سفر نامو – جيل نامو
عجيب اتفاق آهي ته الطاف جي سفرنامن جو پهريون مجموعو ”منهنجو ساگر، منهنجو ساحل“ به مون ڇپايو هو، ۽ پيش لفظ به مون لکيو هو. ۽ هن دفعي به، هي مجموعو مون ڇپيو آهي ۽ پيش لفظ به مان لکي رهيو آهيان. فرق فقط اهو آهي ته پهريون پيش لفظ الطاف جي خواهش ۽ زور ڀرڻ تي لکيو هوم، ۽ هي پيش لفظ، الطاف جي خواهش بنا، پنهنجي خواهش تي لکيو اٿم. پهريون پيش لفظ آزاد فضا ۾ ۽ ٻيو جيل جي کوليءَ جي ٻوساٽيل ماحول ۾.
7 - اپريل 1974ع تي صبح جو مان پنهنجي دوست فيروز وٽ وڃڻ لاءِ گهران نڪتس ته سادي لباس ۾ پوليس جو هڪ اي. ايس. آءِ ۽ پوليس وارو آيو، سندن شڪلن مان سڃاڻي ورتم ته پوليس جا ماڻهو آهن. آفيس کولي ويهاريم. هنن ٻڌايو ته ٿاڻي تي سڏ ٿيو آهي، ۽ انهيءَ سان گڏ ٻه ٻيا A.S.I. ۽ ٽي پوليس وارا به وردين ۾ اچي ويا. سمجهي ورتم ته گرفتار ڪرڻ آيا آهن. سٽي ٿاڻي تي آيس ته F.I.R. ڏيکاريائون. مون تي ٻه ڪيس هئا. جن ۾ هڪ D.P.R. جو هو. انهيءَ تي ضمانت نه ورتائون، باقي ٻئي تي غلام نبي مغل جي ضمانت ورتائون. ٿوري دير ۾ ڪجهه دوست ٿاڻي تي پهتا جن ۾ هڪڙو منهنجو ويجهو دوست ارشاد قاضي به هو. ڪجهه دير کانپوءِ مغل وڪيل وٽ ويو ۽ مونکي لاڪپ ۾ بند ڪيائون. ارشاد گڏ هو، ٿوري دير بيٺو ۽ پوءِ منهنجي لاءِ هنڌ ۽ ضروري سامان کڻڻ لاءِ ويو.
لاڪپ جي اِها کولي ننڍي ۽ انتهائي گندي هئي. ڌپ کان مٿو ٿي ڦاٽو. جڏهن ارشاد هليو ويو ته مون کوليءَ جو جائزو ورتو. هڪ تڏي تي بلائينڪيٽ وڇائي هڪ پنجاهه پنجونجاهه سالن جو پوڙهو ويٺو هو. مان سندس ڀرسان ئي ويهي رهيس. هڪ ٻئي کان خبرون پڇيونسين. هو ٺيڪيدار هو، ۽ ذاتي دشمني ڪري (بقول سندس) هڪ ڪوڙي ڪيس ۾ ڦاٿو هو. سندس ڪيس صادق آباد (پنجاب) ۾ داخل ٿيو هو. رات جو وڃڻو هوس. ڳالهين ۾ جڏهن خبر پيس ته مان رسالي جو ايڊيٽر آهيان ته ٻڌايائين: ”رات اوهانجو هڪڙو اديب، جنهن ٻڌايو هو ته هو وڪيل آهي، هتي ڪجهه ڪلاڪ هو.“ مان سمجهي ويس ته اُهو رسول بخش پليجو هنجي، جنهن جي ضمانت ڪجهه ڪلاڪن ۾ ٿي ويئي هئي. ڇاڪاڻ ته هتي D.P.R. جو ڪيس نه هو.
ٿوري دير کان پوءِ ارشاد هنڌ، بيگ ۽ ماني کڻي آيو. هنڌ ۽ ماني مونکي ڏنائون، پر بيگ لاءِ جيل وارن چيو ته رکي وڃ، پيٽ ۾ تڪليف ۽ نرالي جاءِ ڪري ماني کائڻ تي دل نه ٿيم، سا موٽائي ڇڏيم. ارشاد کي چيم ته هو ٻئي دوست وڪيل عبدالحليم بروهيءَ کي ڏسي، ۽ منهنجي هڪ ٻئي ويجهي دوست فيروز کي ٻڌاءِ.
