا“ پنهنجا وارا نيارا ڪري وڃن ٿا ۽ غريب نڌڻيڪا اهو ٻُڌي موٽين ٿا ته ”سڀاڻي اچجو“ هاڻي ساحر لُڌيانوي واري اها صبح الئه ڪڏھن ايندي……!!؟
    توکي اُنهن نياڻين سان ٿيندڙ ناحقن تي به قلم کڻڻو پوندو، جن کان جيئڻ جا هڙئي حق واسطا اهو چئي ڇنا ويندا آھن، ته عورت فقط گهر جو سينگار آھي ۽ ان جو عقل کُڙي ۾ آھي..! پيارا تون انهن لئه به لکجانءِ جن کي بدي جهڙي بد روح رسم نڀائيندي سنڱ چٽين عيوض ٻالاتڻ ۾ ٻليڌان ڪيو ويندو آھي.!
    پيارا سليم…!
    توکي پنهنجي قديم سنڌ جي ثقافت بچائڻ لئه قلم کي تلوار ڪرڻو پوندو. مابعد جديديت جي مرض ۾ مُبتلا اڄ ڪلهه واري نئين پيڙھي پنهنجو پاڻ تي مغربي ڪلچر وارو ٺپو لڳرائي معاشري ۾ وڏو مرتبو ماڻڻ چاهي ٿي. نئين پيڙھي ڀلي کڻي نئين تهذيب جا طبلا وڄائي پر پاڻ پنهنجي سنڌ جي ڪُراڙي ثقافت سان مائٽن جيترو پيار ڪنداسين. پاڻ پنهنجي ٻھراڙي جي ٻهه ٻهه ٻرندڙ سُونهن گنگا ۾ شنان ڪندي وينڍلين جي وراڪن جهڙي قديم سنڌ جي تهذيب کي نئون جيئدان ڏينداسين.
    پيارا…! تون پنهنجي اک پن پاتلي جهڙي سرتيءَ جي سانورن زلفن تي ڀلي لکجانءِ، پر اُن وڌوا جي اڻڀن وارن کي ڪڏھن به نه وسارجانءِ جنهن جو ور وطن جي سيما تي شترو جي سينا سان سينو ساهي شھادت جو جام پي ويو هو. تون اُن جيجل کي به نه وسارجانءِ جنهن جو لخط جگر ڳڀي جي ڳولا ڪندي ڪندي خود ڳولا بڻجي ويو هو.. تون گوڙاڻي جي اُن ننڍي نياڻي تي به لکجانءِ جنهن جي اُڀراڻن پيرن هيٺيان پيل دُنيا جو ستون نمبر ڪوئلو هن جي اڻڀن وارن ۾ لپ تيل جي به وجهي نه سگهندو. توکي لکڻو آھي اُنهن مسڪين ماروئڙن لئه جن جا جائز حق ناجائز پيٽن ۾ ھضم ٿي ويا. اُنهن سفيد ڪالر لُٽيرن جو هاضمو خراب ڪرڻ لئه توکي ادب جي اصلي ڪارج سان نڀائڻو پوندو. ڪڙين حقيقتن تان پردا کڻڻا پوندا. توکي اُنهن غير سرڪاري ادارن جي افعالن تي به بنهه سچائي سان لکڻو پوندو جن ٿر جي لڄادار ۽ غيرتمند غُربت سان گينگ ريپ ڪئي آهي. توکي اسلام ڪوٽ جي اُنهن سارس پکيئڙن تي به لکڻو پوندو جن هن سماج جي ستمن جا تاب نه سهندي آتم هتيا ۾ ئي آنند ڳوليو هو. انهن جي محبت ان مذھب جي ٻَلي چڙھي ويئي جنهن مذهب کي وڏو ڪتاب ڏيندڙ ڪرشن محبت جو سفير هو. توکي ته عمرڪوٽ ۾ مري ويل اُن مسيحي لاءِ به قلم کڻڻو آھي جنهن جو هڪ مسيحا ان ڪري علاج نه ڪيو جو هُو گند مان ڀريل هو جڏھن ته اُهو گند به ان جي ڀائرن جو ئي هو.
    پيارا…! تنهنجي نثر ۾ نئين سج نکار اچي پيو تون اُن سان نڀاءَ. في الحال شاعري کي ڇڏي ڏي. تنهنجو نثر جڏھن پروان چڙھي ٻڪرار وڄ وانگي ادبي آڪاس تي تجلا ڏيندو تڏهن شاعري ازخود تو تي اوڙڪون ڪري وسندي ان لئه بس عشق ڪرڻو پوندو پوءِ جنهن سان وڻي ان سان ڪر..ڌرتي، سرتي، ادب، انسان پکي پکڻ ..
    جڏھن عشق تنهنجي روم روم ۾ وسندو تڏھن تنهنجي تحرير تاثر جي پنڃري مان نڪري ڪو تسلسل بڻنجندي..اهو ئي سماج کي سُڌارڻ جي ڪنهن ڪارج ۾ ڪم ايندي..باقي اجائي لفاظي جو لُڙ ڪرڻ لئه اسان جهڙا ڪيئي پنا ڪارا ڪن پيا...!!
    قلم تازه، تون، دِلُو، ميرل ۽ دسرت جيڪڏھن ادبي آڪاس تي جرڪي پيا ته آئون پنهنجو پورهيو سڦل ڀائيندس..

