الطاف شيخ ڪارنر

وايون وڻجارن جون

چين ويندي هانگ ڪانگ ۾ گهڻو اچڻ ۽ رهڻ ڪري اتي جون ڳالهيون به گهڻيون ٿي پيون ۽ هن ڪتاب ۾ رڳو هانگ ڪانگ ۽ ان جي اوسي پاسي جي سمنڊ ۽ ٻيٽن جون ڳالهيون آهن، جيڪي 1970 کان 1973 جون سمجهڻ کپن. هي منهنجا سامونڊي سفر جا قصا تن ڏينهن ۾ عبرت اخبار ۾ ڇپبا هئا، جيڪي پوءِ سهڻي پبليڪشن جي مالڪ ۽ سهڻي رسالي جي ايڊيٽر طارق اشرف گڏ ڪري 1974 ۾ ڪتابي صورت ۾ ڇپيا.
الطاف شيخ
  • 4.5/5.0
  • 2600
  • 747
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book وايون وڻجارن جون

هانگ ڪانگ، ڪلڪتي ۽ ڪراچي جون ٽرامون

هانگ ڪانگ جو ٻيٽ چين جي بلڪل ڏکڻ واري سامونڊي ڪناري وٽ آهي جتي پرل ندي ڊيلٽا ٺاهي ”ڏکڻ چيني سمنڊ“ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي. چين جو شهر ڪئنٽن به هن نديءَ جي ڇوڙ وٽ آهي ان ڪري هن نديءَ کي ڪئنٽن ندي به سڏجي ٿو. بهرحال Pearl River يا Canton River سمجهو ته انگريزي نالا آهن جيڪي اسڪول جي ائٽلس يا اسان جي نيويگشن نقشن تي لکيل آهن باقي چين جي چيني عوام هن نديءَ کي زُر جيانگ سڏي ٿي. هي ائين آهي جيئن انگريز اسانجي نديءَ کي Indus River سڏين ٿا پر اسان ان کي سنڌو درياءَ به سڏيون ٿا. پرل ندي چين جي ٽيون نمبر ڊگهي ندي آهي.
چين جي سڀ کان ڊگهي ندي Yangtze River آهي جنهن کي چيني ماڻهو چانگ جيانگ سڏين ٿا. هاڻ توهان اهو سمجهي ويا هوندائو ته ”جيانگ“ ندي يا درياهه کي سڏجي ٿو. هيءَ ندي مصر جي نيل ندي ۽ ڏکڻ آمريڪا جي اميزان نديءَ بعد دنيا جي ٽيون نمبر ڊگهي ندي آهي، جنهن جي ڊيگهه 6300 ڪلو ميٽر يعني 3900 کن ميل آهي. هيءَ ندي اولهه کان اوڀر طرف وهي ٿي ۽ چين کي ٻن حصن، اتر چين ۽ ڏکڻ چين ۾ ورهائي ٿي.
چين جي ٻيو نمبر ڊگهي ندي Yellow River آهي جنهن کي چيني ماڻهو ”هئانگ هِي“ سڏين ٿا. هيءَ دنيا جي ڇهون نمبر ڊگهي ندي آهي جنهن جي ڊيگهه 5460 ڪلو ميٽر يعني 3390 کن ميل آهي. ييلو ندي يعني هئانگ هِي ماٿري چيني تهذيب جي گود سڏجي ٿي. ايامن کان هن نديءَ ۾ ايندڙ ٻوڏ ماڻهن ۽ مال لاءِ تباهيءَ جو ڪارڻ بڻي آهي، ان ڪري هن نديءَ کي ”غمِ چين“ به سڏين ٿا. سنڌو نديءَ وانگر چين جي هيءَ ندي چيني شاعريءَ ۾ اڪثر ”گپ جو وهڪرو“ طور ڪتب اچي ٿي. شايد ان گپ ۽ چڪڻ ڪري هن جو نالو هئڊو (Yellow) پيو هجي، هن نديءَ جو ٻارهوئي اهو حال آهي. ڪڏهن به صاف يا شفاف نظر نٿي اچي. شايد ان ڪري ڪنهن ناممڪن شيء لاءِ چيني زبان ۾ محاورو آهي ته ”جڏهن هئانگ هِي ۾ صاف پاڻي وهندو....“ جيئن انگريزيءَ ۾ چوڻي آهي ته when Pigs fly (جڏهن سوئر اڏامندا) يا کڻي اسانجي زبان ۾ چئجي ته جڏهن سج اولهه کان اڀرندو.
