ڌرتيءَ جا گھوٽ، اڻموٽ ٿيندا آهن سنڌ بهشت برين ٿيڻ وارو آهي.
اهڙو هڪ ٻيو واقعو مونسان هانگ ڪانگ ۾ ٿيو. شروع جا ڪجھه سال جڏهن آمريڪا ۽ يورپ جي ملڪن ڏي جهاز کي وٺي ويندا هئاسين ته سوئيز ڪئنال بند ٿي وڃڻ ڪري ايندي ويندي ڪينيا ملڪ جي بندرگاهه ”ممباسا“ ۾ ضرور ترسندا هئاسين. ممباسا جا سڀُ وڏا دڪان ۽ نوڪريون اتي جي اصلوڪي باشندن شيدين جي قبضي ۾ نه پر ڌارين جي هٿ هيٺ آهن، جيتوڻيڪ ملڪ آزاد ٿئي به ڏهاڪو کن سال ٿي چُڪا آهن. هڪ دڪاندار هو الهه آباد (انڊيا) جو. سندس دڪان ممباسا جي وڏن دڪانن مان هڪ هو. ڪاٺ مان هٿ جا ٺهيل رانديڪا، شيدين کان سستي ملهه تي وٺي مهانگا وڪڻندو هو ۽ ٻاهرين ملڪن جهڙوڪ: يورپ ۽ آمريڪا، جتي هٿ جي هنر جو وڌيڪ قدر آهي، اوڏانهن ڳرين قيمتن تي برآمد ڪندو هو. سندس نالو هو نورالواهاب فاروقي.
سندس دڪان تي جڏهن پهريون دفعو اسان چڙهياسين ته انهن ڏينهن ۾ تازو ايوب خان لٿو هو ۽ يحى خان پاڪستان جو صدر ٿيو هو. دنيا جي هر اخبار ۽ ريڊيو ۾ هڪ مارشل لا لهڻ ۽ ٻئي جي مڙهجڻ جون خبرون اچي رهيون هيون. پاڻ يعني (وهاب الهه آباديءَ) ڳالهين ڪندي چيو: ”هون، اهڙا حاڪم چئبا، جي ملڪ کي ائين ڀيلين. گذريل هفتي جي ٽائيم مخزن ۾ صدر ايوب بابت هو ته هڪ غريب ترين ملڪ جو امير ترين صدر هو. سندس ٽيهه ڪروڙ روپيا فقط سئزرلئنڊ جي بئنڪن ۾ آهن. يعني ايترن پئسن مان اٺ کن فئڪٽريون ته خوشيءَ سان ٺهي وڃن ۽ اهو پئسو جي ملڪ لاءِ ڪتب اچي ته الائي ڇا مان ڇا ٿي پوي. اِندرا آهي، کڻي ڪيئن به هُجي پر هندستاني حاڪم جو ڪردار بيداغ آهي. اسپاٽ ليس. جسٽ اسپاٽ ليس.“
وري اسان جي ويجھو اچي وچڻ لڳو، ”دل ۾ نه ڪجو. حقيقت ۾ آءٌ اصلي پاڪستاني آهيان. توهان ته ورهاڱي کان پوءِ پاڪستان ۾ آيا هوندا، آئون ڄائو ئي پاڪستان جي شهر گجرات ۾ هوس. منهنجو پيءُ تن ڏينهن ۾ اتي نوڪريءَ ۾ هو.“
”پوءِ ڀلا اڄُڪلهه ڪهڙي ملڪ جي قوميت اٿوَ؟“
”پاسپورٽ ته مون وٽ برٽش نئشنلٽيءَ جو آهي. هونءَ ٻار هندستان ۾ ئي پڙهن ٿا، پر واپار جو اتي چاڙهو ڪونهي. ڪجھه مائٽ تازو پاڪستان به لڏي آيا آهن.“
”ڇو ڀلا توهان پاڪستان نه آيا، جڏهن توهان جا ڀائر قربانيون ڏئي پاڪستان لڏي آيا.“ اسان پڇيس.