    شل سکيو هجين.
    تنهنجو پاڙيسري دوست امر


    برما جي نام نهاد جهموري اڳواڻ آنگ سانگ سوچيءَ ڏانهن لکيل خط

    آنگ سانگ سوچي ڪٿي آھيو....!!؟

    سڄي عمر جهموريت لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ جھموريت جي علمبردار راڻي! ڪهڙي اونهي ”اسرار “ ۾ گم آهين؟ اسان کي تنهنجو آواز کپي ٿو... هي سڏ توکي آئون ڪون ٿو ڪيان، پر تنهنجي ئي ديس مان دربدر ڪيل اُهي ”روهنگيا“ مسلمان رحم جي اپيل ڪندي رڙيون ڪري سڏن ٿا. جن جا معصوم ٻچڙا هيبتناڪ سامونڊي هوائن ۾ سيءَ مري رهيا آهن. جن جي آنڊن ۾ بي رحم بک ائين وٽ وجهي ٿي جئين برمودا ٽرائينگل ۾ پاڻي هلچل مچائي رهيو آهي! جن جي ميرن لٽن تي پيل ديس جي دز به اوڇنگارون ڏي ٿي، پر اوهان کي ڪوبه ادراڪ ناهي.! ڇا سڄي عمر انهي ”مهذب “ جهموريت جي لاءِ جهدوجد ڪئي آهي؟ جيڪڏهن ائين آهي ته پوءِ نه توتي ميار آھي ۽ نه ئي تنهنجي سياست معياري آهي.
    آنگ سانگ! توکي برما جي صدارتي تخت طائوس کي حاصل ڪرڻ لاءِ ته وڏي ڳڻتي آهي، پر انهن بي گهر سامونڊين جي لاءِ ٻڙڪ به ٻاهر نٿي ڪڍين جن کي ڌرم جي آڙ ۾ بنا ڪنهن ڏوھ جي اهو چئي جلا وطن ڪيو پيو وڃي ته، توهان هتي جا آهيو ئي ڪونه؟ هاڻي توکي ۽ مذهبي جنونيت جي ور چڙهيل تنهنجي جنوني جنتا کي ڪير سمجهائي ته جن جون ست پيڙهيون انهي ئي سر زمين جي لحد ۾ لهي چڪيون آهن. جيڪي هن ديس جي مٽي سان وڏي محبت ڪن ٿا. جن جي روح جو رشتو ميانمار جي مٽي سان ”رلمل“ ٿي چڪو آهي. انهن کي ڌاريان چئي ڌڪارڻ وڏي بي وقوفي کانسواءِ ٻيو ڪجهه به ناهي. اهو ياد رکڻ گهرجي ته، اڄ جن کي هٿيار جي زور تي پنهنجا اجها ڇڏايا پيا وڃن. اُهي بي راھ روي جو شڪار ٿي ”بکايل شينهن بڻجي ويندا. “ ويڳاڻپ جي ور چڙهيل اهي شينهن جڏهن پنهنجا ڇنل هڙئي حق ”وياڄ سميت“ واپس وٺڻ لاءِ هٿ ۾ هٿيار کڻندا تڏهن توهان جهڙا ”جهموريت پسند “ رهنما ۽ توهان جا ” مهذب“ ملڪ خاص ڪري آمريڪا جا چهيتا انهن کي” آتنخواد “ جو لقب ڏيندا. ان دهشت جي باهه ۾ سڪن سان گڏ آلا به سڙندا. ان ڪري سٺو ان ۾ آهي ته ڪجهه ” ٿانءِ ۾ ڏوهجي“ پنهنجي ”ڀڪشو“ ڀائرن کي اهو” ڀيد “ سمجهايو جيڪو صديون اڳ اوهانجي ”پيشوا“ گوتم اوهان کي ڏنو هو. ” هنسا“ کي ڇڏي” اهسنا “ جي طرف عوام کي مائل ڪيو. عوام کي اهو احساس ڏياريو ته مسلمان به هن برما ديس جا وارث آهن اُهي به انسان آهن. اُنهن جا به جذبا آهن. جيڪي وطن جي مٽي لاءِ تڙپي رهيا آهن.
    چاهي ٿو هرڻ واريءَ ڏي ورڻ
    سمجهي ٿو سُٺو بک اُڃ ۾ مرڻ
    پنهنجي ديس لاءِ واجهائيندي پرديس ۾ مري ويل ”کيئل داس فاني“ جي هنن لافاني سٽن جهڙا سڏڙا اوهان کي سُڻڻ ۾ ڇو نٿا اچن.؟
    اڄ ڪنن ۾ ڪپهه هڻي سڪون جي ننڍ ستل آنگ سانگ!
    جهموريت لاءِ اوهانجا ”ڀُوڪنمپ“ جهڙا ڀاشڻ ڪيڏانهن ويا؟ ميانمار جا رت هاڻا مارگ چون ٿا ته، توهان جي چپن تي ماٺ جا ڪلف سٺا نٿا لڳن. اُٿو هڪ آواز اُٿاريو... ان ظالم دنيا کي للڪار ڪري چئو ته ڪير آمريڪا جو ”ڪُتو“ ماري ٿو، ته اقوام متحده جي خيمي ۾ ڳڻتي جي سونامي اچي وڃي ٿي ۽ هيڏانهن هي لکين مسلمان دربدر ٿي رهيا آهن تڏهن به گڏيل قومن کي ”ڪو کيلي نه ڪو کُٽڪو“ آخر ائين مسلمانن سان ٻٽو رويو رکي، عالم آشڪار کي ڪهڙو پيغام ڏنو پيو وڃي.؟؟

