ڪتاب جو نالو: عشق جي آرسي
مصنف: وفا گولو
ڇپائيندڙ: سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد
ڪيٽيگري: شاعري
شايع ٿيڻ جو سال: 2017
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: آچر، 19 اپريل 2020 ع
پڙهيو ويو: 1432 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 325 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
هي ڪتاب وفا گولو صاحب جي شاعريءَ جو مجموعو آھي ساجد سنڌي لکي ٿو:
”وفا گولو جون ڪوتائون ڪنهن اپسرا جي انگڙاين ۾ گم ٿيل نگاهن جي عجيب ڪيفيتن جو داستان به ٻڌائين ٿيون ته محبتي موهه تي ڦهليل طلسمي تبسم جي سحر ۾ به جڪڙي ڇڏين ٿيون. هو جتي زميني خدائن خلاف سراپا احتجاج بڻيل آهي ته اتي مرڪن ۽ محبتن جو ٻج ڇٽي چوطرف سرنهن جي ڦولار جهڙي مهڪ واسڻ جو خواهان آهي، وفا جي شاعريءَ ۾ سڪ، سونهن، اوسيئڙي ۽ آس جا اولڙا هر پني تي پاڻ پسائي اسان کي ڄڻ ته اسان جي احساسن جي نمائندگي ڪندي نظر اچن ٿا. “
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • حق ۽ واسطا اداري وٽ محفوظ
  • ارپنا
  • سنڌ سلامت پاران
  • اداري پاران
  • حقيقتن ۽ محبتن جو شاعر
  • شاعري روح جو عڪس آهي
  • غزل

  • عشق جي آرسي جو ٽٽي اوچتو
  • روح جون رنگينيون رهجي ويون،
  • تو مٺي کان دور ٿيندو ٿو وڃان،
  • روز برسات ٿي، ڏات مون تي لٿي،
  • پاڻ سمجهون ٿا بدن جي خاموشي،
  • سج لهي ٿو رات ٺري ٿي،
  • آءٌ توري سکي،
  • عشق جي راهه ۾، ٿا اڪيلا رُلون،
  • گلابي بدن تي، ادا ڪا رهي ٿي،
  • شهر سارو اُداس توبن،
  • جو نظر کي، گهاءُ تازو ٿو لڳي،
  • ديد هڪڙي، ٻکي دل سان،
  • سونهن صداقت، وارا ماڻهو،
  • روشني جا پير، ميرا ٿي ويا
  • سکي جي سار پياري ۾ رات گذري ٿي،
  • روح جو احساس ٿو چيڀاٽجي،
  • جي رهان ٿو مان اگر ايمان ۾،
  • سانوري مون کي تنهنجي ادائن ڪُٺو،
  • سونهن جو سنسار آهين ڇوڪري،
  • ننڊ خواب جي قيد ۾ آهي،
  • نه آ ڪا پيار جي خوشبو،
  • پاڻ کي عشق تي جو ايمان ٿيو،
  • جڏهن تنهنجا پور پون ٿا،
  • پيار پنهنجو غزل جانان،
  • سونهن کي پوڄيو سمجهي رام،
  • اسان جي روح ۾ هي جا جڳن کان روشني آهي،
  • دل ڇُهي ٿي عڪس هڪڙو،
  • هوا جا پر ڪٽيل آهن،
  • عشق هن جي ڪيو ظاهر،
  • نانءُ تنهنجو ٿو کڻان آئون،
  • انڌن جي شهر ۾ روشني ڀٽڪي پئي،
  • عشق آهي وفا گهرجي
  • درد جا هي ڊگها سلسلا ٽوڙجن،
  • زندگي ريل پٽڙي ٿي وئي،
  • دوستن کي سارجي،
  • تو سوا هي ڏات روئي ٿي،
  • آءُ ڌاري عشق الستي،
  • چنڊ جي آ چاندني ڪنهن بدنظر جي ور چڙهي،
  • ڪيڏا هون آوارا ٿي ويا،
  • ٿا وڃن سار جا چنگ خيالن ۾،
  • سونهن ماڻي وٺون،
  • پيار جو پنڇي سڏائين ٿو ميان،
  • اسان جي رهي آهي رياضت چمي،
  • آءُ تازو ڪر،
  • دُکي ٿي پئي دل،
  • پيار جو پڇتاءُ وڌندو ٿو وڃي،
  • عشق جو آواز بڻجي ٿا جيئون،
  • اسان وٽ محبتون ساڳيون،
  • ڪيترو پاڻ کي رولجي زندگي،
  • وايون

  • بي خوف ٿي گذاري
  • ساڳي ساڳي چاهت ڏي،
  • کـِــــلـــــي بيٺـــــو درازن ۾،
  • منهنجي مـــــن ۾،
  • ڌرتي آزارن ۾،
  • دل جــي ويران وستي،
  • ڳوڙهـــــا ڳوڙهـــــا ٿي،
  • چاهتن جـــــي ديـــــس ۾،
  • پـــــيـــــار آهـــــي زندگي،
  • روح ٿي رهـــــڙي ڇڏي،
  • اسٽوپا تـــــي چنڊ لٿو،
  • مـــــڪـــــلي کـــــي جاڳــائي،
  • ڪير اوندهه مـــــان ڏسي،
  • ڌرتـــــــــي لـــــئــــه آهـــــي،
  • نظم

  • چاهت
  • حسن درس کي ڀيٽا
  • چُمي
  • ڀنورو
  • دوکو
  • موڪلاڻي
  • مانگر مڇ
  • ڌرتي
  • ثقافت
  • بغاوت
  • ڪاري سياست
  • زخمي چانڊيو کي ڀيٽا
  • وقت
  • اسان عثمان مروندي
  • سُرت
  • سڦل زندگي
  • مدن فقير
  • اياز جاني کي ڀيٽا
  • نثري نظم

  • عشق
  • مذهب
  • سونهن
  • شاعري
  • ڪائنات
  • پالنا
  • فراريت
  • اَلميو
  • معذرت
  • تبديلي
  • ڀيانڪ تصوير
  • پورٽريٽ
  • پاڪ رشتا
  • جيون
  • ڪراس نوٽ
  • سهارو
  • ٽي لفظ
  • انڪار
  • روشني
  • اڏوهي
  • زندگي
  • اکيون
  • پنجڪڙا

  • پنجڪڙا
  • بئڪ ٽائيٽل پيج

  • حق ۽ واسطا اداري وٽ محفوظ

    ڪتاب نمبر 96
    حق ۽ واسطا اداري وٽ محفوظ

    ڪتاب جو نالو: عشق جي آرسي
    موضوع: شاعري
    شاعر: وفا گولو
    ڇاپو پهريون: ڊسمبر 2017ع
    ڪمپوزنگ: دانش ڪمپوزرس، حيدرآباد
    ٽائيٽل: رضوان گل
    ڇپيندڙ: سمبارا پبليڪيشن
    سيد آرڪيڊ آفيس نمبر 8 عبرت گهٽي گاڏي کاتو حيدرآباد
    03003513966

    مُلهه: -/250


    ISHQ JI AARSI
    (Poetry)
    Poet By: Wafa Golo
    Sambara Publication Hyderabad
    03003513966


    ارپنا

    ارپنا



    جيجل سنڌ
    ۽
    امڙ سڪينه
    جي نانءُ




    عشق جي آرسي جو ٽٽي اوچتو،
    بي چسي ٿي وئي زندگي اوچتو.


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”عشق جي آرسي“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب وفا گولو صاحب جي شاعريءَ جو مجموعو آھي ساجد سنڌي لکي ٿو:
    ”وفا گولو جون ڪوتائون ڪنهن اپسرا جي انگڙاين ۾ گم ٿيل نگاهن جي عجيب ڪيفيتن جو داستان به ٻڌائين ٿيون ته محبتي موهه تي ڦهليل طلسمي تبسم جي سحر ۾ به جڪڙي ڇڏين ٿيون. هو جتي زميني خدائن خلاف سراپا احتجاج بڻيل آهي ته اتي مرڪن ۽ محبتن جو ٻج ڇٽي چوطرف سرنهن جي ڦولار جهڙي مهڪ واسڻ جو خواهان آهي، وفا جي شاعريءَ ۾ سڪ، سونهن، اوسيئڙي ۽ آس جا اولڙا هر پني تي پاڻ پسائي اسان کي ڄڻ ته اسان جي احساسن جي نمائندگي ڪندي نظر اچن ٿا. “
    هي ڪتاب سمبارا پبليڪيش، حيدرآباد پاران 2017ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون سمبارا پبليڪيشن جي سرواڻ پياري ساجد سنڌيءَ جا جنهن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي ۽ مھربانيون وفا گولي جون جنھن ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    اداري پاران

    شعوري ۽ لاشعوري طور لفظن مالها جا موتي پنن تي پلٽجڻ جي پٺيان هڪ ڪويءَ جا احساس هر حساس من جي تارن کي ڇهڻ جي ڀرپور قوت رکن ٿا ۽ وفا گولو جي ڪوتائن جو جوڙيل غنچو پڻ ساڳي محبتي مهڪ سان سرشار ٿي وجوديت ۾ واسجڻ لاءِ اتاولو رهي ٿو. وفا جا موتي ڪوتا- مُنڊيءَ ۾ چمڪندڙ ستارن جيان جرڪي پاڻ طرف متوجهه ڪرڻ لاءِ اتساهي رهيا آهن، اندر جي ڪائنات جا رنگ ڪاغذي ڪئنواس تي چٽي وفا گولو جي روح جي لرزش داخلي ۽ خارجي ڪيفتين جي صورت ۾ اسان آڏو شفاف آئيني جيان پاڻ پسائڻ لاءِ منتظر آهي. وفا جي حساسيت جي ان ڌنڌلي آرسيءَ جي اولڙن ۾گم ٿيڻ بعد شاعريءَ جي متوالن کي يقينن اهڙي مڌ جو ذائقو ضرور ملندو، جنهن لاءِ خماريل نيڻن جي تلاش بن بن ڀٽڪڻ لاءِ هر وقت سوز ۽ ساز سان همه گوش ٿي ماڳ رسائي لاءِ بيتابي جي باهه ۾ پچندي ۽ رسندي رهي ٿي.
    وفا گولو جون ڪوتائون ڪنهن اپسرا جي انگڙاين ۾ گم ٿيل نگاهن جي عجيب ڪيفيتن جو داستان به ٻڌائين ٿيون ته محبتي موهه تي ڦهليل طلسمي تبسم جي سحر ۾ به جڪڙي ڇڏين ٿيون. هو جتي زميني خدائن خلاف سراپا احتجاج بڻيل آهي ته اتي مرڪن ۽ محبتن جو ٻج ڇٽي چوطرف سرنهن جي ڦولار جهڙي مهڪ واسڻ جو خواهان آهي، وفا جي شاعريءَ ۾ سڪ، سونهن، اوسيئڙي ۽ آس جا اولڙا هر پني تي پاڻ پسائي اسان کي ڄڻ ته اسان جي احساسن جي نمائندگي ڪندي نظر اچن ٿا. سمبارا جي رقص جهڙي وفا جي ڪوتا پرلطف ڪيفيتن جي پرت ۽ پچار سان سرشار آهي، جيڪا اميد ته پڙهندڙن جي اميدن تي پوري لهندي،


    ساجد سنڌي
    سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد
    03003513966


    حقيقتن ۽ محبتن جو شاعر

    وفا پنهنجي شاعريءَ جو مسودو ڏيندي مُرڪندي چيو ته هن تي لک، ڪتاب ٿو ڇپرايان. پر تنقيد ضرور ڪجانءِ، اهو ڄاڻيندي به ته آئون ساڻس محبت ڪندو آهيان، ۽ محبت تنقيد کان مٿاهين هوندي آهي، محبوب جا عيب به عام جي ثوابن کان وڌيڪ مقدس لڳندا آهن، هونئن به حقيقتن جي پگهريل ٻپهريءَ ۾ شاعريءَ جي گهاٽي ڇانوَ ماڻهوءَ کي فطرت پاران مليل سندر سوکڙي هوندي آهي. پر اها شاعري جيڪڏهن محبوب دوست جي هجي ته پوءِ ڪير بدذوق ان کي تنقيد جي نگاهه سان پڙهي سگهندو، مون وفا جي شاعري هميشه پيار سان پڙهي آهي ۽ وفا آهي ئي پيار جو شاعر.
    ڪيترا رنگ مون تي ڇٽيندي وئي
    هن ڏني جو هئي هڪ چمي اوچتو
    وفا جي شاعريءَ جو مطالعو ڪبو ته وفا جي شاعريءَ جي انيڪ رنگن مان ٻه رنگ حقيقت ۽ محبت گهاٽا نظر ايندا. حقيقت ته وحشتن جو منظر آهي، مسيحن جو مصلوب ٿيڻ آهي، خودڪش حملن جي تباهه ڪاريءَ ۾ مقتولن جي رهجي ويل حسرتن جي بي وسي آهي، وفا چواڻي:
    اجتماعي روح ٿو چيڀاٽجي
    جي شهر کي گهاءُ تازو ٿو لڳي.
    حقيقت ته بوند بوند بڻجي ٽميل لڙڪن جي رمجهمي موسم آهي. سماج جي بي حسي ۽ کوکلائپ آهي. ڀڙڀانگ ذهنن پاران فرد تي ٿاڦيل قانون، نيئم ۽ تعذيرون آهي.
    اسان جي ئي نصيبن ۾،
    رهي ٿي دار جي خوشبو
    يا
    روح جو احساس ٿو چيڀاٽجي
    ڄڻ سڄو آڪاس ٿو چيڀاٽجي.
    جڏهن ته محبت ڌڙڪندڙ دلين جي درسني آهي، مخمور جوانين جي ساهن جي مشڪبو سرگوشي آهي، مرڪن جي چانڊاڻ آهي، انڊلٺ جا رنگ ۽ اميدن جون پناهه گاهون آهي.
    روح پنهنجو روشني جو آ غزل
    ٿي چوي مرڪي اکين جي خاموشي.
    ---
    هوءَ ملي ڀاڪرين، آس پوري نه ٿي
    روح ٿو هي چوي، روح ۾ ئي رچون.
    وفا جتي تاسارين تمنائن جي خودڪشين جا ڏيک پيش ڪري ٿو، اتي محبتن جي ململ سيج تي روايتن کان باغي سوچن جي سرشارين جا عڪس پڻ چِٽي ٿو، جتي تتل صحرا جي رُڃ ۾ پِٿون پيرن ۽ تشنه چپن جا ڪرب عڪس بند ڪري ٿو، اتي اميدن جي امرت جل سان ڀرپور ٿڌن چشمن ۽ آڪاش تي مسڪرائيندڙ سليٽي بادلن جون تصويرون پڻ پسائي ٿو.
    حقيقت جي تلخي:
    ڌرتي آزارن ۾
    ڪهڙي عيد ڪجي
    دهشت ڦليل آ
    شهر بازارن ۾
    ڪهڙي عيد ڪجي
    محبت جي ملائمت:
    اکين ۾ رنگ ٿي اوتي
    نهاري چاهه مان مون ڏي
    ستل احساس ٿا جاڳن
    اکين جي ميڇ سان جڏهين
    چپن جا جام ٿي آڇي
    ائين محسوس ٿئي ٿو ڄڻ
    بدن ۾ روح ٿي ڦوڪي.
    مون وفا جي شاعريءَ جي رنگن مان سندس شاعريءَ ۾ پسجندڙ ٻن گهاٽن رنگن جا مثال پيش ڪيا آهن. پر وفا جي شاعريءَ کي فقط ٻن رنگن تائين محدود چوڻ منهنجو مقصد هرگز ناهي. وفا جي شاعري رڳو خارجي ڪربلائن ۽ محبت جو مجذوبيت تائين محدود نه آهي. وفا جي شاعريءَ جون انيڪ رنگينيون ۽ ڪهڪشائون آهن، جيڪي هر پڙهندڙ کي سندس ئي ذوق آهر پنهنجو جلوو ۽ تجلو پسائينديون. مون وفا جي شاعري پڙهندي محسوس ڪيو آهي ته وفا شاعريءَ جو اهڙو عاشق آهي، جنهن داخلي ۽ خارجي پيڙائون ڀوڳيون آهن ۽ هن کي شاعريءَ جي پُرنور پيشانيءَ ۾ سڪون جو اڀرندڙ سج نظر آيو، ۽ هن ارپن ڪري ڇڏي پنهنجي پوري حياتي شاعريءَ کي.
    رات ڀر درد ۾ پيڙجان ٿو پيو
    مون مٿان ٿي لهي شاعري اوچتو.



    جعفر جاني
    15 سيپٽمبر 2017ع


    شاعري روح جو عڪس آهي

    جيڪڏهن مون کان ڪو به اهو پڇي ته شاعري ڇا آهي؟ آءٌ ڪنهن وڏي ٿڌي ساهه ڀرڻ بجاءِ يا ڪنهن گهري سوچ ۾ پوڻ جي بجاءِ ان کي اهوئي جواب ۾ چوندس ته شاعري اُداس روحن جي دانهن آهي، شاعري اڪيلائي ۾ ماڻهو جي لاءِ محبوبا آهي، شاعري هڪ وڏي پناهه گاهه آهي، انهن روحن لاءِ جيڪي ازل کان اڪيلائيءَ جي جهولي ۾ رهيا آهن، يا ته وري شاعري.
    پيار آهي
    محبت آهي
    عشق آهي
    جنون آهي.
    شاعري انسانيت جي درجي تي پهچڻ جو هڪ اهڙو پيچرو آهي جنهن تي هلندي ماڻهو اصل انسانيت جي روپ کي سڃاڻي ان ۾ پاڻ کي امر ڪري ڇڏي ٿو.
    حقيقت ۾ شاعري روح جو عڪس آهي جنهن ۾ پيار، پيڙائون، اڪيلائي ڪرڀ ۽ درد اهڙي طرح ته چهٽيل هوندا آهن جنهن مان اگر ڪنهن هڪ کي به جيڪڏهن زوريءَ ڇڪي رهڙي شاعري جي وجود کان الڳ ڪرڻ جي ڪوشش ڪبي ته شاعري جو روح رتورت ٿي پوندو ۽ شاعري هڪ دانهن بڻجي اُداس روحن کي فنا ڪري ڇڏيندي.
    مون شاعري سان بي پناهه محبت ڪئي آهي منهنجو سارو وجود جيڪڏهن دنيا جي اکين آڏو آهي ته اهو منهنجي شاعري جي ڪري ئي آهي. منهنجو هڪ نثري نظم آهي ته:
    شاعري
    روح جو
    عڪس آهي
    جيڪو
    شاعرن جي
    اکين جي
    گهرائي ۾
    هر ڪنهن کي
    نظر ناهي ايندو.
    شاعري جا انيڪ روپ آهن. اها هر ڪنهن فرد کي پنهنجي ڀاڪر ۾ نه ٿي ڀري شاعريءَ جي حسين ديوي دنيا ۾ انهن ماڻهن کي پنهنجو ڪري ٿي جيڪي فطرتي طور تي دنيا ۾ عاشق ٿي پنهنجي هڪ الڳ دنيا ٺاهي جيئڻ جا پنهنجا نرالا انداز رکندا آهن، هو دنيا جي مصنوعي بادشاهي کي ترڪ ڪري پنهنجي دنيا جا بادشاهه بڻجي پنهنجي دنيا ۾ مگن رهندا آهن. جنهن ڪري ئي دنيا جا گهٽ عقل وارا ماڻهو کين چريو چئي ۽ الڳ الڳ لقب ڏيئي ٽوڪيندا رهندا آهن پر انهن جي اهڙي ڪم عقلي تي شاعرن ڪڏهن به ڪا توجهه ناهي ڏني ڇو ته هو پنهنجي دنيا ۾ مست الست رهي اهڙن گهٽ عقل وارن جي ڳالهين تي غور سان ڪڏهن به ڌيان ناهن ڌريندا.
    عشق جي راهه ۾، ٿا اڪيلا رُلون،
    ڌرتتي آ رڳو، پير آهن لڦون.
    عشق دنيا جو اهو طلسم آهي، جيڪو دنيا ۾ اڪيلو ڪري عاشق کي روحاني طور هجومن ۾ وٺي وڃي ٿو اهو عشق ئي آهي جنهن مون کي شاعري جي پنڌ تي آڻي رُلايو آهي ۽ شاعريءَ سان ملايو آهي جيڪا هاڻي منهنجي وجود جو اٽُوٽ حصو بڻجي ويئي آهي جنهن کان جدائي جو سوچڻ ڄڻ منهنجي وجود جو فنا ٿي وڃڻ ئي آهي. اها شاعري ئي آهي جيڪا منهنجي روح کي آڪسيجن ڏيندي رهي ٿي جنهن ڏينهن آڪسيجن رُڪجي ويندي، ان ڏينهن منهنجو وجود به فنا ٿي ويندو. فنائيت ئي عشق سان ملائڻ جو اصل رستو آهي جنهن جو هن دنيا ۾ هر عاشق هر وقت منتظر رهي ٿو.
    مون شاعري جو هي مجموعو ڇپرائڻ لاءِ ڪڏهن به سنجيده ٿي نه سوچيو هو، ڇو ته شاعر ٿيڻ جو مقام مرتبو مون پاري ڪاهل کان تمام گهڻو مٿانهون آهي.
    شاعري سان مون پيار ڪيو آهي جيڪو اظهار مون هن ڪتاب “عشق جي آرسي” ۾ ڪيو آهي. جيڪو اوهان آڏو آهي. مون اڳ ۾ به ڳالهه ڪئي ته مون اهو ڪڏهن به ڪين سوچيو هو ته مان شاعري لکي هڪ ڪتاب آڻيندس مون کي شاعري سان عشق هجڻ ڪري شعر لکڻ جو ننڍڙو شرف حاصل رهيو آهي، ۽ لکندو رهندو آهيان، جنهن کي منهنجي پياري دوست اويس ڀٽو هڪ ڪتابي صورت ۾ ممڪن ڪرڻ لاءِ هر وقت همٿائي منهنجي شاعري کي “عشق جي آرسي” جي ڪتابي فريم ۾ بند ڪري اوهان پڙهندڙ آڏو آندو آهي. جنهن تي مون کان وڌ خوشي منهنجي انهيءَ دل گهُرئي دوست کي ٿي آهي، جنهن کي ڄڻ ته اها اُڻ تُڻ رهندي هئي ته “يار وفا سُستي ڇڏ، پنهنجو ڪتاب جلد ڇپراءِ.”
    اهڙيون الائي جي، ڪيتريون ميارون جتي ملندو، اها ڳالهه ڪندو ته يار ڪتاب ڪڏهن ٿو آڻين؟ منهنجو روايتي جواب ته هن جنم ۾ ضرور آڻيندس، جنهن تي اويس جي ڪاوڙ ته ڏسڻ وٽان هوندي هئي اويس تي اگر مان ٿورو سوچيان ٿو ته هو منهنجي هن ڪتاب “عشق جي آرسي” جو اولڙو ٿو محسوس ٿئي.
    شاعري جي هن پوري مجموعي جي ڪاميابي تي سوچڻ بجاءِ مون بس اهو سوچيو آهي ته اوهان پڙهندڙ جيڪي شاعري جا عاشق آهيو، اهي هن منهنجي پهرين شعري مجموعي “عشق جي آرسي” کي ڪيتري قدر پنهنجي پيار سان دل جي لائبريري ۾ سجائڻ سان گڏوگڏ شاعري کي پنهنجي دل ۾ ڪيتري جڳهه ڏيو ٿا، منهنجي شاعري تي اوهان جي راءِ منهنجي لاءِ سنڌ ۽ ساهه وانگي هوندي.

    وفا گولو - ٺُل
    10 ڊسمبر 2017ع
    03337158536
    ڳوٺ ڪريم بخش گولو
    تعلقو ٺل، ضلعو جيڪب آباد


    غزل

    عشق جي آرسي جو ٽٽي اوچتو

    عشق جي آرسي جو ٽٽي اوچتو،
    بي چسي ٿي وئي زندگي اوچتو.

    هِن چيو هُن چيو، عشق هو ٿي ويو،
    روح ۾ ٿي وئي، روشني اوچتو.

    ڪيترا رنگ مون تي ڇٽيندي وئي،
    هن ڏني جو هئي هڪ چمي اوچتو.

    جا اکين ۾ رهي هر پهر هر گهڙي،
    ٿي وئي سا جُدا ڇوڪري اوچتو.

    رات ڀر درد ۾ پيڙجان ٿو پيو،
    مون مٿان ٿي لهي شاعري اوچتو.


    روح جون رنگينيون رهجي ويون،

    روح جون رنگينيون رهجي ويون،
    دل ٽٽي جو سڀ خوشيون رهجي ويون.

    تو ڇنو جي ساٿ منهنجو او مٺي،
    دلبريون ۽ عاشقيون رهجي ويون.

    سنڌ جهولي ۾ ڳڀو مهيا ٿيو،
    ڪيتريون هون خودڪشيون رهجي ويون.

    هُنَ ڏنيون ٿي اڻڳڻيون دل سوچيو،
    ڪجهه ڳٽن تان ڪي چميون رهجي ويون.

    جسد خاڪي سرد ٿيا ها پوءِ ڀي،
    دار تي ڪي سرڪشيون رهجي ويون.

    اپسرائن جي بدن جو سج لٿو،
    پر اکين ۾ روشنيون رهجي ويون.


    تو مٺي کان دور ٿيندو ٿو وڃان،

    تو مٺي کان دور ٿيندو ٿو وڃان،
    عاشقي کان دور ٿيندو ٿو وڃان.

    دوست ٿا هاڻي مفادن لئه ملن،
    دوستي کان دور ٿيندو ٿو وڃان.

    مفلسي هي مون کي ڪٿ آئي وٺي،
    زندگي کان دور ٿيندو ٿو وڃان.