بهرحال هانگ ڪانگ پرل نديءَ جي ڇوڙ وٽ آهي – يعني زمين تي رهندڙ ماڻهن جي حساب سان نديءَ جو ڊيلٽا (پوڇڙ) نديءَ جو ڇوڙ ٿيو پر اسان جهاز يا ٻيڙي هلائڻ وارن لاءِ اهو نديءَ جو منهن ٿيو جتان اسان اج جهاز نديءَ جي اندر گهڙن ٿا. دنيا جا ڪيترائي بندرگاهه آهن جيڪي نديءَ ۾ آهن. يعني اسان کي سمنڊ جهاڳڻ بعد ڪجهه فاصلو نديءَ ۾ به هلڻو پوي ٿو. جيئن آمريڪا جي بندرگاهه نيو اورلينس ۾ پهچڻ لاءِ ائٽلانٽڪ سمنڊ ۽ گلف آف ميڪسيڪو جو سمنڊ لتاڙڻ بعد مسي سپي نديءَ جو ڊيلٽا ڳولهڻو پوي ٿو جتان پوءِ سئو کن ميل اندر گهڙڻ بعد نيو اورلينس جو بندرگاهه اچي ٿو. سمجهو ته جهاز رستي ڪوٽڙيءَ پهچڻو آهي. يعني پورٽ قاسم وٽ پهچي پوءِ جهاز کي سنڌو نديءَ اندر وٺي وڃڻو پوندو جيڪو ڪم هاڻ ناممڪن آهي جو سنڌو نديءَ ۾ ايترو پاڻي ناهي جو اڄ جا وڏا جهاز اندر هلي سگهن پر ڪوٽڙي بئراج يا سکر واري پل ٺهڻ کان اڳ انگريزن جا ٻيڙا ملتان تائين پهچي ويندا هئا. پرل ندي جنهن لاءِ مٿي لکي آيو آهيان ته چين جو ٽيون نمبر ڊگهي ندي آهي 2200 ڪلو ميٽر ڊگهي آهي. ياد رهي ته اسان جي سنڌو ندي جيڪا مانسروور ڍنڍ (تبت) کان شروع ٿي لداخ ۽ گلگت بلتستان کان ٿيندي عربي سمنڊ ۾ اچي ٿي ڇوڙ ڪري 3180 ڪلو ميٽر (1980 ميل) ڊگهي آهي.
هيءَ اوڻهين صدي جي شروعاتي سالن جي ڳالهه آهي جڏهن ننڍي کنڊ تي انگريزن جي حڪومت هئي. هنن هندستان جي ڪيترين ئي رياستن ۾ زميندارن کي زوريءَ آفيم (Opium) جي پوک ڪرائي اهو آفيم چين جي ماڻهن کي وڏي اگهه تي وڪڻي ناڻو هڪ طرف ڪمايو ٿي ته چين جي عوام کي چرسي ٻئي طرف بڻايو ٿي. چين تي انهن ڏينهن ۾ قنگ (Qing) گهراڻي جي حڪومت هئي جن جي حاڪمن انگريزن کي ڏاڍو سمجهايو ويندي انگلينڊ درخواستون موڪليون ته اسان سان هي ظلم ڇو پيو ڪيو وڃي پر انگريز ان ڪم کان نه مڙيا. چين جي آفيم جي خريداريءَ کان انڪار ڪرڻ تي ۽ انگريزن جي جهازن کي آفيم کڻي سندن بندرگاهن ۾ گهڙڻ کان جڏهن منع ڪئي ته انگريزن ان وقت جي ماڊرن هٿيارن يعني بندوقن ۽ بمن بارودن ذريعي چين تي حملو ڪيو. اها سال 1839 جي ڳالهه آهي ۽ ان جنگ کي آفيمي لڙائي (Opium War) سڏجي ٿو. چين انگريزن جو مقابلو نه ڪري سگهيو ۽ 1841 ۾ انگريزن هانگ ڪانگ ٻيٽ تي زوريءَ قبضو ڪري ان کي پنهنجي ملڪ برطانيا جو حصو بنايو ۽ ان جي عيوض چينين سان صلح نامون ڪيو جيڪو صلحنامون تاريخ ۾ Treaty of Nanking سڏجي ٿو. ان بعد انگريزن هانگ ڪانگ ٻيٽ تي 1942 ۾ پنهنجو شهر ٻَڌو جنهن جو نالو ڪُئينس (Queens) ٽائون رکيو پر پوءِ اهو شهر وڪٽوريا سڏجڻ لڳو. بهرحال اهو شهر انگلينڊ جي راڻي جيڪا ”مهاراڻي وڪٽوريا“ هئي، جي نالي منسوب ڪيو ويو. ستر واري ڏهي ۾ به هانگ ڪانگ ٻيٽ جو هي شهر توڙي سڄو ٻيٽ، وڪٽوريا سڏبو هو جو اسان جڏهن فيريءَ ۾ سمنڊ جو حصو ٽپي ٻئي پاسي چين ڏي ”ڪولون“ شهر ويندا هئاسين ته اتان موٽڻ مهل اهوئي چوندا هئاسين ته ”وڪٽوريا“ ٿا هلون – يعني هانگ ڪانگ ٻيٽ تي ٿا هلون. ان وقت هن ٻيٽ جو اهوئي وڪٽوريا وارو پاسو ڊائون ٽائون يعني صدر جو علائقو لڳو ٿي. بهرحال هاڻ ته هانگ ڪانگ جو سڄو ٻيٽ ڪراچي جو صدر ڇا بولٽن مارڪيٽ، زم زما اسٽريٽ ۽ گزري شاپنگ علائقو ٿي پيو آهي ۽ هاڻ هانگ ڪانگ ۾ وڪٽوريا جي نالي سان جي سڏجي ٿو ته فقط وڪٽوريا پارڪ، وڪٽوريا پِيڪ (جبل جي چوٽي)، وڪٽوريا هاربر آهن. ان کان علاوه هانگ ڪانگ جي ڪجهه رستن ۽ گهٽين جا نالا به وڪٽوريا سان منسوب آهن. هتي اهو به لکندو هلان ته هانگ ڪانگ ٻيٽ جي هن علائقي ”وڪٽوريا سٽي“ ۾ پهريون دفعو ٽرام 1890 ۾ هلائي وئي، ان لاءِ سمنڊ جي ڪناري ويجهو چار ميل پڪو رستو اولهه کان اوڀر ڏي ٺاهيو ويو. بس سروس ٽيهن سالن بعد 1920 ۾ شروع ڪئي وئي. جيتوڻيڪ انگريزن هانگ ڪانگ ۾ ٽرام سروس بمبئي (ممبئي)، ڪلڪتي، پٽنا ۽ ڪراچيءَ کان پوءِ شروع ڪئي جتي هاڻ ٽرام سروس ختم ڪئي وئي آهي پر هانگ ڪانگ ۾ اڄ تائين هلندي اچي. اعليٰ قسم جي بسين، ٽئڪسين سان گڏ هانگ ڪانگ ۾ خوبصورت قسم جون ڊبل ڊيڪر ٽرامون پڻ هلنديون رهن ٿيون. دنيا ۾ جن ٽن شهرن ۾ اڄ به ڊبل ڊيڪر ٽرامون پابنديءَ سان هلن ٿيون، هانگ ڪانگ انهن مان هڪ آهي. باقي ٻن شهرن مان هڪ انگلينڊ جو شهر بلئڪ پول آهي ۽ ٻيو مصر جو اليگزينڊريا آهي.