    فقط سنڌ جو ليکڪ امر


    دوست کيت سنگهه پير ڏانهن لکيل خط

    ڪٿي هن درد کي رکجي…


    پيارا کيت سنگهه پير مجروسا…!
    اميد ته خوش هوندين. ڪجهه ڏينهن اڳ تنهنجو خط مليو هو جنهن ۾ تو چيو هو ته تو سان ڪٿي ڪا شام ملهايون ڪو مشاعرو رکون. ان جو جواب ڏيڻ لئه هي خط لکي رهيو آهيان. پيارا سمورو ديس دردن ۾ آھي. اهڙي دؤر ۾ ڀلا شام ملهائڻ صحيح رهندو؟ نه پيارا نه. هُئين به آئون ڪهڙو اديب يا شاعر آھيان جنهن سان شام ملهائجي؟
    ڀلا ٻُڌاءِ ته هن درد کي ڪيڏانهن ڪجي…؟ڪنهن ميڙياتي ڪنوار جي ڪانچوئي تي مڙهيل ڪانچ جي تجلي جيان جرڪندڙ هن ديدآوار دنيا ۾ هر ماڻهو جي مقدر ۾ درد هيڪاندا ۽ هٿيڪا هوندا آهن. اهي درد ڪنهن کي ڪهڙي روپ ۾ ته ڪنهن کي ڪهڙي رنگ ۾ پلئه پوندا آهن. هر درد جي پنهنجي محسوسات هوندي آهي. ڪي درد نه چاهيندي به دل کي وڻندا آهن، ته ڪي درد دل برداشت ئي نه ڪندي آهي. ڪي درد اڻ گهريا جيون جو اڻٽٽ حصو بڻجي ويندا آهن، ته ڪي درد انسان پاڻ پرائيندو آهي. ڪن دردن جو داستان سُڻي دل اوڇنگارون ڏيندي آهي ته، ڪن دردن جو روئداد روح رتو ڇاڻ ڪري وجهندو آھي. هن مها ساگر ۾ هر روز هر ماڻهو ڪٿان نه ڪٿان درد جو تحفو وصول ڪندو رهندو آهي. سک ته ڪڏهن ڪڏهن مينهن ۽ مهمان وانگي گهڙي پل لئه ايندا ۽ هليا ويندا آهن. پر درد گهر جمائي بڻجي سدائين مٿي تي مُنڱ ڏرندا رهندا آهن. انهن دردن جو داستان ڪنهن کي سُڻائجي جيڪي زندگي کي زهر بڻائي ڇڏيندا آهن؟ ماڻهو جو جيئڻ تان ارواح ئي کڄي ويندو آهي. انسان زنده لاشو بڻجي صرف ساھ کڻي جيئندو آهي. اهڙن دردن کي ڀلا ڪٿي رکجي؟ ڪهڙي سيني ۾ سمائجن اهڙا سُور؟
    مٺي ۾ موجود ميڊيڪل مافيا جي هڪ ”مايا ناز“ ڊاڪٽرياڻي جي غير ذميواراڻه رويي سبب مري ويل ان اڀاڳڻ ماءُ جو درد ڪٿي رکجي؟ جنهن پنهنجي موڀي پٽ جو منهن به نه ڏٺو! ڪٿي رکجي ان بي رحم درد کي جنهن ۾ ان بدنصيب ٻچڙي پنهنجي ممتا ڀري ماءُ جي ڇاتيءَ کي ڇهڻ کان اڳ ۾ لاوارثيءَ ۽ يتيميءَ جو لقب ماڻيو! جنهن جي معصوم رڙ کي ٻڌي فطرت جو هانءُ ڦٿڪڻ لڳو پر اسپتال انتظاميه ٽڪي جو به قياس نه ڪندي، ان نصيب جي ماري ناريءَ جو سرد جسم ڳوٺ تائين پهچائڻ لئه پِڙ تي پئسا گهريا.