    رات مون کي پاڻ ڏي ٿي ڇِڪي،
    روشني کان دور ٿيندو ٿو وڃان.

    گهنج منهن ۾، وار چاندي ٿي ويا،
    آرسي کان دور ٿيندو ٿو وڃان.

    مان اڪيلو درد ڪيڏا ٿا ملن،
    هر خوشي کان دور ٿيندو ٿو وڃان.


    روز برسات ٿي، ڏات مون تي لٿي،

    روز برسات ٿي، ڏات مون تي لٿي،
    ها ڪڏهن ڪونه آ، مات مون تي لٿي.

    ڪيترا رنگ ٿو ارپيان گيت ۾،
    آ سڄي ڄڻ ته بارات مون تي لٿي.

    خواب سارا ٽٽا، جاڳ نيڻن چمي،
    عشق جي آ جڏهن، تات مون تي لٿي.

    تون جو وڇڙي وئي آن جڏهن کان مٺي،
    ڄڻ ته ڳوڙهن جي برسات مون تي لٿي.

    رات گهنگهور ۾ روح تڙپيو جڏهن،
    شاعري چنڊ جان رات مون تي لٿي.

    عشق ۽ سچ کي جو ڇُهڻ جي ڪئي،
    ڄڻ “وفا” دارِ سوغات مون تي لٿي.


    پاڻ سمجهون ٿا بدن جي خاموشي،

    پاڻ سمجهون ٿا بدن جي خاموشي،
    ڪو ته سمجهي هي چپن جي خاموشي.

    سونهن منهنجي ساهه منهنجو سي پنڇي،
    ڳولهي ٿي سي چمن جي خاموشي.

    ٿي ويا جذبات هن سرد سارا،
    ٿي وئي خاموش رڳن جي خاموشي.

    روح پنهنجو روشني جو آ غزل،
    ٿي چوي مرڪي اکين جي خاموشي.

    ٿي رکي پڙلاءُ ڪيڏو ڪو سُڻي جي،
    انقلابي ير وطن جي خاموشي.

    تون مٺي ناهين اُداس گهر آهي،
    پئي روئي تولئه صحن جي خاموشي.


    سج لهي ٿو رات ٺري ٿي،

    سج لهي ٿو رات ٺري ٿي،
    من ۾ ويتر تات وڌي ٿي.

    هير گهُلي آ تون به وري آ،
    دل هي پئي توکي سڏي ٿي.

    صبح جي سانت ۾ ڪوئل پئي،
    ڪيڏي مٺڙي لات لنوي ٿي.

    تون جو ناهين ويجهو جانان،
    تنهائي هي ساٿ ڏئي ٿي.

    هُن ڇوڙيا هن وار شايد،
    تڏهن جهڙالي موسم ٿئي ٿي.

    عشق ۾ صدما سور هزارين،
    دل “وفا” جي پئي سهي ٿي.


    آءٌ توري سکي،

    آءٌ توري سکي،
    اُداس ڄام شورو آ.

    سرد راتيون زرد شامون،
    نراس ڄام شورو آ.

    چنچل چُنري پهريل ناري،
    لباس ڄام شورو آ.

    تون رُٺل آهين جانان،
    اُماس ڄام شورو آ.

    پير پرين جا ٻڌائين ٿا،
    حساس ڄام شورو آ.

    سونهن جي قيد ڦاسائي ٿو،
    ٽياس ڄام شورو آ.

    دلين جا ميلا “وفا” ٿين،
    وشواس ڄام شورو آ.


    عشق جي راهه ۾، ٿا اڪيلا رُلون،

    عشق جي راهه ۾، ٿا اڪيلا رُلون،
    ڌرتتي آ رڳو، پير آهن لڦون.

    مون پرين جي، اکين جي عبادت ڪئي،
    هو نه ڄاڻي سگهي، پر اکيون هون سچون.

    ڀاڳ ۾ جاڳ ئي آ، اسان کي ملي،
    ننڊ ناهي پرين، خواب ڪهڙا ڏسون.

    عاشقي کان اڃا، ڪونه ٿي دل مُڙي،
    عشق آڙاهه آوي، پيا ٿا پچون.

    هو ملي ڀاڪرين، آس پوري نه ٿي،
    روح ٿو هي چوي، روح ۾ ئي رچون.

    چنڊ ٿو گهاوَ ڏي، چاندني سان اڃا،
    ها ستارا کڻي، شاعري ٿا اُڻون.


    گلابي بدن تي، ادا ڪا رهي ٿي،

    گلابي بدن تي، ادا ڪا رهي ٿي،
    اسان جي چپن تي، صدا ڪا رهي ٿي.

    اوهان زلف پنهنجا، کليل ئي رهڻ ڏيو،
    اسان جي مٿان ڄڻ، گهٽا ڪا رهي ٿي.

    اکين تان چمي ڏي، گلابي آ موسم،
    چپن تي چمين جي، ڪٿا ڪا رهي ٿي.

    ڪڏهن باک مرڪي، ڏٺو ڪونه مون ڏي،
    رڳو پاڻ وٽ ير، سنجها ڪا رهي ٿي.

    وڃي ٿي هٿن مان، پئي دل اسان جي،
    اچي دل اندر جو، جفا ڪا رهي ٿي.

    وري تون نگاهون، کڻي ٿي نهارين،
    وري دل چپن تي، خطا ڪا رهي ٿي.

    اچو سڀ اچو ديس، سڏي ٿو اسان کي،
    وطن ۾ اڃا ڀي، “وفا” ڪا رهي ٿي.


    شهر سارو اُداس توبن،

    شهر سارو اُداس توبن،
    هر آس نراس توبن.

    چوڏهين جي رات پوءِ به،
    منهنجي من ۾ اماس توبن.

    هن عمر ۾ هزارين سوچون،
    ڳڻتين ڳاريو ماس توبن.

    تون جو ناهين او سانوري،
    ڪير ڪندو قياس توبن.

    ماڻهو چون ٿا ميرا اٿئي ڪپڙا،
    ڪيئن مٽايان لباس توبن.

    گيت، غزل، وايون ۽ “وفا”،
    ٽنگيل آهن ٽياس توبن.


    جو نظر کي، گهاءُ تازو ٿو لڳي،

    جو نظر کي، گهاءُ تازو ٿو لڳي،
    سو اندر کي، گهاءُ تازو ٿو لڳي.

    تو سوا ڪهڙا، پرين ڏينهن راتيون،
    هر پهر کي، گهاءُ تازو ٿو لڳي.

    ٿو ڏسان جي، پيٽ بکيو ٻار ڪو،
    دل جگر کي، گهاءُ تازو ٿو لڳي.

    اجتماعي روح ٿو چيڀاٽجي،
    جي شهر کي، گهاءُ تازو ٿو لڳي.

    ٿو لکان مان درد واري شاعري،
    عاشقي کي، گهاءُ تازو ٿو لڳي.


    ديد هڪڙي، ٻکي دل سان،

    ديد هڪڙي، ٻکي دل سان،
    مون به چمي، رکي دل سان.

    نيڻ جرڪي، پون پنهنجا،
    چاهِه اهڙو، سکي دل سان.

    ذائقو جنت جهڙو هو،
    ڪڻڪ جسمن، چکي دل سان.

    درد جي آڳ، اهڙي هئي،
    روح ساڙي، بکي دل سان.

    ٿي پراڻي، وئي دل جو،
    پوءِ نفرت، ککي دل سان.


    سونهن صداقت، وارا ماڻهو،

    سونهن صداقت، وارا ماڻهو،
    سنڌو ديس جا، پيارا ماڻهو.

    ماکي کان وڌ، مٺڙا ڀي،
    پرڪي مکڻ، چاڻا ماڻهو.

    ٿر ۾ پاڻي، ڪاڻ سڪن ٿا،
    ٿر جا هي، موچارا ماڻهو.

    محبت جن جي، من ۾ آهي،
    سي آهن، دل وارا ماڻهو.

    ڏوهه ڏسي، اکين سان پوءِ ڀي،
    ڇو چپ رهن ٿا، سارا ماڻهو.

    جن ماڻي محبت جي منزل،
    سي هِن سڀ، سگهارا ماڻهو.

    ملندا آهن، قسمت سان هي،
    “وفا” کي، تو پارا ماڻهو.


    روشني جا پير، ميرا ٿي ويا

    روشني جا پير، ميرا ٿي ويا،
    هر طرف آهن، انڌيرا ٿي ويا.

    دلفريبي نيڻ، گهٽي ۾ ڏسي،
    پاڪ اکڙين جا ته، پيرا ٿي ويا.

    جاڳ آهي، جام آهي، تنهنڪري،
    نيڻ ڳاڙها ڏس ته، جيرا ٿي ويا.

    ڪانوَ ٿا ڏائڻ جيان ڦرندا رهن،
    قيد هن معصوم، ڳيرا ٿي ويا.

    درد جي آوي ۾، پچندي اي پرين،
    راک سارا دل جا، ديرا ٿي ويا.

    شاعري جي چنڊ، اُڀرڻ سان “وفا”،
    سنڌ ۾ آهن، سويرا ٿي ويا.


    سکي جي سار پياري ۾ رات گذري ٿي،

    سکي جي سار پياري ۾ رات گذري ٿي،
    ڄڻ اسان جي بهاري ۾ رات گذري ٿي.

    هن جي اچڻ جو اُلڪو رهي ٿو اندر ۾،
    ائين ئي بس انتظاري ۾ رات گذري ٿي.

    من کي ڪو قرار ڪونهي توريءَ او سانوري،
    بهار ۾ به بي قراري ۾ رات گذري ٿي.

    اڪيلا جيئون ٿا مئڪشي سان مئڪدي ۾،
    ائين ئي ير گهنگاري ۾ رات گذري ٿي.

    ڪڏهن شاهه جو رسالو ڪڏهن اياز پڙهندي،
    “وفا” جي شاعري ۾ رات گذري ٿي.


    روح جو احساس ٿو چيڀاٽجي،

    روح جو احساس ٿو چيڀاٽجي،
    ڄڻ سڄو آڪاس ٿو چيڀاٽجي.

    مئڪدي ۾ مئه نه آهي شور آ،
    شور ۾ آساس ٿو چيڀاٽجي.

    دوستي ۾ جي رکي ٿو بغض هو،
    دل اندر وشواس ٿو چيڀاٽجي.

    ڪوڙ جي ٿو بدن کي چميو چمي،
    سچ جو ڄڻ ماس ٿو چيڀاٽجي.

    باغ ۾ ٽهڪن جي ناهي گونج ڪا،
    سڀ گلن جو واس ٿو چيڀاٽجي.


    جي رهان ٿو مان اگر ايمان ۾،

    جي رهان ٿو مان اگر ايمان ۾،
    ليکيو ڇو ٿو وڃان بي ايمان ۾.

    هڪ خدا ۾ جي پسن ٿا حُسن کي،
    مان پسان ٿو حُسن سو انسان ۾.

    سونهن مندر ۾ ڏسي جرڪيو پئي،
    مون ڏٺي جا سندرتا ڀڳوان ۾.

    ڪنهن پئي ٺاهي جاءِ جنت ۾ وڃي،
    ڪو رهيو خوش دوزخي سامان ۾.

    عشق الستي ڪنهن نه ڄاتو ڇو هتي،
    پاڻ رهياسين حيف ۽ حيران ۾.

    مان قدورت جو ڪڍي من صاف ڪيو،
    مون ڏٺو پوءِ خدا کي انسان ۾.

    مان وڃان ڇو تو جيئان محبوب ڏي،
    پاڻ هو مون ڏي اچي ٿو گيان ۾.


    سانوري مون کي تنهنجي ادائن ڪُٺو،

    سانوري مون کي تنهنجي ادائن ڪُٺو،
    زُلف ڪارن ڪنوارين نگاهن ڪُٺو.

    عاشقي جون رُتون يار آيون وري،
    درد جاڳي پيا ڀوڳنائن ڪُٺو.

    زورِ محشر هيو مقتلن ٿي چيو،
    سورمن کي سدائين صدائن ڪُٺو.

    درد جي آهه ٿي هر طرف کان اچي،
    سوڳوارن اسان کي هوائن ڪُٺو.

    شام جي شور ۾ سوچيو ڪونه تو،
    وار ڇوڙي ڇڏيئه ان گهٽائن ڪُٺو.

    سنڌ ۾ سونهن آ پنهنجي تهذيب آ،
    ها موهن جي دڙي جي ڪٿائن ڪُٺو.


    سونهن جو سنسار آهين ڇوڪري،

    سونهن جو سنسار آهين ڇوڪري،
    پيار ئي بس پيار آهين ڇوڪري.

    دل ڦُرين ٿي هڪ نظر سان هاءِ هاءِ
    حُسن جو ڪو ڄارُ آهين ڇوڪري.

    ڪا ملي جنهن ۾ جنمن جي خوشي،
    تون ته اهڙو پارُ آهين ڇوڪري.