”هون! پاڪستان به ڪو ملڪ آهي. سڀُ چور چور اچي گڏ ٿيا آهن. اسان ڪي کُٽل ٿورو ئي هُئاسين. مال ملڪيتون ڇڏي پاڪستان ڇو اچون.“
”پاڪستان ۾ ته چور آهن پر ٿي سگھي ٿو ته تو جهڙا چڱا مُڙس اچي نڪرن ها ته حالتون سڌري وڃن ها.“ اسان کيس ٽوڪيو، جا ڳالهه هو سمجھي ويو ۽ معافيءَ جي نوع ۾ ڳڙاٽڙي پائي چوڻ لڳو: ”اڙي منهنجا دوستو! توهان ته ناراض پيا ٿيو. مان ته ائين ئي پيو وڦلان. ڀلا اسان جهڙا واپاري ماڻهو اجايو بحث ڪندا ته پوءِ ڪيئن ڪمائي سگهندا. يار مون کي معاف ڪجو جي مون توهان جي دل ڏکوئي هُجي.“
ٻئي دفعي جڏهن ساڻس ملاقات ٿي ته پاڪستان سندن حملي کان بچيل هو. (خوشقسمتيءَ سان يا مصلحتن) ۽ ڪينيا سندس عتاب هيٺ هو.
”يار هي ڏسو هتي جا شيدي ۽ سندس ملڪ. هنن کي اسان ئي سڌاريو، تهذيب سيکاري ۽ ملڪ ٺاهي ڏنوسين ۽ هاڻ اسان تي ئي ڏنڊا ٿا کڻن. جومو ڪينياتا (ڪينا جي صدر) حڪم ڪڍيو آهي ته هر ڌاريون واپاري پنهنجي دڪان يا هوٽل تي اڌ عملو شيدي نوڪرن جو به رکي.“
ٽئين دفعي ممباسا آياسين ته سندس دڪان جي ٻن نوڪرن مان هڪ سندس ئي ملڪ جو هو ۽ هڪ شيدي ويهن ٻاويهن سالن جي عمر جو ڦاٽل ميرا ڪپڙا، پير اگھاڙا، اٻوجھه شڪل جو ٻُهاري ڏئي رهيو هو. ان بعد اسان لاءِ چانهه وٺڻ ويو، پوءِ مالڪ جي نئين ماڊل جي مرسڊيز ڪار پاڻيءَ سان ڌوئڻ لڳو. مون وهاب کي چيو ته، ”ان شيديءَ نوڪر کي ٻئي سان گڏ دڪان ۾ شيون وڪڻڻ لاءِ ڇو نه ٿو ڇڏين؟“
”نه، نه، بابا ڇڏيانس ته ماڳهين ڪم سکي وڃي ۽ سڀاڻ اسان کي به انگريزن وانگر ڏنڊا هڻي ڪڍي ڇڏين. اهي شيدي ائين ئي ڀلا آهن. تجارت يا نوڪري انهن جي وس جي ڳالهه ناهي.“
”هونءَ آهي ته ملڪ سندن ئي. سخت ڏک ٿو ٿئي جڏهن هتي جي اصلوڪي رهاڪن کي سندن ئي ڌرتيءَ تي انگ اگھاڙو ۽ پيٽ بکيو ڏسجي ٿو ۽ اسان ڌاريان ”آئي ٽانڊي ڪاڻ، ٿي ويٺي بورچياڻي“ وارو حساب لڳايو ويٺا آهيون. ائين نه ٿئي جو ظلم جي حد وڌڻ ڪري هو باغي ٿي پون.“ مون وهاب سان ڳالهه ڪئي، پر هن کي اها ڳالهه نه وڻي ۽ اهائي ورندي ڏنائين ته، ”هنن شيدين جي جھنگلي دماغ ۾ اها ڳالهه ڪٿي ٿي ويهي. في الحال ڪپڙي لٽي ۽ اٽي جي چڪر ۾ ئي هو اهڙا ڦاٿل آهن جو ٻي ڪا ڳالهه سوچي نٿا سگھن.“
وهاب شايد ان امر کان اڻ واقف ٿي ڏٺو ته ڌرتيءَ جا گھوٽ اڻموٽ ٿيندا آهن، جن جي زندگيءَ ۾ اٽو، لٽو، اجھو، عورت، مال دولت ٻئي درجي جي ثانوي حيثيت رکندي آهي. جيڪي ڌرتيءَ ماءُ جا لال هوندا آهن، تن لاءِ حالتون، تاريخ جي ڪنهن به وڪڙ يا وراڪي ۾ سوليون نه هونديون آهن، پر ان هوندي به هو پرواهه نه ڪندا آهن. اهو جي قدرت جو قانون نه هجي ها ته انگريز ڪڏهن به اسان جي جان نه ڇڏين ها، الجيريا ۽ چين ڪڏهن به آزاد نه ٿئي ها.