مان هنڌ وڇائي، ميري ۽ گندي ڀت کي ٽيڪ ڏئي ويهي رهيس. کوليءَ جي ڀت جديد آرٽ جي، آرٽ گئلري ٿي لڳي. ڪٿي شعر، ڪٿي تصويرون ۽ ڪٿي ائڊريسون لکيل هيون. اوچتو ٽن نالن منهنجو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪايو. اهي نالا هئا: يوسف جکراڻي، اسرار احمد سرڪي ۽ شاهنواز شاهه. هر هنڌ نالي جي هيٺان 05/11/1973 جي تاريخ به لکيل هئي. اهي ٽئي نالا ٻن ٽن هنڌن تي ڳاڙهي رنگ سان لکيل هئا. پوءِ خبر پئي ته اهي، هن ئي کوليءَ ۾ هئا، اڄ کان چار ڏينهن اڳ سينٽرل جيل ويا آهن. اهي ٽئي يونيورسٽيءَ ۾ ٿيل ٻن شاگردن جي قتل ۾ جهليل هئا.
شام ٿي ته پهرين فيروز ۽ ارشاد انهيءَ کانپوءِ غلام نبي مغل، ڪجهه مائٽ ۽ دوست آيا. ارشاد سامان کڻي آيو هو. ڪجهه دير بيهي وري منهنجي ئي ڪم سان ويو. ٻيا به سڀ آهستي آهستي موٽي ويا، فيروز ڪافي دير ڳالهيون ڪندو رهيو ۽ پوءِ هوبه ويو ارشاد رات جي ماني کڻي آيو، پر مون ماني موٽائي فقط بسڪيٽن جو دٻو ۽ مڇرن کي ڀڄائڻ لاءِ گلوب وٺي رکيو. ارشاد در وٽ ئي پٽ تي ويهي رهيو ۽ مان ٻئي پاسي هنڌ سيري ان تي ويٺس. وچ ۾ لوهي شيخون هيون. آزادي ۽ قيد جي وچ جي ديوار. ڪافي دير هيڏانهن هوڏانهن جون ڳالهيون ٿينديون رهيون. ارشاد مونکي گهڙي گهڙي تسلي ڏيڻ جي ڪوشش پئي ڪئي. ۽ مون مرڪي ٿي ڏنو، نه ڄاڻ پاڻمرادو يا زوري. پوءِ رات جو دير دير سان، منهنجي مجبور ڪرڻ تي ارشاد صبح جواچڻ جو چئي اٿيو.
مون وارو کولي پارٽنر صادق آباد لاءِ روانو ٿي ويو هو. هاڻ هن کوليءَ ۾ مان هوس ۽ تنهائي هئي. عام حالتن ۾، اهڙي گندي ڪمري ۾، مان شايد پير رکڻ به پسند نه ڪيان، پر هاڻ اتي رهڻو ۽ سمهڻو هو. منهنجو ڏوهه؟ مون ڇو سچ لکيو، مون ڇو سچ ڇپيو.
کوليءَ جي گهُٽ ۽ ٻوسٽ ۽ اندر جي بيچينيءَ ۾ ننڊ ڪٿي ٿي آئي. اُٿي ويهي رهيس. پڙهڻ لاءِ ڪتاب هئا، پر ڪمري ۾ اوندهه سبب پڙهي به نٿي سگهيس، نيٺ سوچيم: پڙهي نٿو سگهان، اوندهه ۾ لکي ته سگهان ٿو، پر ياد آيم الطاف جو ڪتاب ڪڏهن کان تيار پيو آهي، سوچيو هوم ته ڪنهن وڏي اديب کان پيش لفظ لکرائيندس. آغا سليم سان ڳالهه به ڪيم، پر سندس اسلام آباد وڃڻ ڪري، ڳالهه اڌ ۾ رهي. سوچيم، هن اوندهه کان فائدو وٺان، ڪجهه الطاف تي، ڪجهه پاڻ تي لکي، اهو بار لاهيان.