هانگ ڪانگ ۾ ٽرام فقط هانگ ڪانگ ٻيٽ (وڪٽوريا سٽي) پاسي شائو ڪيئي وان (Shaukei Wan) واري علائقي کان ڪينيڊي ٽائون تائين هلي ٿي، جنهن جي هڪ برانچ هئپي وئلي واري علائقي کي به ڦيرو ڪري ٿي. هنن ٽرامن رستي هانگ ڪانگ ٻيٽ جا اٽڪل اڍائي لک ماڻهو سفر ڪن ٿا. اهو آهي ته هانگ ڪانگ ۾ ٽرامون شروع کان اليڪٽرسٽي تي هلايون ويون. ڪراچيءَ ۾ ٽرامن جو هلڻ 1885 کان شروع ٿيو هو. 1881 ۾ ڪراچي جي ميونسپل سيڪريٽري ۽ انجنيئر مسٽر جيمس اسٽريچن ڪراچيءَ ۾ ٽرام هلائڻ جي آئيڊيا پيش ڪئي ۽ ٽرام جي پٽن (Rails) وڇائڻ جو ڪم شروع ٿيو، جنهن پراجيڪٽ جو انچارج سنڌ، پنجاب ۽ دهلي ريلويز جو چيف انجنيئر، جان برنٽن مقرر ڪيو ويو هو. 20 اپريل 1885 تي ڪراچي جي پهرين مين لائين ٽرام جو افتتاح وڏي ڌوم ڌام سان ٿيو جيڪا سينٽ ائنڊريو چرچ (جيڪو عبدالله هارون روڊ ۽ شاهراهه لياقت جي ڪراسنگ وٽ آهي) کان ڪياماڙي تائين هلڻ لڳي. ٻي گڊس ٽرام مئڪلوڊ روڊ ۽ نيٽي جيٽي جي وچ ۾ شروع ڪئي وئي. هي ٽرامون سال کن ٻاڦ جي انجن تي هلائڻ بعد انهن کي گهوڙن ذريعي ڇڪيو ويو ٿي. سال 1900 ۾ لارينس روڊ (نشتر روڊ) تي به ٽرام شروع ڪئي وئي. 1909 ڌاري گهوڙن رستي هلندڙ ٽرامون پيٽرول انجن ذريعي شروع ڪيون ويون. هي ٽرامون 18 ميل في ڪلاڪ جي حساب سان هلي سگهيون ٿي ۽ هر ٽرام ۾ 46 پئسينجر ويهي سگهيا ٿي. هي ٽرامون فريئر اسٽريٽ (دائود پوٽا روڊ)، سولجر بازار، مئنسفيلڊ اسٽريٽ (سيدنا برهان الدين روڊ) ۽ چاڪيواڙي ۾ به هلنديون هيون. 1939 ۾ هنن ٽرامن جي انجن پيٽرول مان ڊيزل انجن ۾ بدلائي وئي.
پاڪستان ٿيڻ بعد هي ٽرامون جن جي اصل مالڪ ايسٽ انڊيا ٽرام ويز ڪمپني هئي تنهن کان محمدي ٽرام ويز ڪمپنيءَ (MTC) خريد ڪيون جنهن جو مالڪ شيخ محمد علي هو. هيءَ ڪمپني آخرڪار 1975 ۾ بند ڪئي وئي. 1956 ۾ جڏهن آئون يارهن سالن جو هوس ته مون به ”ٽرام ڊپو“ (سعيد منزل) کان ”بولٽن مارڪيٽ“ تائين هن ٽرام ۾ پنهنجي پڦاٽ ولي محمد شيخ سان سفر ڪيو جيڪو انهن ڏينهن ۾ NED ڪاليج ۾ پڙهي رهيو هو. ويهه منٽن کن جو هي سفر اڄ به منهنجي ذهن ۾ تازو آهي. اڄ جي مقابلي ۾ بندر روڊ خالي خالي هو. ٽرام ۾ هارن بدران گهنڊ لڳل هو. گهنڊ جو آواز ٻڌي اسان ڊوڙ پائي اچي چڙهيا هئاسين. ڪاٺ جي بينچن تي ويهي روڊ جي ٻنهي پاسي دڪانن ۽ عمارتن کي جنهن حيرت سان ڏسندو رهيس اها گهڙي اڄ به نٿي وسري. دل چيو ته اها ٽرام هلندي ئي رهي، هلندي ئي رهي! اڄ به ڪنهن ملڪ جي ٽرام ۾ چڙهان ٿو ته ڪراچي جي ٽرام ياد اچي ٿي.