کانئس اهو پڇڻ ته اجايو هو ، جو ڄاڻ اٿم ته آفريڪا ۾ رهندڙ نوي سيڪڙو واپاري، اسان جي ملڪ جي واپارين ۽ ملڪ دشمن عناصرن وانگر، ڪمايل پئسو ان ڌرتيءَ تي رکڻ بدران يورپ ۽ آمريڪا جي بئنڪن ۾ ئي رکن ٿا. حڪومت طرفان پابندي هوندي به لڪ چوري آفريڪي ناڻو وڪڻي، ڊالر ۽ پائونڊ ٺاهين، جنهن ڪري ملڪ جي ناڻي ۽ معيشت کي ڪافي ڌڪ رسي ٿو. جايون خريد ڪونه ڪن ۽ مسواڙ تي رهن، جيئن حالتون خراب ٿي وڃڻ تي ميڙيل پونجي سولائيءَ سان هڪ ملڪ کان ٻئي ملڪ کڻي وڃي سگھن. اهڙا ماڻهو ملڪ، مذهب ۽ ٻين جذبن کان خالي هوندا آهن. شايد ”موقعي پرست“ (Opportunist) لفظ انهن لاءِ صحيح آهي.
ڪجھه سال لڳاتار دنيا جي ان پاسي وڃڻ بعد سال ڏيڍ امتحان خاطر ڪناري تي رهيس. ان بعد جو وري سامونڊي زندگي ۾ گھڙيس ته مون کي اهڙا جهاز ڏنا ويا جن جو وڃڻ ئي دنيا جي ٻئي پاسي (مشرق) ٿيو ٿي ۽ هر ٽئين چوٿين مهيني ۾ ملائيشيا، ٿائلنڊ، سنگاپور، هانگ ڪانگ، جپان ۽ چين جو چڪر هڻي واپس ڪراچي ايندا هئاسين.
پنجون يا ڇهون چڪر هوندو، جڏهن اسان هانگ ڪانگ آيل هئاسين. فيبروري جو مهينو شروع ٿي چُڪو هو ۽ هانگ ڪانگ ۾ اهو ڏينهن آخري ڏينهن هو، جو شام ڌاري جپان لاءِ لنگر کڻي رهيا هئاسين.
صبح جو شهر ويس ۽ باقي رهيل آفيس ۽ ذاتي ڪمن کي لڳي ويس. منجھند ڌاري ”پي ـ آئي ـ اي“ جي اسٽيشن اڪائونٽنٽ عبدالجليل خان کان موڪلائڻ لاءِ ڪولون فون ڪيم ته هن ٻُڌايو ته ”پي ـ آئي ـ اي“ جا ڪجھه ڪئلينڊر ۽ پوسٽر منهنجن دوستن لاءِ ڪڍي رکيا اٿس سي کڻي وڃان. وقت تمام ٿورو وڃي بچيو هو، پر پي ـ آئي ـ اي جي آفيس ڪولون اسٽار فيري اسٽيشن جي بلڪل ويجهو، پنجن منٽن جي پنڌ تي آهي. سو فيري رستي ڪولون پهتس ۽ تکو تکو آفيس، پيننشولا هوٽل ڏي وڃڻ لڳس. سئلسبري روڊ وٺيو پئي ويس ته واٽ تي ”واءِ ـ ايم ـ سي ـ اي“ وٽ، سامهون ايندڙن ۾ هڪ شڪل ڄاتل سُڃاتل لڳم. ڪجهه ائين لڳو ته ڪٿي ڏٺل آهي. هن به مون ڏي نهاريو. ڪجهه شڪُ ٿيس پر هڪ ٻئي ڀرسان لنگھڻ وقت نه هن کيڪاريو نه مون. جڏهن هڪ ٻئي کان ٽپي وياسين ته مون کي خيال آيو ته ڪٿي وهاب ته نه آهي. سو پڪ لاءِ مُڙي ڏٺم ته هو به هلندي هلندي ڪنڌ ورائي ڏسي رهيو هو . شڪل ته وهاب جهڙي هئس پر هو ته ممباسا جو سيٺ آهي ۽ هي اڻ استري ٿيل ڪپڙن ۽ کنڊريل وارن ۾ هتي ڪولون ۾ ڪٿان آيو. ٻي گھڙِيءَ الائي ڪهڙو اسان ٻنهي کي خيال اچي ويو جو هٿ لوڏي هڪٻئي کي کيڪاريوسين ۽ هڪٻئي ڏي موٽي پڇيومانس ته، ”توهان نورالوهاب فاروقي ته نه آهيو؟“
”۽ توهان سنڌ جا رهاڪو، مسٽر......“
”جي ها، الطاف آهيان.“ مون کيس ياد ڏياريو.