    ڪٿي رکجي ان دل ڌوڏيندڙ درد کي، جنهن ۾ سڱ چٽي عيوض تازن گلابن جهڙيون جوانيون چڀندڙ ڪنڊن جهڙي پوڙهائپ سان پرڻجي زهر جهڙي زندگي جيئندي به ٿري ٻار جيان مرڪن ٿيون؟ جن جي سُڪل چپن تي ترندڙ معنيٰ خيز مرڪن ۾ لڇندڙ درد جي لڙڪن کي احساس کان وانجهيل اکيون ڏسي ئي ناهن سگهنديون. اهي لڙڪ سماج لئه سوال بڻجي رهجي ويندا آهن. اهڙو سوال جنهن ۾ پڪل گدريءَ جي خوشبوءَ جهڙين جنسي خواهشن جو سر عام قتل ٿيل هوندو آهي. جن ۾ جواني جون سوين سسڪيون ۽ سرد شوڪارا نامرديءَ سان همبستري ڪندي سماج کي ٿُڪون هڻندا آهن.!!
    پنهنجي لاڏ گدوڙي پٽ هٿان تذليل ٿيل ان ڪراڙي ماءُ ۽ پوڙهي پيءُ جي بيوس نيڻن ۾ خاموشي سان کُٽڪندڙ ان دل ٽوڙ درد کي ڀلا دنيا ۾ ڪهڙي دل برداشت ڪندي؟ جن مائٽن پٽ کي ان آس سان لاڏ ڪوڏ ۾ پاليو ته وڏو ٿي سندس پيري ۾ سهارو بڻجندو. ڪير ڪٿيندو ان بدبخت ڀيڻ جي درد کي، جنهن کي سڪيلڌي ڀاءُ وڇوڙي جي پٽوري اوڍائي رخصتي ڪرڻ کانپوءِ مڙي به نه نهاريو. نه ئي سيما پار ڪڏهن سماچار پُڇيا ان جي اوسيئڙي مَند اکين جا ماڻسيا پنهنجي اباڻي گهر جا جهانپا ساري اسُو جي اوهيرن وانگر وسن ۽ وهسن ٿا. پنهنجي وطن جا وڻ ۽ ڌڻ ڏهاڙي ڏسڻ لئه هُن جون آرزومند اکيون هوا ۾ اڏامڻ لاءِ ججها جتن ڪن ٿيون پر فطرت اجازت ئي نه ٿي ڏي.
    ڀارتي هٺ ڌرمي، بربريت ۽ ظلم جي زد ۾ آيل پنهنجي وطن ۾ بي وطن بڻيل انهن معصوم ڪشميرين جي ڪرب کي ڪٿي رکجي؟ جيڪي پنهنجي اباڻي ڌرتيءَ تي ڌارين وانگي ڌڪا کائي دربدر ٿين ٿا. جن لئه آزادي اڻ ڏٺو خواب بڻيل آھي. جن کي عيد ملهائڻ به نه ٿي ڏني وڃي. جن لئه اظهار جي آزادي به ممنوع بڻيل آھي.
    جهموريت جي ديوي آنگ سانگ سُوچي جي وطن برما ۾ بنا ڏوھ بي گهر ڪيل هزارين روهنگيا مسلمانن جي رڙين ۾ سُڏڪندڙ درد کي ڪٿي رکجي؟ جن کي اباڻا اجها ان ڪري ڇڏايا ويا ته اهي اهل برمي ناهن، ميانمار جي مت موڙهن ڀڪشوئن کي ڪير ٻڌائي ته، اوهان جي گرو گوتم ٻڌ اوهان کي هنسا نه پر اهنسا جو سبق سکايو هو. پوءِ اوهين ڇو ٿا بي ڏوھ مسلمانن کي ماريو؟ پنهنجي ڌرم سان ته سچا رهو..!!