    روز ليئا پائين ٿي ٻارن وانگيان
    دل جيان تون ٻار آهين ڇوڪري.

    ٿو چُمان گُل ڳل پيو او چلڪڻي،
    شوخ جلوه خارُ آهين ڇوڪري.


    ننڊ خواب جي قيد ۾ آهي،

    ننڊ خواب جي قيد ۾ آهي،
    ڄڻ ته ثواب جي قيد ۾ آهي.

    هو آجو ڪيئن ٿي مئڪدي مان،
    هو اڃا شراب جي قيد ۾ آهي.

    ڪيئن ڪن ديدار هي پياسي اکيون،
    چهرو سکي جو نقاب جي قيد ۾ آهي.

    ڪونه ٿو سوچي ڪڏهن زماني تي،
    شاعر اڃا ڪتاب جي قيد ۾ آهي.

    ڇا ٿيو بي سبب هو وئي هلي،
    هوءَ شايد حجاب جي قيد ۾ آهي.

    راتين ۾ روح کي راحت ڪٿي آ،
    روح پنهنجو رباب جي قيد ۾ آهي.

    ڪتاب کي هو ڪيئن ٿو ڄاڻي سگهي،
    جو رهيو شباب جي قيد ۾ آهي.


    نه آ ڪا پيار جي خوشبو،

    نه آ ڪا پيار جي خوشبو،
    نه ئي آ سار جي خوشبو.

    اسان جي ئي نصيبن ۾،
    رهي ٿي دار جي خوشبو.

    گلابن سان رهي آهي،
    رڳو ئي خار جي خوشبو.

    گهمان ٿو مان پيو سنڌو،
    آهي ٿڌڪار جي خوشبو.

    هميشه جيت هن جي ٿي،
    اسان وٽ هار جي خوشبو.

    “وفا” جي دل اندر آهي،
    اوهان جي سار جي خوشبو.


    پاڻ کي عشق تي جو ايمان ٿيو،

    پاڻ کي عشق تي جو ايمان ٿيو،
    لوڪ ڇو آ وڃي ايڏو حيران ٿيو.

    اڄ اڪيلو پيئان ٿو پر اڪيلو نه هان،
    تون جو تصور ۾ پرين آهين مهمان ٿيو.

    روز ممبر تي چڙهي ٿو خدا کي سڏي،
    پر اڃا پاڻ ناهي هو انسان ٿيو.

    ڪوڙ کي نفرتن کي پنهنجو ڪري،
    اڄ جو انسان ڇو آ وڃي شيطان ٿيو.

    بيگناهي ڪري آهيان گنهگار ٿيو،
    سنڌ جي عشق ۾ ناهي ڪو ارمان ٿيو.

    سونهن کي عشق ۾ وِک اڳتي ڪري،
    جنهن سجدو ڪيو سورهيه سلطان ٿيو.


    جڏهن تنهنجا پور پون ٿا،

    جڏهن تنهنجا پور پون ٿا،
    تڏهن سارا سور اٿن ٿا.

    نازڪ منهنجي دلڙي ۾ هو،
    نظرن جا تير چُور ٿين ٿا.

    ائين لڳي ٿو اکڙين کان هي،
    تنهنجا سپنا دور ٿين ٿا.

    جيون سارو شيشي وانگر،
    پٿر ٿي حالات لڳن ٿا.

    ڪيڏا سور حياتي ۾ هن،
    “وفا” جهڙا پوءِ به سهن ٿا.


    پيار پنهنجو غزل جانان،

    پيار پنهنجو غزل جانان،
    ڳائجي پيو هر پل جانان.

    زندگي تو سوا ڪهڙي،
    تو ملين ٿي سڦل جانان.

    آءُ توريءَ ڪومايل آ،
    من کِلي دل ڪنول جانان.

    ڏي چمي برف ڪر جذبا،
    ٽوڙ ڪاوڙ جبل جانان.

    عشق هاڻي ڪجي ڪهڙو،
    ٻانهن دل جي ڀڳل جانان.


    سونهن کي پوڄيو سمجهي رام،

    سونهن کي پوڄيو سمجهي رام،
    عشق اسان تي ٿيو الهام.

    ورد ڪيوسين هردم تنهنجو،
    پوءِ ڇو هڻجي هر هر هام.

    دل ڪيو سجدو سونهن کي هردم،
    زندگي ڪئي سين تنهنجي نام.

    خاص هڪڙو شاهه ئي سڏبو،
    پاڻ ته سڏبا سين سڀئي عام.

    سونهن، سنڌ ۽ عشق ڪبو حاصل،
    پوئتي نه هرگز هٽندي گام.

    گيت نه توکي ڳائڻ آيو “وفا”،
    ڏاهي جو سَٺو سين مرڪي الزام.


    اسان جي روح ۾ هي جا جڳن کان روشني آهي،

    اسان جي روح ۾ هي جا جڳن کان روشني آهي،
    اوهان جو عشق آ جانان، اوهان جي دل لڳي آهي.

    جواني يار پنهنجي ٿي هر پل آس ۾ ڀٽڪي،
    نه اکڙين جي ڪا کينچل آ، نه ئي ڪا هڪ چمي آهي.

    گهڙي سا ڪيئن ٿي وسري اکين آڏو هئي گذري،
    اها وينگس ڏٺي جا مون صفا ڪا جل پري آهي.

    اوهان جي ئي شهر ۾ ڪو اوهان کي يار چاهي ٿو،
    اوهان کي ڄاڻ ڪانهي ڪا، اوهان جي سادگي آهي.

    نه پنهنجا پير روڪين ها، نه پنهنجي ڇير ڇوڙين ها،
    ڏسين ها ناچڻي دل کي مسين راحت ملي آهي.


    سوا تنهنجي نه چين آهي، اکيون صحرا ويون بڻجي،
    ٻُسي توکان سوا ٿي وئي اکين جي آرسي آهي.

    اسان جو حال ڪهڙو آ نه جيئڻ ئي ته جهڙو آ،
    غريبن جي جهُڳي وانگي هي اُجڙيل زندگي آهي.

    نه آ فڪر خيالن ۾ وزن جي کوٽ ۾ ورتل،
    چون ڏاها پيا مرڪي اها ڪا شاعري آهي.

    چيائين ڪيئن گهارين ٿو اڪيلو ائين تون ساجن،
    چيم توکان سوا هي زندگي ڄڻ وهه وٽي آهي.

    غزل سارو لکيو جانان “وفا” تنهنجي تصوير ۾،
    پڙهي سارو وري ڏس شعر ۾ شائستگي آهي.


    دل ڇُهي ٿي عڪس هڪڙو،

    دل ڇُهي ٿي عڪس هڪڙو،
    چنڊ جهڙو شخص هڪڙو.

    روح بڻيو ڇير منهنجو،
    من ڪيو جو رقص هڪڙو.

    ڪير سولي تي چڙهي ها،
    ڪير رولي نفس هڪڙو.

    ساهه ڦوڪي ٿو بدن ۾،
    سونهن تنهنجو لمس هڪڙو.

    صوفيت کي روشني ڏي،
    سج جان ٿي شمس هڪڙو.


    هوا جا پر ڪٽيل آهن،

    هوا جا پر ڪٽيل آهن،
    صدا جا پر ڪٽيل آهن.

    هٿن ۾ ڪا لرزش ناهي،
    دعا جا پر ڪٽيل آهن.

    نه ٿي مون وٽ پهچي،
    جفا جا پر ڪٽيل آهن.

    اوهان جي سونهن جي اڄ،
    ادا جا پر ڪٽيل آهن.

    نڀايان مان ڪيترو آخر،
    “وفا” جا پر ڪٽيل آهن.


    عشق هن جي ڪيو ظاهر،

    عشق هن جي ڪيو ظاهر،
    مان به بڻجي ويس شاعر.

    جنهن ڏنو هو کلي مون کي،
    درد سوئي رهيو ماهر.

    بيگناهي گناهن جو،
    مون تي پرچو ٿيو دائر.

    ديس سان بدگماني تي،
    هو به سڏجي پيو ڪانئر.

    هو نه منهنجي بڻي امرتا،
    مان به سڏجان ها ساحر.


    نانءُ تنهنجو ٿو کڻان آئون،

    نانءُ تنهنجو ٿو کڻان آئون،
    پاڻ کي پوءِ ٿو وڻان آئون.

    ڌرتتي عاشقي جي ۾،
    دل سڙي ٿي ٿو سڙان آئون.

    زرد موسم خزان جي آهي،
    پن ڇڻ جان ٿو ڇڻان آئون.

    ذهن شهري آ ويو بڻجي،
    ڳوٺ ڏي ڪونه ٿو لڙان آئون.

    ديس پنهنجو ٻولي پنهنجي،
    پوءِ ڀي ڇو ٿو تڙان آئون.


    انڌن جي شهر ۾ روشني ڀٽڪي پئي،

    انڌن جي شهر ۾ روشني ڀٽڪي پئي،
    اسان جي مفلسي ۾ زندگي ڀٽڪي پئي.

    پيار تي پهرا ۽ ميلاپن تي بندشون،
    عاشقن جي ديس ۾ عاشقي ڀٽڪي پئي.

    هوا ۾ گلابن جي تڙپڻ پئي ٻڌايو،
    ڪنڊن آڏو خوشبو ۽ تازگي ڀٽڪي پئي.

    بدذوق سارا ماڻهو هئا شايد ان شهر جا،
    خوبصورت دوستو اتي شاعري ڀٽڪي پئي.

    رند سارا پِي هليا ويا پيمانا خالي ڪري،
    ٿيو ويران مئڪدو ۽ مئڪشي ڀٽڪي پئي.

    سڄڻ سارا ٿي ويا دشمن ڌن جي ڪري،
    دشمنن جو ديس ٿيو دوستي ڀٽڪي پئي.


    عشق آهي وفا گهرجي

    عشق آهي وفا گهرجي،
    ٿي نئين خطا گهرجي.

    درد سانڍي ٿڪي ناهي،
    دل کي ٻي ٿي سزا گهرجي.

    پيار ڇانورو رهي هردم،
    ڪجهه نه ٻيو ڪو خدا گهرجي.

    مان فنا ٿي وري موٽان،
    عشق اهڙي بقا گهرجي.

    سونهن آڏو ڪيم سجدا،
    ٿي اڃا ڀي انتها گهرجي.


    درد جا هي ڊگها سلسلا ٽوڙجن،

    درد جا هي ڊگها سلسلا ٽوڙجن،
    پاڻ هڪ ٿي پرين فاصلا ٽوڙجن.

    عاشقي کي ملي ڪو سڪون دوستو،
    عاشقن جا هلي مسئلا ٽوڙجن.

    قوم ۾ آڻجي ڪا شعوري سگهه،
    جابرن جا سڄا قافلا ٽوڙجن.

    شاعري مان ڪيان، خودڪشي ڇوڪيان،
    ها ذهن جا سڀئي زلزلا ٽوڙجن.

    ڌرتتي جو هلي دوستن سان ملي،
    غربتن جا وڌي مرحلا ٽوڙجن.


    زندگي ريل پٽڙي ٿي وئي،

    زندگي ريل پٽڙي ٿي وئي،
    هر هنڌان هاءِ اُکڙي آ پئي.

    درد سارا وڃي ٿي ڇاڻي اگر،
    چاهه ۾ جي ملي ٿي هڪ چمي.

    رات بدنام ڪيڏو ٿي وئي،
    مسڪرائي ويو ڏينهن مون کي چئي.

    سڀ ويا هاءِ تنها مون کي ڪري،
    ياد تنهنجي پرين مون سان رهي.

    تون وڃي ڇو اَنا تي آهين پڳو،
    آدمي آن تون به اچ ٿورو لهي.

    دوستي ۾ تير جهڙا لهجا اڃا،
    ڪيترو ير دل “وفا” جي سهي.


    دوستن کي سارجي،

    دوستن کي سارجي،
    پنهنجي دل ٺارجي.

    ماڻهپو ٿورو هجي،
    دل قلندر ڌارجي.

    پيار آهي زندگي،
    پيار ويري مارجي.

    هار مقدر ڪونه آ،
    حوصلو نه هارجي.

    جت ملي هڪڙي چمي،
    زندگي ات گهارجي.


    تو سوا هي ڏات روئي ٿي،

    تو سوا هي ڏات روئي ٿي،
    ۽ جدا هي ذات روئي ٿي.

    مون اڪيلائي آ سمجهايو،
    پر اڃا هي تات روئي ٿي.

    آهه سناٽو ماحول تي ڇانيل،
    پوءِ ڇو هي سانت روئي ٿي.

    چپ سبيل هن خاموشي جا،
    ڪيترو هي بات روئي ٿي.

    چنڊ چمڪي ٿو وڃي ڪاڏي،
    ٿي تنها هي رات روئي ٿي.

    عشق جي ٿي جيت آهي،
    حسد ۾ هي مات روئي ٿي.


    آءُ ڌاري عشق الستي،

    آءُ ڌاري عشق الستي،
    هنيانءُ ٺاري عشق الستي.