”هيلو الطاف ڇا حال آهي؟“
”ٺيڪ آهي. توهان ٻُڌايو. هتي ۽ هنن افعالن ۾ ڪيئن؟ ڀاڀي ڪيئن آهي، ٻار ڪٿي؟“
”بس يار ڪهڙيون ٿو ڳالهيون پُڇين.“ هن جي لهجي ۾ ڏکُ ۽ مايوسي هُئي. مون کي يڪدم ڇهين حس سجاڳ ڪيو ته پڪ يوگنڊا جي ”عيدي امين“ جي ٿيلهي، اوسي پاسي وارن ملڪن کي به لوڏيو آهي.
”الطاف ڪهڙيون ٿو خبرون پُڇين. آفريڪا م باهه پئي ٻري. ڌارين کي ته اصل سهن نه ٿا. شيدي هاڻ اها جاهل ۽ ڪمزور قوم نه رهي آهي.“
”ڇو ڪينيا ۾ به يوگنڊا وارو قوميت جو جذبو پيدا ٿيو آهي ڇا؟“ مون پڇيومانس ۽ هن ڪنڌ ڌوڻي هائوڪار ڪئي.
”توهان هتي ڀلا ڪيئن پيا ڏسجو. دڪان تي ڪير وهاري آيا آهيو؟“
”دڪان وڪڻي ڇڏيم، ٻه مهينا کن اڳُ. اڳتي هلي ڪو شيدي مفت ۾ کسي وڃي، ان کان بهتر آهي چار ڏوڪڙ ٺاهي ورتم. ٻار انڊيا ۾ ئي آهن ۽ آءٌ هتي هانگ ڪانگ ۾ دڪان کولڻ جو سوچي رهيو آهيان، پر هانگ ڪانگ جي حڪومت اجازت نٿي ڏئي. اهو ئي سبب ٿا ڏين ته هتي اڳيئي ڌاريان گھڻا آهن ۽ اسان جا لوڪل ماڻهو ڪيڏانهن ويندا. اڄُ پندرهون ڏينهن آهي، انهن چڪرن ۾، پر ڪو کڙتيل نڪرڻ جي اميد ڪانه ٿي ڏسجي. دُبئي ۽ سلون ۾ ڪوشش ڪيم پر اتي به گھمڻ لاءِ ته چون ٿا ته ڀلي ڪو اچي، پر هميشه جي رهڻ لاءِ شايد ڪنهن به ملڪ ۾ هڪ انچ به فالتو زمين ڪانه ٿي ڏسجي.“ مون کي سندس حال تي تمام گھڻو افسوس ٿيو. جيتوڻيڪ مون کي ارمان پڻ ٿيو. ماني ۽ چانهه پاڻيءَ جي صلاح ڪئي مانس پر هو به جلديءَ ۾ هو. موڪلائڻ وقت پڇيومانس ته، ”جي هتي هانگ ڪانگ ۾ رهڻ جي اجازت نه ملي ته پوءِ؟“
”پوءِ ڪراچي ته آهي ئي. نارٿ ناظم آباد ۾ هڪ مائٽ جي معرفت هڪ مارڪيٽ جو پلاٽ وٺي ڇڏيو اٿم ته جيئن پس پيش ٻئي ڪنهن هنڌ سٺو موقعو نه ملي ته ڪراچي اچي ڄمائيندس. هڪ ٻه رهائشي پلاٽ به ورتا اٿم، جنهن مان هڪ رهڻ لاءِ ۽ ٻيا مسواڙ تي ڏيڻ جو سوچيو اٿم. ٻيا به ڪيترائي آفريڪا کان لڏي ڪراچيءَ پيا وڃن ۽ انهن کان معلوم پيو ٿئي ته هو اتي وڌيڪ خوش آهن. چڱو ڀلا پوءِ موڪلايون ٿا.