    ڪٿي رکجي ان سدا ملوڪ سهاگڻ جي سور کي؟ جنهن پنهنجي ور کي جيءَ ڀري ڏٺو به نه هو ۽ موڙ ڇوڙيندي ئي ڌرتي جي سڏ کي ورنائيندي سَرتي کي سُڏڪندي ڇڏي ويو. وطن جي دنگن ۽ ننگن جي حفاظت ڪندي دشمن جي گولي هٿان حياتي جي جنگ هارائيندڙ ان ننگ دڙنگ سپاهي جي چپن تي آخري مرڪ ۾ پاڻ پسائيندڙ درد کي ڪٿي رکجي؟
    ڪٿي رکجي ان قدام جيڏي قدآور دراوڙ عورت جي درد کي جيڪا پٺارڪ ۾ ٿڃ پياڪ ٻار کڻي پيٽ لاءِ لاڙ پٽن تي لابارا ڪري ٿي. جنهن جي قلب ۾ ڪٺل تتر جيان ڦٿڪندڙ درد جو ناجائز فائدو وٺڻ لاءِ ڪمندار کان زميندار تائين سڀئي حوس پرست عقابي اکيون اڙائي هن جي اڌ ٽٽل ڪانچوئي ۾ قيد جوانيءَ جا جاڙا ڪبوتر شڪار ڪرڻ لاءِ رات ڏينهن واجهه وجھندا آهن.
    آليون اکيون، اڻڀا وار ۽ اُلٽا ڪپڙا پائي دڳ دڳ تي دانهون ڪندڙ ان عاشق جي درد کي ڪٿي رکجي؟ جنهن کي محبوب سان ملڻ جي جرم ۾ ڏيهه وٽو ڏيئي ڳوٺ بدر ڪيو ويو، جنهن جو پرين اکين جا پانڌ پسائي هن جي اوسيئڙي ۾ نيڻ ڏيئا ڪري پل پل ڦال وجهي فرياد ڪري ٿو.!
    ڪٿي رکجي انهن معصوم پکين جي درد کي؟ جيڪي سائبريا مان سفر ڪري سنڌ ڌرتي تي پنهنجا نازڪ پير ان آس سان ڌريندا آهن ته، هتي سيارو سولو ڪَٽينداسين، پر انهن کي ڪهڙي ڪل ته سفاڪ آهيڙي ڏاٺ رس ڪارڻ انهن جا جل ڦٽاڪن جهڙا جسم گولين سان پرڻ پرڻ ڪري ڇڏيندا. ڪٿي رکجي اولاد کان وانجهيل ان انسان جو درد جيڪو مٽيءَ جي سير لاءِ ائين سڪي ٿو جئين مڇي پاڻي لاءِ سڪندي آهي. ڪٿي رکجي ان معصوم نياڻي جي ننگن پيرن ۾ پيل ڇالن جو درد جنهن ڪاڙهن ۾ ڪاٺيون ڪري پنهنجو پلر جهڙو پگهر وهايو پر مزوري جي بدران اميرن جي در اڳيان اُڇلايل اوبر ئي کائڻ لاءِ ملي.!!
    آزاد پکين جي اُڏار جهڙا عزم رکندڙ ان باندي شاعر جي تڪليف کي ڪهڙي ترازو ۾ تورجي؟ جنهن کي سياسي شهودن بنا ڏوھ جي زندان جي زنجيرن حوالي ڪيو. جنهن جا حسناڪ حياتين جي ڪنوارن ٽهڪن جهڙا نظم اڄ به باغي عوام جي چپن تي پيار جي پهرين اظهار جي اڻ تڻ جيان لُڇن ٿا ته
    ڪٿي هن درد کي رکجي!؟
    (ايوب کوسو)

    فقط
    تنهنجو پنهنجو
    امر


    بئڪ ٽائيٽل پيج


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 865
    ڪتابن جو مشاهدو: 2388287
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 610165
    2019 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