ٻه اکر ڪلڪتي ۽ بمبئي جي ٽرام تي به لکندو هلان. 1960 ۾ جڏهن اسين مئٽرڪ جا شاگرد هئاسين ته ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو جي ڪجهه شاگردن کي، جيڪي Sea Scouts هئا، چٽگانگ ۾ هلندڙ اسڪائوٽ جمبوري لاءِ ڪراچي کان ريل گاڏي رستي موڪليو ويو. واٽ تي اسان لاهور، امرتسر، دهلي ۾ هڪ هڪ ڏينهن ترسڻ بعد ڪلڪتي ۾ ٻه ڏينهن ترسيا هئاسين. جتان پوءِ ڍاڪا ۽ پوءِ چن ٽگانگ وياسين. ڪلڪتي ۾ لاڙڪاڻي جي ڪلاس ميٽ علي رضا ميمڻ ۽ هالا جي نجم انصاري سان گڏ ٽرامن ۾ شهر جي مختلف علائقن ۾ گهمندا رهياسين. ٽئڪسي ۽ بس کان سستي سواري ٽرام ئي هئي. اڄ به ڪلڪتي جي ڪيترن ٽرام اسٽاپن جا نالا ياد اٿم جن تان هر هر لنگهڻ ٿيو هو: سيالدا، آرمينن گهاٽ، هائوڙا اسٽيشن، مولا علي جنڪشن، رجب بازار وغيره. ان وقت يعني اڄ کان پورو اڌ صدي اڳ جو هڪ اسانجو فوٽو به منهنجي سامهون آهي جيڪو ڪلڪتي جي ٽرام اڳيان آهي ۽ ڪلڪتي مان ورتل هڪ پڪچر ڪارڊ (View Card) به آهي جنهن ۾ هتي جي ٽرام جو 1880 جو فوٽو آهي. جڏهن ڪلڪتي جي رستن تي ٽرام کي گهوڙو ڇڪيندو هو ۽ اها ميٽر گيج جي ٽرام هئي. ان بعد سگهو ئي 1882 ۾ ڪلڪتي جي ڪجهه روڊن تي ٻاڦ جي انجن (Steam Engine) ذريعي ٽرامون شروع ڪيون ويون. هڪ هنڌ ڪلڪتا ٽرام ويز ڪمپني جي تاريخ پڙهي رهيو هوس ته هن وٽ 1899 ۾، يعني ويهين صدي شروع ٿيڻ کان اڳ 166 ٽرام ڪارون، 1000 گهوڙا ۽ 7 اسٽيم انجنيون هيون ۽ ٽرام وارن رستن جي ڊيگهه 19 ميل کن هئي. اهڙي طرح ممبئي ۾ 1873 ڌاري ٽرام شروع ٿي هئي، جيڪا پاريل ۽ ڪولابا جي وچ ۾ هلي ٿي، جنهن کي هڪ گهوڙي بدران ڪڏهن ڇهه ته ڪڏهن اٺ گهوڙن ڇڪيو ٿي. پر 21 سالن بعد ممبئي ۾ جڏهن لوڪل ٽرين شروع ٿي ته ٽرامن جي اها حيثيت ختم ٿي وئي. هونءَ به ويهين صديءَ ۾ جيئن ئي 1920 کان پوءِ بس سروس شروع ٿي ۽ ڪارن ۽ ٽئڪسين جو تعداد وڌڻ لڳو ته ٽرامن لاءِ ڪيترن شهرن جا رستا سوڙها ٿي پيا ۽ پوءِ ٽرامون فقط انهن شهرن ۾ هلڻ لڳيون جن ۾ ڪراچيءَ جي بندر روڊ (ايم اي جناح روڊ) جهڙا ويڪرا رستا هئا. بهرحال آهستي آهستي ننڍي کنڊ جي شهرن ۾ ٽرامون هلڻ بند ٿينديون ويون. 1933 ۾ ڪانپور ۾ بند ٿيون، ان بعد 1955 ۾ چنائي (مدراس) ۾، 1962 ۾ دهليءَ ۾، 1964 ۾ ممبئي ۾ ۽ ان بعد ڪراچيءَ ۾ ٽرامن هلڻ جو چئپٽر بند ٿي ويو. ننڍي کنڊ ۾ فقط ڪلڪتو هڪ اهڙو شهر آهي، جنهن ۾ هانگ ڪانگ وانگر اڄ به ٽرامون هلن ٿيون. اها ٻي ڳالهه آهي ته ڪلڪتي ۾ هاڻ فقط چند رستن تي ٽرامون هلن ٿيون ۽ انهن تي به بسين ۽ ڪارن جي گهڻائيءَ ڪري ٽرئفڪ جئم رهڻ جو مسئلو رهي ٿو، پر هانگ ڪانگ ٻيٽ تي سنگاپور وانگر پرائيويٽ ڪارن رکڻ تي سختي آهي ۽ انهن ٻيٽن تي ورلي ڪو امير ماڻهو ڪار رکي سگهي ٿو نه ته هر ڪو بس يا ٽرام ۾ سفر ڪري ٿو. اهو ان ڪري به ضروري آهي جو ٻي صورت ۾ هنن امير ٻيٽن جو هر هڪ رهواسي جي ڪار وٺي ته هنن ننڍن ٻيٽن تي ماڻهن جي هلڻ جي به جاءِ نه بچي.