    دل جگر جي ڳالهه ڪهڙي،
    جسم ڳاري عشق الستي.

    ٿي فنا کان اڳ فنا تون،
    نفس ماري عشق الستي.

    هرڪو ڦاٿل مجاز ۾ هو،
    ڪير ساري عشق الستي.

    سِيرَ وچ ۾ ٻوڙي دنيا،
    پاڻ تاري عشق الستي.


    چنڊ جي آ چاندني ڪنهن بدنظر جي ور چڙهي،

    چنڊ جي آ چاندني ڪنهن بدنظر جي ور چڙهي،
    جو وڃي هو وحشي ڪڪر جي ور چڙهي.

    هن اکين جي آرسي ۾ جاڳ جا ئي داغ ها،
    جي لٿا پر زندگي اڻ کٽ سفر جي ور چڙهي.

    دانهن ٿي ڪنهن ماءُ جي ۽ اُڀ ڏري هو پيو،
    زندگي معصوم ڪا گدلي گٽر جي ور چڙهي.

    عاشقي جي ناوَ کي منزل ملي ها عشق جي،
    پر وڃي هو اوچتو ڪنهن پٿر جي ور چڙهي.

    نفرتون مليون هيون سڀ محبتن جي عيوضي،
    ڳوٺ کان دل ڌار ٿي هئي شهر جي ور چڙهي.

    تون هئين هي زندگي هئي تاج محل جهڙي حسين،
    توکان پوءِ هي زندگي آ کنڊر جي ور چڙهي.


    ڪيڏا هون آوارا ٿي ويا،

    ڪيڏا هون آوارا ٿي ويا،
    چنڊ ۽ مان ناڪارا ٿي ويا.

    تنهنجو گذر ٿيو آ شايد،
    خوشبو جو هن چارا ٿي ويا.

    ٻهڪي پيو آ گهر ماڻهن سان،
    چپ ڇو آهن جارا ٿي ويا.

    تنهنجي ٽهڪن سان هي منهنجا،
    جذبا هن تاسارا ٿي ويا.

    محبت مس هئي جاڳي من ۾،
    دشمن سڀ تر وارا ٿي ويا.

    عاشق ٿي مان شاعر ٿي ويس،
    حيران ڇو ڏاها سارا ٿي ويا.


    ٿا وڃن سار جا چنگ خيالن ۾،

    ٿا وڃن سار جا چنگ خيالن ۾،
    آ کڻي ڪي مٺي رنگ خيالن ۾.

    مان ته پنهنجي اَنا کي گهٽو ڏيان پر،
    ٿي هڻي تنهنجي اَنا ڏنگ خيالن ۾.

    چپ تنهنجا چمي ٿو اکين تي رکان،
    پوءِ ٿا هي لهن ريشمي اَنگ خيالن ۾.

    روز ٿو جاڳ کي پاڻي ڏيان مان ننڊ جو،
    ٿا ڦٽن تڏهن هي خوابن جا سنگ خيالن ۾.

    مان اڃا روشني کان به اڳي ويندس،
    رات جهڙا ڪو نه ٿو رکان دنگ خيالن ۾.


    سونهن ماڻي وٺون،

    سونهن ماڻي وٺون،
    درد ڇاڻي وٺون.

    عاشقي جي ڍلي،
    تند تاڻي وٺون.

    راز ئي راز ۾،
    سڀ سڄاڻي وٺون.

    ڪونه ايندو وري،
    عشق هاڻي وٺون.

    پيار جا گس پرين،
    آءُ ڄاڻي وٺون.


    پيار جو پنڇي سڏائين ٿو ميان،

    پيار جو پنڇي سڏائين ٿو ميان،
    پوءِ ڇو هي دل جلائين ٿو ميان.

    راهه ساڳي پاڻ ٻنهي جي تو چيو،
    پوءِ هٿ ڇڏائي ڇو رلائين ٿو ميان.

    تو سوا ٿو روح ۾ ڪو ڪو چُڀي،
    ساهه کي تون ڇو سڪائين ٿو ميان.

    ساز پنهنجي پيار جا ساڳيا پرين،
    تار دل جي سان وڄائين ٿو ميان.

    سج وانگي پاڻ کي ظاهر ڪري،
    عشق کي لوڪان لڪائين ٿو ميان.


    اسان جي رهي آهي رياضت چمي،

    اسان جي رهي آهي رياضت چمي،
    چپن بس ڪئي آهي عبادت چمي.

    اکيون ڀل ڪري هوءَ ڪجليون اچي،
    حُسن کي ڏئي ٿي نفاست چمي.

    دلين تي هلي راڄ ٿو سونهن جو،
    ڪري جسم تي ٿي سياست چمي.

    چون ٿا ڀلو ڀاڳ گورن جو آهي،
    بڻي آهي جن جي هي رياست چمي.

    سڄو ڏينهن بهشت ۾ گذريو پرين،
    اوهان جو ڪئي اڄ هي عنايت چمي.


    آءُ تازو ڪر،

    آءُ تازو ڪر،
    گهاءُ تازو ڪر.

    ڏي چمي هڪڙي،
    چاهُه تازو ڪر.

    ساهه پنهنجي سان،
    ساهُه تازو ڪر.

    بيرخي ڇڏ پرين،
    ٺاهُه تازو ڪر.

    پاڻ سان جوڙي،
    نانءُ تازو ڪر.


    دُکي ٿي پئي دل،

    دُکي ٿي پئي دل،
    ڏکي ٿي پئي دل.

    پرين تو پڄاڻان،
    ڇڄي ٿي پئي دل.

    ڪري ڪيرُ پنهنجو،
    رُلي ٿي پئي دل.

    وري تون ملي پئه،
    چوي ٿي پئي دل.

    پٿر تي لڳو گُلُ،
    ٽُٽي ٿي پئي دل.

    زهر آ جدائي،
    سهي ٿي پئي دل.


    پيار جو پڇتاءُ وڌندو ٿو وڃي،

    پيار جو پڇتاءُ وڌندو ٿو وڃي،
    يار هي سوداءُ وڌندو ٿو وڃي.

    جيترو روڪڻ گهُران ٿو مان مٺي،
    ياد جو درياءُ وڌندو ٿو وڃي.

    عشق جي مرهم رکان ٿو دل مٿان،
    روح جو هي گهاءُ وڌندو ٿو وڃي.

    ذهن جي اوندهه ڇُهي ٿي شعر کي،
    شاعري ۾ شعاعُ وڌندو ٿو وڃي.

    آڱرين جا چپ ڇُهن ٿا ڇاتيون،
    سونهن تنهنجو ساءُ وڌندو ٿو وڃي.


    عشق جو آواز بڻجي ٿا جيئون،

    عشق جو آواز بڻجي ٿا جيئون،
    ها اسان ئي راز بڻجي ٿا جيئون.

    روح کي ٿو رقص وجداني ملي،
    ساھ جو ڪو ساز بڻجي ٿا جيئون.

    دل جي رياست ۾ ملي بالي اگر
    پاڻ پوءِ مير ناز بڻجي ٿا جيئون

    جنهن جو ڪو ئي انت ناهي او سکي،
    تنهن عشق جو آغاز بڻجي ٿا جيئون.

    جي وطن وقت ڪو ڏکيو اچي ٿو،
    پاڻ پو جان باز بڻجي ٿا جيئون.


    اسان وٽ محبتون ساڳيون،

    اسان وٽ محبتون ساڳيون،
    اوهان وٽ نفرتون ساڳيون.

    اسان وٽ تڙپ آ درد جي،
    اوهان وٽ راحتون ساڳيون.

    نه تون ڪو پيار ٿو آڇين،
    اسان وٽ چاهتون ساڳيون.

    دُکي ٿي دل اوهان کان پوءِ،
    نه آهن دلبريون ساڳيون.

    اڪيلا تو سوا آهيون،
    اچي ڏي ساعتون ساڳيون.


    ڪيترو پاڻ کي رولجي زندگي،

    ڪيترو پاڻ کي رولجي زندگي،
    پاڻ کي پاڻ ۾ ڳولهجي زندگي.

    پيار جي آ صدا پيار ڏي تون پرين،
    نفرتن ساڻ ڇو جهولجي زندگي،

    زندگي آ حرارت ٺري جي وڃي،
    دل ذهن جي کي ڇاڇولجي زندگي.

    ڪا به جي ڪامڻي اک ڪجل ٿي ڪري،
    پوءِ ان جي اکين ۾ ڦولجي زندگي.

    پيار جي ڇانوَ ۾ پيار ئي آڇجي،
    سج نفرت نه ڪو کولجي زندگي.


    وايون

    بي خوف ٿي گذاري

    بي خوف ٿي گذاري،
    گمنام زندگي هئي.

    هڪ هو وجود منهنجو،
    جنهن جي ڪئي آبياري،
    گمنام زندگي هئي.

    مشهور ٿيس ايڏو،
    بي نام ٿي پاڻ ڀاري،
    گمنام زندگي هئي.

    نڪري وئي وقت جي،
    جيئن هٿن مان واري،
    گمنام زندگي هئي.

    سوا تنهنجي سپرين،
    اسان ائين پئي گهاري،
    گمنام زندگي هئي.


    ساڳي ساڳي چاهت ڏي،

    ساڳي ساڳي چاهت ڏي،
    پيار هـــــــي مرڻو ناهي.

    دل دُکي آ ڪيڏو،
    تنهن کي راحت ڏي،
    پيار هـــــــي مرڻو ناهي.

    نفرت مان ورندءِ ڇا،
    مُرڪي محبت ڏي،
    پيار هـــــــي مرڻو ناهي.

    ڪُلفت من مٽائي،
    عشق ۽ اُلفت ڏي،
    پيار هـــــــي مرڻو ناهي.


    کـِــــلـــــي بيٺـــــو درازن ۾،

    کـِــــلـــــي بيٺـــــو درازن ۾،
    سهڻو يار سچل.

    مذهبن جـــــا ڳجهه ڄاڻي،
    زمر رکي ويو رازن ۾،
    سهڻو يار سچل.

    ڪري دل دنـــــبـــــورو،
    سچ سڻـــــائي ٿو سازن ۾،
    سهڻو يار سچل.

    صوفيت جي روح مٿان،
    گهمي ويـــــو نـــــازن ۾،
    سهڻو يار سچل.


    منهنجي مـــــن ۾،

    منهنجي مـــــن ۾،
    جـــــوت جـــــلائـــــي،
    ڪيڏانهن هوءَ وئي.

    ساهـــــن ســـــان هو،
    ســـــاهـــــه مـــــلائـــــي،
    ڪيڏانهن هوءَ وئي.

    دل کـــــي دردن جـــــا،
    ڌڪ لڳـــــائـــــي،
    ڪيڏانهن هوءَ وئي.

    پياس پيار جي کي،
    ســـــحـــــرا بـــــڻـــــائـي،
    ڪيڏانهن هوءَ وئي.

    منهنجي اکڙين مان،
    ســـــارنـــــگ برسائي،
    ڪيڏانهن هوءَ وئي.


    ڌرتي آزارن ۾،

    ڌرتي آزارن ۾،
    ڪهڙي عيد ڪجي.

    دهشت ڦهليل آ،
    شهر بازارن ۾،
    ڪهڙي عيد ڪجي.

    سچل سچ چئي ويو،
    ها دوست درازن ۾،
    ڪهڙي عيد ڪجي.

    ڪجهه ته لڪيل هوندو،
    رقيب جي رازن ۾،
    ڪهڙي عيد ڪجي.

    زندهه هوندي “وفا”،
    آهيون مزارن ۾،
    ڪهڙي عيد ڪجي.


    دل جــي ويران وستي،

    دل جــي ويران وستي،
    اچي آباد ڪر.

    سورن ۾ حيات گذري،
    سونهن سان او سرتي،
    اچي آباد ڪر.

    ٿر جيان آ رُڃ سحرا،
    من اندر جي ڌرتي،
    اچي آباد ڪر.

    نيڻن جـــــو جـــــام پيار،
    اها ساڳئي مستي،
    اچي آباد ڪر.

    تو سوا اُجـــــڙيل آهي،
    “وفا” جي هي هستي،
    اچي آباد ڪر.


    ڳوڙهـــــا ڳوڙهـــــا ٿي،

    ڳوڙهـــــا ڳوڙهـــــا ٿي،
    چنڊ وڪامي ويو.

    رات رڙيون ڪيون،
    هن جي ڪنهن نه ٻڌي،
    چنڊ وڪامي ويو.

    لالچ جـــــي ڪونه اڃا،
    اوندهه آهي کُٽي،
    چنڊ وڪامي ويو.

    ديد ڪئي اک ڇنڀ ۾،
    گم ٿي وئي روشني،
    چنڊ وڪامي ويو.


    چاهتن جـــــي ديـــــس ۾،

    چاهتن جـــــي ديـــــس ۾،
    نفرتن جو آهي هُل.

    خوشبو روئي پئي،
    شاخ تـــــان ڪِريو ڪنول،
    چاهتن جي ديس ۾.