“ هن هٿُ وڌائي موڪلايو ۽ آءٌ باقي رهيل پنڌُ ڪري عبدالجليل خان وٽ PIA آفيس ۾ آيس ۽ جلدي جلدي سامان ڏيڻ لاءِ چيومانس. جيسين هو ڪڍي، تيسين سامهون ٽيبل تي پيل هڪ پاڪستاني پُراڻي اخبار کڻي اٿلائڻ پٿلائڻ لڳس. ٽئين صفحي جي هڪ ڪنڊ تي ماروئڙا اسٽوڊينٽس فيڊريشن يا شايد ”جيئي سنڌ“ جي اڳواڻ جو مطالبو پڙهيم، ”ٿرين کي ڪراچيءَ ۾ آباد ڪيو وڃي.“ منهنجي اکين ۾ ڳوڙها تري آيا. ڪجھه گُھٽَ ۽ گرمي محسوس ڪيم. جليل خان کان موڪلائي پي ـ آئي ـ اي آفيس مان ٻاهر نڪري هيٺ لٿس. هيٺ ڪنڊ تي ”پي ـ آئي ـ اي“ جي رسيپشن ۽ شو روم ۾ ويٺل اسٽاف کي هٿ سان کيڪاري ناٿن روڊ تي لهي هلڻ لڳس. گرمي ۽ مونجھه! اساٽ ۽ اڃَ! فيبروري مهيني هوندي به گرمي. شايد هوا ۾ گھم هئي. نٽهڻ اس ۾ خشڪي لڳي رهي هئي. وري ساڳيا پير کڻي اسٽار فيري اسٽيشن تي آيس جتان هانگ ڪانگ لاءِ فيريءَ ۾ چڙهيس. سوچيم: پنڌ ته ڪو خاص ناهي، پر ٽڪيٽ وٺڻ، فيريءَ جي در کُلڻ جو انتظار ڪرڻ، وري بند ٿيڻ. پوءِ خلاصي آرام سان رسا کولين تڏهن مس مس هلي. ايتري ئي گھل آهي جيتري راشن ڪارڊ تي ڳوٺ ۾ کنڊ وٺڻ تي،. پر آءٌ ايتري ڪمزوري ۽ نستائي ڇو محسوس ڪري رهيو آهيان. ملول ۽ اداس ڇو آهيان. دل تي بار ۽ دماغ تي ڪوهيڙو ڇو ڇانئجي ويو اٿم. ايندي وقت ته خوش هوس. ان دوران ۾ ڪا اهڙي ڳالهه ٿي ته ڪانه. ڇا وهاب جو ڪراچي ۾ جاين تي قبضو ڪرڻ مون کي ڏکيو لڳو آهي. مونکي ٻئي ڪنهن جي وسڻ ۽ ويجھڻ تي خار نه لڳڻ کپي. سنڌي ته ”مهمان نواز“ قوم آهي ۽ هن هميشه ڌارين جي آڌرڀاءُ ڪئي آهي. پر اهڙي مهمان نوازيءَ کان ٻُڏي مرڻ چڱو. اهي سڀُ آئوٽ ڊيٽيڊ (مدي خارج) ڳالهيون آهن ۽ سڙيل دوائن وانگر انهن جو استعمال تباهي آهي. انهيءَ مهمان نوازيءَ ته اسان کي سؤ سالن لاءِ غلام بڻايو. نه نه مون کي Pessimist نه ٿيڻ کپي. مون کي آشاوادي ۽ فراخ دل ٿيڻ کپي. ماڻهو اڳهين چون پيا ته سنڌي تعصبي آهن. پر اسان جي تعصبي آهيون ته ان حساب سان عرب، جپاني، چيني، جرمن، انگريز ۽ ٻيون قومون به سخت تعصبي چئبيون، جيڪي ڌارين کي پنهنجي ڌرتيءَ تي پير به رکڻ نه ٿيون ڏين، پر اسان جو ملڪ ”پاڪ ـ آستان آهي جتي هر مسلمان کي اچڻ جي اجازت آهي،“ ڪراچيءَ جي