الطاف کان اڳ، سنڌيءَ ۾ تمام گهٽ سفرناما لکيا ويا آهن، قاضي عابد ۽ ڪريمڏني راڄپر يورپ ۽ آمريڪا جا سفرناما لکيا هئا ۽ اُهي ڪتابي شڪل ۾ ڇپيا به هئا، پر انهن سفرنامن کي اها شهرت حاصل نه ٿي سگهي، جيڪا الطاف جي سفرنامن کي حاصل ٿي آهي. الطاف بحيثيت هڪ ڪهاڻيڪار جي ناڪام ڪهاڻيڪار آهي، پر سفرنامن جي ڪري سندس مقام سنڌي ادب ۾ تمام مٿي آهي، جيترا پڙهندڙ ۽ چاهيندڙ الطاف جا آهن، سنڌيءَ ۾ گهٽ اديبن جا ايترا پرستار هوندا. مان جڏهن به الطاف کي اها ڳالهه چوندو آهيان ته الطاف مذاق سمجهندو آهي ۽ چوندو آهي: ”ڇو ٿو هروڀرو منهنجو دماغ خراب ڪرين.“
مان هڪ رسالي جو ايڊيٽر آهيان، مون وٽ سوين هزارين خط ايندا آهن. ڪيترا پڙهندڙ ملڻ به ايندا آهن. اڪثر الطاف جي باري ۾ پڇندا آهن، شڪل جو ڪيئن آهي. عمر گهڻي اٿس. قد ڪيترو اٿس، مغرور ته ڪونهي، ڀلا خط لکون ته جواب ڏيندو. ۽ مونکي هر ڳالهه جو کيس جواب ڏيڻو پوندو آهي. پوءِ وري چوندا: ڀلا الطاف جي ڪا تصوير هجي ته ڏيو. چوندو آهيان: آهي ته سهي، پر اها پنهنجي لاءِ رکي اٿم. وري چوندا: چڱو فقط ڏيکاريو. الطاف جي تصوير ڏسي، ائين خوش ٿيندا، ڄڻ روبرو مليا هجن ۽ ڪجهه ته وري سندس هٿ اکر ڏسڻ جي خواهش ڪندا.
ڪنهن اديب جي ڪاميابي انهيءَ کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي ٿي سگهي ٿي؟
الطاف جي سفرنامن ۾ ڪي وڏيون خوبيون آهن. پهرين ڳالهه ته هو سفرنامن ۾ دنيا جي مختلف ملڪن، ملڪن جي مشهور بندرگاهن جو سير ٿو ڪرائي، سير سان گڏوگڏ، اتي جي تهذيب، ثقافت ۽ انهن مسئلن کان واقف ڪرائي ٿو. سندس سفرنامن ۾ ڪارائتي معلومات هوندي آهي ۽ انهيءَ سان گڏوگڏ ننڍيون ننڍيون دلچسپ ۽ اڻ وسرندڙ جيئريون جاڳنديون ڪهاڻيون، دلچسپ واقعا ۽ وڏي ڳالهه ته مناسب هنڌن تي هنڌائتا لطيفا ٻڌائي، پڙهندڙ کي تفريح جو پورو موقعو ميسر ڪري ڏئي ٿو. الطاف هڪ جادوگر آهي، پڙهندڙ سندس لکڻيءَ جي منڊ ۾ منڊجيو پوي ۽ جادو تڏهن ٿو ٽٽي، جڏهن لکڻي پوري ٿي ٿئي.
الطاف جي هنن سفرنامن جي وڏي خوبي اها آهي ته انهن ۾ الطاف نصيحتون نه ڪيون آهن، نه ته هن کان اڳ جڏهن به سفرناما لکيا اٿس، انهيءَ ۾ هو اديب کان وڌ مبلغ نظر آيو آهي. منهنجو ساڻس انهيءَ ڳالهه تي سدائين اختلاف رهيو آهي ته: سفرناما هڪ معلومات هوندي آهي، مختلف ملڪن جو دلچسپ احوال هوندو آهي. پڙهندڙ مختلف ملڪن جا حالات ۽ واقعات پڙهڻ چاهين ٿا. تون ڳالهه اڌ ۾ ڇڏي نصيحتون نه ڪندو ڪر. اهڙيءَ طرح تسلسل ٽٽيو پوي ۽ پڙهندڙ ڪَڪ ٿيو پري، پر الطاف تي منهنجي ڳالهين جو اثر گهٽ پوي ٿو، هن دفعي مان سمجهان ٿو گنجائش نه هئي نصيحتن ڪرڻ جي، نه ته ضرور ڪري ها.
طارق اشرف