    هڪ چمي سان ڊاهجي،
    بيرخين جو هي جبل،
    چاهتن جي ديس ۾.

    نرگسي احساس ٿا،
    تلـــــخ لهجا ڪن قتل،
    چاهتن جي ديس ۾.

    دل صحيفو پاڪ ٿي،
    روح تنهن جو ٿي رحل،
    چاهتن جي ديس ۾.

    درد تنهنجي جو “وفا”،
    ڪير ڳولهـــــي يارحل،
    چاهتن جي ديس ۾.


    پـــــيـــــار آهـــــي زندگي،

    پـــــيـــــار آهـــــي زندگي،
    تنهن جي پوڄا ڪجي.

    چمين جـــــي طـــواف سان،
    سونهن بڻائي بندگي،
    تنهن جي پوڄا ڪجي.

    روح کـــــي سڪون ڏي،
    اهڙي جو ملي خوشي،
    تنهن جي پوڄا ڪجي.

    ســـــڪ ۽ پيار مـــــان،
    مسڪرائي جو به ڏسي،
    تنهن جي پوڄا ڪجي.


    روح ٿي رهـــــڙي ڇڏي،

    روح ٿي رهـــــڙي ڇڏي،
    ڏات جي ديوي ميان.

    ننڍ ڏي وينـــــدڙ سڀئي،
    رستا ٿي موڙي ڇڏي،
    ڏات جي ديوي ميان.

    ڪاغذن جـــــي ديس ۾،
    خيما ٿي کوڙي ڇڏي،
    ڏات جي ديوي ميان.

    شاعري جـــــي سمنڊ ۾،
    خيال ٿي لوڙهي ڇڏي،
    ڏات جي ديوي ميان.


    اسٽوپا تـــــي چنڊ لٿو،

    اسٽوپا تـــــي چنڊ لٿو،
    سنڌ جرڪي پئي.

    هولي جـــــا رنگ اڏريا،
    دل مندر ۾ گهنڍ وڳو،
    سنڌ جرڪي پئي.

    پيار ئـــــي پيار هيو،
    دل تان لٿو نفرت سڳو،
    سنڌ جرڪي پئي.

    مذهب جـــــي چـــــادر ۾،
    هـــــر روح صـــــوفي لڳو،
    سنڌ جرڪي پئي.


    مـــــڪـــــلي کـــــي جاڳــائي،

    مـــــڪـــــلي کـــــي جاڳــائي،
    تاريخ نئين لکجي.

    ڏاهـــــر هجي هيرو،
    هوشو کي همٿائي،
    تاريخ نئين لکجي.

    جن جن ڪاهه ڪئي،
    سي سڀ ٻيهر مارائي،
    تاريخ نئين لکجي.

    ديس سڙي ٿو پيو،
    امن جو اَنگاس لهرائي،
    تاريخ نئين لکجي.

    سَمبارا جي پازيب لڀي،
    موهن دڙي کي کوٽائي،
    تاريخ نئين لکجي.

    اڳ جا لکي ويئي،
    سا درياءَ ۾ لوڙهائي،
    تاريخ نئين لکجي.


    ڪير اوندهه مـــــان ڏسي،

    ڪير اوندهه مـــــان ڏسي،
    گهاءُ روشني جو.

    ڏور آڪاس تان پيو،
    مـــــون ڏي هر هر اچي،
    سڀاءُ روشني جو.

    چڪور جيـــــان من هي،
    چنڊ چهرو پيو پسي،
    چاهُه روشني جو.

    تنهنجي حُسن جو “وفا”،
    ڪيئن دل هـــــي سَهي،
    تاءُ روشني جو.


    ڌرتـــــــــي لـــــئــــه آهـــــي،

    ڌرتـــــــــي لـــــئــــه آهـــــي،
    جاڳ اسان جي.

    آڌيءَ جـــــــو اچـــــي،
    ڇـــــا ٿـــــي هـــــي چاهـــــي،
    جاڳ اسان جي.

    مارُن جـــــا درد ســـــڀ،
    هڪ ڏينهن ڇڏيندي لاهي،
    جاڳ اسان جي.

    پـــــيـــــار بـــــنـــــا تنهنجو،
    “وفـــــا” ڪجهه ناهـــــي،
    جاڳ اسان جي.


    نظم

    چاهت

    اوهان جون چاهتون ميڙي
    رکيون شوڪيس دل جي ۾
    چميون ڀاڪر ۽ ڪجهه يادون
    ڪنوارا خواب ها تن سان
    ۽ ڪجهه ها خواب ڌرتي جا
    سڀئي ها شانتي وانگي
    چٽا ها چاندني وانگي
    سڀئي تحفا سکي تنهنجا
    سڀئي ها راحتون ميڙي
    اوهان جو چاهتون ميڙي
    رکيون شوڪيس دل جي ۾
    اوهان جي سار تڙپائي
    پئي ٿي روح چيڀاٽي
    ملڻ تون يار جلدي آ


    وري آ بهار جلدي آ
    مگر ڪهڙي خبر جانان
    خزان ڀي ڪا خزان ايندي
    اکين جا خواب هي سارا
    ڇڻي ڪِرندا نه ڄاتو مون
    اسان جو عشق هي جانان
    ائين ٽُٽندو نه ڄاتو مون
    پکي سارا امن جا هي
    لڏي ڌرتي ڇڏي ويندا
    امن جا گيت سڀ ساٿي
    دفن سارا ڪيا ويندا
    اسان جي قوم جا جوڌا
    ائين قتلام ٿي ويندا
    اندر جا هي وڏا کوٽا
    اچي هت ظلم هو ڪندا
    سڄي ڌرتي ڌڏي ويندي
    سچي چاهت ٽُٽي ويندي
    پرين محبت ڦِٽي ويندي
    ۽ دل موهن دڙي وانگر
    ائين ميسارجي ويندي.


    حسن درس کي ڀيٽا

    حسن درس کي ڀيٽا

    مشائخ تي ستو پيو آ
    ڪفن هو جاڳ جو پهري
    وڇائي درد جو بستر
    نمن جي ڇانوَ کان پرتي
    بڙن جي ڇانوَ جي هيٺان
    بيهاري ڪُميت هو گهوڙا
    مشائخ کي ٿو جاڳائي
    سچل کي هو سڏي ٿو پيو
    پريان الفي گيڙو پهري
    اناالحق الاپيندو
    اچي رومي پڳو آهي
    مٿان منصور لامذهب
    ڪري ٿو روشني سڀ تي
    سڀئي يار ڏس گڏجي
    حسن کي جام آڇين ٿا
    حسن صوفي عقيدت سان
    پيو ٿو جام کي اوتي
    اناالسنڌ الاپي
    پرين جي پاڇي ۾ ويهي
    اڃا ٿو پيار هو آڇي
    پيار کان هو ٿڪو ناهي
    اڃا ٿيو هو جهڪو ناهي.


    چُمي

    چُمي

    اکين ۾ رنگ ٿي اوتي
    نهاري چاهه مان مون ڏي
    ستل احساس ٿا جاڳن
    اکين جي ميڇ سان جڏهين
    چپن جو جام ٿي آڇي
    ائين محسوس ٿئي ٿو ڄڻ
    بدن ۾ روح ٿي ڦوڪي
    چوي ٿي چاهه مان مرڪي
    جدا جاني نه ٿيندا سي
    گلابن ڏي نهاري ۽
    وري مرڪي چوي ٿي هو
    نڀائڻ جو وچن ڏي تون
    ڦڪي مان مرڪ ٿو مرڪان
    اندر سارو ڀُري ٿو پئي
    چوان ٿو اي سکي تنهنجي
    محبت مون لئه امرت آ
    مگر منهنجي نصيبن ۾
    چڳن جي ڇانوَ ئي ناهي
    آ منهنجو عشق ڌرتي سان
    چپن جو جام تون آڇي
    اندر کي درد ٿي آڇين
    پرين سيني اندر ڏسندين
    اندر آ سنڌ جو نقشو


    رڳن ۾ خون جو آهي
    پرين سارو هي سنڌو آ
    اکين ۾ ڏار ڇو آهن
    خبر ناهي پرين توکي
    اهي ٿي درد پنهنجا جا
    وطن جي ئي غدارن جا
    اندر کي درد وڍ ڏي ٿو
    نڙي ۾ لفظ ٿا اَٽڪن
    ۽ ڦٿڪي ڄڀ ٿي منهنجي
    ۽ ٿڙڪن چپ ٿا منهنجا
    اندر آواز ٿو دٻجي
    وري ڀڻڪي چوي ٿي هو
    برابر سنڌ آزادي
    گهري پيئي ٿي صدين کان
    سيد جو خواب ٿي پورو
    وطن لئه ويڙهه جاري رک
    وچن آهي منهنجو توسان
    ستارن سيج تي جڏهين
    ڪَتي اُڀري جڏهن ايندي
    وري توساڻ ملنديس مان
    جڏهن آزاد سنڌ ٿيندي
    هٿن تي هو چمي ڏيئي
    اُٿي مُرڪي هلي ويئي.


    ڀنورو

    ڀنورو

    ٻولي ڄڻ ڦلواڙي آهي
    جنهن ۾ سرها لفظ گلن جا
    خوشبو وانگر کڙندا آهن
    تن جو واس وٺڻ لئه ڀنورا
    هر هر ڦيريون پائيندا آهن
    لفظن جي گل مکڙين کي
    هر هر پيا چاهيندا آهن
    تن ڀنورن مان هڪڙو ڀنورو
    ٻين ڀنورن کان بنهه نرالو
    ڳاڙهي تازن گلن ڦلن جو
    رس چوسيندو رهندو آهي
    گيت ڳائيندو رهندو آهي
    خوشبو وارن گل لفظن مان
    سرها سرها پيار ڀريل هو
    شعر ٺاهيندو رهندو آهي
    ڀنورو بنهه نرالو ڀنورو
    لوڪ چوي ٿو جنهن کي شاعر
    ڌرتيءَ ۽ سرتيءَ جو شاعر.


    دوکو

    دوکو

    دنيا ساري دوکو آهي
    دوکي ۾ هن رنگ سڀئي
    جي تون سوچين دوکو آهين
    مان پڻ سچ ۾ دوکو آهيان
    ڇو جو مون سان مان به آهي
    مان ۾ به ڏاڍي لذت آهي
    پر تنهن لذت ۾ لذت ناهي
    مون کي منهنجي سرت تي ماري
    ڇو جو هوءَ پاڻ مئل آ
    مون کان پاڻ کي اعليٰ سمجهي ٿي
    پر جي هو سمجهه ڪا ڌاري
    پاڻ کي هوءَ ائين نه ماري
    دنيا جا نه هو ماڻهو کاري
    ايڏو تن کي هوءَ نه ڳاري
    جي هو جاهل گڏجي هڪ ٿي
    ڪنهن بيواهه پٽڪي وانگر
    دنيا کي گهٽ وڌ ڳالهائين
    پنهنجي ذات جي خاطر
    نه هو خواهش جاڳائين
    پنهنجي دنيا ڪونه سنوارين
    انهن جي جا دنيا آهي
    تنهن دنيا ۾، جي دنيا جي


    هر هر جو هي خواهش جاڳي
    ڇا پوءِ سا پوري به ٿيندي
    جي خواهش هي پوري ٿيندي
    پوءِ ته دنيا ساڳي رهندي
    ساڳي رهندي ڪونه هي ڊهندي
    پر هو منهنجي دنيا جا ويري
    منهنجي دنيا ٿا ڊاهڻ چاهين
    پنهنجي دنيا ٿا ٺاهڻ چاهين
    جنهن جا پاڻ رکوالا هوندا
    هن دنيا کي ڪوڙي چئي
    پنهنجي ڪوڙ کي پرچائيندا
    ها جي دنيا ڪوڙي آهي
    پوءِ هتي ائين ڇو آهي
    دنيا سان جو پيار ڪري ٿو
    سو ايڏو ڇو سوکو آهي
    جيڪي دوکو، دوکو ڪن ٿا
    دوکي ۾ سي پاڻ رهن ٿا
    مان ته پنهنجي دنيا جو آهيان
    پاڻ کي ان جي لئه ٿو ٺاهيان
    تنهن جي هر انسان کي چاهيان
    دنيا دوکو ناهي پيارا
    جي تون سوچين هٿرادو ڏاها
    دنيا توکي دوکو نه لڳندي
    دوکو تنهنجو دوکو لڳندو.


    موڪلاڻي

    موڪلاڻي

    جڏهن شام ڌاري
    اسان پيار مان هو
    اداسين جي نيري
    اُڀ ڏي نهاري
    ٻه ٽي لڙڪ هاري
    اوهان جي مياري
    نگاهن کي چمندي
    هيو موڪلايو
    تڏهن هو اسان کان
    اسان جي ئي ساهن
    هوا جي اشارن
    اوهان جي ته ٽهڪن
    اسان جي ته لڙڪن
    هيو موڪلايو


    تڏهن سنڌ ساري
    ته ڄڻ موڪلايو
    جڏهن جو ستمگر
    چيو ڄام شوري
    ته سڏڪي اسان کي
    اگر موڪلائي
    وڃو ٿا پيارا
    اها وينتي آ
    ورسٽي ۽ مون کي
    اوهان پنهنجي دل تان
    وڃي دور مون کان
    وساري نه ڇڏجو
    ميساري نه ڇڏجو.