ڀتين تي لکيل پڙهيو هوم. ته پوءِ فلسطين جي ڏتڙيل ۽ ڏکڻ فلپين ۽ ٿائلنڊ جي به مسلمانن کي آندو وڃي. پر لبنان، مصر، عراق، شام، سعودي عرب ۽ ٻيا ڀر وارا عرب ملڪ فلسطيني مسلمانن کي ڇو نٿا پاڻ وٽ رکن. لبنان جيڪي ٿورا فلسطيني پاڻ وٽ رکيا آهن، انهن کي به الڳ ڪئمپن ۾ رکيو ويو آهي ۽ ان شرط تي ته فلسطين جي آزاد ٿيڻ تي کين واپس وڃڻو پوندو. هندستان ۾ فقط ڪجھه بنگالي، ڪجھه عرصي لاءِ اچي رهيا ته سڄي دنيا ۾ هن واويلا مچائي ڇڏي هئي ۽ پنهنجي ملڪ جي ماڻهن جي نوڪرين جي حفاظت خاطر ڪنهن هڪ به ڌارئين کي گھٽ پئسن تي به نوڪري نٿي ڪرڻ ڏني. ”ٽئڪسي“ مون لنگھندڙ ٽئڪسي کي سڏُ ڪيو. ناٿن روڊ تي چرڙاٽ، بريڪن جو آواز ۽ ٽئڪسي بيهي رهي. چيني ڊرائيور منزل پُڇي. ”سڌو هانگ ڪانگ هل ـ ٽنل مان لنگھي.“ مون چيومانس.
هيءَ گھُٽ، هي ڪاڙهو ۽ گرمي. خط استوا جي ويجھڙائيءَ وارن ملڪن ۾ اهائي ته مصيبت آهي، پر ڪجھه دير اڳ ته مون کي ايتري مونجھه نه هئي. ڇا واقعي وهاب واري ڳالهه ٻڌي يا ٿرين واري خبر پڙهي ڏک ٿيو اٿم. مون کي گھڻو حساس ٿيڻ نه کپي. مون کي گھڻو سوچڻ نه کپي. ٿرين بابت ٿرپارڪر مان چونڊيل ميمبرن کي سوچڻ کپي. مون کي پنهنجي جهاز جي انجڻين بابت سوچڻ کپي. ايندي وقت فورٿ انجنيئر چيو هو ته سائين توهان فڪر نه ڪجو هر شيءِ تيار هوندي. پر پڪ جونئر انجنيئرن انجيڪٽر به پرائيم نه ڪيا هوندا، ٽرننگ گيئر (Turning Gear) به ٻاهر ڪونه ڪڍي هوندائون ۽ پوءِ جڏهن هلڻ جو وقت ٿيندو ته انجڻ کي جنريٽرن کان Discouple ڪرڻ جي ياد ايندين، هيٺ مٿي، مٿي هيٺ، ڪوئن وانگر ڀڄ ڊُڪ لڳائي ڏيندا، هڪ عذاب آهي هن نوڪريءَ ۾. ذهني به ته جسماني به! بهرحال ڏٺو ويندو مون کي هن وقت پاڻ کي خوش رکڻ کپي. ڪار جو شيشو هيٺ ڪري ڇڏيم. چيني ڊرائيور غلط ۽ ڊگھن رستن تان ڦيرائي وٺيو پئي ويو. ڪڇيس ڪونه. ڀل پنهنجو ڀتُ گھاٽو ڪري. هانگ ڪانگ اڄُ ڇڏيان پيو ۽ رهيل ٻه چار ڊالر هونءَ به کيس ئي ٽپ ڏيندس. آخري دفعو ڪولون جا رستا، عمارتون ۽ ماڻهو ڏسي ڇڏيان. مسافرن سان ڀريل رستا، خريدارن سان ڀريل دڪان، اگھاڙين سئنيمائن اڳيان ميڙ، عورتن جا شهوتي پوسٽر، ڪوڪاڪولا، پپيسي ڪولا ۽ بيئر جي بوتلن جي کلڻ جا آواز، ڪلبن ۽ پبس (Pubs) اڳيان بيٺل چوڪيدارن جو راهگيرن کي اندر اچڻ لاءِ مدعو ڪرڻ لاءِ سڏ ۽ دانهون. خوبصورت ڪپڙن ۽ سينگار ۾ ٿڦيل هي وئشائون، ٽرئفڪ جو گوڙ شور، ڪولاهل، هيءَ مشيني زندگي، دونهون، آواز، هُل هلاچو، پالوشن، پرورشن، پورنو گرافي ۽ پراسٽيچيوشن! هي اوچيون عمارتون ۽ نيان سائين. هي سمنڊ جو ڪنارو، هي اشتهار، هي چمڪندڙ ڪارون ۽ لاريون، پروگريس ۽ پراسپرٽي جي نشاني. روشني ۽ روشني، زندگي ۽ زندگي. ڏيک ۽ ويک ـ کڻي ظاهري ئي سهي. هي اونداهو (Tunnel). هي سمنڊ جي هيٺ ڊگھي اونداهي سرنگهه! خاموشي، خوف، هراس ٿر جي بي گھر ڏتڙيل جي چهري جهڙو، ٿر جي قبرستان جهڙي ڀوائتي سانت. ٿر ۾ گرمي به گرمي هوندي، ويتر هن سال مينهن نه وٺو آهي، سو واري تپي ٽانڊا ٿي هوندي. پاڻيءَ جي کوٽ، خوشيءَ جي کوٽ، نوڪرين جي کوٽ، بيماري، بک، بيروزگاري، انگ اگھاڙا ٻار، ڏتڙيل ۽ غريب ماڻهو، اميدن ۽ مطالبن تي زنده رهندڙ اسان جي اٻوجھه قوم، مطالبا ۽ مطالبا ــ مطالبن تائين محدود اميدون، آشائون ۽ آسرا. تاريخ جو هڪ هڪ ورق ذهن جي پردن تي اٿلڻ لڳو. ڪيڏا ڪلور ۽ ڪوس هن ڌرتيءَ تي ، ڪيڏا هاڃا، ڪيڏيون ڦرون لٽون، ڪيڏا گھوڙا ۽ گھلون، ڪيتريون ئي جنگيون، ڪيڏيون غلاميون ۽ زنجيرون. آرين کان ارغونن تائين، ترخانن کان ڪلهوڙن تائين، انگريزن کان ايوب ۽ يحيى تائين. هن ڌرتيءَ سان ڪيڏا رڻ ۽ روهه ٿيا! ڪيترا روڄ ۽ رتو ڇاڻ، ڪيڏا قبرستان، قبرن مٿان قبرون! تنهن مٿان قبرون. هرڪو چوي ٿو ته هاڻ ڀٽي جو عوامي دور اچي ويو آهي. هاڻ سنڌ وري سکي بڻجي ويندي. سنڌ بهشت برين ٿيڻ واري آهي. هڪ دفعو وري اميد ٿي آهي. ائين ٿو لڳي ته ڌرتيءَ تي جابجا جنت برپا ٿيڻ واري آهي، پر سو ڇا؟ ڇا مون کي يقين آهي ته تيستائين منهنجي نستي ۽ نٻل سرير ۾ ايتري شڪتي ۽ سگھه رهندي جو مان ڊڪي وڃي ان جنت جي مرحبا ڪندس؟ ڇا منهنجي جسم ۾ ايتري جان هوندي جو وڌي وڃي ان بهشت کي ڀاڪر پائي سگھندس، منهنجا مولا! جڳن ۽ آسمانن جا رب!