    مانگر مڇ

    مانگر مڇ

    نه مانگر مڇ اهو ساڳيو
    نه آهي مورڙو ساڳيو
    نوان راڪاس آيا هن
    ڪراچي کي وري ڪُهندا
    وٺي جلاد آيا هن
    وري ساڳي ئي مقتل تي
    نه هن کي هو سڃاڻن ٿا
    رهيو اٿس ساٿ ۾ جيڪو
    سمندر سو به سوچي ٿو
    اڪيلو مان ئي رهندس
    حسن جي ئي هجومن ۾
    حسينن کي خوشيون ارپي
    سدائين مست ئي رهندس


    رهزنن سوچ نئين ٺاهي
    ديوارن جي زنجيرن سان
    سمندر کي ٻڌو آهي
    اهوئي ڊپ پيو کائي
    ڪراچي کي پيو هردم
    اگر سمنڊ کي ويا هيسائي
    ته پو مان ته ڪجهه ناهيان
    نوان مانگر مڇ هي مون کي
    بنا ڪنهن اوڳرائي جي
    ڪچوئي ڳهي ويندا
    ڀري رت مان هو پئمانا
    خوشي سان ڳڙڪي ويندا
    اچي مون کي بچائي ڪو
    سنڌي جيڪو سڏائي ٿو.


    ڌرتي

    ڌرتي

    نرالي ڪا پري آهي
    اها جا ڇوڪري آهي
    رهي ٿي ڄام شوري ۾
    هڳائن جي هندوري ۾
    اکيون ڄڻ هن جون سيتا جي
    پويتر مورتي وانگي
    چپن تي پياس ٿي تانگهي
    ته هر هر نيڻ پيا چمجن
    نوان ڪي واس پيا وٺجن
    جڏهن هوءَ زلف ٿي ڇوڙي
    تڏهن خوشبو ٿي شرمائي
    وڃي ٿي رخ بدلائي
    نشيلا نيڻ جاني جا
    چمي ٿي روز چانڊوڪي
    جڏهن سامهون اچي ٿي هو
    ته دل تيزيءَ سان ڌڙڪي ٿي


    جتائي عشق ٿي جڏهن
    تڏهن هي خيال جاڳي ٿو
    اسين رولاڪ رستن جا
    نه پنهنجو ڪو ٺڪاڻو آ
    اسان جي سيج گهاڻو آ
    اسان جو عشق سرتي سان
    اڃا تائين هلي ٿو پيو
    اهو اعزاز ماڻيون ٿا
    وري دل ڳاڙهي جهنڊي ڏي
    ڏسي هي يار مرڪي ٿي
    چوي پاٻوهه مان هيئن ٿي
    اهي ساريون حسينائون
    ڇڏيان مان ديس ٿا گهوري
    ڏيان هي ماس ڀي ڪوري
    اسان جو سنڌ سرمايو
    اچو سڀ سيني سان لايو
    اسان جو عشق ڌرتي سان
    اسان جو پيار ڌرتي سان.


    ثقافت

    ثقافت

    ثقافت سون جهڙي آ
    ثقافت سج جيان آهي
    ثقافت سونهن آ پنهنجي
    ثقافت ساهه جيان آهي
    ڪيون تنهن کي اُجاگر اچ
    پهري ٽوپي ۽ اجرڪ
    جي سوچين تون ثقافت آن
    ثقافت آءٌ پڻ آهيان
    ثقافت ڏينهن تي گڏ ٿي
    وچن هڪڙو ڪيون گڏجي
    ثقافت زندهه رکڻي آ
    ته رهبو پيار سان گڏجي
    امن کي آڻبو هتڙي
    اصل جيڪا ثقافت آ
    اهائي سنڌ آ پنهنجي
    امن جند آ جنهن جي
    انهي تي ساهه گهوري ڇڏ
    امن ۽ پيار کي آڻي
    ثقافت کي سنواري ڇڏ.


    بغاوت

    بغاوت

    گدائي روپ ڌاري ڪو
    ۽ ظالم کي ڌتاري جو
    سڏي مظلوم کي جيڪو
    وٺي هر حق ڏياري جو
    مڃون تنهن کي اسان پنهنجو
    ٿئي افسوس ٿو يارو
    اسان جهڙن اديبن جو
    جتي رت ديس آ سارو
    دليون بيروت بڻيل هِن
    اتي ڦاٿل اڃا آهيون
    اسين شاعر ڇسي چمين ۾
    اسان کي ڪو ته سمجهائي


    گدائي روپ جو ڌاري
    جڏهن هي ديس آ قيدي
    ته قيدي جي چمي ڪهڙي
    صفا بي سود آ ٿيندي
    جتي آزاد ڌرتي آ
    چمي جو اتي لطف آهي
    اتي مذهب چمي آهي
    مڃان ٿو مان او سرتا
    چمي آ زندگي پنهنجي
    جي ٿورو سوچجي يارو
    جتي بک ٻارڙا ماري
    رهي ممتا عذابن ۾
    اتي پنهنجي بغاوت آ
    انهن بي سود چمين کان
    بغاوت آ، بغاوت آ.


    ڪاري سياست

    ڪاري سياست

    تون ڇا ڄاڻي ڌرتي ڇاهي
    مارون ڇا هِن سانگي ڇا هِن
    تن کان وڌ آ توکي پياري
    پنهنجي ڦرڻي ڪرسي ڪاري
    توکي ڪائي لڄ ئي ناهي
    تنهنجي گهر جي منهن تي ماڻهن
    ڪاري دانگي ڦيري آهي
    تنهن تي ٿورو جهاتي پائي
    پنهنجي منهن تان عينڪ لاهي
    شايد تو گاڏيءَ مان لهندي
    ليئو پائي نهاريو ناهي
    تنهنجي گهر جي منهن تي دانگي
    ڪارنهن جا ٿي ليڪا پائي
    تنهن تي تنهنجي ڪوڙي مفاهمت
    روزانو پئي ٿي تيل مکائي
    تنهن پاسي تو سوچو ناهي
    ڪارنهن ڪارنهن بڻجي ويئي
    تنهنجي ڪاري سياست آهي.


    زخمي چانڊيو کي ڀيٽا

    زخمي چانڊيو کي ڀيٽا

    ماڻهو جيڪو ورڻو آهي!
    ماڻهو جيڪو مرڻو ناهي
    تنهن جو مٽ ڪا گولي ناهي
    رت جي هي ڪا هولي ناهي
    هن جي هڪڙي ڳالهه انوکي
    پيار مٽي سان مٽي واسي
    ان جي انهي سادا پن تي
    ڪجهه بگڙن کي ڪاوڙ آئي
    ڪتن وانگر ان تي ڏمريا
    تن کي ڪائي سُڌ نه آئي
    ههڙا مڙس مٿير نه مرڻا
    گجگوڙن سان هر هر ورڻا
    پر ڪائنر تو اهو نه ڄاتو
    ماڻهو هي نه مئو گولي سان


    تو جا گولي هنئي شاعر کي
    سا ته لڳي توئي ڪائنر کي
    توکي آءٌ ٻڌايان ڇا ڇا
    گولِي جا تو ٺاهي آهي
    ان سان سنڌ هي مرڻي ناهي
    مون کي پڪ ڏني آ ڌرتي
    شاهد آهي هر هڪ ماڻهو
    جنهن کي ڊکڻ ساهه ڏنو
    ۽ لاڙڪاڻي ويساهه ڏنو
    سو او ڪانئر مرڻو ناهي
    دل منهنجي هي مڃي ٿي
    هو ورڻو آ مرڻو ناهي
    هو ڏس وريو ڪالهه جلدي
    خالد(1) بڻجي ساجد(2) بڻجي.



    1. خالد 2. ساجد زخمي چانڊيو جا فرزند


    وقت

    وقت

    ڦڙي ڦڙي وسي پئي
    اسان جي روح جي مٿان
    جسم هي پسي پيو
    انگ انگ ٽُٽي پيو
    سنڀاليون ڪيترو ڀلا
    سمونڊ جذبن جو اندر
    ڇلي پيو وڌي پيو
    اڪيلا جيئون به ڪيترو
    تو سوا او سانورا
    اٻاڻڪا اڪيلڙا اويلڙا
    اسان جي صبح به وئي
    رنگين شام ٿي وڃي


    اسان کان کسڪندي وري
    ڊسمبر به ويو هليو
    وڃي ٿي جنوري پرين
    اسان جي تون اڪيلائي
    دور جي ڪري سگهين
    ته آءٌ گرم ساهه ڪيون
    اسان جي روح ۾ رهي ٿي
    اُڃ صدين جي پرين
    انهي کي چپن سان وري
    اُجهاميون اُجهاميون
    اچين ته آءُ تون پرين
    ورين ته واءُ ٿي پرين
    اڃا ويو نه وقت آ
    اڃا ويو نه وقت آ.


    اسان عثمان مروندي

    اسان عثمان مروندي

    اسان عثمان مروندي
    سدائين رقص ۾ رقصان
    هڻون ٿا حيدري نعره
    نچائي روح پنهنجي کي
    ڪيون ٿا عشق کي سجدا
    پچائي جسم هي پنهنجو
    رهون ٿا مست الستي ۾
    اسان کي خوف بمڙن جو
    اوهان پارن ته بگڙن جو
    ڪڏهن ڀي ڪو رهيو ناهي
    اسان صوفي قلندر هون
    اسان جي دل دنبورو آ
    اسان عالم لئه آبادي
    ڪئي آ تو ته بربادي
    اسان جو عشق هي تنهنجو
    اڃا ڀي نور وڃائيندو
    اڃا توکي رلائيندو
    اسان هوٿي مشائخ هون
    اسان ئي عشق شائق هون

    اسان کي تون ڇا مِٽائيندين
    اسان جو جسم هي گيڙو
    انهي کي تون ڇا لاهيندين
    اسان جي دل قلندر آ
    درازا پنهنجو اندر آ
    سدائين رقص ۾ آهيون
    الستي عڪس ڊاهيندين
    ٻڌي ڇڏ او انڌا ٻوڙا
    رکيل آ روح ۾ رقصان
    اسان چيزل جا متوالا
    اسان جهوڪن جا رکوالا
    ڪڏهن بڻيا ٻڍل آهيون
    ڪڏهن هون بودلا بودي
    ڪڏهن سامي سچل آهيون
    ڪڏهن ڀڳت ڪنور آهيون
    اسان نالي الک آهيون
    اسان عثمان مروندي
    سدائين رقص ۾ رقصان
    هڻون ٿا حيدري نعره
    ڪيون ٿا عشق کي سجدا.


    سُرت

    سُرت

    چون ٿا يار سڀ مون کي
    سماجي سُرت ڪانهي ڪا
    مڃان ٿو مان حقيقت آ
    نه جنهن ۾ واڌ ڪا آهي
    نه منهنجي سوچ سماجي آ
    نه مان ماڻهو سماجي آن
    ڪڇان ٿو مان اگر تن کان
    چون ٿا دين ۾ ناهين
    ڪڍي ايمان مان مون کي
    ڪرڻ سنگسار چاهين ٿا
    اهو هو ڇو نه ٿا سوچن
    جو بُکيا ٻار ٿو ٺاهي
    نه جن لئه ڪو ڳڀو آهي

    نه جن لئه ڪو لٽو آهي
    نه جن لئه ڪو اجهو آهي
    جي انهن جو خدا آهي
    خدا سو پاڻ ئي سوچي
    سماجي سوچ سو ٺاهي
    اسان لئه پيار جو پاڇو
    چمين جي ڇانوَ ڪافي آ
    اسان کي ڪانه ٿي گهرجي
    سماجي سوچ جي پيڙا
    وڃي او يار سمجهايو
    اوهان پنهنجي ئي آقا کي
    مڃي پنهنجي ئي هستي کي
    خدا جي واسطي يارو
    سماجي سُرت ڪا ڌاري.


    سڦل زندگي

    سڦل زندگي

    جواني عشق تنهنجي ۾
    اڃا تائين جلي ٿي پئي
    اچي تون عشق آتش کي
    مٺي ماٺو ڪري وڃجان
    چمي ڀاڪر ڀري وڃجان
    نه پنهنجو تو ڪيو جانان
    نه ڪنهن جا ٿي سگهيا آهيون
    اسان کي مُرڪ پنهنجي ۾
    سجايو ڪو نه تو جانان
    اسان کي روح پنهنجي ۾
    لڪايو ڪو نه تو جانان
    سڏي پنهنجي تون نيڻن جي
    پناهن ۾ رکين ها جي
    اسان پنهنجي هي ڀانيون ها
    سڦل پوءِ زندگي جانان.


    مدن فقير

    مدن فقير

    فقيري ويس اوڍي هو
    اچن ٿا ڀٽ ڌڻي توڏي
    خدا ڀي تن جي دلين کي
    ذرو ڀي ڪونه ٿو لوڏي
    اَنائن جا کڻي کوڙا
    ڪنن کان هو انڌا ٻوڙا
    نه ٿا دل کي دنبورو ڪن
    نه ٿا ڪي آيتون سمجهن
    نه ئي آڳنڌ تنهنجي جي
    ٿڌيري هير کي پُرجهن
    ڀٽن تان راڙ ايندڙ کي
    ڪڏهن ڀي ڪونه ورنائين
    پويتر ڀٽ ڌڻي تنهنجي

    اچي ان آستاني تي
    اڃا ڀي ڪونه ٿا سُڌرن
    خودي جي خول مان نڪرن
    ڏسين ٿو ڀٽ ڌڻي تون هي
    سُڻي ٿو هو ڪراڙي ڀي
    سڄي هن عُرس تنهنجي مان
    ملي ٿو جو درس سڀني کي
    اهو آفاقي جو آهي
    رڳو نالي جي ماتر هي
    اچي گيڙو پيا پائين
    ڏسي هي ماجرا ساري
    فقيري جو علم بردار
    مدن ٿو ڪُنڊ ۾ روئي
    پليتن جي اچڻ تي هو
    سڄو آڳنڌ پيو ڌوئي.


    اياز جاني کي ڀيٽا

    اياز جاني کي ڀيٽا

    دعا جا نيڻ آلا ها
    هٿن کي ديد ڪاٿي هُئي
    اوهان جي موڪلايو هو
    اسان جي عيد ڪاٿي هُئي
    سمورا پل ويا بڻجي
    ڏهين عاشور جهڙا ها
    اوهان کانپوءِ ڪيئن آهيون
    پڇي ٿي روز هي دلڙي
    ٽٽل شيشي جيئن آهيون
    اهو منصور(1) آ ساڳيو
    اهو سرمد(2) به مرڪي ٿو
    جنين جي جيءَ سان دل جو
    سڄو هي جڳ جرڪي ٿو
    چون ٿا تون ڪٿي آهين
    سڏي ٿو لاڙڪاڻي هي
    ڇڏي ان نئين ديري کي
    اچي پنهنجي بسيري تي
    وري مرڪون وکيري وڃ
    اسان جو پيار آ ٽڪرا
    انهي کي تون سهيڙي وڃ.



    (1) منصور ۽ (2) سرمد اياز جاني جا فرزند


    نثري نظم

    عشق

    عشق
    جنهن به
    دل کي
    ڇهي ٿو وڃي
    سا دل
    ڪڏهن به
    مرده نه ٿي
    ٿي سگهي.


    مذهب

    اي ملان
    مذهب
    انسان کي
    سنوارڻ لاءِ
    خالق خلقيو آهي
    پر تون ته
    مذهب
    ۽
    انسان کي
    سينواري رهيو آهين.


    سونهن

    تون چنڊ کان به
    وڌيڪ حسين آهين
    چنڊ به تنهنجي
    سونهن پسڻ جو
    محتاج آهي
    تون آئينو نه ڏسندي ڪر
    ڇو ته
    دنيا جا سڀ آئينه
    تنهنجي سونهن
    ڏسڻ لاءِ
    آتا آهن
    منهنجي اکين جيان.


    شاعري

    شاعري

    شاعري
    روح جو
    عڪس آهي
    جيڪو
    شاعرن جي
    اکين جي
    گهرائي ۾
    هر ڪنهن کي
    نظر ناهي ايندو.


    ڪائنات

    ڪائنات

    مٺي
    ڪائنات جي
    هن وشالتا ۾
    جيڪڏهن
    تون
    ناهين ته
    پوءِ هي
    ڪائنات مونکي
    تمام
    سوڙهي ٿي لڳي.


    پالنا

    پالنا

    شهر جي
    چوڌاري
    ڪتا ڀؤنڪن ٿا
    هڪ چالاڪ ڪُتي
    شهر ۾ داخل ٿي
    شهرين کي
    ڏاڙهي وڌو آهي
    شهر جي
    ميونسپل انتظاميه
    ۽ حڪومت
    ڪُتي کي
    مارڻ بجاءِ
    ان جي
    پالنا پئي ڪري.


    فراريت

    فراريت

    منهنجا دوست
    اڪثر ڪري
    منهنجي
    فراريت تي
    کِلندا آهن
    ۽ ڪائنر پڻي
    جا لقب ڏيندا آهن
    مان
    اڪثر اڪيلائي ۾
    سوچيندو آهيان
    ته منهنجا دوست
    پوءِ
    ائين ڇو چوندا آهن
    ته
    ڀڄڻ ڪم به وريامن جو.


    اَلميو

    اَلميو

    زندگي جو
    وڏي ۾ وڏو
    اَلميو
    اهو آهي
    جڏهن
    نفرتن جي
    دز ۾
    پيار
    دٻجي وڃي ٿو.


    معذرت

    معذرت

    اخبارون
    روزانو
    ڪوڙ لکنديون آهن
    پوءِ به
    اخباري ادارا
    ڪڏهن به ڪو
    ترديدي
    بيان هلائي
    سچ کان
    معذرت
    ناهين گهرندا.


    تبديلي

    تبديلي

    سماج ۾
    وڏي تبديلي
    اچي رهي آهي
    جو ڪتاب
    مهانگا
    ۽ جسم فروشي
    سستي ٿيندي پئي وڃي.


    ڀيانڪ تصوير

    ڀيانڪ تصوير

    ويٺي ويٺي
    منهنجي اکين آڏو
    سماج جي
    ڀيانڪ تصوير!!
    ٺهي پوي ٿي
    جنهن ۾
    لائبريريون ۽ درسگاهون
    ويران نظر اچن ٿيون
    وڊيو سي، ڊي جي
    اگهاڙين فلمن جي دڪان
    ۽ بازار حُسن تي
    ماڻهن جي رش آهي.


    پورٽريٽ

    پورٽريٽ

    سماج
    اگهاڙي عورت
    جو پورٽريٽ
    بڻجي ويو آهي
    جنهن کي
    هرڪو
    حوس جي
    نگاهن سان
    ڏسي رهيو آهي.


    پاڪ رشتا

    جنسيات
    جو مرض
    سماج کي
    اجگر جيان
    وڪوڙي ويو آهي
    جنهن پاڪ پوتر
    رشتن کي به
    ڳهي ڇڏيو آهي.


    جيون

    اسان جو
    جيون
    پينو فقير جي
    ڪشڪول ۾ پيل
    ان کوٽي سڪي
    جيان آهي
    جنهن کي
    وقت
    ردي سمجهي
    اُڇلائي ڇڏيو آهي.


    ڪراس نوٽ

    اسان جو
    جيون
    ڪراس نوٽ
    جيان آهي
    جنهن کي
    ڪو به شخص
    قبول ڪرڻ
    نٿو چاهي.


    سهارو

    مٺي
    تنهنجو ساٿ
    منهنجي رولاڪ
    روح لئه
    بيساخين جيان
    سهارو هو
    تنهنجي
    وڇڙي وڃڻ کان پوءِ
    هي معذور
    بڻجي ويل
    روح
    اچي ڏس
    ڪيئن تڙپي
    رهيو آهي
    تو لئه.


    ٽي لفظ

    پرين
    منهنجي
    سپنن جي
    شيش محل کي
    تو بيرخيءَ جا
    ٽي لفظ چئي
    چڪناچور
    ڪري ڇڏيو
    ياد ڪر
    تو چيو هو
    آءِ، هيٽ، يو.


    انڪار

    مٺي
    تو جڏهن
    منهنجي
    پيار کان
    انڪار ڪيو
    تڏهن
    منهنجن سپنن
    اکين جي
    ست ماڙ
    منزل تان
    هيٺ ڪِري
    خودڪشي
    ڪري ڇڏي.


    روشني

    سج
    تنهنجي
    بي لوث
    روشني به
    اسان جي
    اوندهه بڻيل
    جيون کي
    روشني جو
    لباس
    پهرائي ناهي سگهي.


    اڏوهي

    سماج
    جيڪو پيار جو
    پرچارڪ هو
    تنهن کي
    نفرت، حسد، ساڙ
    جي اڏوهي لڳي ويئي آهي.


    زندگي

    بُک ۽ افلاس
    زندگي کي
    ڳولهي رولي
    حيات جي دڳ تي آڻي
    پڪو ڪري ٿي.


    اکيون

    پرين
    منهنجي
    دل جون اکيون
    تنهنجي سونهن جي
    جام کي اوتي
    هر وقت
    خمار ۾ رهن ٿيون.


    پنجڪڙا

    پنجڪڙا

    چنڊ ڀي مون وانگيان ٿو ڪري آوارگي،
    سونهن کي ٿو هرهنڌ هو پنهنجو ڪري،
    ڄڻ ستارن جي هنياءَ تي ٿو مڱ ڏري،
    عاشقي کي ٿو مڃي هو زندگي ۽ بندگي،
    چنڊ ڀي مون وانگيان ٿو ڪري آوارگي.

    چنڊ ڀي آ مون جيان عاشق مزاج،
    پيار جا سنديس ڏي ٿو ڀونءِ کي،
    روز ڪِرڻن سان چمي ٿو ڀونءِ کي،
    کيس روڪي ڪين سگهندو ڪو سماج،
    چنڊ ڀي آ مون جيان عاشق مزاج.


    چنڊ ڀي ٿو سونهن جي پوڄا ڪري،
    سونهن جيڪا سچ جو ٻيو روپ آ،
    سونهن ڌاران ٻيو ته سڀ ٻهروپ آ،
    سونهن جي سنجوڳ ۾ پيو ٿو ٻري،
    چنڊ ڀي ٿو سونهن جي پوڄا ڪري.

    چنڊ تنهنجي سونهن ٿي ڀاسي ٻُسي،
    ڪنهن ڏنا ٿي گهاوَ ڇاتي جي مٿان،
    چاندني هارين پيو لڙڪن جيان،
    ڇا پرين تنهنجو ويو توکان رُسي،
    چنڊ تنهنجي سونهن ٿي ڀاسي ٻُسي.

    چنڊ هيڏا گهاوَ توکي ڪنهن ڏنا،
    داغ هاڻو ٿو لڳي تنهنجو بدن،
    پوءِ ڀي تون پيار ۾ آهين مگن،
    ايترا سوداءَ توکي ڪنهن ڏنا،
    چنڊ هيڏا گهاوَ توکي ڪنهن ڏنا.

    چنڊ پنهنجا نيڻ جو کولي ڇڏيا،
    سونهن ۾ وهنتي سموري ڪائنات،
    شاعرن جي ڀي کڙي پئي آهي ڏات،
    ۽ “وفا” جا خيال ڀي جرڪي پيا،
    چنڊ پنهنجا نيڻ جو کولي ڇڏيا.

    چنڊ تنهنجي چاندني آهي مڌم،
    يا اکين جي روشني ٿي وئي جهڪي،
    يا ته ڦاٿل ڌنڌ ۾ آهيان يڪي،
    يا پرين توکي لڳل آهي زخم،
    چنڊ تنهنجي چاندني آهي مڌم.

    چنڊ چئه هي زنگ توکي ڪيئن لڳو،
    سونهن تنهنجي سچ جي ڄڻ ساک هئي،
    ٻاٽ اونداهي ۾ روشن باک هئي،
    درد جو هي رنگ توکي ڪيئن لڳو،
    چنڊ چئه هي زنگ توکي ڪيئن لڳو.


    چنڊ مون کان دور تون ڇو ٿو رهين،
    آءُ منهنجي جهوپڙي ۾ تون لهي،
    ڇو وڃين ٿو برپٽن پاسي ڪَهي،
    درد ٿو مون وانگيان ڪيڏا سهين،
    چنڊ مون کان دور تو ڇو ٿو رهين.


    چنڊ پنهنجا نيڻ جو ٻوٽي ڇڏيا،
    روح منهنجو ڌنڌ ۾ ڦاسي پيو،
    مان اڪيلو سڀ ستارن ٿي چيو،
    ڪيترا ٿي درد تحفي ۾ مليا،
    چنڊ پنهنجا نيڻ جو ٻوٽي ڇڏيا.


    چنڊ سان ڪو فرد ٿو ٻکجي وڃي،
    ڄڻ سندس ڪو درد ٿو ٻکجي وڃي
    هاءِ چهرو هاڻ زرد ٿو ٿيندو وڃي
    دل اندر ڪو سر درد ٿو وڌندو وڃي
    چنڊ سان ڪو فرد ٿو ٻکجي وڃي


    چنڊ تنهنجي ذات اُجري ٿي رهي
    منهنجي پوءِ ڏات اُجري ٿي رهي
    ڪير آهي دلبري جي دل منجهان
    پيار جي ٿي بات اُجري ٿي رهي
    چنڊ تنهنجي ذات اُجري ٿي رهي


    بئڪ ٽائيٽل پيج


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 982
    ڪتابن جو مشاهدو: 3272083
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 861562
    2020 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